گورنمينٽ ڪاليج ڦليلي
گورنمينٽ ڪاليج ڦليلي
(پلاٽينم جوبلي جي موقعي تي لکيل مضمون)
گورنمينٽ ڪاليج، حيدرآباد جي وڏن تعليمي ادارن مان هڪ آهي، جيڪو شهر ۾ ڦليلي ڪناري جي تاريخي ۽ سهڻي پس منظر ۾ تعمير ڪيل آهي ۽ هاڻي خود ”ڦليلي“ جو نالو بہ مادر علميءَ مان فارغ التحصيل ٿي نڪتل شاگردن ۾ محبت، عزت ۽ دوستيءَ جو عظيم نشان بنجي ويو آهي، جيڪي فخر وچان پاڻ کي Phulelian يعني تہ ”ڦليليا“ سڏائي هڪ ٻئي سان پنهنجي اڻٽٽ لاڳاپي تي مهر تصديق هڻندا آهن.
سنڌ جي هن مشهور معروف سائنس ۽ آرٽس جي اعليٰ تعليمي اداري کي پنهنجون علمي خدمتون بجا آڻيندي مُني صديءَ کان بہ وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي، پر تاحال اسري وسري بہ ڪنهن موقعي تي سالگراهہ ملهائيندي ان جي ڪيل خدمتن واسطي خراج عقيدت جو اظهار نہ ڪيو ويو. هي پهريون ڀيرو آهي جو اداري کي قوم سان روشناس ڪرائڻ لاءِ پلاٽينم جوبلي ملهائڻ جا انتظام ڪيا ويا آهن. ان سلسلي ۾ ڊسمبر جي 5 تاريخ کان 15 تاريخ تائين ڪاليج جي احاطي اندر مختلف دلچسپ، تعليمي ۽ تفريحي پروگرام رٿيا ويا آهن، جشن جي انتظام ۾ هڪ طرف ڪاليج جي انتظاميہ رڌل آهي تہ ٻي طرف وري اداري جي سابق پراڻن شاگردن ڦليلينس جي ايسوسيئيشن منهمڪ آهي. ساڳي وقت سنڌ سرڪار جا ڪارندا جناب وزير اعليٰ عبدالله شاهہ ۽ وزير قانون پير مظهرالحق صاحب بہ پنهنجي سِر انتهائي دلچسپيءَ سان هن جشن کي يادگار بنائڻ لاءِ ڪوششون وٺي رهيا آهن، جيڪي ٻئي صاحب موصوف هن اداري جا پراڻا شاگرد ۽ فارغالتحصيل آهن. ان کان علاوه سنڌ جي وزير تعليم جناب عبدالسلام ٿهيم جو ساٿ ۽ سهڪار پڻ هن ڏڻ جي انعقاد ۾ ڪافي آسانيءَ جو سبب بنيو آهي.
گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد جي خدمات جو سلسلو تمام وسيع آهي، جنهن جو سمورو ڪريڊٽ وقت بہ وقت هن اداري ۾ تعليمي سرگرميون جاري رکندڙ استادن کي ملي ٿو، جن جي جانفشاني ۽ ڪاوش باعث ئي سوين تدريس وٺندڙ شاگرد مزيد اعليٰ تعليم پرائي مستقبل جون اعليٰ هستيون بنجي ويا. ياد رهڻ گھرجي تہ ورهاڱي بعد هيءُ ادارو ماهر استادن ۽ جيد عالمن جي ملڪ ڇڏي وڃڻ باعث تعليم ۽ تدريس کان بلڪل خالي رهجي ويو هو، جنهن جي جاءِ ڏکڻ ايشيا مان لڏي آيل علي ڳڙهہ يونيورسٽيءَ جي سنديافتہ استادن اچي پُر ڪئي. ان ۾ ڪيترن ئي قابل قدر استادن جهڙوڪ پروفيسر آفتاب احمد خان، پروفيسر ناصر رضا خان ۽ پروفيسر شاهد حسين زيدي ۽ ٻين نامورن جا نالا پيش پيش آهن. بهرحال قيام پاڪستان بعد اداري جي اجھامندڙ لاٽ هڪوار وري مشعل بنجي روشني ڏيڻ شروع ڪيو، جنهن جا ڪرڻا ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچي ويا ۽ هن وقت بيرون ملڪن کان علاوه خود پنهنجي صوبي ۽ ملڪ اندر هن ڪاليج جا سابق شاگرد اهم ذميواريون نڀائڻ تي مامور رهندا اچن. انهن ۾ سوَن جي تعداد ۾ پروفيسر، سرجن، ڊاڪٽر، سائنسدان، سيڪريٽري، انجنيئر، قانوندان ۽ ٻيون هستيون شامل آهن.
