ڪالم / مضمون

چڱي نه خودڪشي هُئي

محب ڀيل جي لکڻين جا موضوع گهڻو ڪري بک، بيروزگاري، بدحاليءَ جو شڪار، ڌرتيءَ ڌڪاڻا ۽ دربدر پورهيت ئي رهيا آهن، جن کي جابر قوتن ظلمتن جو شڪار، بڻائي، سندن جيئڻ جا سڀ جمهوري ۽ انساني حق کسي، ”آپگهات“ لاءِ مجبور ڪيو آهي. خودڪشي هن حسين ڪائنات جو تمام وڏو الميو آهي، ان عمل سان دنيا ۾ ڪيترا گھر اُجڙي تباهه ۽ برباد ٿي ويا آهن، ”خودڪشي“ جا دنيا سميت سنڌ ۾ ڪهڙا ڪارڻ آهن؟ ليکڪ هن ڌرتيءَ تي پنڌ ڪندي جيڪو مشاهدو ڪيو، خودڪشين جا سبب ڳوليا، جائزو ورتو، اهي خيال هن ڪتاب ذريعي توهان تائين پهچائڻ جي حجت ڪري رهيو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2395
  • 637
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • محب ڀيل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book چڱي نه خودڪشي هُئي

عقيدائي آتم هتيائون



ڪائنات جي پُرامن انسان لاءِ “جياپو” وڏو مسئلو بڻيل رهيو آهي، انسان جيئڻ ڪارڻ وڏا ڪشالا ڪٽيا آهن، پنهنجي سلامتي ۽ نسل وڌائڻ خاطر ٻين جنگن سان گڏ کيس اصل ته“جياپي جي جنگ” جوٽڻي پئي، توڙي جو دنيا جون سموريون جنگون جيڪي ڌرتيءَ جي ڌڻيائپ، قومي وسيلن جي تحفظ، مال، ملڪيت، ڌن دولت، جاگيرن تي قبضن خاطر وڙهيون ويون، اهي سموريون جنگون انساني رت جي ريج کان خالي هرگز ناهن، جنگين جي تاريخ رهي آهي ته ڌرتيءَ تي هڪڙيون حملي آور ۽ قبضاگير قوتون ٻين امن پسند انسانن جي امن ۾ خلل وجهڻ خاطر جنگ لاءِ جواز ڳولي هلان ڪنديون رهيون ۽ انسانيت ڦٿڪندي رهي. توڙي جو جنگين پويان جابر ڌرين جا مخصوص “مفاد” رهيا آهن پر ڌرتيءَ جو امن پسند انسان فقط “جياپي” لاءِ ڀٽڪندو رهيو. يعني دنيا ۾ “جياپي جي جدل” جي فلسفي ۽ فن کان سواءِ حياتي گذارڻ تمام مشڪل ٿي پئي. دنيا جي امن کي بندوق جي نال مان ڏسندڙ ظالم ماڻهو موت جا سوداگر بڻجي خونريزي ڦهلائي بي سبب اڻ اعلانيل “جنگ” ٿاڦي ڇڏي. تڏهن ته جنگي فن جي ماهر سن زو کي ٻه هزار سال اڳ امن ۽ شانتي جو پيغام ڏيڻ بجاءِ “جنگ جو فن” ڪتاب لکڻو پيو. ڪائنات ۾ زندهه رهي پنهنجي وجود جي بقاءَ رکڻ لاءِ “جياپي جي جنگ” جو فن سکندي سکندي انسان هڪٻئي جو قاتل ويري ٿي پيو، پنهنجي حياتي جو ڏيئو ٻارڻ لاءِ ٻئي جي حياتي جو ڏيئو اجُهائڻ لازمي سمجهندي ڌرتيءَ جو پُرامن ماڻهو خطرناڪ جنگ ۾ ڦاسي پيو. جتان آجپو حاصل ڪرڻ سندس وس ۾ ناهي رهيو. جيون ساگر جي “يُڌ” لکين سالن کان وڙهندڙ منش ايترو ته ٿڪي پيو جو “جياپي جي جنگ” مان بيزار ٿي “خودڪشي” جهڙي غيرفطري موت لاءِ ذهني طور گھڻو اڳتي نڪرندي نظر اچي ٿو. دنيا ۾ خودڪشين جي انتهائي درجي تائين وڌي ويل شرح کي مدنظر رکي اهو اندازو آساني سان لڳائي سگهجي ٿو ته جديد زماني جي باشعور ماڻهو وٽ حسين جيون جو ڪهڙو قدر ۽ اهميت باقي وڃي رهي آهي؟

