ليکڪ پاران: مگر او سانورا پرين! چڱي نه خودڪشيءَ هئي.
جيڪي منش هن سماج ۾ ميرن، پيرن، وڏيراشاهي، جاگيردارن، ٺڳ ڌرمي ٺيڪيدارن، جرڳائي پٽيلن، ظالم سرمائيدارن جي چمچاگيري ڪندي پاڻ کي “ڏاهو، هوشيار ۽ خفتي” سمجهڻ جي خوش فهميءَ جو شڪار آهن. سندن زندگيءَ جا حسين لمحا رڳو وڏيراشاهي جا گڻ ڳائڻ، پاڻ وڻائڻ ۽ پنهنجن جون پاڙون کوٽيندي گذرن ٿا. “مال” ٺاهڻ جي ذهني ۽ نفسياتي بيماري ۽ مايا جي ٺلهي موهه جي گھٽياپڻي واري سوچ، کين “انسانيت” جي دائري مان ڌڪي ٻاهر ڪري ٿي. ٽڪي ٽي پئسي جا ذاتي مفاد انهن ماڻهن جي ڪردار کي ڪيترو ڪيرائي سگهن ٿا؟ تاريخ ۾ سندن عملن جو پوتاميل ڪيئن ڪيو ويندو ۽ ڪهڙن اکرن ۾ لکيو ويندو؟ هن سماج جي ذهني غلامن ڪڏهن اهو سوچيو ئي ناهي!
دنيا جي غريب انقلابي ڪارڪنن جي ذهنن ۾، هن سماج کي بدلائڻ جا ڪيترائي حسين خواب، ساڀيان جا منتظر آهن، دنيا جا امن پسند ۽ فطرت جا عاشق ماڻهو هن ڪائنات کي ڪبوتر جي اک سان ڏسندا آهن ۽ ڳيري جي دل سان محسوس ڪندا آهن، پر دنيا جي سمورن انسان دوست، ترقي پسند، امن جي سفير انسانن پويان وحشت پرست، انتها پسند، رجعت پرست دهشتگرد رات ڏينهن هڪ ڪيو، ڪات ڪهاڙا تکا ڪيو پيا هلن، ان جو سادو سبب اهو آهي ته جيئن جنگن سان هٿيارن جو ڪڌو ڪاروبار لاڳاپيل آهي، بلڪل ائين ئي دنيا ۾ “فتنو” به ڪاروبار بڻيل رهيو آهي، فتني پرست ماڻهو اکيون ڳاڙهيون ڪيو ڪائنات جي پُرامن ماڻهن پويان هر وقت ڀنڊي ٻاريو پيا هلن. ڇو ته سندن وکر به جنگ جي هٿيارن جيئن فسادن سان لاڳاپيل آهي، هتي ته فتنو به معيشيت بڻيل آهي. فتني سان به ڪنهن جو پيٽ گذر ٿئي ٿو، پنهنجو پيٽ ڀرڻ لاءِ ٻين جي پيٽ کي ڦاڙيو وڃي ٿو. پنهنجا گهر جوڙڻ لاءِ ٻين جا جهوپا ساڙيا وڃن ٿا. انقلابي ماڻهو هر وقت اهڙين سازشن جي سخت گھيري ۾ هوندا آهن
“خودڪشي” جي موضوع تي لکندي، جنهن ڪيفيت ۽ عذاب مان مونکي گذرڻو پيو، انهن صليب تي ٽنگيل خيالن جو اظهار هتي پيش ڪرڻ مناسب ناهي، هڪ فطرت جي عاشق انسان لاءِ ان کان وڌ ٻيو ڪهڙو عذاب هوندو جو روز فطرت جي عظيم حُسن “انسان” کي اکين اڳيان آپگهات ڪندي ڏسجي ۽ ماڻهوءَ سان گڏ ماڻهپي جي “خودڪشي” تي خاموش تماشائي بڻجي اکيون پورجن يا خود تماشو ٿجي؟ پنهنجن مزاج ۾ فطرت جا حسين رنگ رکڻ جون ڪهڙيون ڪهڙيون سزائون ڀوڳڻيون پون ٿيون! انهن رنگن جي حُسن کي ميرو ٿيڻ کان بچائڻ جي جُرئت به هتي بغاوت تصور ڪئي وڃي ٿي.