ههڙي سونهري موقعي تي عظيم اداري جي وجود ۾ اچڻ جي اسباب ۽ شهر جي تاريخي ۽ ثقافتي پس منظر تي روشني وجھڻ اهميت کان خالي نہ ٿيندو. تاريخي لحاظ کان حيدرآباد جو شهر تمام قديم آهي. ان جو پراڻو نالو نيرون ڪوٽ، هندو راجا، ’نيرون‘ تان پيل هو ۽ هاڻوڪي پڪي قلعي واري مقام تي هڪ راجائي ڪوٽ اڏيل هو، جيڪو سموري علائقي جي راڄڌاني هو. ارڙهين صدي عيسويءَ ۾ غلام شاهہ ڪلهوڙو سنڌ جو حڪمران بنيو تہ سلطنت جي صدر مقام لاءِ ساڳي ميداني پَٽَ کي منتخب ڪيائين ڇو تہ هُن انهيءَ کي سرسبز ۽ آباد، معتدل آبهوا ۽ صحتافزا مقام هئڻ وارو هنڌ پاتو. ان کان علاوه سندس نگاهہ ۾ اهو فوجي اسٽريٽجي جي لحاظ کان بہ تمام مناسب هو. ٻين خوبين ۾ اهو ماڳ کيس سندس سلطنت جو وچ نظر آيو، جيڪو سري، لاڙ، ساهتي، ٿر ۽ ريگستان، ڪڇ ۽ ڪوهستان کانسواءِ سامونڊي بندرن سان سڌو سنئون ڳنڍيل هو. وڏي ڳالهہ تہ مختلف آبادين جو آماجگاهہ هئڻ باعث ثقافتي مرڪز جي حيثيت ۾ پڻ ڪشش رکندڙ هو! بهرحال شهر اڏڻ لاءِ سندس چونڊ ۽ ڪاوش هر لحاظ کان درست ۽ قابلداد هئي، جنهن کي اڳتي هلي تاريخ صحيح ثابت ڪيو. سنڌ جي هن سلطان حڪومت جون واڳون هٿ ايندي ئي شهر جي رٿابندي ڪئي ۽ تختگاهہ لاءِ شاهي قلعي جِي مضبوط اڏاوت جِي تعمير شروع ڪرايائين. هن نئِين وسنديءَ کي مسلمانن جي عظيم هستي حضرت علي ڪرم الله وجھہ جن جي تعظيم ۽ تڪريم خاطر ڏانهس منسوب ڪندي سندن ڀلاري نالي پويان شهر کي ”حيدرآباد“ جي اسم خاص سان معروف ڪيو.
1843ع ۾ ساڳي قلعي مٿان يونين جيڪ جو جھندو لهرائڻ لڳو ۽ سنڌ تي انگريزي راڄ جي شروعات ٿي. بهرحال ان دور ۾ نئين ترقي، مادي تبديلين ۽ اسرندر تهذيب باعث حيدرآباد جي سونهن ۾ وڌيڪ نکار آيو ۽ شهر خاص جاگرافيائي بيهڪ ۽ اهڃاڻ کانسواءِ پنهنجي منفرد ثقافت باعث هنڌين ماڳين مشهور ٿيڻ لڳو. شهر جي ٻاهرين ڏيک Outlook ۾ نمايان فرق ۽ واڌارو آيو. ڪشادن رستن تي رفتہ رفتہ وڪٽورين ۽ رومن طرز جون محلنُما عمارتون کڙيون ٿيڻ لڳيون، جن جي کُڏَن مٿان اڏيل ڊگھا ڊگھا منگھہ (هوادان) اُوچا ڳاٽ ڪڍي بيٺل نظر ايندا هئا. ڪنهن اُتاهين ماڳ يا پري کان نظارو ايئن لڳندو هو، ڄڻ تہ آسمان تان شاهينُون شهر مٿان لامارا ڏئي رهيون هجن!
