دنيا لاءِ دهشت جي علامت بڻيل ”هٽلر“ جي خودڪشي
مال، ملڪيت، ڌن ۽ مايا جو موهه ۽ حوس ماڻهوءَ مان “ماڻهپو” ڪڍي انساني قدرن کان مڪمل آجو ۽ کوکلو ڪري ڇڏيندي آهي. دنيا جو اهو ماڻهو “ذاتيات” جي لوڀ، هٺ، وڏائي، تڪبر ۽ انا ۾ نيٺ پاڻ به فنا ٿي لُڙهي وڃڻ سان گڏ دنيا جي حوسي ماڻهن لاءِ هڪ عبرتناڪ مثال بڻجي ويندو آهي. دنيا ۾ جرمن ڄائو ايڊلف هٽلر به اهڙو مثال بڻجي ويو. هٽلر جرمن قوم جو هيرو ڪيئن بڻيو؟ هٽلر چيو ته “جرمن عظيم قوم آهي، تنهنڪري دنيا تي حڪمراني سندن حق آهي” ان ڳالهه سان هٽلر کڻي جرمن قوم جو ته هيرو بڻجي ويو پر باقي سموري دنيا هٽلر کي جن لفظن ۾ ياد ڪري ٿي اهي “لفظ” باشعور سماجن جي اخلاقياتي دائري جي لکت جي ٻوليءَ ۾ اڃا نٿا لکي سگهجن. ڇو ته اڃان به “اخلاقيات” تهذيب يافته سماجن ۾ هڪ سبجيڪٽ طور پڙهائي وڃي ٿي. ڪائنات جي فطري قانون ۽ جدلي ماديت جي اصول تحت گھڙيو گھاٽ ڀڃي ڀور ڀور ٿيڻ لاءِ ٺهي ٿو. جيڪڏهن هٽلر غيرفطري موت قبولي “خودڪشي” نه به ڪري ها تڏهن به هرحال ۾ کيس مرڻو ته اوس هو. توڙي جو هُن پنهنجي انسان دشمن زهريلي جيون جو انت پاڻ پنهنجي هٿن سان آندو پر اهڙو عمل مجموعي طور دنيا جي پُرامن انسانن لاءِ فائديمند ثابت ٿيو، دنيا تان ڏُرت ٽري پئي. سندس موت بعد جتي جرمن قوم سوڳ ملهايو اُتي دنيا ۾ امن جا اڇا پنڇي اڏاريندڙ ماڻهن کي خوشي محسوس ٿي. هڪ جنگي جنون رکندڙ ذهن پنهنجي منتقي انجام تي پهتو، پر اڃا “هٽلري ذهنيت” جو خاتمو نه آيو آهي، انسان جي ازلي ويري هٽلري سوچ اڃا تائين حسين دنيا جي مقدس وجود کي رت ۾ ٻوڙي ڇڏيو آهي.
[b]هٽلر جو عروج ۽ زولال
[/b]دنيا کي خطرناڪ جنگ سان فتح ڪري “حڪمراني” جا خواب ڏسندڙ هٽلر، 20 اپريل 1889ع تي جرمنيءَ جي هڪ غريب موچي الوئس هٽلر جي گھر ۾ پيدا ٿيو. پندرهن سالن جي عمر ۾ هٽلر جا ماءُ ۽ پيءَ فوت ٿي ويا، هٽلر يتيم ٿي ويو. هٽلر پنهنجي زندگيءَ ۾ هڪ سٺو مصور ته هو پر اها جدا ڳالهه آهي ته آرٽس ڪاليج ۾ کيس داخلا جي لائق نه سمجهيو ويو. پهرين عالمي يُڌ ۾ رضاڪارانه طور حصو وٺندڙ هٽلر کي جرمن جي اعلى فوجي آفيسرن ان ڪري پروموشن نه ڏنو جو سندس شخصيت ۾ صلاحيتن جي کوٽ هُئي. اهو ناڪام شخص 1919ع ۾ جرمني جي ورڪرز پارٽي ۾ شامل ٿيو، اها پارٽي اڳتي هلي سموري دنيا ۾ نفرت جي نگاهه سان ڏٺي ويندڙ “نازي” جي نالي سان مشهور ٿي، هٽلر سال کن ۾ ان پارٽي جي اهم عهدي تي نامزد ٿي ويو، ايڊلف هٽلر ان پارٽي کي 1930ع جي چونڊن ۾ ڀرپور ڪاميابي سان همڪنار ڪيو. 1933ع ۾ هٽلر جرمن جو اهم ليڊر بڻجي نروار ٿيو، هٽلر پاران 1939ع ۾ پولينڊ تي ڪاهه ئي ٻي عالمي جنگ جي شروعات هُئي، هٽلر وٽ تقرير سان لکين جرمن ماڻهن کي متاثر ڪرڻ جو ڪمالِ فن هو. جنهن سان هو پنهنجي ڳالهه سگهاري انداز سان مڃائڻ ۾ ڪامياب ويندو هو.
