اهلِ علم ذهنن جون ”خودڪشيون“
روسي شاعرماياڪو وسڪي، آمريڪي شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ نقاد ايڊگرايلن، ڀلوڙ ناول نگار ورجينا وولف، هيمنگوي جهڙن ماياناز عالمي سطح جي اديبن سميت دنيا جي ڪجهه اهم سائنسدانن ۽ سياستدانن پڻ “خودڪشي” ڪئي. آتم هتيا ڪندڙ اهي ذهن ڪي عام ذهن ته نه هئا؟ انهن يگانن ماڻهن جي خيالن جي وسعت، اُڏار، ذهني قابليت ۽ صلاحيتن جو ماپو ڪهڙو مقرر ڪري سگهجي ٿو؟ ڪائنات جي ارتقا کان ويندي انساني ارتقا تائين دنيا جي سمورن حالاتن ۽ واقعن کي پنهنجي اعلى علم، عقل ۽ شعور سان سمجهڻ وارن دماغن جو آخري عمل سندن نظرئي جي نفي نٿو ڪري؟ دنيا اندر ٺڳي، ڌوکو، اميري ۽ غريبي، ڏاڍي ۽ هيڻي هجڻ جا سبب ڳوليندڙ ڏاهن ماڻهن پنهنجي هٿن سان پنهنجو گلو ڇو گھٽيو؟ دنيا جي ڏکن سورن ۽ تڪليفن جا سبب ڳولي پنهنجي قلم ذريعي انهن جا حل پيش ڪري ويندڙ انهن باصلاحيت انسانن کي ڪهڙي لمحي شيطاني خيال “خودڪشي” ڪرائي؟ ڇا ڪائنات جا اهي عظيم ماڻهو پنهنجي فلسفي، نظريي ۽ فڪر تي پاڻ پورا لٿا؟ يا اڃا اهي راز فقط راز ئي بڻيل آهن، جن تان هيستائين پردو چاڪ نه ٿي سگهيو آهي؟ خودڪشي جهڙي مايوسي سندن ذهنن ۾ ڪيئن جاءِ جوڙي سگهي؟ سندن پاڇي کان ڀڄندڙ مايوسي کين ڪيئن گھيريو؟ سند دنيا بدلائڻ جي سوچن ۽ ويچارن تي “آپگهات” جهڙا غيرفطري خيال ڪيئن قابض ٿيا؟ بظاهر اهي ننڍڙيون نظر ايندڙ ڳالهيون ۽ واقعا اڻ لکا لڳن ٿا، پر حقيقت جي اک ڌاري باريڪ بيني سان ڏسبو تڏهن ئي پتو پئجي سگهندو ته ڌرتيءَ جا اٽل آدمي شڪست جي ور ڪيئن چڙهيا؟ وقت کان اڳ انهن پاڻ کي موت جي حوالي ڪهڙين اڻٽر سببن جي ڪري ڪيو؟ ڪهڙيون مجبوريون سندن حياتي جون دشمن بڻجي ويو هيون؟ سماج جا شاهڪار ذهن به شڪست قبولي ڪري غيرفطري طريقي سان موت کي گلي لڳائي سگهن ٿا.
[b]عظيم ليکڪ هيمنگوي جي خودڪشي
[/b] آمريڪا ۾ جنم وٺندڙ دنيا جو عظيم ليکڪ هيمنگوي ارنيسٽ ملر، جنهن جي لکڻين جا ڪروڙين مداح آهن. سندس قلم مان سرجيل ادب دلين کي ڇهي ٿو. هن جيڪي زندگي جون شروعاتي ڪهاڻيون “اسان جي دؤر ۾” لکيون، انهن ڪهاڻين سندس سڃاڻپ ڪرائي، جنهن بعد هو مسلسل لکندو رهيو، هڪ ڀلوڙ ناول “سج اڀرندو به آهي” پڻ ادب جي دنيا ۾ ٿرٿلو مچائڻ جهڙي ناول طور نروار ٿيو، هن ناول دنيا جي عظيم قلم ڌڻيءَ ارنيسٽ ملر هيمنگوي کي شهرت جي بُلندين تي پهچايو. هڪ ناول“اسلحي کي الوداع” ڪهاڻين جو ڪتاب “عورت کانسواءِ مرد” “کٽندڙ ڪجهه به نٿا کڻن” “ڏاند سان ويڙهه” “وڏي شڪار” “گھنڊ ڪنهن لاءِ وڄي ٿو” سندس هن مشهور ناول تي فلم پڻ ٺهي. هڪ وڌيڪ شاهڪار ناول“پوڙهو ۽ سمنڊ” ان ناول کي 1954ع ۾ ادب جو نوبل انعام مليو.
ڪائنات جي حسين رنگن جو عاشق هيمنگوي جنهن کي هن دنيا ۾ ڪهڙي ڪمي محسوس ٿي؟ ڪهڙن سببن جي ڪري مايوسي کيس گھيري وئي؟ پنهنجين لکڻين ۾ حياتي جي اهميت ۽ ان جا عظيم مقصد پيش ڪندڙ هيمنگوي 1954ع بعد مسلسل خاموشين ۾ گم ٿي ويو. دولت، شهرت،عزت جي باوجود هن جي زندگي مان دلچسپي ختم ٿي وئي، هيمنگوي 1964ع ۾ رائفل وات ۾ وجهي خودڪشي ڪري زندگي جو اختتام ڪيو. زندگي سان پيار ڪندڙ هڪ مايه ناز ۽ يگاني قلم ڌڻيءَ جي حياتي جو انت غيرفطري موت سان ٿيڻ ڪري دنيا جا باشعور ماڻهو افسوس سان گڏ حيرت ۾ به پئجي ويا. هيمنگوي به خودڪشي ڪري سگهي ٿو!؟ جنهن جون لکڻيون ۽ افسانن جو هڪ هڪ اکر ڳالهائيندو هجي، مخاطب ٿيندو هجي، ان شخص ڊگھي خاموشي اختيار ڪئي!
