ڪالم / مضمون

چڱي نه خودڪشي هُئي

محب ڀيل جي لکڻين جا موضوع گهڻو ڪري بک، بيروزگاري، بدحاليءَ جو شڪار، ڌرتيءَ ڌڪاڻا ۽ دربدر پورهيت ئي رهيا آهن، جن کي جابر قوتن ظلمتن جو شڪار، بڻائي، سندن جيئڻ جا سڀ جمهوري ۽ انساني حق کسي، ”آپگهات“ لاءِ مجبور ڪيو آهي. خودڪشي هن حسين ڪائنات جو تمام وڏو الميو آهي، ان عمل سان دنيا ۾ ڪيترا گھر اُجڙي تباهه ۽ برباد ٿي ويا آهن، ”خودڪشي“ جا دنيا سميت سنڌ ۾ ڪهڙا ڪارڻ آهن؟ ليکڪ هن ڌرتيءَ تي پنڌ ڪندي جيڪو مشاهدو ڪيو، خودڪشين جا سبب ڳوليا، جائزو ورتو، اهي خيال هن ڪتاب ذريعي توهان تائين پهچائڻ جي حجت ڪري رهيو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2395
  • 637
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • محب ڀيل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book چڱي نه خودڪشي هُئي

انساني قدرن جو انت




ڪائنات مان محبت، پنهجائپ، همدردي، ٻاجهه ۽ قربتن جي ڏڪار انساني قدرن کي پاڙان پٽڻ ۾ ڪابه ڪسر باقي نه ڇڏي آهي. محبوب احساسن جي قتل، انسان کي آپگهات ذريعي ماري ڇڏيو. ماڻهو هن وسيع ڪائنات ۾ پنهنجي من جي ڌرتيءَ تي اجائي ۽ بي مقصد سوڙهه محسوس ڪرڻ لڳو آهي.انسان مان برداش جي قوت سڪڙجي پنهنجي منطقي انجام کي ويجهي ٿيندي وڃي. پيار، امن، پاٻوهه، سڪ ۽ اڪير جا احساس به انسان جي ذهن سان گڏ بدلجندا وڃن، ڪائنات جي عقل واري جيوت، عظيم انسان جو اضافي شاهڪار فطري تحفو، “احساسن جي محسوساتي حس” ڪڏهن کان ناڪاره بڻجي چُڪي آهي. “انسانيت جا قدر” موڪلائيندا وڃن. ماڻهوءَ کي حسين زندگيءَ بجاءِ موت ڏانهن وڌڻ جي ايمرجنسي گھڻي نظر اچي ٿي.
هر شخص ڪهاڻي آ،
احساس بنا ماڻهو
اخبار پُراڻي آ.
ڪائناتي حسناڪين جي سمورن شاهڪار فطري رنگن جي خوبصورتين کي پسڻ لاءِ، انساني دلين جون اکيون ئي ته گھربل هونديون آهن، پر جڏهن خود انسان جي من اندر جي فطري اک تي ڪارو موتيو ڦري وڃي، ۽ کيس فنا ڪري ڇڏي ته وٽس ڪائنات جي حُسن و محبت جو احساس ته مري ويندو آهي پر سندس اندر مان عظيم انسانيت جا سمورا هاڪاري جذبا ۽ قدر پڻ موڪلائي ويندا آهن. انسان احساسِ محرومي جي رڻ پٽ ۾ رُلي پنهنجي حسين زندگي جا انسانيت ڀريا احساس ترڪ ڪري اڻ ڄاتل منزل تي ڀٽڪندي ڀٽڪندي نيٺ به خودڪشيءَ جهڙي ڪرڀناڪ موت ڏانهن ڇڪجي ويندو آهي.

