تنقيدي جائزو : حليم جو ادبي اظهار ۽ اسلوب
هونئن تہ حليم وسيع قلب رکندڙ اديب آهي، جيئن سندس ”هولي“ مضمون ۽ ٻين تحريرن مان ثابت آهي، جن ۾ هن ڏکڻ ايشيائي قومن ۽ مذهبن درميان ڀائيچاري وارا خيال ڪشاده دليءَ سان ظاهر ڪيا آهن. مگر خبر ناهي تہ ڇو هُو سنڌيت متعلق خيال ظاهر ڪرڻ وقت سائي عينڪ پائي ڇڏي ٿو، جنهن ڪري سندس ويچار بہ رنگ چڙهيل نظر اچن ٿا. آئون ڪو نہ ٿو چوان تہ خدانخواستہ هُو سنڌي زبان ۽ سنڌ کان خائف آهي. سندس خيال آهي تہ سهولت هئڻ باعث هُو سنڌيءَ ۾ لکڻ تي مجبور ٿي وڃي ٿو. اهو چوڻ هن جو مزاحيہ انداز آهي، ڄڻ تہ بي ساختہ طور قبول ڪيو اٿس تہ هُو سنڌيءَ ۾ لکڻ لاءِ هميشہ کان پُر شوق رهيو آهي. ورنہ ٻين زبانن ۾ لکڻ لاءِ کيس کليل ميدان مليل آهي. حليم فراوانيءَ سان سنڌيءَ ۾ خيالات جو اظهار ڪري ٿو، ان ڪري ايئن ڪڏهن بہ نہ ٿو چئي سگھجي تہ سندس فطرت ۾ سنڌي زبان سان رغبت شامل نہ هوندي. اهو سنڌ سان روحاني رچاءُ آهي جو کانئس سنڌ جو ذڪر ڪرائي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن هُو سنڌيت بابت اٻهرو ڳالهائيندو رهندو آهي. کڻي سندس اندازِ بيان منفي محسوس ٿيندو هجي، پر نفسيات موجب گھڻي انڪار ۾ اقرار پنهان هوندو آهي ۽ گھڻيءَ نفرت ۾ وري پيار رچيل هوندو آهي. ڪجھہ محروميت جي حسرت کان بہ انڪاريت اڀرندي آهي.
حليم بروهي وقت بوقت پنهنجي مختلف مضمونن ۾ سنڌ جي Demographic Geography بابت اظهار خيال ڪندو رهي ٿو، جن ۾ سنڌيءَ جي بيهڪ ۽ سنڌين جي نسلي تفريق بابت شدمد سان تذڪرو شامل هوندو آهي. هن جي تاريخي مطالعي جا ڪجھہ عڪس صحيح چٽيل چئي سگھجن ٿا، پر سنڌ جي ڏيهي حيثيت ۽ سنڌين جي قومي وجود بابت سندس ڪڍيل نتيجا مبالغي آميز آهن. دراصل مختلف تاريخي دورن ۾ قومن جي لڏپلاڻ ٿيڻ هڪ عالمگير اهڃاڻ رهيو آهي، جيڪو دنيا جي ذري گھٽ سڀني ديسن سان لاڳو رهيو آهي. ساڳيءَ طرح سنڌ مان بہ مختلف دورن ۾ لڏپلاڻ ٿيندي رهي آهي ۽ هر پاسي وارن علائقن ۾ ۽ دُور دراز ڏيهن کان بہ سنڌ ۾ مختلف نسلن جا قبيلا اچي وسندا ۽ آباد ٿيندا رهيا آهن. ان اٿل پٿل اسان جي سر زمين ۽ ديس لاءِ ڪا پُهائي نہ بلڪ سرهائي آندي. حقيقت صرف ايتري آهي تہ صديون اڳ هتي جي مقيم قبيلن گڏجي سڏجي هڪ اهڙي ثقافت کي جنم ڏنو، جنهن سنڌيت جو رنگ اختيار ڪيو هو، جيڪو هڪ قدرتي اسرار Natural Phenomenon آهي. اهڙيءَ طرح ٻاهران ايندڙ قبيلا نہ رڳو سنڌي قوميت ۾ جذب ٿيندا رهيا، بلڪ سنڌ ۾ رهندي سنڌي هجڻ سندن افتخار بنجي پيو. ان ڪري اها