[b]آرٿر ڪوئسلر جي خودڪشي
[/b] آرٿر ڪوئسلرهڪ جڳ مشهور صحافي ۽ ليکڪ طور سڃاتو وڃي ٿو، آرٿرڪوئسلر 1905ع ۾ بڊاپيسٽ ۾ پيدا ٿيو، ويانا يونيورسٽيءَ مان تعليم پرائي صحافت ۾ پير پاتائين، ان زماني ۾ پئرس، ماسڪو، ايشيا، اسپين جهڙن ملڪن ۾ پڻ پنهنجا فرائض سرنجام ڏنائين. ان دؤران کيس فوج گرفتار ڪري قيد ڪيو. آرٿرڪوئسلر کي موت جي سزا ٻڌائي وئي، پر هن همت نه هاري. نهايت ئي اوچن جذبن سان مقابلو ڪندو رهيو. هڪ ملڪ کان ٻي ملڪ تائين جون دربدريون ڀوڳڻيون پيس. پر هن جي قلم جي جنبش معمولي به گھٽ نه ٿي. هو مرڻ تائين لکندو رهيو. آرٿرڪوئسلر جو هڪ ناول “منجهند جو اوندهه” جنهن کيس سموري دنيا ۾ شهرت جي بلندين تي پهچايو. سندس لکيل ناول بالشيوڪ جي حالاتن کي منظرعام تي آندو. آرٿر ڪوئسلر پندرهن کن ڪتاب لکيا، جن ادب جي ميدان ۾ شاندار مشهوري ماڻي. سندس لکڻين دلچسپي سان پڙهندڙ پرستارن جو تمام وڏو حلقو کيس مليو. آرٿر ڪوئسلر ادب جي دنيا جو روشن ستارو هو پر سندس نجي حياتي ڪهڙن مسئلن جو شڪار هئي؟ اهو هڪ جدا سوال آهي، ان بابت هن جا لکيل خط گھڻو ڪجهه پڌرو ڪن ٿا. هن 1951ع ۾ پنهنجي زال مئمين کان طلاق وٺڻ جي باوجود به ان سان هر هفتي ملاقاتن جو سلسلو ختم نه ڪيو. بلڪه گھر به طلاقيل زال مئمين جي گھر جي پاسي ۾ ورتائين. ان وقت جي ظالم پوليس جي سخت ٽارچر هيٺ رهڻ واري هڪ عظيم ليکڪ آرٿر ڪوئسلر 4 مئي 1983ع تي هن دنيا مان مايوس ٿي خودڪشي ڪري حياتي جو انت آڻي ڇڏيو. پنهنجين لکڻين ۾ هڪ مضبوط شخص جيڪو ظاهري زندگي ۾ هماليا جيڏا حوصلا رکندڙ ماڻهو سمجهيو ويندو هو .پر سندس خودڪشي بعد ڪيترائي جوابن جا مُتلاشي سوال پيدا ٿي پيا.
[b]جڳ مشهور مصور وان گوگ جي خودڪشي
[/b] من جا رنگ پينٽنگ ۾ اُتاري دنيا جي منظرڪشي ڪندڙ جڳ مشهور مصور وان گوگ ته هڪ دفعي ڪاوڙ ۾ پنهنجو ڪن به ڪپي ڇڏيو هو. اهڙي جذباتي ڪيفيت ۾ مبتلا شخص جي ٺاهيل تصويرن سان توڙي جو رنگن جا قدردان ماڻهو وڏو چاهه رکندا هئا پردنيا جي هڪ ماياناز مصور وان گوگ کي سندس پيءَ گھران ڪڍي ڇڏيو هو. ان جي خودڪشي تي فراق هاليپوٽي جو نظم کيس ڀيٽا ٿيل آهي؛
امن جي فاخته جا پر
رت ۾ ڳاڙها ٿي چڪا آهن
هوءَ هڪ سوڙهي پڃري ۾
پنهنجي زندگيءَ جا آخري پل جي رهي آهي
پڪاسو سگريٽ جو آخري ڪش هڻي رهيو آهي
۽ فتاح منگي چپن چپن ۾
ڀڻڪي چئي رهيو هو ته
وان گوگ تو ڇو خودڪشي ڪئي!
خودڪشي ته پڪاسو کي ڪرڻ گھرجي ها.
وان گوگ آخري تصوير we fields with crows| ٺاهي. هن مصور جون 1890ع ۾ پاڻ کي گولي هڻي خودڪشي ڪري ڇڏي. ڪنهن به مصور جي نه ڏات چوري ٿي سگهي ٿي نه ئي نه پورهيو رائگان ٿي سگهي ٿو. وان گوگ جي خودڪشي کان پوءِ به سندس چٽيل رنگ ميرا نه ٿيا آهن، اهي رنگ ماڻهن جي دلين ۾ چٽيل آهن. اهي رنگ پوپٽ جي پرن جا رنگ آهن، اهي رنگ مورن جي کنڀن جا رنگ آهن. اهي رنگ محبوب جي اکين جا رنگ آهن.