[b]وهم، وسوسا مفلوج ذهنن ۾ “آتم هتيا” جي خيالن جي آبياري ڪن ٿا.
[/b] ڌاڳا، ٽوڻا، ڦيڻا، وهم ۽ وسوسا بنيادي طور معاشري ۾ شاطر ڀوپن جو ڪارو ڪاروبار آهن. ان ڪُڌي ڌندي کي برقرار رکڻ لاءِ نفسياتي مرضن ۾ مبتلا ماڻهن جي ذهنن تي قابض رهڻ خاطر جهالت جي ڄار ۾ ڦاٿل اٻوجهه انسانن جي ذهني صلاحيتن کي وهم ذريعي مفلوج ڪري سندن حياتي کي تباهين جي اوڙاهه ۾ ساڙيو وڃي ٿو. سماج ۾ وهم پرستيءَ جي وڪڙ ۾ نفسياتي مريض بڻيل معصوم ماڻهن جا زهر جهڙين سوچن، ويچارن ۽ خيالن مان آجپي جا سمورا گس ۽ اميدون ڀسم ٿي وينديون آهن. نفسياتي مريضن کي ڀوپن پاران ڏنل وهم ۽ وسوسن جي عذاب ۾ هر وقت ذهني خوف ۾ مبتلا رهڻ ڪري خطرناڪ ذهني ڇڪتاڻ ۽ ڪشيدگي حياتي جي حُسناڪين تان ارواهه کڻائي ڇڏيندي آهي. وهم ۽ وسوسن جي ور چڙهيل معاشري جي مايوس ماڻهن جي مزاج ۾ انتهاپسنداڻا رويا ۽ احساسِ محرومي، اجايو خوف ۽ حراس “خودڪشي” کي ويجهو آڻيندو آهي. سوچن تي هر وقت ڪارو علم، جادو، ڪامڻ، ويرمٺ جي ڊپ جي خيالن جو غلبو ذهنن تي قابض ٿيڻ سان تعميري سوچن جو انت اچي ويندو آهي. سماج جو هڪ ڪارائتو انسان مڪمل طور ناڪاره بڻجي هر وقت ٻين ماڻهن کي پنهنجو “دشمن” پيو سمجهندو آهي.
اهو فرد ڪاروبار ۾ ناڪامي، ڊگهي بيماري يا پيش آيل اتفاقي حادثن سميت هرنقصان ڏيندڙ عمل کي پنهنجي خلاف “سازش” سمجهڻ جي ذهنيت جو شڪار ٿي ويندو آهي. وهم پرستي جي اهڙي خطرناڪ “ذهينيت” تنگدلي جي ڪيفيت کي جنم ڏي ٿي ۽ خودڪشي جي خيالن جي آبياري ڪري ٿي. جنهن جو انت آخر “آپگهات” ئي آهي. خودڪشي جا اهڙا ڪيترائي واقعا روز رڪارڊ ٿين ٿا. جن کي قانون ۾ “اتفاقي موت” جو نالو ڏيئي فقط روزنامچي ۾ شامل ڪري هميشه لاءِ دفن ڪيو ويندو آهي. چار ڏينهن جي سوڳ بعد گھر ڀاتين ۽ رت جي رشتن کان سواءِ کين ڪير به ياد ناهي ڪندو.
هن معاشري ۾ ته زر، زمين ۽ زن جهڙن ذاتي مفادن جي حاصلات لاءِ چڱن ڀلن ۽ ڪارائتن ماڻهن کي “چريو” قرار ڏيئي ذهني مريض هجڻ جا سرٽيفڪيٽ جاري ڪرائي مٿن ظلمتن جا پهاڙ ڪيريا ويندا آهن. محبوب رشتن جو تقدس پائمال ڪندڙ رويا هن معاشري ۾ محبتن بجاءِ “آپگهاتن” جي شرح وڌائي سگهن ٿا. معاشري ۾ وهم ۽ وسوسن جو ڪاروبار ڪري امن پسند تخليقڪار ذهنن کي نفسياتي مريض بڻائي “خودڪشين” لاءِ سنبرائيندڙ ماڻهن خلاف قانون ڪيترو سرگرم عمل آهي؟ وهم پرستي جي ور چڙهيل اهڙن ذهني مريضن جي سهائتا لاءِ اسان جي تهذيب يافته، مهذب ۽ باشعور معاشري ۾ ڪهڙا حل موجود آهن؟ نفسياتي مريضن جي علاج لاءِ وڏن شهرن کان علاوه ننڍن شهرن ۾ ڪيتريون نفسياتي اسپتالون ۽ نفسياتي ماهر ڊاڪٽر مقرر ٿيل آهن؟ “خودڪشي” جي وڌندڙ شرح کي روڪڻ لاءِ سماج جا باشعور انسان، انساني حقن جا علمبردار بڻيل عالمي ادارا، سول سوسائٽي يا خود سرڪار ڪيترو سنجيده ڪردار ادا ڪيو آهي؟