هٽلر جو جنگي جنون ڏسي برطانيا کي اهي پسڻ پئجي ويا هئا ته “نازي فوج” کي اڳتي وڌڻ جو موقعو مليو ته فرانس سان گڏ خود برطانيا ۾ وڏي جنگي تباهي ايندي، ان ڪري ئي برطانيا ۽ فرانس پولينڊ سان گڏ رومانا ۽ بلقان جي تحفظ جي ذميواري کڻڻ جو اعلان ته ڪيو پر کين به سِر جي لڳل هئي. هٽلر به ان ڳالهه کي سمجهي ويو هو ته فرانس ۽ برطانيا جرمني کي نيست ۽ نابود ڪرڻ خاطر روس سان ڳجها ٺاهه ڪرڻ لاءِ پيش قدمي ڪري رهيا آهن. روس وري فرانس ۽ برطانيا سان ان ڪري اتحاد ڪرڻ لاءِ سوچي رهيو هو ته “لٽيا اسونيا، پولينڊ ۾ روسي فوج کي موڪلي هٽلر جي نازي فوج جي رستا روڪ ڪري سگهجي.” پر هٽلر جي فوج پولينڊ تي قبضي بعد 1940ع ۾ ناروي تي قبضو ڪري ورتو، 25 جون 1940ع تائين هٽلر هالينڊ، بيلجم، لکس برگ ۽ فرانس جي سلطنتن کي پنهنجي وس ڪري چڪو هو، برطانوي فوج کي ڀڄڻو پيو، 1940ع جي پڇاڙي ۾ برطانوي فوج اطالوي طرابلس تي چڙهائي شروع ڪئي، 1941ع ۾ هٽلر جي نازي فوج اطولين جي مدد لاءِ پهچي وئي، انهي سال هٽلر هنگري، رومانيا، يوگوسلاويا، بلغاريا ۽ يونان کي فتح ڪرڻ بعد روس تي حملو ڪيو. هٽلر جي فوج تمام ڦڙتي سان لينن گراڊ، ماسڪو، يوڪرين ۽ ڪريميا تائين پهچي وئي. 1943ع ۾ روسي ريڊ آرمي جوابي حملو ڪيو، 1944ع ۾ جرمني فوج کي بار بار شڪشتن ڪمزور ڪري ڇڏيو، هاڻ هٽلر جو بدترين زوال شروع ٿي چڪو هو، مسلسل شڪستن بعد هڪ دفعو هٽلر جي فوج پنهنجي سموري قوت کي ڪٺو ڪري سيگفريڊ لائن تي مخالف اتحادي فوج تي اهڙو ته منهن ٽوڙ جوابي حملو ڪيو جو مجبور ٿي کين ستر ميل پوئتي هٽڻو پيو. پر هاڻ سازشي نازي فوج جي طاقت اجهامندڙ ڏيئي جيئن آخري ڀڙڪو کائي پنهنجي انت ڏانهن وڌي رهي هئي، تهه خاني ۾ لڪل هٽلر کي روسين گھيري ۾ آڻي ڇڏيو هو، کيس پتو پئجي ويو هو ته هو جلد بدترين شڪست جي ويجهو پهچي چڪو آهي،اهو ٻي عالمي جنگ جو آخري ڏينهن هو. 20 اپريل 1945ع تي دنيا جي ظالم شخص هٽلر پنهنجي هڪ ڏينهن اڳ پرڻيل ڪنوار ايوا برائون کي پنهنجي پستول سان مارڻ بعد پاڻ به “خودڪشي” ڪري ڇڏي. دنيا اندر جنگي دهشت جي علامت بڻيل هٽلر پنهنجي آخري انجام تي وڃي پهتو، پُرامن ۽ حسين دنيا اندر جنگي جنون ۾ مبتلا ٻين ڊڪٽيٽر، معصوم انسانن جي قاتل، جابر ۽ ظالم ماڻهن لاءِ به هٽلر جو موت هڪ مثال بڻجي ويو، خوف ۽ حراس ۾ ورتل ماڻهن سک ۽ شانتي جو ساهه کنيو.
ڪنهن جي وهم گمان ۾ هو ته لاتعداد بي گناهه انسانن کي قتل ڪري سموري دنيا تي پنهنجي جنگي جنون خاطر غيرقانوني قبضو ڪري حڪمرانيءَ جو خواب ڏسندڙ هٽلر “خودڪشي” ڪندو؟ ڇا سندس ڏاڍ مڙسي هميشه لاءِ برقرار رهي سگهي؟ دنيا جا پُرامن ماڻهو ۽ تاريخ کيس ڪهڙن لفظن ۾ ياد ڪندي؟ تاريخ ۾هڪ ڄٽ اسڪولي شاگرد، ناڪام ۽ نااهل فوجي جوان پنهنجي ملڪ جو ڪامياب سياستدان بڻجي جرمني جو حڪمران بڻيو ته ڇا اها ڪاميابي گھٽ هئي؟ جو کيس دهشت ذريعي ۽ جنگي جنون سان دنيا کي پنهنجي لٺ هيٺ هلائڻ ۽ مٿس قبضو ڪرڻ جو جنون جاڳيو هو؟ ڏنڊي جي زور تي دنيا تي حڪمراني جي حوس ذريعي ڌاڪو ڄمائڻ جي سوچ کيس بُري شڪست سان گڏ “آپگهات” جهڙي خطرناڪ غيرفطري موت جي ور چاڙهي ڇڏيو. هٽلر جي ذهن ۾ خودڪشي جو خيال جنگي جنون جي شڪست جو اعلان هو، جنهن جو اظهار هو فقط “آپگهات” جي ذريعي ئي ڪري سگهيو ٿي.
