“خودڪشي” حسين ڪائنات جو الميو
سنڌ ۾ غربت، بُک، بدحالي ۽ بيروزگاريءَ سبب، پوئتي پيل ماڻهن ۾ اڪثريت مسڪين، مزدور ۽ پورهيت انسانن جي آهي، سندن پريشانيءَ جو سبب به ڪروڙين سالن کان مظلوم طبقن جي پريشانين جو تسلسل سان جُڙيل آهي. غريب انسانن جي ڏکن، تڪليفن ۽ پيڙائن جا سبب ۽ ذميوار، تقريبن سڌي يا اڻسڌيءَ طرح هن ئي معاشري سان تعلق رکندڙ جابر ماڻهن جا مظلوم انسان دشمن رويا، سازشون ۽ سوچون آهن. جنهن سبب هن سماج جو پُرامن ماڻهو يا ته باغي بڻجي ظالم قوتن جو انت آڻيندو آهي يا پنهنجو انت آڻيندو آهي. سماج جون ڏنل ذهني پريشانيون، مصيبتون ۽ عذاب انساني عقل ۽ شعور جا ويري بڻجي ويندا آهن. اهڙي ڪشمڪش جهڙي خطرناڪ ذهني ڇڪتاڻ ماڻهو کي هوش، عقل ۽ مت جي دائري مان ڪڍيو ڇڏي. ان صورتحال ۾ ماڻهوءَ جي من اندر مان پوپٽ جي پرن جهڙا خوبصورت انساني احساس ۽ قدر پرلوڪ پڌاري ويندا آهن. حسين خيالن وارن عظيم دماغن تي به وحشتپڻو قابض ٿي ويندو آهي. ان ذهني ڪشيدگيءَ جي صورتحال ۾ ڌرتيءَ جي گولي تي زمانن کان جهيڙيندڙ عقل وارو مضبوط جيوت “انسان” صفا هيڻو ۽ نازڪ بڻجي پنهنجو انت به آڻي ڇڏيندو آهي ته ٻي انسان کي به اک ڇنب ۾ قتل ڪري ڇڏيندو آهي. آپگهات جي خيالن جي گردش ۾ وڪوڙيل انسان جي ذهني ڪيفيت جي صورتحال ڪهڙي هوندي؟ اهو سوال ضرور بحث طلب آهي، هڪ طرف اهو ماڻهو هن سماج سان منهن مقابل ٿيڻ جهڙو قابل ثابت نه ٿي شڪست قبولي پنهنجو انت آڻيندو، ڇا پاڻ کي قتل جهڙو خطرناڪ عمل ڪو ڪمزور دل ماڻهو به ڪري سگهي ٿو؟ سڌو سنئون موت جي منهن ۾ وڃڻ به بزدلي نه پر بهادري وارو عمل سمجهيو وڃي ٿو، ۽ جيڪڏهن خودڪشي ڪندڙ فرد بهادر به آهي ته جيءَ لاءِ جوکائتو قدم کڻي بي وقتائتي موت کي قبولڻ جي همت به رکي ٿو ته ڇا اهو ماڻهو هن سماج ۾ پاڻ سان لاڳاپيل ننڍن وڏن مسئلن کي منهن ڏيئي حل ڪرڻ جي صلاحيت نٿو رکي؟ ڪائنات ۾ ڪروڙين سالن کان اجگر مسئلن سان مهاڏو اٽڪائيندڙ انسان صفا ايترو ڪمزور به ٿي سگهي ٿو جو مانيءَ ۾ پنج منٽ دير ٿيڻ جي ڪري به پاڻ کي قتل ڪري ڇڏيندو؟ اهو فرد پاڻ سان لاڳاپيل محبت ڀرين مقدس رشتن کان خوشي کسي کين کن پل ۾ دردن جي کوري ۾ اڇلائي ڇڏيندو؟ جتي هو سموري حياتي وڇوڙي جي ٻارڻ ۾ ٻرندا رهندا آهن. اهي سمورا سوال هن سماج ۾ آپگهات ڪري حياتي جو ڏيئو اُجهائيندڙ سمورن فردن سان وابسطه آهن. اهي سوال ڪيترن سوالن کي جنم ڏين ٿا. هڪ قيمتي انساني جان جو ڏکوئيندڙ موت هن مهذب سماج ۽ ترقي جي بلندين تي پهتل تهذيب يافته معاشري جي عدل ۽ انصاف تي سواليه نشان هڻي ٿو. سنڌ ۾ خودڪشين جي شرح روز وڌندي وڃي، اهڙي پريشان ڪندڙ خطرناڪ صورتحال کي دل جي اکين سان پسي رڳو ڳوڙها ڪونه ڳاربا، پر انهن حالاتن کي بدلائڻ لاءِ عملي قدم کڻي انسانن جون حياتيون بچائڻيون پونديون.