[b] علامه آءِ آءِ قاضي جي خودڪشي
[/b] ڪائنات ۾ لکين ماڻهو ڄايا ۽ مئا، پئسي جا پرور،حاڪم، وزير، بادشاهه، ڏاڍا، جابر ماڻهو جيڪي چوندا هئا ته دنيا سندن بغير مشڪل هلي سگهي! پر اهي ماڻهو مٽي کائي وئي. تاريخ جي پنن ۾ وڃي اهي ماڻهو زندهه بچيا جيڪي انسان جاتي جي ڀلائي جي عظيم مقصد خاطر زندهه رهيا. علم ۽ شعور جو ڦهلاءُ، ترقي، امن ۽ انسانيت جو آجپو انهن جي حياتي جو آخري ۽ اهم مقصد عظيم هو. ان مقصد کي ماڻن خاطر انهن جي قربانين سان تاريخ ڀري پئي آهي. سنڌ يونيورسٽي جي قيام کي عملي جامو پارائيندڙ عظيم انسان علامه آءِ آءِ قاضي جهڙو يگانو ماڻهو به سنڌ جي مقدس مٽي تي جنم ورتو. سندس رڳن ۾ ماءُ جي کير سان گڏ سنڌو ماتا جو پويتر پاڻي به گردش ڪندو هو. جنهن ڪري وطن سان حُب جي جذبي سان سرشار سندس شخصيت پنهنجي محبوب وطن کي علمي ميدان ۾ اڳڀرو ڪرڻ خاطر ڪيترو سوچيو ۽ لوچيو تاريخ ان جاکوڙ جي سلطاني گواهه بڻيل آهي. سنڌ جي عظيم مفڪر، دانشور ، اهل علم، عالم ۽ فاضل علامه آءِ آءِ قاضي جي ڏکوئيندڙ مرتئي تي اميد خيرپوري جون هي سٽون ڪيڏيون وزنائتيون لڳن ٿيون.
جڏهن هڪ موت عالِمَ جو عالَمَ جي لئه آهي،
تڏهن آ درد هـر همـدرد جـي دل ۾ جڳهه جوڙي،
مرڻ جن کي کپي سي موت کان لڪندا رهيا آهن
جيئڻ وارا الائي ڇو وڃن ٿا موت ڏي ڊوڙي!
سنڌ جي خمير مان 9 اپريل 1889ع تي حيدرآباد ۾ جنم وٺندڙ علامه آءِ آءِ قاضي هڪ ماهر قانوندان ۽ نهايت ئي گھڻ پڙهيو شخص هو. جنهن سنڌ جي تاريخ سان گڏ عالمي ادب جو پڻ گھرائيءَ سان مطالعو ڪيو هو هُن شخص رڳو پڙهيو نه هو پروڙيو به هو. علامه صاحب حيدرآباد ضلعي ۾ جڏهن مئجسٽريٽ مقرر ٿيو بعد ۾ خيرپور ۾ سيشن جج ٿيو ۽ گھرو وزير جي حيثيت ۾ پڻ ڪم ڪيائين. پاڪستان ٺهڻ بعد علامه قاضي لنڊن ۾ رهڻ لڳو هو. ڪجهه سالن بعد دوستن جي گھڻي اصرار تي واپس وطن وريو هو. پنهنجين صلاحيتن کي وطن واسين لاءِ ڪتب آڻيندي سنڌ يونيورسٽي جي وائس چانسلر جي حيثيت سان شاندار تعليمي خدمتون سرانجام ڏنائين. جنهن تي سنڌ کيس اڄ به عقيدت ۽ احترام جي نگاهه سان خراج تحسين پيش ڪري ٿي. لطيف سرڪار جي رسالي تي سندس ترتيب ڏنل ادبي ڪم کي اڄ به ٻين کان منفرد ۽ اهم حيثيت حاصل آهي.
علامه آءِ آءِ قاضي محبت جي شادي انگريز گوري سان ڪئي هئي، جنهن کي سنڌ ۾ امڙ ايلسا قاضي جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. ان محبت سندس من کي وڌيڪ منور ڪري ڇڏيو هو. ڄڻ سندس حياتي جون سموريون حاصلاتون مڪمل ٿي ويو هيون. کيس ڪا تمنا باقي نه رهي هئي. ان حقيقت کان منهن هرگز نٿو موڙي سگهجي ته محبت ۾حاصلات ڀاڳن وارن جي نصيب ۾ هوندي آهي. اهو به وري پنهنجي ڌرتيءَ کان ڪوهين ڏور عالمي اسٽينڊر جي معيار جا خيال رکندڙ انگريزن ۾ سندس اکيون وڃي اٽڪيون جتي محبتن جي جذبن کي فقط مفادن جي راند سمجهيو وڃي ٿو. پر هن شخص جي بي بها صلاحيتن، قابليت، سچائي ۽ ايمانداري انگريزياڻي نينگري ايلسا کي به گھڻو متاثر ڪيو. جنهن ساڻس حياتي جا پيچ پاتا. ايلسا جي هي جهان ڇڏڻ بعد قاضي صاحب ويڳاڻپ جو شڪار رهندو هو. ايلسا کانسواءِ زندگي هن لاءِ بلڪل بي مقصد ۽ بار بڻجي وئي هئي، سندس ڀٽڪندڙ من کي ڪٿي به شانتي نصيب نه ٿي، مسلسل اهڙي ڪشمڪش ۽ ذهني ڪشيدگي جي صورتحال ۾ مضبوط ارادن جو ماڻهو بلڪل ڀڄي ڀور ڀور ٿي پيو هو. 13 اپريل 1968ع ۾ محبت جي تنهائي کيس سنڌو درياهه جي حوالي ڪيو. سندس موت تي اڄ ڏينهن تائين خودڪشي ۽ اتفاقي حادثي جهڙا ٻه رايا اڄ به قائم آهن. پر بحرحال ماڻهن جي اڪثريت جو خيال آهي ته قاضي صاحب پنهنجي محبت جي وڇوڙي بعد دل شڪسته ٿي “خودڪشي” ڪئي. جڏهن سندس زندگي ۽ ڪردار تي نظر ڦيرويون ٿا ته ذهن اهو قطعي قبولڻ لاءِ تيار ناهي ته ڇا علامه آءِ آءِ قاضي جهڙا ماڻهو جيڪي خود سماج اڏيندڙ ذهن هئا، سي به “آپگهات” ڪري غيرفطري موت کي گلي لڳائي سگهن ٿا؟ ڇا لطيف سرڪار جو عاشق اعلى ذهن جو مالڪ ماڻهو فطرت جو انڪاري ٿي “خودڪشي” ڪري سگهي ٿو؟ زمانن سان جهيڙيندڙ شخص فقط محبت جي ڪامياب حاصلات بعد ڀرپور حياتي گهارڻ کان پوءِ به موت جي امر کي مڃڻ بجاءِ “آتم هتيا” کي اهميت ڏيئي زندگي تان دستبردار ٿيڻ واري ڳالهه مبهم بڻيل ضرور آهي. ڇا اهڙا اعلى ذهن به غيرفطري موت کي قبولي پنهنجي قوم جي ايندڙ نسلن لاءِ ڪهڙو پيغام ڇڏيو آهي؟ ڏک پڻ جيون جو حصو آهن رڳو سکن جي تصور سان زندگي گھارڻ جي سوچ تي دنيا جا حقيقت پسند ماڻهو متفق نه آهن.