[b]جاسوسن جي خودڪشي
[/b]تاريخ اهو ثابت ڪري چُڪي آهي ته“ستي” جي رسم پويان توڙي جو مردن جا مفاد آهن پر جيئن ته قديم هندستان ۾ جنگي شڪست جي صورت ۾ هارجي ويل راجائن جون راڻيون باهه جا مچ ٻارائي “ستيون” بڻجي “آپگهات” ڪري دشمنن جي هٿ چڙهڻ کان بچڻ جي ڪوشش ڪنديون هيون. کين پتو هو ته جيڪڏهن هو دشمنن جي قيد ۾ قابو ٿي ويون ته ساڻن ڪهڙو حشر ڪيو ويندو ۽ باقي حياتي جا عذاب سندن زندگي کان ڪيترا ڳرا هوندا؟ فاتح دشمنن جو ورتاءُ ۽ عذابن جو تصور انهن “ڪنيائن” کي “ستي” جي رسم جي نالي تي “خودڪشي” ڪرائيندو هو. بلڪل جاسوسي ۾ فن جي مهارت ۽ ڪمال اهو ئي چئبو جنهن ۾ ڪنهن به ريت دشمن جي ور نه چڙهجي، پڪڙجڻ جي صورت ۾ موت ئي سندن خواهش هوندو آهي. “جاسوسي” دنيا جو اهم جوکائتو فن رهيو آهي، دنيا جون سموريون جنگون جاسوسي کان سواءِ وڙهڻ ممڪن نه آهن، “جاسوسي” جي “فن ۽ ڪمال” تي ٺهيل فلمون، ڊراما، ناول ۽ ڪهاڻين جي تجسس کان ٿورو ٻاهر نڪري حقيقت جي دنيا ۾ جهاتي پائبي تڏهن پتو پوندو ته پنهنجي ملڪ جي بقاءَ خاطر جاسوسي جي محاذ تي ڊيوٽي سرانجام ڏيندي دشمن ملڪن ۾ پڪڙجي پوڻ بعد کين ڪهڙن عذابن مان گذرڻو پوي ٿو؟ جاسوسي ۾ مخبري ۽ جاسوسي سميت اهم جنگي محاذن تي ويل سپاهي جڏهن دشمنن هٿان پڪڙجي پوندا آهن ته پنهنجي ملڪ جا راز ڏيڻ جهڙي قومي غداري جي خواري جو داغ پنهنجي وطن ۽ پنهنجي سِر تي کڻڻ کان موت کي ترجيح ڏيندي پنهنجي کيسي ۾ پيل زهر جو ڪيپسول ڳڙڪائي “خودڪشي” ڪرڻ کي اهميت ڏين ٿا. توڙي جو اهو عمل به “خودڪشي” جي کاتي ۾ ته اچي ٿو پر پنهنجي وطن جي وجود جي سلامتي سان واڳيل اهڙي “خودڪشي” جي موت کي “شهادت” جو اعزاز به ارپيل آهي. زندهه پڪڙجي پيل جاسوس کي ڪيترن عذابن مان گذرڻو آهي؟ يعني پڪڙجي پيل هڪ جاسوس کي موت جو سامان به ميسر نه هوندو آهي، ته جيئن هو دشمن ملڪ جي ڏنل عذابن مان پنهنجي جند آجي ڪرائي آساني سان “خودڪشي” ڪري سگهي، دشمنن جي ورتاءُ جو اندازو کيس چڱي ريت هئڻ ڪري گرفتار ٿيڻ وقت زندگي کان وڌ کيس کيسي ۾ پيل زهر جو ڪيپسول وڻندو آهي. هن موضوع تي تاريخ کي هڪ ئي وقت ٻه طرفو موقف لکڻو پوندو آهي، “هڪ ئي وقت هڪڙي ملڪ جو غدار جاسوس ته ٻي ملڪ جو هيرو لکيو ويندو آهي” بلڪل اهڙي ريت هٽلر به جرمن قوم جو عظيم “هيرو” هجڻ جو خطاب کڻي “خودڪشي” ڪئي پر گڏوگڏ لکين ماڻهن جو قاتل به هو. جنهن کي ڊڪٽيٽر جو خطاب مليل آهي.