[b]“سماڌي” جي رسم تي ڀارت ۾ هن وقت به پابندي عائد ٿيل آهي.
[/b] “ماڻهو” حيوانيت جي دائري مان نڪرڻ لاءِ لکين سالن جو پيچيده، مشڪل ۽ ورن، وڪڙن، تجربن ۽ مشاهدن جو ڊگهو سفر طئي ڪندو اچي تهذيب يافته ۽ مهذب بڻيو. جنهن جي شروعات تهذيبن جي سرجڻ ۽ مذهبن جي وجود ۾ اچڻ سان ٿئي ٿي. سناتن ڌرم ڪائنات جو جهونو ڌرم آهي، ان ڌرم جون ڪيتريون ئي آڳاٽيون ڌرمي رسمون فطرت سان لاڳاپيل آهن، پرآرين جي آمد بعد هڪ فطرت پسند ڌرم جي حقيقي شڪل کي ڦيري برهمڻن پنهنجي مفادن وٽان جوڙيو.ڌرم جا آئين ۽ قانون پنهنجي مفادن وٽان جوڙيا، عجيب رسمن کي ٿاڦيو ويو، “سماڌي” جهڙيون ڪيتريون رسمون مقبول ٿيون. جن تي هن وقت ڀارتيءَ سرڪار پاران پابندي عائد ٿيل آهي.

[b]“سماڌي” ڇا آهي؟
[/b]ڌرمي عبادت ۽ روحانيت جي رمزن ۾ پاڻ ارپڻ لاءِ انيڪ پوڄائون، پاٽ، چلا ڪاٽڻ ۽ عبادت ۾ انترڌيان (مُراقبو، Meditation) ڪرڻ تائين ڌرم ۾ عبادتن جا انيڪ عجيب طريقا موجود آهن، جيڪي اپنائبا رهيا آهن. پاڻ تياڳڻ جي رسم به آهي، جنهن ۾ دنياداريءَ جي سمورين خواهشن ۽ تمنائن کي تياڳي، ذاتي جيون کي ترڪ ڪري فقط برهمچاري بڻجي جيون گھاريو وڃي ٿو. پر هتي جنهن رسم جو ذڪر ڪرڻ ٿا چاهيون اها رسم“سماڌي” جي نالي سان پڪاري وڃي ٿي. ڪو پوڄاري سموري حياتي ڌرمي ڪيرتن ۾ گذاري بعد ۾ جيئري ئي پاڻ کي هڪ چورس کڏ ۾ دفن ڪرائيندو آهي. سندس چيلا وڏي اهتمام سان ڌرمي سلوڪ ۽ ڀڄنن جي سنگيت جي ارپنا ۽ گُلن جي ورکا سان جيئري ئي کوٽيل کڏ ۾ ويهاري مٿان ڪاٺين جو ڇپرو آڏي مٽي ڍڪي ڇڏيندا آهن. ان کي “سماڌي” چئبو آهي. پر هن وقت ان رسم تي هندستان ۾ سخت پابندي پيل آهي. تازو راجستان جي ڀيلواڙا ضلعي ۾ هڪ پوڄاري پاڻ کي “سماڌي” وٺڻ لاءِ وڏي اهتمام سان جيئري دفن ڪرائي چڪو هو پر سماڌي جي رسم ادا ڪرڻ دوران وڊيو انٽرنيٽ تي وائرل ٿيڻ ڪري پوليس کي پتو پئجي ويو. جنهن فوري طور تي ڪاروائي ڪندي سماڌي کي کوٽائي مهاتما کي بي هوشي جي حالت ۾ اسپتال پهچائي، طِبي امداد ڏيڻ بعد ملوث ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. هن دؤر ۾ جيئري “سماڌي” ذريعي غيرفطري موت تي سرڪار پاران پابندي هجڻ ڪري جيئري “سماڌي” جي رسم ختم ٿي چڪي آهي.
جيئري سماڌي وٺڻ تي پابندي کانپوءِ ڪيترائي پوجاري اڄ به مرڻ بعد وصيت ڪري ويندا آهن ته کين قبر ۾ دفن ڪرڻ يا اگني سنڪار ڪرڻ بجاءِ “سماڌي” واري طريقي سان دفن ڪيو وڃي. مرڻ بعد “سماڌي” ذريعي دفن ٿيڻ جو طريقو ته ڪنهن حد تائين بهتر آهي پر فقط عقيدي تحت وقت کان اڳ هڪ قيمتي انساني زندگي غيرفطري موت جي ور چاڙهي ساهه جو سڳو ٽوڙڻ جي عمل کي دنيا جي باشعور سماجن ۾ ڪهڙي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو؟