سنڌ جي هيءَ عظيم درسگاهہ جنهن جي پلاٽينم جُوبلي جو ڏينهن ملهايو پيو وڃي سا 1917ع ۾ ”سنڌ نيشنل ڪاليج“ جي نالي سان جُڙِي راس ٿي هئي. ڪاليج کي شهر ۾ خاص مڪانيت Location واري پوزيشن حاصل آهي. حيدرآباد جي جاگرافيائي بيهڪ ۾ ڦليلي ۽ گنجو گام نهايت اهم مقام آهن، جيڪي ٻئي ماضيءَ ۾ حيدرآباد سنڌ جي سڃاڻپ رهيا آهن؛ ايئن سمجھو تہ يڪ جان دو قلب. اداري جي جوڙيندڙن وڏي ڇنڊڇاڻ کانپوءِ ان کي ”لب ڦليلي“ تي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ جڏهن ڪاليج تعمير ٿي ويو تڏهن وڃي شاگردن ۽ استادن کي قلب جو سڪون حاصل ٿيو. کين معلوم ٿيو تہ علمي تحصيل ۽ ذوق مطالعي واسطي ان کان وڌيڪ ٻي ڪا بہ موزون جاءِ ڪا نہ ٿي ٿي سگھي. هنن کي سکيا لاءِ هڪ اهڙو گوشو ملي ويو، جنهن کي فطرت سان قربت بہ هئي ۽ اهو شهر کي بہ نزديڪ هو. ٻيو تہ هتي قدرت جي حسن ۽ نکار سان ڀرپور باغات بہ هئا. پاڻيءَ جو روان دوان وهڪرو بہ اتي جو اتي هو. بس قدرتي طور اهڙو ماحول هو جتي شاگرد دلجمعيءَ سان علم جي وسعتن ۾ گم ٿي ويندو هو. ان ڪري مون کي ”ڦليلي“ لفظ جي جيڪا معنيٰ سمجھہ ۾ آئي آهي سا آهي تہ پاڻيءَ جو چشمو يا اها جاءِ جتان ڦوهار ڦاٽ کائي نڪري ۽ پاڻيءَ جو وهڪرو جاري ساري ٿئي، يا وري باغن جي گھڻائيءَ وارو مقام جتي جھجھا گل ڦل ۽ ميوا اُپجندا هجن! ڦليليءَ پويان اهو حادثو بہ دهرايو وڃي ٿو تہ ڦلان نالي هڪ حسين ڳوٺاڻي نينگر محبت ۾ ناڪام ٿي ان ۾ ٽپو ڏئي پنهنجو انت آندو هو، جنهن تان نهر کي ڦليلي سڏيو ويو. بهرحال ڪيئن بہ هجي مگر ڦليلي هڪ بامعنيٰ اسم بامسميٰ آهي، جنهن مان خوشحالي، زرخيزي ۽ روماني ماحول جي علامت اُڀري سامهون اچي ٿي!
