جڏهن خيال”خودڪشي“ ڪن
[b]هاڪاري شين جو ناڪاري استعمال
[/b]اهو هن ڪائنات جو ڀيانڪ الميو چئبو جڏهن هاڪاري شيون ناڪاري ذهنن جي ور چڙهي هن حسين ڪائنات جي هنئين تي ٻارڻ بڻجي ٻرن ٿيون، انسانيت جو گس ڏسڻ لاءِ وجود ۾ آيل مذهبن کي ماڻهن پنهنجي مفادن لاءِ استعمال ڪري ڌرتيءَ کي رت سان وهنجاري ڇڏيو آهي، بلڪل ائين ئي هن دنيا جون ڪيتريون ئي ڪارآمد شيون جن انسان ۽ انسانيت لاءِ عذاب بڻجي هن جنت جهڙي جڳ کي دوزخ بڻائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي. هن حسين ڪائنات ۾ انسان جو بنيادي ڪم اهوآهي ته انسانيت جي عظمت جو تقدس پائمال ٿيڻ نه ڏي.
[b]آپگھاتي بمبار
[/b]مذهبي انتهاپسند آپگهات ڪرڻ لاءِ بم ۾ جيڪو مٽيريل استعمال ڪندا آهن، بنيادي طور اهو ڌماڪيدار مٽيريل فقط ترقياتي ڪمن لاءِ ڪتب آڻڻ خاطر بم جي شڪل ڏيئي جوڙيو ويو هو، جنهن سان سالن جا سال اوچن جبلن کي ٽُڪي رستا ٺاهڻ يا وڏا بند ٽوڙڻ لاءِ پنهنجيون حياتيون ڳاريندڙ پورهيت مزدورن کي آساني حاصل ٿي، هڪ ڊائنامينٽ بم کي کڏ کوٽي پورڻ بعد ڌماڪي سان اُڏائي ڏکين ۽ مشڪل ڪمن کي سيڪنڊن ۾ مڪمل ڪري قيمتي وقت، پئسو ۽ افرادي قوت جي سيڙپ کي بچايو ويو. جنهن سان دنيا جلد ترقيءَ جي راهه تي گامزن ٿيڻ لڳي. ڊائنامينٽ بم، ڪلسٽر بم يا ايٽم بم ٺاهڻ واري موجد سائينسدان جو اهو قطئي خيال يا مقصد ڪونه هوته سندس ايجاد “آپگهاتي حملن” لاءِ استعمال ٿيندي! جنهن ۾ لکين انسان اجل جو شڪار ٿيندا، بي گناهه ماڻهن جو رت ڌرتيءَ کي لال لهو سان لت پت ڪندو، انساني جسم جا ٽڪرا هوائن ۾ اُڏامندا، ماڻهن جا گھر اُجڙي ويندا. آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي سانحي جيئن مستقبل جا معمار معصوم اسڪولي ٻار شهيد ڪري خودڪش بمبارن هٿان موت جي ننڊ سمهاريا ويندا. آپگهاتي حملي ۾ انهن معصوم پوپٽن جي جي شهادت تي شاعر ايوب کوسي جو قلم هن طرح رت رُنو
کڻي پوپٽن جا جنازا هٿن تي،
اٿي ويا مسافر ڇڏي ڀاڪرن کي،
هوائن ۾ آهي شهيدن جي خوشبوءَ
پرين! اڄ اسان جي پُڇا کي ڇڏي ڏي.