[b]عقيدي ۽ وهم پرستي ۾ پاڻ کي “ٻَلي چاڙهڻ” به آتم هتيا آهي.
[/b] ڌرتيءَ تي انسانن جي اڪثريت قديم زمانن کان هيستائين جديد سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ترقي جا قراقرم پار ڪندي به هڪ عجيب ذهني ۽ نفسياتي ٻڏتر جو شڪار رهي آهي. عقيدا، وهم ۽ وسوسا آزاد انسان کي گھيريو اچن. ان ٻڏتر جي نتيجي ۾ انسان ڪجهه اهڙا عمل پڻ اپنائي ٿو جيڪي خود فطرت جي نفي ڪن ٿا. ڪائنات ۾ عقل وارو جيو “اشرف المخلوقات” پنهنجي وجود جي بقاءَ سان گڏ وس آهر فطرت جي تحفظ جي ڳچ جهڙي ذميواري به سندس حصي ۾ اچي ٿي. پر ان اهم ذميواري بجاءِ انسان ته حسين حياتي جي اهميت جو انڪاري بڻجي، انڌن عقيدن جي ڄار ۾ جڪڙجي پنهنجي “ٻَلي” ڏيئي، جيون جو انت آڻي رهيو آهي.“ٻَلي” جي رسم پنهنجن ديوتائن کي راضي ڪرڻ جي عقيدي سان ادا ڪئي ويندي آهي. “ٻَلي” چاڙهڻ جي رسم لاءِ گھيٽا، ڇيلا، پاڏا “جهاٽڪن” جي ور چاڙهيا ويندا آهن. پر ڀارت جي گھڻين پسمانده رياستن اندر لڪ ڇپ ۾ ان رسم ۾ انسان کي “ٻَلي” چاڙهيو وڃي ٿو، عالمي انساني قانونن تحت عقيدي جي رسم خاطر ٻي معصوم انسان کي “ٻَلي” چاڙهي مارڻ قتل جي زمري ۾ اچي ٿو. يا اهو فرد خود به پنهنجي“ٻَلي” ڏيڻ لاءِ راضي ٿئي ٿو، کلي، ڪُڏي، نچي، ڳائي، وڄائي ڪاتي هيٺان ڪنڌ رکي“ٻَلي” چڙهي “آتم هتيا” ڪري ٿو ته اهو به غيرقانوني عمل سمجهيو وڃي ٿو. قانون ۾ پابندي باوجود اڄ به “ٻَلي” جي رسم ڀارت مان مڪمل طور ختم نه ٿي سگهي آهي. اسان جي ملڪ ۾ ڪجهه اهڙا واقعا رڪارڊ ٿيا آهن. سال 2010ع ۾ ميرواهه گورچاڻي ۾ “ٻَلي” جو هڪ لڱ ڪانڊاريندڙ واقعو پيش آيو هو، جنهن ۾ هڪ همراهه ڪالي ماتا کي “ٻَلي” ڏيڻ لاءِ پنهنجي ٽن معصوم نياڻين کي ڪاتي سان ڪُهڻ بعد پاڻ به پنهنجي گلي تان ڪاتي ڦيري “ٻَلي” جي رسم ادا ڪندي خودڪشي ڪري ڇڏي. پنهنجي ٽن معصوم نياڻين سميت پنهنجي سِر جي ٻَلي ڏئي آپگهات ڪندڙ همراهه کي پختو يقين هو ته “ڪالي ماتا کيس ٻيهر زندهه ڪندي!” سندس اهڙي انڌي عقيدي جي نتيجي ۾ چار قيمتي انساني جانيون موت جي ور چڙهي ويون. جولاءِ 2011ع ۾ ميرپورخاص ۾ به اهڙو سانحو ٿيڻ کان ذري گھٽ بچي ويو، هڪ ڀوپي پاران پُٽ ڏيڻ واسطي ٽن معصوم نياڻين کي ذبح ڪري ٻَلي چاڙهڻ جو پروانو جاري ڪيو ويو هو، پر اهڙيون خبرون ميڊيا ۾ اچڻ بعد قانون حرڪت ۾ اچي ويو. ڀوپي کي تُرم ياترا ڪرڻي پئي ۽ جنهن ڪري ٽي معصوم نياڻيون “ٻَلي” چڙهڻ کان بچي ويون. انڊيا جي ڏڪاريل رياستن مان برسات جي ديوتا کي راضي ڪرڻ خاطر پڻ اهڙيون رسمون ادا ڪيون وينديون آهن، جنهن ۾ انساني زندگيءَ جو ٻرندڙ ڏيئو اجهي ويندو آهي. ڀارت ۾ “ٻَلي” چڙهڻ جهڙي غيرفطري موت جو شڪار ٿيندڙن ۾ عورتن جي گھڻائي آهي.