ڪالم / مضمون

چڱي نه خودڪشي هُئي

محب ڀيل جي لکڻين جا موضوع گهڻو ڪري بک، بيروزگاري، بدحاليءَ جو شڪار، ڌرتيءَ ڌڪاڻا ۽ دربدر پورهيت ئي رهيا آهن، جن کي جابر قوتن ظلمتن جو شڪار، بڻائي، سندن جيئڻ جا سڀ جمهوري ۽ انساني حق کسي، ”آپگهات“ لاءِ مجبور ڪيو آهي. خودڪشي هن حسين ڪائنات جو تمام وڏو الميو آهي، ان عمل سان دنيا ۾ ڪيترا گھر اُجڙي تباهه ۽ برباد ٿي ويا آهن، ”خودڪشي“ جا دنيا سميت سنڌ ۾ ڪهڙا ڪارڻ آهن؟ ليکڪ هن ڌرتيءَ تي پنڌ ڪندي جيڪو مشاهدو ڪيو، خودڪشين جا سبب ڳوليا، جائزو ورتو، اهي خيال هن ڪتاب ذريعي توهان تائين پهچائڻ جي حجت ڪري رهيو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2395
  • 637
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • محب ڀيل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book چڱي نه خودڪشي هُئي

ٽنڊو بهاول سانحو : مائي جندو جي نياڻين پاران پاڻ ساڙي مرڻ

خودڪشين جا ڪيترائي سبب هجن پر ڪجهه سبب ۽ واقعا ضرور حيران ڪندڙ ۽ نهايت ئي افسوسناڪ آهن. جن کي ساري اکيون آلايون ٿي وڃن ٿيون. اهي واقعا زمانن تائين ذهن ۾ تري اچڻ سان من اندر ۾ سوڳواري وار کولي وهندي آهي. ذاتي زندگي جا حل نه ٿيڻ جوڳا مونجهارا ڪائنات جي مضبوط ماڻهو کي به “آپگھات” ڪري مرڻ تي مجبور ڪن ٿا. پر اهڙي خودڪشي وري به ذاتي زندگي سان لاڳاپو رکي ٿي پر دنيا اندر اجتماعي حقن جي حاصلات لاءِ احتجاج ڪندي “خودڪشي” جي موت مرڻ وارن ماڻهن جي ڪردار کي قومي ۽ اجتماعي حقن لاءِ ٿيندڙ جدوجهد ۾ قربان ٿيڻ جو اعزاز حاصل آهي. توڙي جو آپگھاتي موت کي ملڪي، معاشرتي نظام ۾ غيرقانوني ۽ مذهبن ۾ حرام تصور ڪيو ۽ سمجهيو وڃي ٿو. ان هوندي به آئرلينڊ جي بوبي سينڊس جيئن پنهنجي قوم ۽ وطن لاءِ بک هڙتال تي ويهي نهايت ئي تڪليف ڏيندڙ ۽ ايذائيندڙ موت قبوليندڙ ماڻهو جي ان عمل کي تاريخ رائگان ڪرڻ جي جرئت نٿي ڪري سگهي. تاريخ ته ويٽنامي ڀِڪشو ٻوڌين جون قربانيون به ضايع نٿي ڪري سگهي، جيڪي “آمريڪا ويٽنام جي ڌرتيءَ خالي ڪري” جي مطالبي سان هنوئي جي چوڪ تي ٽي سئو ڏينهن تائين پنهنجي جان جو نذرانو ڏيندا رهيا.