خودڪشي هن حسين ڪائنات جو تمام وڏو الميو آهي، ان عمل سان دنيا ۾ ڪيترا گھر اُجڙي تباهه ۽ برباد ٿي ويا آهن، انسان ان غيرفطري موت جو ڪهڙو به جواز ڄاڻائي موت قبولي ٿو پر جن مسئلن کان فراريت حاصل ڪري انسان ڏور ڀڄڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، پر وري به انسان کي ئي پنهنجي اعلى سوچ ۽ ويچارن سان انهن مسئلن جا حل ڪڍڻا آهن. آئون ان موقف تي وري قائم آهيان ته خودڪشي ڪنهن به مسئلي جو حل ناهي، انسان کي حقيقت پسند بڻجي لاڳاپيل مسئلن جا حل سنجيدگيءَ سان ڪڍڻ گھرجن. قيمتي انساني جانين کي رسن ۾ ٻڌي نپوڙڻ ڪنهن به ريت عقلمندي ناهي، جيئن سعيد سومري جون هي سٽون، مڪمل طور خودڪشيءَ جي سوچ کي رد ڪن ٿيون.
فضول، بور، بي چسي، ذليل زندگي هئي،
مگر او سانورا پرين! چڱي نه خودڪشي هئي.
آئون هن سماج جو ننڍڙو ماڙهو آهيان، مون هن ڌرتيءَ تي پنڌ ڪندي جيڪو مشاهدو ڪيو، خودڪشين جا سبب ڳوليا، جائزو ورتو، اهي خيال هن ڪتاب ذريعي توهان تائين پهچائڻ جي حجت ڪري رهيو آهيان. هن وقت اسان جي ڌرتيءَ جي مسڪين ۽ پورهيت ماڻهن ۾ آتم هتيا جي شرح افسوسناڪ حد تائين پهچي چُڪي آهي.“خودڪشي” جي واقعن کي ڪيئن روڪجي؟ اچو ته ان اهم مسئلي تي سوچيون.آئون بنيادي طور جنهن طبقي سان تعلق رکان ٿو ان جا ماڻهو هن ڌرتيءَ تي ننڌڻڪائپ ۽ غلاميءَ جي بدترين دؤر مان گذري رهيا آهن، اهي سمجهن ٿا ته وٽن هاڻ “خودڪشي” کان سواءِ ٻيو ڪو حل ناهي!
انهن جي خودڪشي من اندر ۾ مانڌاڻ مچائيدي آهي، تڙپون ۽ ڦٿڪون ان ڪري ٿا ته هن وسيع ڪائنات ۾ اسان جي مسڪين ماڻهن جون قيمتي حياتيون فقط اٽي،لٽي، اجهي ۽ عدم تحفظ سبب وڻن ۾ ٽنگجي رهيون آهن. اهي سُور سيني ۾ ٻارڻ ٻارين ٿا، اهي سور لکائن ٿا. منهنجي لکڻ جو ٻيو ڪو سبب ناهي. نه ئي مونکي ڪو چڱو لکڻ به اچي ٿو، جنهن سان آئون پڙهندڙن جي اڪثريت کي متاثر ڪري سگهان، اهو سمجهندي آئون محسوس به ڪيان ٿو ته منهنجي لکڻين ۾ حسينن جا زلف، نيڻ ۽ نخريلين نگاهن جو ذڪر ناهي ۽ نه ئي وري مونکان ميرن، پيرن ۽ سرمائيدارن جي شان ۾ قصيده لکجن ٿا. منهنجو لکڻ سموري دنيا ۾ منهنجي غريب پورهيت ۽ مسڪين ڀائرن لاءِ آهي، انهن جي ڏکن، سورن تڪليفن ۽ غلامي جي ڳٽ سان گڏ ڪنڌ ۾ پيل خودڪشيءَ جي رسن جا سبب وائکا ڪرڻ لاءِ آهي، سو پنهنجي حال سارو لکندس، هي ڪتاب “چڱي نه خودڪشيءَ هُئي” جو پهريون ڀاڱو آهي، جلد ٻيو ڀاڱو به توهان تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس. منهنجي اڀري سڀري لکڻ تي جيڪي دوست سدائين همٿائيندا رهندا آهن انهن جو دلي ٿورائتو آهيان.
جيئن ڌرتيءَ جا مظلوم انسان،
[b]محب ڀيل
[/b]03002682036
muhibbheel@gmail.com