ڊائنامينٽ سميت ٻيا جنگي بارود ايجاد ڪندڙ سائنسدان نوبيل انعام جي خالق الفريڊ نوبيل کي پڻ پنهنجي ايجاد تي ان ڏينهن پڇتاءُ ٿيو ، جنهن ڏينهن 1888ع ۾ سندس ڀاءُ لڊوگ نوبيل فرانس جي شهر ڪائزه ۾ گھمندي فرندي اتي گذاري ويو هو، ٻي ڏينهن هڪ فرانسيسي اخبار غلطي سان لڊوگ نوبيل بجاءِ سندس ڀاءُ سائنسدان ڊاڪٽر الفريڊ نوبيل جي موت جي خبر“ڊائنامينٽ” جي سخت مزمت ڪندي هن طرح هلائي ته “ڊاڪٽر الفريڊ نوبيل موت جو سوداگر(The merchant of death dead) جيڪو ماڻهن کي مارڻ جا نوان نوان طريقا ڳولي شاهوڪار ٿي ويو هو، سو ڪالهه مري ويو!” دنيا جي وڏي سائنسدان ڊاڪٽر الفريڊ نوبيل پنهنجي حياتيءَ ۾ پنهنجيءَ متعلق اهڙا ناڪاري تاثرات پڙهڻ بعد کي احساس ٿيو ته سندس گذارڻ کانپوءِ ماڻهو کيس ڪهڙن لفظن ۾ ياد ڪندا؟ اهو منظر فرانسيسي اخبار کيس جيئري ئي پسائي ڇڏيو هو. جنهن بعد خودڪش بم حملن جي مواد ايجاد ڪندڙ ڊاڪٽر الفريڊ نوبيل 27 نومبر 1895ع تي پيرس ۾ وصيت تي صحيح ڪئي،جنهن ۾ هن ڄاڻايو ته هن سندس 250 ملين آمريڪي ڊالرن جيتري ملڪيت “نوبيل انعام” لاءِ وقف ڪئي آهي. نوبيل انعام هر سال پنج ماڻهن کي بنان ڪنهن ذات پات رنگ نسل ۽ مذهب جي مت ڀيد جي فرق کانسواءِ صرف ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي ڏنو وڃي. جنهن ۾ هڪ نوبيل انعام فقط “امن” قائم ڪرڻ لاءِ زبردست ڪوششون وٺندڙ شخصيت کي ڏنو ويندو. ڪائنات جي آڳاٽي انسان هٿيار پنهنجي بچاءَ خاطر جوڙيو، ته جيئن مٿس جنگ جا خطرناڪ جانور حملو نه ڪن ۽ هو پاڻ بچائي سگهي، پر جڏهن انسان جدت ڏانهن وڌيو ته سندس دشمن به تبديل ٿي ويا، هتي ته جانورن مان ڦري خود ماڻهوءَ ماڻهوءَ جو ويري ٿي پيو، تڏهن وري آڳاٽن هٿيارن ڏڦو، ڀالو، ڪڙيالي لٺ، تير، تلوار ۽ ڪهاڙين سان جانورن بجاءِ انسان جو ڪنڌ ڪپجڻ لڳو، جڏهن هڪڙو ماڻهو ٻي ماڻهو کي مارڻ جي جنون ۾ مبتلا ٿي ويو تڏهن کيس آسانيءَ سان خون ريزي ڪرڻ جو خيال آيو، مختصر لمحن ۾ وقت بچائي جلد کان جلد گھڻا انسان قتل ڪرڻ جو خيال ڌرتيءَ تان انسانن جا ڪنڌ لڻڻ لڳو، اهڙيءَ طرح جرمني، آمريڪا، جاپان ۽ برطانيا لاءِ هٿيارن جي ڪاروبار جي معيشت بڻجي وئي. ڪاروبار کي وڌائڻ لاءِ دنيا ۾ ڊگهي جنگ لازمي ٿي پئي، جديد هٿيارن جي فيڪٽرين ۾ رائفل، بندوق، پسٽل، ڪلاشن، رپيٽر گن، ڊورون ٺاهڻ جا آرڊر اچڻ لڳا، دنيا کي دوزخ بڻائڻ جي انتهاپسنداڻي سوچ کي فروغ حاصل ٿيو. دهشتگردي نفعي بخش عالمي ڪاروبار (معيشت) بڻجي وئي. ڌرتيءَ جي مقدس وجود تي ڪنڊيدار تارون وڇائي ماڻهن کي “عالميت” مان “محدويت” جي ڄار ۾ قيد ڪيو ويو. هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ وڃڻ لاءِ “ويزا” جا پروانا وٺڻ لازمي ٿي پيا. ماڻهن جي ورهائجڻ سان سندن سوچ به ورهائجي وئي. ڪائنات ۾ جڏهن انسان