[b]نازڪ مزاجي ۽ معصوميت
[/b] انسان جو جيون ساگر هن ڪائناتي نظام سان منسلڪ آهي. تنهنڪري ساڻس لاڳاپيل حالتون به سماج جي محور ۾ گردش ڪن ٿيون. چند آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ماڻهن کانسواءِ ماڻهن جي اڪثريت چاهي ڪيترا به وس ڪري پر هن سماج جي ڄار ۾ سڌيءَ يا اڻ سڌي طرح سوگهي ضرور هوندي آهي. تنهنڪري حياتي جي ڏکن، ڏولاون، گرمين، سردين، خوشين، غمين، وسڪارن ۽ ڏڪارن لاءِ انسان کي ذهني طور اڳواٽ تيار رهڻ گهرجي. زندگي جي گاڏي کي “گهلڻ” انتهائي ڪريل ۽ نيچ سوچ کي ختم ڪري حياتي کي ڀرپور گذارڻ جي هرممڪن ۽ منفرد ڪوشش ڪرڻ لاءِ پنهنجي مزاج کي وچٿرو ۽ درميانو رکڻ گهرجي. هن دنيا ۾ جتي پٿر جهڙا جذبا، زهر جهڙا احساس ۽ تلوار جي ڌار جهڙا رويا رکندڙ ماڻهو موجود آهن، ته اتي شرم ٻوٽڙي جهڙا نازڪ، نفيس مزاج ۽ معصوم ماڻهو به موجود آهن. دل جي سچاين سان محبتون ارپيندڙ ماڻهو سازشن جو فلسفو ناهن سمجهندا، گلابي من جي احساسن سان دنيا کي محسوس ڪندڙ ماڻهو ۽ مُرڪن جا مشڪور ماڻهو هن ڪائنات کي ڪبوتر جي اک سان ڏسن ٿا. پر افسوس معاشري جون سازشي ۽ شڪاري رت ڀريل اکيون سندن ڪڍ لڳي انسانيت جي معصوميت جو قتل ڪن ٿيون. نازڪ ماڻهن جي من اندر جي فطري معصوميت جو گلو گُھٽيو ويو، ذليل حالتون پيدا ڪري کين “آپگهات” لاءِ مجبور ڪيو ويو، حسين ڳچين ۾ رسا پيا، مقدس رشتن خودڪشين ۾ پناهه ڳولي، جيون جا حسين سپنا وڻن ۾ ٽنگجي ويا. خودڪشي نازڪ ماڻهن جي دلين ۾ گھر ڪري ويهي رهي. دنيا جي نازڪ مزاج نفسياتي مريض بڻيل معصوم ماڻهن کي ته سهارن جي ضرورت هوندي آهي پر هتي هن پٿر جهڙي سماج ۾ سمورا ڀرجهلا عظيم رشتن کي ڀُلجي وڃن ته پوءِ انهن نازڪ ۽ معصوم ماڻهن وٽ هن انڌي، گونگي ۽ ٻوڙي سماج سان مهاڏو اٽڪائڻ، پنهنجو وجود رت ڪرڻ، ذهني ٽارچر سهڻ، حياتيءَ ۾ زلالتن جا عذاب برداشت ڪرڻ بعد کين “آتم هتيا” ئي آخري حل سُجهي ٿو

[b]“مايوسي” به خودڪشيءَ جو شروعاتي ڏاڪو آهي
[/b] اسلام ۾ مايوسي “ڪفر” ۽ خودڪشي “حرام” قرار ڏنل آهي، جڏهن ته ٻين مذهبن ۾ “مايوسي ۽ خودڪشي” بابت اهڙو مضبوط دليل ۽ ذڪر ورلي ملي ٿو. اسلام ۾ مايوسيءَ کي ڪفر قرار ڏيڻ ۽ مايوسي کي رد ڪرڻ سان گڏ زندگيءَ جي خوشين جي اهميت جي حوصلا افزائي جو درس آهي. ماڻهو جي من اندر مان مايوسين جو اختتام حسين زندگي جي انقلاب جي نويد آهي. حالتن سان مقابلي کان اڳ سمورا هٿيار ڦٽا ڪرڻ، همت هارڻ ۽ مايوس ٿيڻ سان گڏ ٻين لاءِ پڻ مايوسي جهڙو خطرناڪ ماحول جوڙڻ جهڙو عمل نهايت ئي بزدلاڻي حرڪت آهي. مايوسي جي ماحول جا خطرناڪ نفسياتي ڀوڳنائن جا اثر ايندڙ نسلن کي صدين تائين ڀوڳڻا پون ٿا. اهڙي مايوسي جي نفسيات قومي شعور کي به ذهني غلامي جي اونڌاهي کڏ ۾ اڇلائي ڇڏيندي آهي. مايوسي جهڙي نفسياتي ۽ ذهني دٻاءُ جو شڪار انسان هن معاشري ۾ ڪهڙو تعميري ڪرار ادا ڪري سگهندو؟ اهڙي ڪشيدگي ۽ رحم جوڳي صورتحال ۾ ظالم سماج هٿان مايوس ڪيل ماڻهو پاڻ کي ڪيئن موافق ۽ ڪارائتو سمجهي جيئڻ جا جتن ڪندو؟ اُن ڳنڀيرتا ۾ کيس وسيع قلب، محبت ڀريا رويا ۽ رشتا، علم، شعور، عقل، گھري سوچ ۽ مطالعو ئي مايوسيءَ جي ڪُن مان ڪڍي هڪ نئين ۽ آزاد حياتيءَ لاءِ اتساهه پيدا ڪري سگهي ٿو. ٻي صورت ۾ “مايوسي” جو ذهني ۽ نفسياتي مرض ڪائنات جي هڪ اهم ۽ قيمتي حياتي کي “خودڪشي” ڏانهن مائل ڪري سگهي ٿو.