حقيقت گوش گذار ڪجي ٿي تہ ماضي قريب ۾ نقل مڪانيءَ سان سنڌي قوم جي مرڪزيت ۾ ڪو بہ ڦيٽارو نہ ٿيو ۽ سنڌي زبان ۽ ادب جي دائم ۽ قائم وجود کي ڪو بہ چيلينج آڏو نہ آيو هو. سنڌي قوم جي اوسر، ارتقا ۽ ان جو يڪ رنگ تهذيبي صورت ۾ پکڙجڻ هڪ اهڙي حقيقت آهي، جنهن کان صرف ڪو انانيت جو ڦَٽيل ئي انڪار ڪري سگھي ٿو. هزارن سالن دوران رفتہ رفتہ مختلف نسلن جا ماڻهو ميڙن ۽ ٽولن جي صورت ۾ اسان جي سر زمين تي اچي آباد ٿيا ۽ هڪ يڪسان تهذيب کي جنم ڏنائون، جيڪا سنڌيءَ جي نالي سان معروف ٿي. ايئن بہ ٿي سگھي ٿو تہ، سنڌ جي قديم تر جاگرافيائي سرپٽ پنهنجي ڪک مان ڪنهن کي بہ نہ ڄڻيو هجي، پر دنيا جي مڙني ديسن جون قومون بہ ايئن جُڙيون آهن. يڪ نسلي قوم تہ انگريزي قوم بہ ناهي، فرانس ۽ جرمنيءَ ۾ وسندڙ قومون بہ هڪ نسل سان تعلق نٿيون رکن. خود اهل عرب بہ اها دعويٰ نہ ٿا ڪن تہ هُو ڪو سڀئي هڪ ئي نسل جا ڄڻيا آهن.
حليم بروهيءَ جي طنز جو اهم نُڪتو سنڌي ادب جو ناپيد هجڻ بہ آهي. جديد سنڌي ادب جي جھولي بہ ڪا بلڪل خالي ڪونهي، پر آئون کيس يقين ڏياريان ٿو تہ گھٽ ۾ گھٽ قديم لوڪ رس جي روايات سان جڙيل پهاڪاتي ادب ۾ هزارين سٽون ادبي اظهار جو نمونو آهن.
اهڙيءَ طرح ڪلاسيڪي شاعريءَ جو هڪ شاندار ذخيرو بہ سنڌي ادب جو ورثو آهي، جنهن جون تُڪون گفتارُن جو درجو رکن ٿيون. حليم بروهي، نواز ڪنڀر جي تحريري مقاصد مان بہ ظريفانہ طنز جو نُڪتو پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن جا مضمون لوڪ ڏاهپ تي روشني وجھندڙ آهن. انساني ارتقا جي سموري تاريخ پنهنجي وجود جي دفاع ۽ قدرتي آفتن خلاف مدافعتي عمل ۽ اڳواٽ آثار معلوم ڪري، انهن مطابق حڪمتعملي جوڙڻ رهي آهي، جيئن هُو نقصانن کان حتيالامڪان بچي وڃي ۽ فائدن جو حصولدار بنجي سگھي. سموري ماضيءَ ۾ انسان اهڙي پيش بنديءَ سان جدوجھد ڪندو آيو آهي ۽ انسانذات جو اڃا سوڌو ساڳيو عمل جاري آهي. هن وقت اهو سلسلو سائنسي وسيلن سان ممڪن بنجي رهيو آهي. ليڪن ماضيءَ ۾ فرد مشاهدي ۽ فطرتبينيءَ سان ساڳيو ڪم راس ڪندا آيا، جيڪا روايت دنيا ۾ لوڪ ڏاهپ (Folk Wisdom) جي نالي سان مشهور آهي. ’ڪاوش‘ ۾ ڇپجندڙ نواز ڪنڀر جون تحريرون بہ گم ٿيل لوڪ ورثي جي علم کي محفوظ رکڻ جو ڪارج انجام ڏين ٿيون. هن جا مضمون گذريل تمدن ۽ سنڌي لفظيات جي زرخيزيءَ جا ساکي آهن. هن لوڪ ڏاهپ وارن محاورن ۾ پراڻين انساني ريتُن جي عڪاسي ڪئي آهي. دنيا جون سڀ قومون پنهنجي قديم ورثي کي سانڍڻ جون ڪوششون ڪنديون رهن ٿيون.