دراصل شهر جي سماجي ۽ تعليمي ڪلچر وارين سرگرمين جي نتيجي ۾ ئي گورنمينٽ ڪاليج وجود ورتو. ان کي حيدرآباد جِي نِجي ثقافت جو نشان چئجي تہ بہ وڌاءُ نہ ٿيندو. دراصل سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ هڪ خاص قسم جي انسانيت پَروَر، رواداري، ڀائيچاري، سهپ، خدمتگذاري، پاڻ ارپڻ ۽ قربانيءَ واري ثقافت اُسري رهي هئي، جنهن جي آبياريءَ مان ڪراچي، حيدرآباد، شڪارپور ۽ ٻين شهرن ۾ متعدد سماجي ۽ خدمتي ادارا وجود ۾ آيا ۽ انهن جي ئي اجتماعي ڪوشش جي نتيجي ۾ وڏا وڏا تعليمي ادارا بہ ظاهر ٿيا. مادي ۽ مالي قربانين ۾ خاص طرح هندو ودوانن جو تمام وڏو حصو آهي. ان بعد پارسي مخير انسانن، دردمند مسلمانن ۽ عيساين بہ انساني ڀلائيءَ جي بي لوث خدمتُن جا ڪجھہ مثال قائم ڪيا. درحقيقت حيدرآباد ۾ نئين اسرندڙ ثقافت تي اسان جي صوفياءِ ڪرام جي تعليمات جو زبردست اثر هو. هتي تصوف جو مذهبي تصور بلڪل نئين رنگ ۾ اسريو، جيڪو سنڌي زندگيءَ جو انگ بنجي ويو. رڳو حيدرآباد جي شهر تي نگاهہ وجھون ٿا تہ معلوم ٿئي ٿو تہ ورهاڱي کان اڳ سموري شهر ۾ تعليمي سرگرميون چوٽ چڙهيل هيون. هڪ سوا لک آبادي واري شهر ۾ ڊزن کان وڌيڪ هاءِ ۽ مڊل اسڪول ڪم ڪري رهيا هئا. شهر جي گھٽي گھٽي ۽ ڳليءَ ڳليءَ ۾ پرائمري اسڪولن جو ڄار هو، ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ الڳ الڳ اسڪول ۽ درسگاهون هيون، پر پڙهندڙن لاءِ اها ڳالهہ حيرت کان گھٽ نہ ٿيندي تہ ايڏن سارن ابتدائي ثانوي توڙي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ ”خالص سرڪاري“ ڪو بہ ادارو نہ هو! ان کان وڌيڪ حيرانيءَ جو باعث اها ڳالهہ آهي تہ ڪو بہ ادارو تجارتي بنيادن تي ڪم نہ ڪندو هو. تاهم سڀ اسڪول ۽ ادارا اعليٰ ڪارڪردگي ۽ معيار ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئا. سرڪار جي درد سري تمام نالي ماتر هوندي هئي. ايڏن سارن ادارن جو انتظام ايئن هلندو هو، جو ڪنهن کي لکا ڪا نہ پوندي هئي. نہ ڪڏهن استادن کي پگھار نہ ملڻ جي شڪايت ۽ نہ ئي انتظاميہ طرفان سرڪار کان خرچ جي پورائيءَ جو مطالبو! شاگردن جون فِيون معمولي هونديون هيون بلڪہ گھڻن اسڪولن ۾ ادارن طرفان غريب شاگردن کي مفت ڪتاب فراهم ڪيا ويندا هئا.
بهرحال سنڌ جي ثقافتي ڪلچر ۾ اها خاص خوبي شامل هئي، جو انساني خدمتن جي سلسلي ۾ تجارت يا فائدي جي ڪنهن بہ تصور کان اهو پاڪ هوندو هو. گورنمينٽ هاءِ اسڪول (هيرانند اڪيڊمي) يونيورسٽي ماڊل هاءِ اسڪول (نؤ وداليہ)، نور محمد هاءِ اسڪول، سٽي ڪاليج (تولارام هاءِ اسڪول)، جامعہ عربيہ (ڪندن مل گرلز هاءِ اسڪول)، ٽرينڱ ڪاليج فارمين ۽ وومين، ميران گرلز هاءِ اسڪول ۽ گورنمينٽ ڪاليج صرف چند درسگاهون آهن جيڪي سڀئي نِجي ڪوششن جي نتيجي ۾ ٺهي تيار ٿيون هيون. انهن مان گھڻا ادارا آزاديءَ تائين بہ ٽرسٽن جي وسيلي هلي رهيا هئا. اگر انهن بيشمار پرائمري اسڪولن جو ذڪر ڪبو جيڪي خيراتي ادارن تحت شهر ۾ چالو هئا تہ پوءِ مضمون تمام طويل ٿي ويندو. ليڪن اڄ بہ انهن ادارن جون عمارتون پنهنجي جوڙائيندڙن جي بيمثل ايثار ۽ قربانيءَ جي گواهي ڏئي رهيون آهن!