ذهني انتها پسندي ۽ خودسوزي جا خيال
معاشري جي پيڙهيل انسان جي سماجي زندگيءَ سان لاڳاپيل اڻ ڳڻيا مسئلا بک، بيروزگاري، بدحالي، ننڌڻڪائپ، لاوارثي، اڻبرابري، مسئلن جا انبار، روين جا تير، ماڻهو منجهه موجود خودساخته مقابلي جي فطري صلاحيتن جو غيرفطري ۽ زميني حقيقتن جي بلڪل اُبتڙ استعمال، يا وري انهن صلاحيتن جو ناڪاري انداز ۾ ڪتب، سياسي، سماجي، ذاتي، عقيدائي ۽ مذهبي طور به ذهني انتهاپسنديءَ جو شڪار ماڻهو مڪمل طور نارمل قطعي طور نٿو چئي سگهجي، سندس انتهاپسندي ۽ جنونيت جو نفسياتي دٻاءُ هڪ ڏينهن کيس حياتي جي حسين وادي ۾ ڪوهين ڏور کڻي وڃي موت جي ڪاري اونڌاهي ٻاٽ ۾ اڇلائيندو جتان واپسي جي راهه نٿي نڪري. “انتهاپسندي” جي باهه ۾ سڙڻندڙ ماڻهو مايوسين جي اونهين کاڻين ۾ غرق ٿي پاڻ فنا ڪري ڇڏيندا آهن. هن سماج ۾ مسڪين طبقي سان تعلق رکندڙ “ذهني انتهاپسندي” قبولڻ وارو اهو فرد به ايترو ئي ذميوار آهي جيترو هي جذبن جو ڪاروباري سرمائيدار سماج به آهي. جنهن سماج هڪ ڪائنات جي مڪمل آزاد انسان کي غلامي جو ڳاٽ ڳچي ۾ وڌو، جنهن جابر سماج ڌرتيءَ جي هڪ پُرامن ماڻهو کي انتهاپسندي جو عذاب ارپيو، جنهن پورهيت دشمن سماج سندس سمورا انساني آزادي جا بنيادي ۽ جمهوري حق غصب ڪيا، جنهن سفاڪ معاشري ساڻس درندگي جا هزارين غضب ڪيا، جنهن وڏيراشاهي سندس پگهر جي پورهئي جي ڪمائي تي پلجي پنهنجا ته ڀڀ ڀريا پرهڪ مسڪين جي گرهه کسيو، حوسي معاشري جي ظالم بگهڙن هٿان سندن اکين اڳيان عزتون تين وال ڪيون ويون، سماج پاران آڇيل انهن ظلمتن، ناانصافين، دردن، وحشتن جي وارتائن، ڏکن، انيائن، ظلمتن ۽ المين جو شڪار ماڻهو وٽ ٽوٽل ٽي رستا بچن ٿا. هڪ ته ظالم سماج ۾ پاڻ سان ٿيل بي واجبين خلاف شعور، برداش، فهم ۽ فڪر سان هٿياربند ٿي پُرامن جمهوري جدوجهد ذريعي قانوني جنگ جوٽي پوءِ کيس جڏهن به عدل ۽ انصاف ملي! ٻيو رستو يا ته پلاند ۽ انتقام جي آگ ۾ بغاوت ڪري ڏوهن جي دنيا ۾ پير پائڻ آهي. اهڙا مثال هن سماج ۾ هزارن جي تعداد ۾ ملندا. جنهن ۾ ڌاڙيل محب شيدي، رامجي ڪولهي، ڪرنل شيخ عرف صالو ڀيل، ڀارتي ڌاڙيل ويرپن، ڦولن ديوي سرفهرست آهن. جن پاڻ سان ٿيل جبر جي انتقام لاءِ پڻ دهشتگردي جو خطرناڪ درياهه پار ڪري وري به گوليءَ جي “آپگهات” جهڙي موت کي چونڊيو. انهن وارتائن جو تفصيلي ذڪر ٻي ڀيري ڪبو. هتي “ذهني انتهاپسندي” جو شڪار ماڻهوءَ وٽ ٽيو رستو فقط “خودڪشي” جو ئي بچي ٿو. هن سماج جو فرد پاڻ سان ٿيل انيائن جو حساب چڪتو ڪرڻ خاطرهن سماج سان قانوني ۽ جمهوري جنگ جوٽڻ، يا انتقام جي باهه ۾ خود کي رهزن ڏوهاري بڻائي پلاند ڪري گوليءَ جي موت سان مرندي به سڪون محسوس ڪرڻ ۽ آخري رستو آهي خاموشيءَ سان پنهنجو سِر وڃائي “آپگهات” ڪرڻ. پر هتي گھڻو ڪري آخري رستو اختيار ڪرڻ جو رجحان تمام وڏي پئماني تي موجود آهي. جنهن سبب هتي “خودڪشين” جي شرح روز به روز وڌندي وڃي. لاتعداد ماڻهو موت جي هن غيرفطري، غيرانساني، غيرشرعي، غيرمهذبي، غيرمذهبي رستي کي اپنائي پاڻ کي تيزي سان فنا ڪري رهيا آهن. هر عمر جي ماڻهوءَ جو سوچون محدوديت جو شڪار بڻجي، صرف موت تي کٽن ٿيون. انساني زندگين جو بي دردي سان زيان ٿيڻ هن ڪائنات جو وڏو سانحو آهي.