[b]شاعره ساره شگفته جي “آتم هتيا”
[/b] ساره شگفته پنجابي ۽ اردوءَ ٻوليءَ جي نامياري شاعره ٿي گذري آهي، شاعري جي نرالي ۽ منفرد اسلوب سبب کيس پڙهندڙن جي وسيع حلقي ۾ شاندار موٽ ملي، ساره شهرت جي بلندين کي ڇهيو، ساره شگفته 14 آڪٽوبر1954ع تي گوجرانوالا ،پنجاب ۾ پيدا ٿي. نوجوان نسل ۾ ساره جي شاعري سان لڳاءَ ۽ محبت جي اها حد رهي آهي جو اڪثر ماڻهن کي ساره جي پابند شاعري سان گڏ نثري ٽڪرا پڻ حفظ ٿيل هوندا هئا. مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ساره جي ڇپيل شاعري کي سندس مداح سيني ۾ سانڍي رکندا هئا. معاشري جي روايتن جو شڪار ساره جا رت جا رشتيدار به ناراض هوندا هئا. ان باوجود به ساره لکڻ بند نه ڪيو. ساره شگفته مخالفت باوجود به پنهنجي ڏات سان نيهن نڀائيندي رهي، سندس عزيز قريب شاعري سان گڏ نوڪري ۾ به ناخوش هئا جنهن ڪري ساره کي وقت به وقت پريشان ڪيو ويندو هو. چوڏهن سالن جي عمر ۾ ساره شگفته کي هڪ اڻ پڙهيل عزيز سان پرڻايو ويو، جنهن هڪ نازڪ مزاج شاعره تي ظلمتن جا پهاڙ ڪيرائي ڇڏيا هئا. هر وقت کيس تشدد جو نشانو بڻايو ويندو هو. وڏي مصيبت جا ڏينهن گذاريندي ساره پنهنجي تعليم جاري رکي سگهي پر شادي ٽٽي وئي. هڪ حساس دل رکندڙ شاعره کي ذاتي زندگي ۾ مليل شڪست تمام گھڻو ڏکويو، سندس دل تي غمن جو گھاڻو گھمندو رهيو، پيڙاهن جي ان صورتحال ۾ هڪ شاعر کيس شادي لاءِ راضي ڪيو، پر اهو ڏات ڌڻي به هڪ عظيم شاعره زال کي سخت تشدد جو نشانو بڻائي ذليل ڪندو هو. جنهن بعد ساره کي ذاتي زندگي ۾ عورت جي زرخريد غلام هجڻ واري احساس مايوس ڪيو. سندس ٽي شادي به بدترين طريقي سان ناڪام ثابت ٿي. شاعري جي ميدان جي هڪ ڪامياب ڏات ڌڃاڻي ازدواجي زندگي ۾ بُري طرح ناڪامين سان همڪنار ثابت ٿي. سڪرات ۾ پيل سندس امڙ جي مرضي رکندي هڪ سرندي واري ماڻهو سان چوٿين شادي ڪئي، ساره جي ان مڙس به مٿس ڏاڍ ۽ جبر ڪندي سختيون ڪيون. نتيجو طلاق تي ختم ٿيو. هڪ نامياري شاعره ڏکن، تڪليفن، بي وفائن جا ڊگھا داستان، ناانصافين جون ورتائون کڻي ڪراچي ۾ پهتي هئي. جتي رستن تان عدم اعتمادي جا خيال سندس سوچن تي حياتي ڀر حاوي ٿي ويا هئا. ڪراچي ۾ احمد سعيد نالي هڪ ماڻهو کيس وفا جو يقين ڏياريو پر ساره شگفته پنهنجي من اندر ۾ ڀڄي ڀور ٿي چُڪي هئي. تنهن ڀروسو ڪري شادي ڪرڻ بجاءِ رهيل حياتي تنهائي ۾ گذارڻ کي اهميت ڏني. ساره جي دوستي جي ڌاڳي ۾ ٻڌل جڳ مشهور ليکڪا امرتا پريتم کي هڪ پتر ۾ لکيائين ته سموري حياتي ۾ کيس هڪ باوفا شخص احمد سعيد مليو هو جنهن محبتن سان سندس دل ۾ جاءِ جوڙي هئي، جنهن بعد 12 مهينا احمد سعيد سان سندس ملاقات نه ٿي. جنهن بعد 4 جون 1984ع تي ڪراچيءَ جي ريلوي ٽريڪ تي سارا شگفته جو رت ۾ لت پت لاش مليو ، اهڙي حادثي پويان زندگي جون هزارين رسوايون هئڻ ڪري “آپگهات” جو چٽو شڪ پڌرو ٿيو. “خودڪشي” جي خيال شاعري کي آپگهات ڪرائي ڇڏيو. شاعري جي هڪ شاهڪار ڏات “آتم هتيا” ڪري ڇڏي، مرداڻي سماج هٿان هڪ مضبوط عورت شڪست کائي وئي، سندس حياتي ۽ ڪردار امرتاپريتم جو شاهڪار ناول “ايڪ ٿي سارا” پڻ وڏي مڃتا ماڻي چڪو آهي. مورڙي جي ماڳ ڪراچي جي سرزمين تي سارا شگفته جي آخري آرامگاهه آهي .سندس شاعريءَ جا ڪتاب “بَلدي اکر” “مين ننگي چنگي” “آنکين” جهڙو شاهڪار قلمي پورهيو سرجيندڙ تخليقڪار شاعره جو موت دربدري جي حالاتن ۾ ٿيڻ هن دنيا جو وڏو الميو آهي. جنهن شاعره هن دنيا کي محبوب غزل ارپيا، حسين نظمن سان نوازيو، جنهن جي ڏات امن ۽ انسانيت جا گيت تخليق ڪيا، جنهن هن دنيا جي سمورن مزاجن کي پنهنجي من جي اکين سان سان پسيو، ۽ پيش ڪيو، انهن سمورن لقائن کي شاعري جا حسين جذبا ڀيٽيا، موٽ ۾ کيس ڇا پلئه پيو؟ هڪ ڀلوڙ شاعره لاءِ هن ڌرتيءَ تي “خودڪشي” کانسواءِ ٻيو ڪهڙو بندوبست ٿي سگهيو؟