حيدرآباد ۾ هاءِ اسڪول تہ گھڻا نڪري چڪا هئا پر شهر واسين کي ڪاليج جي شدت سان ڪمي محسوس ٿي رهي هئي. ان وقت تائين سنڌ کي اڃا پنهنجي يونيورسٽي بہ ڪا نہ هئي. هاءِ اسڪول بمبئي يونيورسٽيءَ سان ڳنڍيل هئا، جيڪا ميٽرڪ جو امتحان وٺندي هئي. شڪارپور ۽ ڪراچيءَ وارا ڪاليج بہ ساڳي يونيورسٽيءَ سان ملحق هئا. بهرحال ڪاليج قائم ڪرڻ لاءِ ميٺارام گدومل جي سرپرستيءَ ۾ مشهور درمادا ٽرسٽ قائم ڪئي وئي. سيٺ پرتاب راءِ پنهنجي ڦليلي جي ڪپ واري قيمتي زمين کي سڪني ڪَرائي ڪاليج لاءِ وقف ڪيو. ننڍي کنڊ جي مشهور معروف شخصيت ليڊي ايني بيسنٽ ڪاليج جي پهرين بانيڪار آهي، جنهن کان پهرين آڪٽوبر 1917ع تي ڪاليج جو افتتاح ڪرايو ويو ۽ مٿس ”سنڌ نيشنل آرٽس ڪاليج“ جو نالو رکيو ويو. ياد رهي تہ هيءَ اها ئي ايني بيسنٽ آهي، جيڪا انساني برابريءَ جي قائل ۽ آزادانہ روحاني فلسفي (ٿياسافي) جي مبلغ هئي. ننڍي کنڊ جا گھڻا پڙهيل لکيل فرد سندس مڪتبہ فڪر ۾ شامل هئا ۽ گھڻو ڪري ڏکڻ ايشيا جي سڀني وڏن شهرن ۾ سندس نالي پويان ٿياسافي پرچارڪ هال قائم ٿيل هئا. حيدرآباد ۾ صدر ويجھو اڃا بہ بيسنٽ هال قائم آهي، جتي شهرين طرفان سماجي تقريبون عمل ۾ اينديون رهنديون آهن. ايني بيسنٽ پنهنجي مخصوص فڪر کان علاوه برصغير ۾ آزاديءَ جي تحريڪ جي روح روان جي حيثيت ۾ بہ سڃاتي ويندي هئي. ڪاليج جي ڪارپردازن لکپڙهہ هلائي ڪاليج کي امتحان واسطي ”پُونا يونيورسٽي“ سان ملحق ڪرايو، ڇو تہ هُو ٿياسافي تحريڪ جا پوئلڳ ۽ پرچارڪ هئا، جنهن جي روح روان هستي ۽ ان جو تبليغي مرڪز پڻ پونا ۾ هو. ڪاليج ۾ آرٽس ۽ لائبرري سائنس کان علاوه سائنس جو شعبو ۽ ٽائيپ رائٽڱ ۽ شارٽ هينڊ وري ڪامرس ۾ کوليا ويا. ڪاليج جو پهريون پرنسيپال پروفيسر ارنيسٽ ووڊ نالي هڪ انگريز کي مقرر ڪيو ويو، جنهن جي اهليت ۽ محنت سبب سنڌ نيشنل ڪاليج جو تدريسي معيار ۽ ان جون تعليمي مشغوليون جلد ئي سنڌ جي ٻين وڏن ڪاليجن سان برابري ڪرڻ لڳيون. 1928ع ۾ ڪاليج جي عمارت ۽ شعبن ۾ وڌيڪ اضافا آندا ويا ۽ منتظمين ان جو نالو بدلائي ڏيارام گدُومل نيشنل آرٽس ڪاليج (ڊِي جِي اين آرٽس ڪاليج) رکيو. ديوان صاحب حيدرآباد جي مشهور هندو خاندان شاهاڻي سان تعلق رکندو هو. سندس سماجي خدمتن جو دائرو تمام وسيع هو، جيڪو سنڌ کان علاوه هندستان تائين ڦهليل هو. سنڌ جي وڏن ننڍن شهرن ۾ مکيہ تعليمي درسگاهون سندس سرپرستيءَ ۾ جُڙِي راس ٿيون. ان ڪري کيس صحيح معنيٰ ۾ سنڌ اندر ”تعليم جو پايو وجھندڙ“ چيو وڃي ٿو. ڪاليج جون آرٽس سائنس جون بلڊنگُون اسيمبلي هال ۽ لائبرريءَ جون عمارتون ۽ هاسٽل اڄ بہ ڏسڻ وٽان آهن، جيڪي خاموش زبانيءَ سان گذريل لاهين چاڙهين جا داستان ٻڌائي رهيون آهن. پاڪستان قائم ٿيڻ بعد تعليمي ادارن جا پراڻا نالا بدلائي مٿن نوان نالا رکيا ويا ۽ انهيءَ تبديليءَ جي نتيجي ۾ اسان جي هن اعليٰ تعليمي اداري جو نالو صرف ”گورنمينٽ ڪاليج“ وڃي بچيو! البت جڏهن مرحوم پير الاهي بخش سنڌ جو وزيراعليٰ بنيو تہ ٿورن مهينن لاءِ ڪاليج بہ صاحب موصوف جي نالي منسوب ٿي ويو. مگر جيئن ئي هُو صاحب وزير اعليٰ جي عهدي تان سبڪدوش ٿيو تہ هيءُ ادارو وري بہ صرف گورنمينٽ ڪاليج رهجي ويو. ڪهڙو نہ چڱو ٿئي تہ هن اداري جو ساڳيو ئي پهريون نالو سنڌ نيشنل گورنمينٽ ڪاليج وري نئين سر جياريو وڃي. بهرحال آزاديءَ بعد ڪاليج تمام گھڻو وڌيو ويجھيو آهي ۽ تعليمي خدمات جو دائرو بہ وسيع ٿي ويو آهي. موجوده وقت ان ۾ ماسٽر جي ڊگري تائين سائنس ۽ آرٽس ۾ تعليم جاري آهي. هن ۾ هڪ سَو کان بہ مٿي استاد الڳ الڳ مضمونن ۾ تدريس جا فرائض تندهيءَ سان بجا آڻي رهيا آهن. شاگردن جو ڪثير تعداد ۽ مضمونن جي گھڻائي تہ هر ڪنهن اداري ۾ آهي، جنهن باعث تعليمي معيار گھٽجڻ جي شڪايت سموري ملڪ ۾ عام آهي، پر حقيقت ۾ هروڀرو ايئن بہ نہ آهي. وطن جي تعليمي ادارن مان مختلف علوم و فنون ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ هر سال ماهرين جي هڪ وڏي کيپ تيار ٿي نڪرندي رهي ٿي. خود هتي بہ گھڻن شاگردن ملڪ جو نالو پيدا ڪيو آهي، جيڪي نازڪ ذميداريون سنڀالي ملڪ ۽ قوم جون خدمتون بجا آڻي رهيا آهن. گورنمينٽ ڪاليج جو موجوده پرنسيپال سيد ناصر حسين زيدي آهي، جنهن جي رهبري ۽ سرپرستيءَ ۾ ”گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد“ جي پلاٽينم جوبلي جو جشن ملهايو پيو وڃي. اسان جي تمنا ۽ دعا آهي تہ شل ان جو حال پنهنجي ماضيءَ کان بہ وڌيڪ تابناڪ ثابت ٿئي ۽ مستقبل ۾ اداري جو صد سالہ جشن عظيم ڪاميابين سان گڏ ملهائجي!
باغ ۾ گل سدا کڙندا رهن،
علم جا ڪاروان هلندا رهن،
اسباب بقا ۽ دوام ڪائنات،
استاد ۽ ادارا وڌندا رهن!