[b]ٽنڊي بهاول سانحو
[/b] هن سانحي کي ڊگھو عرصو گذري چڪو آهي، پر ان جا زخم اڄ به تازا آهن، ڪامريڊ ڏامري مل ميگهواڙ سان گڏجي جڏهن ان واقعي جا تفصيل ڳولياسين ته لڱ ڪانڊارجي ويا. نيڻ برسي پيا. اصل ۾ ٽنڊو بهاول واقعو زمين ۽ ملڪيت تي قبضو ڪري ڦٻائڻ لاءِ ڪرايو ويو هو. حيدرآباد ويجهو شيخ ڀرڪيو روڊ تي آباد ڳوٺ “ٽنڊو بهاول” تي 5 جون 1992ع جو ڪئپٽن ارشد جميل سانجهي ڌاري هلان ڪئي هئي، ان وقت سمورا پورهيت پورهيو ڪري پنهنجن اجهن ۾ واپس وريا هئا. انهن مسڪين ڏهه پورهيتن کي کنڀي کڻي وڃي درياهه جي بند تي سڌيون گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، 10 ڪٽنب تباهه ڪيا ويا. 9 بيواهن سميت 34 معصوم ٻارن کي به يتيمي پلئه پئي. ڪئپٽن پاران ڪيل ڪاهه ۾ 9 بي گناهه انسان ماريا ويا، هڪ ڳوٺاڻو محمد عثمان پٽ الهبچايو خاصخيلي عمر 55 سال سخت زخمي ڪيو ويو . ڪئپٽن جي رهزن ٽولي پاران ماريل ڳوٺاڻن جا نالا هن ريت آهن.1.منٺار پٽ محمد بخش چانڊيو عمر 22 سال (مائي جندو جو پُٽ) 2.بهادر پٽ محمد بخش چانڊيو عمر 30 سال (مائي جندو جو پُٽ) 3.حاجي اڪرم پٽ ڪمال چانڊيو عمر 45 سال (مائي جندو جو ناٺي) 4.ڪنڊو پٽ محمود خاصخيلي عمر 38 سال5.جاويد پٽ محمود خاصخيليءَ عمر 22 سال 6.غلام مصطفيٰ پٽ غلام محمد بروهي عمر 17 سال 7.شفيع محمد پٽ غلام علي ڀرڳڙي عمر 28 سال 8.هملو پٽ ڏُجهو ڪولهي عمر 38 سال9.ڌڻي بخش پٽ صوف خان ٻٻر ڳوٺ جاڙا ٻير عمر 40 سال.
ٻن سالن بعد فوتي جاويد خاصخيلي جي بيواه ريحانه خاصخيلي به دل شڪسته ٿي 5 جون 1994ع تي پسٽل سان فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي هئي. قاتل ڪئپٽن جي ان ڪاهه کي قانوني طور درست قرار ڏيڻ خاطر 6 جون 1992ع تي سرڪار پاران ڄامشوري ٿاڻي تي هڪ FIR نمبر 92/57 ڪٽي وئي، جنهن ۾ مارجي ويل پورهيتن کي دشمن ملڪ جا ايجنٽ قرار ڏيئي، مقابلي سان گڏ غيرملڪي هٿيار هٿ اچڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو. 36 دستي بم، 36 ڊيٽونيٽرز، 12 مئگزين سميت 4 ڪلاشنڪوف، 4 گرنينڊ، 36 ڪلوگرام ڌماڪيدار مواد ۽ هڪ شارٽ گن وغيره ڄاڻائي ميڊيا آڏو ظاهر ڪيا ويا، مسڪين پورهيتن جي خون عيوض ان وقت جي اکين تي پٽي ٻڌل سرڪار پاران ڪئپٽن ارشد کي ترقي ڏيئي ميجر بڻايو ويو. پر جس لهي سنڌي ميڊيا سميت غيرملڪي ميڊيا جنهن پهرين ڏينهن کان هن معاملي جي اصل مقصد تان پردو چاڪ ڪرڻ شروع ڪيو هو، ان قهري ڪاروائي تي سنڌ جا باشعور سياسي، سماجي ماڻهو سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪري آواز بلند ڪرڻ لڳا، ڳالهه وڌندي وئي. جنهن بعد هڪ ٻي FIR نمبر 42/92، خميسي خان ڀرڳڙيءَ پاران 8 جون 1992ع رات 10 وڳي هوسڙي ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي. ان واقعي جي اصل حقيقن تان هاڻ پردو هٽي چڪو هو، ميجر ارشد جو اصل چهرو سامهو اچي چڪو هو. سڄي سنڌ جا ماڻهو ٽنڊوبهاول ۾ شهيدن جي تڏي تي اچڻ لڳا ۽ ساڻن ساٿ ڏيڻ جو وچن ڪرڻ لڳا. نيٺ ڪيس هاءِ پروفائيل ٿيڻ بعد 15 جون 1992ع تي محترمه بينظير ڀٽو ٽنڊي بهاول پهچي شهيدن جي وارثن سان عذرخواهي ڪندي چيو ته “جن جا جگر، ڀائر، خاوند ۽ والد ماريا وڃن ٿا انهن جو ڏک آءُ خُوب ڄاڻان ٿي”
جڏهن وزيراعظم نواز شريف تائين معامري جون اصل حقيقتون پهچڻ لڳيون تڏهن هو 24 جون 1992ع تي چيف آف آرمي اسٽاف سان جنرل هيڊڪوارٽر ۾ ملڻ ويو. ٽنڊوبهاول سانحي جي شهيدن جي وارثن پاران مسلسل احتجاج ٿيندو رهيو. لڳاتار احتجاج جي دٻاءُ تي ملڪي ڳجهن ادارن جي جانچ پڙتال شروع ڪئي وئي جنهن بعد ميجر ارشد جميل ۽ 14 ٻين سپاهين لاء چيف آف آرمي اسٽاف آصف نواز جنجوعا جي حڪم تي 24 جون 1992ع تي ڪورٽ مارشل جو فيصلو ڪيو ويو. 8 جولاءِ 1992ع تي آرمي ڪورٽ ۾ ميجر ارشد جميل سميت 14 ساٿين تي ڪيس هليو انهن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا: 1.ڪئپٽن ارشد جميل اعواڻ 2.حوالدار محمد اقبال 3.حوالدار محمد اڪرم 4.حوالدار غلام محمد 5.نائڪ رحمان دين 6.نائڪ محمد رزاق 7.لائنس نائڪ پرويزاختر 8.لائنس نائڪ گل محمد9.لائنس نائڪ خضر حيات 10.لائنس نائڪ فلڪ شير 11.لائنس نائڪ نصرالله خان 12.لائنس نائڪ شير سمند خان 13.لائنس نائڪ محمد يونس14.لائنس نائڪ خالد حسين.