[b]ذهنيءَ صلاحيتن جو ڏڪار
[/b]حسين حياتي جا سوين خواب کڻي معاشري جي سوڙهي گھٽيءَ ۾ ڦاسي پيل انسان، زمانن کان مسئلن سان لڙندو، جهڳڙندو، ٿڙندو، ٿاٻڙندو پنهنجي منطقي انجام ڏانهن وڌي پيو ان پنڌ ۾ سندس سوچون به وڌڻ ويجهڻ بجاءِ سُسي ۽ سڪڙجي ويون. جتان زندگيءَ جو فڪر ۽ فلسفو سندس هٿن مان ڇڏائجي ويو. سندس ڳچي ۾ آپگهات جو ڦاهو پئجي ويو، انساني دماغ جون شاهڪار ذهني صلاحيتون هن سماج کي انقلابي نموني سان بدلائڻ، هڪ نئون سماج اڏي، انساني قدرن جي عظيم معاشري جي جوڙجڪ ڪرڻ، هڪ نئون آدم دوست نظام ٺاهڻ، رت جي خطرناڪ راند کي سماپت ڪري، عالمي انساني ڀائيچاري جو محبتن ڀريو مانڊاڻ اڏڻ، محبتون ونڊڻ بجاءِ نفرتن جو ٻج ڇٽيو ويو! ڪائنات ۾ انسانيت جي عدم موجودگي هنن سانحن سان سروڪار رکي ٿي. جتي انساني دماغ جون هاڪاري سوچون ۽ صلاحيتون، پڻ حياتيءَ ۾ ڪاري ڏڪار جي ور چڙهي وينديون آهن. انساني ذهن جون شاندار هاڪاري صلاحيتون پل کن جي سوچ ۾ هن حسين دنيا کي اڃان به وڌيڪ جنت بڻائي سگهن ٿيون، پر جڏهن اهي ئي سوچون شيطانيت (نيگيٽو) جو اثر وٺڻ شروع ڪن ته دنيا کي دوزخ بڻائڻ ۾ چند لمحا لڳن ٿا. هيروشيما ۽ ناگاساڪي، پهرين ۽ ٻي عالمي جنگ ان جو واضح مثال آهن. بلڪل اهڙيءَ ريت سماج جو هڪ عام فرد به ذهني صلاحيتن جي ڏڪار جي ور چڙهڻ بعد ائين ئي سوچي ٿو. هو آپگهاتي بڻجي خودڪش حملي سان هزارين قيمتي انساني جانيون به ضايع ڪري سگهي ٿو ، ڇو ته وٽس زندگيءَ جي اهميت ۽ افاديت ذهني صلاحيتن جي ڏڪار سبب سوچون محدوديت جي ور چڙهيل آهن.