چاند کا قرض
ہمارے آنسووں کی آنکھیں بنائی گیئں
ہم نے اپنے طلاطم سے رسہ کشی کی
اور اپنا اپنا بین ہوئے
ستاروں کی پکار آسمان سے زیادہ زمین سنتی ہے
میں نے موت کے بال کھولے
اور جھوٹ پہ دراز ہوئی
نیند آنکھوں کے کنچے کھیلتی رہی
شام دوغلے رنگ سہتی رہی
آسمانوں پر میرا چاند قرض ہے
میں موت کے ہاتھ میں ایک چراغ ہوں
جنم کے پہیئے پر موت دیکھ رہی ہوں
زمینوں میں میرا انسان دفن ہے
موت میری گود میں ایک بچہ چھوڑ گئی ہے
هڪ شاعره جو بي وقتائتو غيرفطري دردناڪ موت مهذبپڻي جون ٺلهيون حامون هڻندڙ هن سماج لاءِ ڪاراٺ آهي. جيڪو سماج پاڻ تي سرمائيدار سامراج کي بي وجه ٿاڦي فخر محسوس پيو ڪندو آهي، اهو ئي سماج هڪ شاعره جو جيئڻ جنجال ڪري ٿو، تهذيب يافته مهذبپڻي جو اهو ٻٽو رويو آهي. جنهن جي پت زمانا اڳ پڌري ٿي چُڪي آهي.
[b]نوجوان شاعر ماٺيڻي اوٺي جي خودڪشي
[/b]ٿرجي نازڪ ۽ نرم واري جهڙو مزاج رکندڙ ماٺيڻو رڳو پنهنجي نالي ۾ ماٺيڻو ڪونه هو پر اُن نالي جو اثر سندس مزاج ۾ شامل هو. مورن جي کنڀن جهڙو خوبصورت من رکندڙ ماٺيڻو ڄامشوري جي پٿريلي پٽ تي ٿاٻڙجي پيو، سندس من زخمي ٿي پيو، سندس دل جُهري پئي، محبتن ۾ سچايون ارپيندڙ ماٺيڻي کي دلين جي سوداگر شهر جي هوائن پنهنجي ضد ۾ آڻي ڇڏيو، هو ڪک پن ٿي ويو، وکري ويل ماٺيڻو وري سميٽجي نه سگهيو. هن کي ڄامشوري جون نخريليون هوائون راس نه آيو. خودڪشي ڪندڙ شاعر جي محبوب قوم جي دادلي درياهه “سنڌو” کيس به علامه آءِ آءِ قاضي جيئن ڀاڪرن ۾ ڀري ڇڏيو. هن ڪارين راتين ۾ پرين ساريا، هن جي اوجاڳيل اکين ۾ دلرُبا ادائن جي جهلڪ پسڻ جي اميد هئي، جنهن اميد تي هو ساهه کڻي رهيو هو، جڏهن اها اميد ئي ختم ٿي وئي ته ماٺيڻو پاڻ به اختتام پذير ٿيو.
رات پوئينءَ جو پرينءَ جا پيار ايندا ياد ويا،
دلربا جا دل مٿي ديدار ايندا ياد ويا،
ري خنجر خالي هٿين قهري، نگاهن هو ڪُٺو،
تن نشيلين جا نظر نروار ايندا ياد ويا.
ياد “ماٺيڻا” مٺي محبوب جي ماريو ڇڏي،
قرب جا اقرار ۽ انڪار ايندا ياد ويا.
علم، شعور ۽ عقل، همت ۽ حوصلي جا درس ڏيندڙ معاشري جا بُردبار ۽ باشعور ماڻهو جڏهن مايوسين جي ڪُن ۾ گھيرجي، مقابلي بجاءِ “آپگهات” جهڙي عمل کي ترجيح ڏيندا آهن ته سماجن جي ذهني اوسر ۽ترقي اڳيان رڪاوٽون بڻيل قوتون وڌي وڻ ٿي وينديون آهن. معاشرتي ترقي بجاءِ نفسياتي اسپتالن ۾ اضافو ٿيندو آهي. ڀوپا ڪلچر سماج کي پنهنجي جڳاڙي نفسيات جي اشارن تي آڏو ابتو ڪري هلائيندو آهي. ماٺيڻو اوٺي جهڙو باشعور ۽ وطن دوست ڏات ڌڻي جيڪو خود هن سماج لاءِ هڪ شاندار مثال بڻجي اڀريو هو سو ڪيئن پاڻ هن معاشري ۾ جالي نه سگهيو؟ هڪ شاعر جي اکين انقلاب جو خواب ڏٺو هو سي اکيون سرخ گلابن جي موسم کان اڳ ڇو پورجي ويون؟ جنهن ذهن ۾ هن سماج کي ڊاهي نئون انسان دوست ۽ آزاد سماج آڏڻ جي آس ۽ اميدون هيون، اهي سوچون “سرد خاني” تي ڪيئن پهتيون؟ ماٺيڻي جي شعر ۾ سندس جذبن کي پسي سگهجي ٿو؛
دم دم در در حق جي هر هر، جيڏا جوت جلايان ٿو،
هن ڌرتيءَ جو عاشق آهيان، ازلي نغما ڳايان ٿو.