هنن 14 جوابدارن تي هيٺين الزامن تحت ڪيس هليو؛
* 2 جون 1992ع تي چوريءَ جي پڪ اپ ۾ پرڏيهي ملڪ جا هٿيار رکڻ.
* هٿ ناٽ سان اهي هٿيار هٿين خالي ڳوٺاڻن تي زوري مڙهڻ.
* 5 جون 1992ع تي ٽنڊو بهاول جي 9 بيگناهه ڳوٺاڻن کي گهرن ۾ گهڙي زوري اغوا ڪري مارڻ.
اکين ڏٺن شاهدن جا بيان رڪارڊ ٿيا ۽ هڪ ڳوٺاڻي زخمي عثمان خاصخيلي ميجر ارشد جميل کي سڃاتو ته “اهو ماڻهو پٺاڻ محي الدين ۽ سندس ڀيڻوئي غلام نبيءَ وٽ ٽنڊو بهاول ۾ ايندو رهندو هو.”
30 جولاءِ 1992ع تي ميجر ارشد سميت 14 فوجين تي ڪيس جون شاهديون مڪمل ٿيون.
29 آڪٽوبر 1992ع تي فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل ميجر ارشد جميل کي موت جي سزا ۽ 13 فوجي اهلڪارن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي جڏهن ته ٻارهون نمبر ملزم لائنس نائڪ شير سمند خان بري ٿيو.
ان ڪيس جو هڪ جوابدار غلام محي الدين پٺاڻ انويسٽيگيشن دواران 11 جون 1992ع تي پوليس تحويل ۾ دل بند ٿيڻ سبب مري ويو ۽ ان جوابدار جو ويجهو مائٽ غلام نبي افغاني افغانستان ڀڄي ويو. جڏهن ته مشتاق اعواڻ ۽ غلام نبي پٽ محي الدين کي سيشن ڪورٽ حيدرآباد 1995ع ۾ عمر قيد جي سزا ٻُڌائي جيڪا اپيل ۾ هاءِ ڪورٽ ساڳي سزا بحال رکي، مسلسل جدوجهد ڪري قاتلن کي قانوني طور سزائون ڏيارڻ بعد ان تي عمل نه ٿيڻ خلاف مائي جندو، فهميده قريشي، زيب النساءَ، صاحبزادي، تيجي ڪولهڻ سميت معصوم ٻار مسلسل احتجاج ڪندا رهيا. جوابدارن کي مليل سزائن تي عمل نه ٿيڻ خلاف 14 آگسٽ 1996ع تي مائي جندو جي ٻنهي نياڻين حاڪم زادي ۽ زيب النساءَ پاڻ ساڙڻ جو اعلان ڪيو ۽ 11 سيپٽمبر تي دهشتگردي ڪورٽ حيدرآباد اڳيان پاڻ تي پيٽرول هاري باھ ڏيئي ساڙي ڇڏيو. ان واقعي سان سموري سنڌ ۾ سوڳواري ڇائنجي وئي. مائي جندو پڻ قاتلن کي سزائون نه ڏيڻ خلاف پاڻ ساڙڻ جو اعلان ڪري رياست کي ٿرٿلي ۾ آڻي ڇڏيو. نياڻين کي “خودڪشي” لاءِ اُڪسائڻ جي گناهه ۾ ۾ نياڻين جي امڙ مائي جندو يارهن مهينا جيل ڀوڳيو. سندس پٽ ممتاز چانڊيو، ڏوهٽو سجاد چانڊيو، نياڻي حاڪم زادي جو مڙس فيروز ڀٽي ۽ حيدر ڪڇي کي نارا جيل ۾ قيد ڪيو ويو. سنڌ قومي ساٿ جي سرواڻ محترمه فهميده قريشي به مائي جندو سان ڀرپور ساٿ نڀائيندي نه رڳو گڏ جيل جا عذاب ڀوڳيا، پر سندس ڀاءُ حفيظ قريشي به عتاب هيٺ رهيو، سندن عزيزن سميت تقريبن 250 هاري ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ سندن آفيس پُڻ بلڊوز ڪئي ويئي، پر هو ٻئي ڀيڻ ڀاءُ متاثرين سان ٻانهن ٻيلي بڻيل رهيا.