حليم بروهي پراڻن لفظن جي استعمال تي خبر نہ آهي تہ ڇو خفتگيءَ جو اظهار ڪيو آهي. سڀ ملڪ پراڻن لفظن کي لغتن ۾ محفوظ رکندا اچن ٿا، نہ رڳو ايترو بلڪہ نئين نسل ۾ تعليم ذريعي انهن جي آشنائيءَ جا جتن ڪندا رهندا آهن. انگريزي ٻاراڻي لٽريچر ۾ رواج مان نڪري ويل لفظن کي آسان جملن جي صورت ۾ آکاڻين ۾ داخل ڪيو وڃي ٿو. نين ڊڪشنرين ۾ پراڻن لفظن کي جيئن جو تيئن داخل ڪيو ويندو آهي. محترم حليم! جن کي توهان اڄ نوان ٿا ڪوٺيو، ڪهڙي خبر تہ اهي گھڻن ڏهاڪن تائين نوان لفظ رهي سگھندا!؟
اهريءَ طرح مختصر اظهار جي نموني ۾ گفتا بہ ٿين ٿا، جن کي انگريزيءَ ۾ (Phrases) ۽ سنڌيءَ ۾ محاورا چيو ويندو آهي. مون محاورن جا انگريزي ڪتاب پڙهيا تہ منهنجي حيرت جي حد نہ رهي، جو اڪيچار سنڌي ۽ انگريزي محاورا هم معنيٰ آهن، پوءِ يا تہ ٻولين جي اوسر ۾ فطري هم آهنگي آهي يا انگريزي ٻولي پڙهندي، اهي سنڌيءَ ۾ رائج ٿي ويا. حليم جي خوش ذوقيءَ واري عبارت پڙهندي، مون کي هڪ اهڙو محاورو دل تي تري آيو آهي، جيڪو ضرور مهلائتو سمجھہ ۾ ايندو.
سنڌي زبان ۾ هڪ مشهور محاورو ”ڪڪڙ جي اُها ئي هڪ ٽنگ“ بہ آهي. جنهن جو هم معنيٰ انگريزي محاورو Lame Duck آهي. ڪڪڙ يا بدڪ جو هڪ ٽنگ تي بيهڻ ان جي فطرت هوندو آهي. ان ڪري جيڪو پنهنجي عادت مٽي نہ ٿو سگھي يا سندس حالت بدلجي نہ ٿي سگھي، ان لاءِ اهو محاورو ورجائبو آهي. انگريزيءَ ۾ اها ورجيس تڏهن عام ٿي، جڏهن آمريڪا ۾ ڪانگريس جي ڪنهن ميمبر انتخاب هارايو ۽ وري وچ مدتي چونڊ ۾ بيٺو. تڏهن هارايائين ۽ پوءِ بہ مسلسل هارائيندو رهيو. حليم بروهي ڪنهن مضمون ۾ اهو بہ چيو آهي تہ انگريزيءَ ۾ سهڻا لفظ ۽ سٽون آهن جن جو ترجمو ڪريون تہ پادر کائون، اهي بہ سنڌين جا. اهو سچ آهي، پر اڌ. ڪن سنڌي سُخنوَرَن سهڻا سخن لکيا بہ آهن، پر ويچارا مسڪيني حالت ۾ ڪتابڙا ڇپائي، دنيا مان بي نام گذاري ويا. آئون انهن جا حوالا بہ ڏئي سگھان ٿو. اصل ۾ سنڌيءَ ۾ ايڏي سهڻائيءَ وارا خيال ظاهر ڪري سگھجن ٿا، جهڙا انگريزيءَ ۾ آهن، پر بدقسمتي آهي جو سنڌي معاشري کي صدين کان مذهب يرغمال بنائي رکيو آهي.