زردارن کي زير ڪبو، هت جيئڻ لاءِ جُنون کپي،
ننڊ وِهوڙيون نازڪ دلڙيون، جوڳي ٿي جاڳايان ٿو.
ڪانئر جا ڪل ڪوٽَ ڪنبايان، ڪارونجهر جيئن اوچو قد
سِر جو سانگو لاهي، سهڻا سوريءَ کي سرچايان ٿو.
ٿر جي ڳوٺ خانور اوٺا ۾ 1954ع ۾ علي محمد اوٺي جي گهر ۾ جنم وٺندڙ هي نج ٿري ٻهراڙي جو ٻار جڏهن حيدرآباد جي هوائن ۾ پهتو ته سندس گھر سميت تر جي ماڻهن کي به مٿس فخر ٿيندو هو. اٻوجهه سماج جون ساڻس ڪيتريون اميدون وابسطا هيون، پر الئه ته ڇو سموريون آسون نراس بڻجي ويون. هو زندگي سان جھيڙڻ بجاءِ پاڻ کي غيرفطري موت حوالي ڪري پنهنجي پيارن ۽ سنڌ وارن تي ڏکن جون ويرون وهائي ويو، سندس جذبن جو اظهار، مزاج جي پرک، خيالن جي خبرچار، وطن دوستي جو وزن سندس شاعري جي ڪتاب “روح رُنو اڌ رات” ۾ پسي سگهجي ٿو. هماليا جيڏا حوصلا رکندڙ ماٺيڻي جهڙي مضبوط ماڻهو تي “آپگهات” جهڙو غيرفطري خيال ڪيئن حاوي ٿيو؟ جو هُن 15 فيبروري 1981ع تي پاڻ کي درياهه حوالي ڪري ڇڏيو. سِڪ، اڪير ۽ پيار جي شاعر ماٺيڻي اوٺي جي اڻ مُندائتي ۽ غيرفطري موت سنڌ کي سوڳواري ارپي ڇڏي.
[b]قومي ڪارڪن ۽ اڳواڻ عرفان مهدي جي “خودڪشي”
[/b] “سياست” بنيادي طور آهي ته ظالم ۽ مظلوم جي وچ ۾ حق وٺڻ جي جدوجهد جو نالو پر دنيا جي ڪيترن ئي ناڪاري سوچ رکندڙ ماڻهن هن مقدس عمل کي پنهنجن ذاتي مفادن لاءِ استعمال ڪري ڪراهت لائق بڻائڻ ۾ ڪا ڪسر باقي نه ڇڏي آهي. سياست کي ذريعو بڻايو ويو مال، ملڪيت، بنگلا ۽ زمينون ٺاهڻ جو، سياست کي ذاتيات جي جنگ ۾ ايترو ته گھليو ويو جو هي عبادت لائق عمل رڳو وڃي ڏاڍن جي “وندر” خاطر بچيو آهي. پر ان سڄي ڪاروهنوار ۾ عرفان مهدي جهڙا ماڻهو به تاريخ ۾ پنهنجو ڪردار نڀائي ويا، جن سياست فقط عبادت سمجهي ڪئي. “جيميسٽ” فڪر هتي ايترو آسان ان ڏينهن کان ناهي رهيو جڏهن کان جي ايم سيد آزاد سنڌو ديش جو نعرو هنيو. ان نظريي جي سياست سان لاڳاپيل مڪمل سچائي ۽ ايمانداري سان پاڻ ارپيندڙ ڪارڪن ته ڄڻ ڪنڊن جي سيج تي هوندو آهي. 31 جولاءِ 1967ع تي هالا پُراڻا ۾ مهدي ميمڻ جي گھر ۾ جنم وٺندڙ عرفان مهدي پڻ جي ايم سيد جي فڪر جو هڪ باقائده نظرياتي ڪميٽيڊ ورڪر هو. وطن جي جدوجهدن ۾ پاڻ ارپڻ جو جذبو رکندڙ عرفان مهدي هڪ باشعور انسان، سياسي سماجي ساڃاهه رکندڙ هن معاشري جو مڪمل ذميوار فرد هو. سترهن سالن جي ڄمار ۾ ليفٽ جي سياست کان شروعات ڪندڙ هن نوجوان ٿورڙي ۽ مختصر عرصي ۾ تمام گھڻي مقبوليت ماڻي. اها مقبوليت هڪ مخصوص ذهنيت کان هضم نه ٿي سگهي. اها سوچ عرفان جي اڳتي وڌڻ جي پهرين ڏينهن کان مخالف بڻيل هئي، علم، ادب، شعور ۽ شاعري سان ذوق ۽ شوق رکندڙ عرفان مهدي پنهنجي طبعيت ۽ مزاج ۾ نهايت ئي دلربا ۽ محبوب ماڻهو هو. سنڌ ۽ سيد سان جنون جي حد تائين عشق رکندڙ هي سياسي ورڪر همت ۽ حوصلن جو اعلى مثال بڻجي اُڀريو هو. لطيف سائين جو رسالو حفظ ڪندڙ عرفان مهدي سنڌ جي سياسي تاريخ جو نه وسرندڙ ڪردار آهي. 1986ع ۾ باضابطا طور شاگرد ونگ جو پريس سيڪريٽري چونڊيو ويو. جنهن بعد هن پاڻ تي اڃان به وڌيڪ ذميواري محسوس ڪندي سرگرمي ڪئي، ان جدوجهد ۾ هن ساري سنڌ پرين جو پاڇو بڻجي پنڌ ڪيا. سنڌ جي واهڻ وستين ۾ هن سجاڳي جا سڏ ڏنا. موٽ ۾ سنڌ به کيس اڻ ڳڻين محبتن سان نوازيو. هو پروگرامن ۾ لطيف جا بيت رواني سان پڙهي تقريرون ڪندي ماڻهن کي منڊي ڇڏيندو هو. سندس ڪاميابيون ڪجهه اناپرست ۽ مفادن لاءِ سياست ۾ پير پائيندڙ ڪُنڌ ذهن رکندڙ ٽولي کان برداشت ڪونه ٿيون. جيڪي کيس پٺ ۾ ڇرو هڻڻ خاطر هر وقت تاڙ ۾ هوندا هئا. عرفان خلاف سازشن جا ڄار وڇائڻ جون ڪيتريون ڪوششون ٿينديون هيون، جنهن کي هو پنهنجي سمجهه ۽ عقل سان منهن ڏيندو اڳتي وڌندو ويو. پر شايد سندس برداشت جون حدون لبريز ٿيڻ شروع ٿي چُڪيون هيون. جيڪي کيس مايوسين جي رڻ ۾ رولينديون ويون. 1990ع ۾ عرفان مهدي سياسي طور سرگرم رهيو، ان کانپوءِ 1991ع جي شاگرد ونگ جي مرڪزي باڊي جي چونڊن ۾ پڻ منظر تان هٽيل رهيو. انهن پريشانين کيس سياسي سرگرمين کان گھڻو ڏور ڪري ڇڏيو هو. ماٺيڻي اوٺي بعد هن وطن دوست اهل علم انسان به 4 آگسٽ 1991ع تي پاڻ کي سنڌو جي حوالي ڪيو. سنڌ جي نصيب ۾ هڪ وڌيڪ “آپگهات” آيو. سنڌ لاءِ سوچ سوچيندڙ، عملي جدوجهدن ذريعي وطن لاءِ لوچيندڙ، ديس تي انقلاب جو اُجرو سورج اُڀرڻ جا خواب نيڻن ۾سجائي هلندڙ هڪ آدرشي انسان پاڻ کي آتم هتيا ڪري هٿيار ڦٽا ڪري ويو. زهر جهڙي خاموشي گذري وڃي سنڌو جي لهرن سان ٻکيو، جيڪي لهرون آگسٽ ۾ تار وهندڙ درياهه بادشاهه جي سمنڊ تائين ٿيندڙ سنگم سان نيهن نڀائينديون آهن. عرفان مهديءَ جو من به پونم رات ۾ سمنڊ جي لهرن جيئن اڇلون کائيندو هو.
[b]ذهين شاگرد نريندر ڪمار ميگهواڙ جي خودڪشي،
[/b] سنڌ جي تاريخي شهر نصرپور سان تعلق رکندڙ هڪ سکئي ستابي گھراڻي جي نوجوان نريندڙ ميگهواڙ جي خودڪشي سنڌ کي سڪتي ۾ آڻي ڇڏيو هو، ڪيترن ئي ڏينهن تائين سنڌ جي فضا ۾ سوڳواري ڇانيل هئي. شاگرد نريندر ميگهواڙ جي ڪٽنب ۾ تقريبن نوجوان پڙهيل، لکيل، سنجيده ۽ اعلى تعليم يافته هئڻ سان گڏ محنت ڪش ۽ هنرمند آهن. نريندر جي تربيت به ان ماحول ۾ ٿيڻ ڪري هو به پنهنجي پڙهائي ۾ سخت محنت ڪندي اڳتي وڌي رهيو هو. توڙي جو هو اڃان بالغ پڻي جي حدن کي نه پهتو هو پر الئه ڇو هن نوجوان پاڻ کي وقت کان اڳ ذهني مريض جي سوچن جهڙي هن سماج ۾ پاڻ کي ذميوار ۽ ذهني طور بالغ ٿيڻ جي جرئت ڪئي هئي، پنهنجي مسڪين ڀائرن سان ٿيل ناانصافين تي هو تڙپي اٿيو هو، هن فقط انصاف ٿي چاهيو، هن چاهيو ٿي ته ڪير به ڪنهن جو حق غضب نه ڪري، هن چاهيو ٿي ته هن معاشري جا ڏاڍا مڙس جيڪي سندن قبرستان تي قبضو ڪري چُڪا هئا. (جنهن ڪري هنن کي پنهنجن پيارن جا لاش دفنائڻ ۾ مشڪلات پيش اچي رهي هئي) هن فقط ايترو چاهيو ٿي ته قبضي هيٺ آيل قبرستان تان قبضو ختم ڪيو وڃي، ملوث جوابدارن کي قانون جي گرفت ۾ سوگهو ڪيو وڃي، پر ڪرپشن جي ور چڙهيل قانون کي بازياب ڪيئن ڪرائجي؟ ان نظام کي چيلينج ڪيئن ڪجي؟ ان جمود کي ڪيئن ٽوڙبو؟ ان زهريلي سوچ خلاف جدوجهد ڪيئن ڪجي؟ انهن پيچيده ڳالهين کان اڃان نوجوان نريندر اڻ واقف هو. جنهن ڪري کيس پنهنجي وڏڙن جي قبرستان تان قبضو ختم ڪرائڻ لاءِ سندس ڪچڙي ۽ ٻاراڻي ذهن ۾ بس هڪڙو ئي خيال آيو ته “خودڪشي ڪجي” آتم هتيا ئي انتقام آهي، جنهن بعد نوجوان نريندر ميگهواڙ آتم هتيا جي خيال کي حقيقت جو روپ ڏيئي پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو. سندس جيون سان نريندر جي پيارن جون هزارين اميدون نراس بڻجي ويون. انهن جي دلين ۾ بس ڏک جون لهرون ۽ دردن جا طوفان هئا. هڪ حسين ۽ ذهين نوجوان جو بي وقتائتو ۽ غيرفطري موت انتهائي ڏکوئيندڙ ثابت ٿيو. پر انصاف وٺڻ جو سندس طريقي ڪار ڪنهن به ريت مناسب نه هو. هن سماج جي ذليل روايتن سان نبرڻ لاءِ هماليا جيڏن حوصلن ۽ همتن جي ضرورت هوندي آهي، “انتم” يعني خاتمو ته دشمن چاهيندو آهي، پر جيڪڏهن دشمن جي خواهش موجب اسان پاڻ پنهنجو انت آڻي دشمن جو ڪم آسان ڪري ڇڏيون ته پوءِ ته ظالم قوتن کي غريبن تي ظلمتن جا پهاڙ ڪيرائڻ ۾ آساني ٿيندي، ناانصافيون وڌي وينديون، هيڻن طبقن ۾ جدوجهد بجاءِ خودڪشيءَ جا خيال پيدا ٿيندا.