مائي جندو جي اندر ۾ اٿيل انتقام جي ٻرندڙ مچ کي ٿڌي ڪرڻ جون ڪيتريون ئي ڪوششون ڪيون ويون، پر مائي جندو جي اندر ۾ انتقام چڻنگ مان ڀڀڙ بڻجي ويو هو. اهڙي ريت پنج گھرڀاتين سميت ڳوٺ جي ٻين بي گناهه شهيد ٿيل ماڻهن جي قاتلن خلاف ڊگهي جدوجهد رنگ لاٿو، 28 آڪٽوبر 1996ع تي مُک جوابدار ميجر ارشد کي ڦاهيءَ تي لٽڪايو ويو، ان خوشي ۾ مائي جندو جهومڻ ۽ نچڻ لاءِ هٿ مٿي کڻندي ئي بيهوش ٿي ڪري پئي. ڪيس جا ٻيا جوابدار 2009ع ۾ جنم ٽيپ ڀوڳي آجا ٿيا. هن ڏکوئيندڙ وارتا ۾ مائي جندو چوڏهن سالن جو بنواس ڪاٽيو، ٽنڊي بهاول کان سڄي ملڪ جا مشڪل پنڌ ڪرڻا پيس، ان جاکوڙ دوران ڏک، سور، تڪليفون،وڇوڙي جا وڍ، غربت، تنگدستيءَ، بدحاليءَ جي بدترين حالاتن ۾ هڪ پٺتي پيل ديس جي ٻهراڙي جي عورت ڪيئن مقابلو ڪيو هوندو؟ سندس 2 ڪونڌر پٽ ۽ هڪ ناٺي شهيد ڪيا ويا. انصاف نه ملڻ تي ٻن نياڻين ڪورٽ اڳيان احتجاجن پاڻ ساڙي موت قبوليو. پر جهڪڻ ۽ وڪجڻ جي خيال هڪ پل به مائي جندو جي ذهن جي ڪينواس کي نه ڇهيو، هڪ طرف اعلى فوجي قوتون ٻي طرف سامهون هڪ مسڪين سنڌياڻي سينو ساهي ثابت قدمي سان بيٺل رهي، کيس لالچن نه لوڏيو، داٻن ۽ دڙڪن نه دٻايو، جيلن ۽ ٿاڻن نه جهڪايو. هن جي حياتي جو بس هڪڙو مقصد هو پنهنجي بي گناهه ٻچڙن جي خون جو انتقام وٺڻ، هن جون اکيون رڳو ان لاءِ ئي کليل رهجي ويون هيون ته جيئن پنهنجي بي گناهه قتل ٿيل ٻچڙن جي خونين کي ڦاهي چڙهندي ڏسي سگهن. هن جي سيني ۾ دل رڳو ان لاءِ ڌڙڪي رهي هئي ته جيئن هو دنيا کي ٻڌائي سگهي ته ٻچڙن جي مارجي وڃڻ کان پوءِ هڪ زخمي شينهڻ ڪيئن ٿي مقابلو ڪري؟ مون جڏهن کيس پهريون دفعو ڏٺو هو ڪيتري ئي دير تائين اٿي بيهي سندس آجيان ۾ ڪنڌ جهڪائي بيٺل رهيس. سيني ۾ ايڏي قيامت کڻي هلندڙ عظيم عورت کي گھڻي دير تائين ڏسڻ جي جرئت نه ڪري سگهيس.
هن سانحي ۾ انصاف خاطر ٻن ڀيڻن خودڪشي ڪري پاڻ جلائي دنيا کي ظلم، جبر، ڏاڍ، ناانصافي ۽ انياءَ جي دانهن ڏني، جنهن بعد تڪڙو انصاف فراهم ٿيو. پر تباهي جي مچ ۾ مڪمل گھيرجي وڃڻ بعد به “اشرف المخلوقات” جو عظيم درجو رکندڙ انسان کي پنهنجا سمورا حواس ۽ هوش خطا ڪرڻ بجاءِ وڏي همت ۽ حوصلي سان حالتن سان نبيرڻ جو سوچڻ گھرجي. ڪائنات ۾ زندهه رهي به جابر قوتن جو مقابلو ڪري سگهجي ٿو. ڪنهن به ريت “آپگهات” مسئلن جو آخري حل ناهي.