خطرناڪ گھوٽالي جو شڪار ٿيڻ لڳو تڏهن سموريون سرگرميون ترڪ ڪري “آپگهات” تي لهي آيو. مستقل مزاجي سان مقابلو مضبوط فڪر، سوچ ۽ خيال ڪندا آهن، جڏهن خيال شڪست قبولي وٺندا آهن ته ماڻهو مان مقابلي جي قوت سماپت ٿي ويندي آهي. انسان جي اندر موجود “قوت مدافيت” به خودڪشي جي راهه وٺندي آهي، اهو فطرت جو پختو پڻ قانون به آهي. جنهن کي بدلائڻ انسان جي وس ڳالهه ناهي، فطرت سان هٿ چراند جا نتيجا يعني هاڪاري شين جي ناڪاري استعمال جا فطري نقصان ايڏا ته خطرناڪ هوندا آهن، جنهن جو ٺلهو تصور به هڪ اهلِ دل انسان کي لوڏي وجهندو آهي. جڏهن انسان پاڻ سميت پنهنجي ايندڙن نسلن ۽ هن ڪائنات جي هر انسان سميت هر جاندار لاءِ هاڪاري سوچ رکندو ته انسانيت جي عظمت بُلند ٿي ويندي آهي. “اشرف المخلوقات” وارو اعزاز به ٺهڪي اچي ٿو ۽ انسان هن ڪائنات لاءِ مسيحا بڻجي ويندو آهي. ان ڀلائي واري سوچ سان ماتا جهڙي خطرناڪ وبا، معذوري جهڙو عذاب ڏيندڙ پوليو، سلهه سميت ڪروڙين انساني حياتيون ڳڙڪائيندڙ ٻين خطرناڪ بيمارين کي هميشه لاءِ ختم ڪرڻ خاطر رات ڏينهن کوجنا ڪري علاج ايجاد ڪرڻ جي سوچ جي تصور کي حقيقت جو روپ ڏيئي ڪروڙين انسانن کي اجل کان بچائي به ٿو، پر جڏهن اهو ئي انسان “انسانيت” جي دائري مان ٻاهر ٿي ناڪاري سوچڻ شروع ڪندو آهي ته سندس ذهن ۾ شيطانيت جا ڪائنات ۽ فطرت دشمن خيال پيدا ٿين ٿا. جيڪي کيس خودڪش حملن ۽ جنگن ۾ انسانيت جو رت وهائڻ لاءِ اتساهن ٿا. کن پل جي کيل ۾ انسان جي ذهن ۾ بهتري ۽ بدتري جا خيال جنم وٺن ٿا، جيڪي هن ڪائنات کي جنت به بڻائڻ ٿا ته دوزخ به، دنيا جون ڪيتريون شيون حادثاتي به آهن ته ڪيتريون شيون انسان جي ذهني فتور جو نتيجو به آهن.پٿر کان مضبوط ماڻهو مکڻ جهڙو نازڪ به بڻجي ٿو ته دل شڪستو ٿي پنهنجو انت به آڻي سگهي ٿو. اهڙا مثال هن ڌرتيءَ تي لکين ملندا. انساني ذهن ۾ خودڪشيءَ جا خيال به هن ڌرتيءَ جي گولي سان لاڳاپيل اتفاقي توڙي حادثاتي حالات سان منسلڪ آهن. خودڪشيءَ جا واقعا هن زماني جي پيداوار ناهن، بلڪه آڳاٽي انسان کان وٺي هن جديد دؤر جي نئين ماڻهو جڏهن به همت هاري ۽ مايوسين جي ڪُن ۾ غرق ٿيو آهي، تڏهن کيس “آپگهات” کانسواءِ ٻيو ڪو حل نٿو سُجهي، ماڻهو پاڻ سان لاڳاپيل دنياداري مسئلن جو حل خودڪشي ۾ ڳولي ٿو. پر کيس اهو به پتو هئڻ گھرجي ته “مئن ڪهڙا مامرا؟” مسئلا ته آهن ئي حياتيءَ سان، موت ته مسئلن سان گڏ ماڻهو جو به انت آهي. سخت ذهني انتشار جو شڪار ماڻهو مسئلن کان خوف کائي ٿو پر موت جهڙيءَ زندگي جي ڀيانڪ پُڄاڻي جي پنڌ تي پلاڻي ٿو. کن پل ۾ سڀ ڪجهه سماپت ٿي ويندو آهي. رهجي ويندا آهن پنهنجن پيارن جا مايوس ۽ پريشان چهرا، روڄ راڙو، خاموش تڏو، وري ڪجهه ڏينهن جي غم زده ماحول بعد ٻيهر زندگيءَ جو ڪار وهنوار روان دوان هوندو آهي.