[b]سماجي ورڪر مٺو ميگهواڙ جي خودڪشي
[/b] ظالم ۽ مظلوم طبقن ۾ تضاد فطري عمل آهي. اهو عمل ايترو ئي پُراڻو آهي جيتري انسان جي حياتيءَ جي تاريخ جھوني آهي. ڇاڇري تعلقي جو سماجي اڳواڻ مٺو مل ميگهواڙ به ظالم وڏيراشاهي جي ڏاڍ ۽ جبر جو ستايل انسان هو. جنهن ظلم خلاف پنهنجي وس آهر تمام گھڻو آواز اٿاريو پر سندس رڙين کي اعلى ايوانن ۾ ويٺل موٽن ماڻهن اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو. خودڪشي ڪندڙ فوتي مٺو خلاف بااثر ڀوتارن رڻ ٻاري ڏنو، سندن حياتي وهه بڻائي وئي، انتقامي ڪارواين جو سلسلو تيز ڪيو ويو، سندن ٻنين،گھٽين، رستن، گئوچرن تي وڏيرن جون اکيون پئجي ويون. سندس ٻچن جي روزي کسڻ جون سازشون ڪيون ويون، انهن بي واجبين خلاف مٺو هر فورم تي آواز بلند ڪيو پر انصاف نه مليس. شديد مايوسي ۽ بيوسي جي صورتحال ۾ مٺو ميگهواڙ هڪ ڏينهن جهنگ منهن ڪيو، جتي وڻ ۾ رسو ٻڌي “خودڪشي” ڪري ڇڏيائين. يعني وڏيراشاهي سان مقابلو ڪرڻ بجاءِ رستو صاف ڪري ڇڏيائين. اهو اشو چند ڏينهن ميڊيا جي زينت بڻجڻ بعد خاموشين ۾ دفن ٿي ويو. اڄ شايد مٺو ڪنهن کي ياد به نه هجي!
پر هڪڙي ڳالهه جيڪا دل ۾ هُري ٿي سا هيءَ آهي ته مٺو جهڙو ڀلوڙ سماجي ورڪر نوجوانن همت هاري وڃي، دل شڪستو ٿي وڃي، هار مڃي، شڪست قبولي وٺي ۽ آڻ مڃي پنهنجو انت آڻي پنهنجن معصوم ٻچن، ڌرم پتني، ڀائرن، جوان ڀيڻن، پيرسن والدين کي خونخوار دشمنن جي آزار ۾ اڪيلو ڇڏي وڃڻ جو ڪيئن سوچي سگهي ٿو؟ سندس بعد انهن جو ڪهڙو حال ٿيندو؟ شايد اهڙي تصور سندس ذهن جي ڪينواس کي ڪونه ڇهيو هوندو؟ يا ظالم وڏيراشاهي جي ظلمتن جي طوفان سندس ذهن کي مڪمل طور گهيري ورتو هو؟ جنهن ڪري وٽس انتهاپسندي جو آخري رستو “آتم هتيا” ئي وڃي بچيو هو، جنهن تي مٺو عمل ڪري پنهنجي ساهه جو سڳو ٽوڙي ڇڏيو. سندس ان قدم سان کيس ته حياتي تان هٿ ڌوئڻو پيو پر سندس دشمنن کي ڪهڙو نقصان پهتو؟ هڪ غريب ڪٽنب جو سماجي ورڪر شخص جيڪو ان ڪٽنب لاءِ ڇپر ۽ ڇانءَ بڻيل هجي، سندس ڏڍ ۽ آسري تي باقي ماڻهن جون همتون ۽ جذبا واڳيل هجن اهو ناکئو جيڪڏهن وچ سير ۾ لهرن ۾ ٻيڙي ٻڏڻ جي ڊپ کان گھٻرائي اونهي عميق ۾ ٽپي “خودڪشي” ڪري ڇڏي ته سندس ان عمل کي ڇا سمجهڻ گهرجي؟ ٻنهي صورتن ۾ هو موت کي انتهائي ويجهو هو، پر وري به زندگي لاءِ کيس وچ سير ۾ ٽپڻ کان ڪناري تي پهچڻ جي جستجو ڪرڻ گھرجي ها. اهو ئي حياتي جو عظيم مقصد هجڻ گهرجي.
(نوٽ خودڪشيون ڪندڙ عالمي اديب، شاعر،مفڪر،دانشور، موسيقار ۽ سائينسدانن بابت تفصيلي احوال ڪتاب جي ٻي ڀاڱي ۾ شايع ڪيو ويندو. ليکڪ)