جيتوڻيڪ تصوف کي آزاد فڪر سان ڀيٽيو وڃي ٿو، پر اها بہ حقيقت نہ آهي. تصوف خود، مذهب جي پاڇي ۾ اسريو آهي، ان ڪري تہ ڪو انقلاب پيدا ڪري ڪو نہ سگھيو. اها ڳالهہ بہ عالم آشڪار آهي تہ پيرن ۽ اوليائن تي وڏا وڏا مقبرا ۽ درگاهون بادشاهن ۽ اميرن اڏايون آهن، سي ڪي بنان مفاد جي نہ آهن. انهن استدادي قوتن صوفيانہ خام خياليءَ ذريعي سنڌي انسان جي روحاني ۽ طبعي آزاديءَ کي چيڀاٽي ڇڏيو آهي.
ظرافت جي جديد فن ۾ جيڪي خوبيون گھُربل آهن، تن جي پتي حليم ۾ بہ آهي. هن جو اسلوب دلآويز ٿئي ٿو. هن ورهاڱي کان اڳ واري مشترڪہ ڪلچر جو ذڪر دلسوزيءَ سان ڪيو آهي. ڪن ڪهاڻيڪارن جي ڪهاڻين ۾ بہ اهڙا احساس ملن ٿا، جن جو هت ذڪر ڪرڻ ضروري نہ ٿو سمجھان. مون بہ سنڌي ۽ اردوءَ ۾ ”ثقافت جِي حقيقت“ جي سري سان مختلف مقالن ۾ سهائيندڙ يادون بيان ڪيون آهن.
قبل پاڪستان ڄاول نسل جيڪو هاڻي پيڙهي کائي چڙهيو آهي، تنهن جي يادگيرين مان ننڍپڻ جي ماحول جا خوابن جهڙا خمار لهڻا ئي ڪونهن. اسان جا هڪ جيڏا قلمڪار اهي سونهري يادون تاحيات ڀوڳيندا رهندا. ننڍي ٽهيءَ کي ڪتابن منجھان ورهاڱي کان اڳ واري دور جي کڻي ڪا سَمڪ پوي، پر صرف ڳالهيون پڙهڻ مان گڏيل سماج جي لذت ڪٿان محسوس ٿيندي؟ ڇاڪاڻ تہ هنن ان جو ساءُ چکيو ڪو نہ هو. خود حليم بروهي پنهنجي نفسياتي فطرت ۾ ٽٽندڙ تهذيب جو درد رکي ٿو. تڏهن تہ پنهنجي تحريرن ۾ گھڻي ۾ گھڻو سنڌ ۽ ان جي ڪردارن متعلق ڳالهائي ٿو. هن جي تحرير جو قبلو انڪاريت طرف هوندي، ان جو رخ اثبات طرف هوندو آهي، جنهن کان حليم بي خبر نہ آهي. ماءُ اولاد کي پِٽَ پاراتا ڏيندي آهي، تہ بہ ان ۾ سڪ ۽ پيار هوندو آهي. ڪي مزاح نگار نفسياتي طور Psychologically الجھيل هوندا آهن. حليم بہ نفسياتي طور پنهنجيءَ ذات جي جڪڙ کان ٻاهر نڪري نہ سگھيو آهي. هُو جڏهن ان ڪيفيت ۾ لکي ٿو تہ سندس قلم بہ تندو تيز ٿي وڃي ٿو. حليم جي اسلوب جي سنڌي سرل ۽ سيبتي آهي، ان ڪري ان مان ورهاڱي کان اڳ وارن هندو ليکڪن جي ٻوليءَ جي سڳنڌ اچي ٿي.
فردن ۽ ادارن تي سندس ظريفانہ نڪتہ چيني چڀندڙ ضرور آهي، پر حقائق کان خالي نہ آهي. بلاشڪ حليم پنهنجي دور جو جينيس ظرافت نويس آهي، جنهن حال جي معاشري جي اوڻاين کي پنهنجي دائري ۾ دلپذير انداز سان نشانو بنايو آهي.