عظيم آدرشن لاءِ احتجاجي آپگهات
[b]ڇا عظيم آدرشن لاءِ بک هڙتال تي مرڻ “خودڪشي” آهي؟
[/b] عام طور “خودڪشي” جذباتي ڪيفيت جي خطرناڪ خيال جو نتيجو آهي. پر احتجاجن دوران بک هڙتال ڪري پنهنجو کاڌو پيتو بند ڪري مرڻ يا پاڻ ساڙي مرڻ جو عمل اپنائيندڙ هڪ عام ماڻهو ته جذباتيت جي وهڪري ۾ وهي ڪندو آهي، پر هڪ سياسي ورڪر ته اهڙو عمل غور، فڪر، سوچ ۽ ويچار بعد ئي ڪندو. پر بنيادي طور بيوسي جي انتها سان گڏ ذهني انتهاپسندي جي به آخري حد تي پهتل لاچار ۽ مايوس انسانن جي دانهن، ڪوڪ ٻڌڻ جا سڀ ذريعا ۽ وسيلا ختم ٿي وڃن تڏهن مسئلن جي گھيري ۾ ڦاٿل ماڻهو “موت” جي چتاءُ ۾ پنهنجو حل سمجهن ٿا. جمهوري معاشرن ۾ احتجاج ڪرڻ ته هر ماڻهو جو جمهوري حق آهي پر جمهوريت جي قانون ۾ احتجاج ڪندي پاڻ مارڻ جو عمل غيرقانوني آهي. دنيا ۾ هيستائين لکين احتجاج ٿيا آهن. جن ۾ ڪيترائي ماڻهو پنهنجن مطالبن جي مڃتا ۾ ڪامياب به ويا ۽ ته ڪيترن جو نصيب ناڪامي پڻ بڻي آهي. پر ان سان گڏ لکين احتجاجي ماڻهو غيرجمهوري جابر قوتن جي ڊڪٽيٽري سوچ هٿان گولين جو کاڄ پڻ بڻجي ويا، ته ڪيترن ئي انسانن جون دانهون ۽ ڪوڪون انڌي، ٻوڙي، گونگي نظام ۾ دم ٽوڙي ويون، بيوس، لاچار ۽ هيڻن ماڻهن تي عدم انصافي جي رويي ظلمتن جا پهاڙ ڪيرائي ڇڏيا. پر هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي انسان دشمن ظالم، وحشيت پرست، انتهاپسند دهشتگرد، قبضاگير سرمائيدار سامراج خلاف زندهه رهي پُرامن جمهوري جدوجهد ڪجي يا احتجاجن پاڻ ماري زندگي جو ڏيئو اُجهائي دشمن قوتن لاءِ ميدان خالي ڇڏجي؟ “مقصد عظيم” جي پنڌ ۾ عوام جي قومي، جمهوري ۽ انساني حقن جي حاصلات لاءِ جاکوڙڻ جو طريقو ڪيترو به پُرامن ۽ جمهوري ڇو نه هجي پر اڪثرجابرقوتن پاران هٿ وٺي به عوام جي پُرامن احتجاج کي پُرتشدد بڻائڻ جون سازشون سٽيون وينديون آهن.
پنهنجن جائز حقن لاءِ احتجاجي طور بک هڙتال تي کاڌو پيتو بند ڪرڻ يا پيٽرول هاري پاڻ ساڙي ماريندڙ ماڻهو توڙي جو پنهنجن عظيم آدرشن خاطر جان جي قرباني ڏيئي موت جو شڪار بڻجي ويندا آهن ۽ تاريخ ۾ کين اعلى مقام به مليو آهي، پر ڇا زندهه رهي سامراجي قوتن خلاف ڀرپور انداز سان “جاکوڙڻ” بجاءِ وقت کان اڳ احتجاجي طور غيرفطري “موت” جهڙو آپگهاتي عمل قومن ۾ ويڙهه ۽ مزاحمت جو جذبو پيدا ڪندو يا مايوسي جو ڪارڻ بڻبو؟ ان سوال تي سنجيدگي سان سوچڻ ۽ لوچڻ جي ضرورت آهي.
[b]آئرلينڊ جي جمهوريت پسند اڳواڻن فرنيڪ اسٽينج ۽ بوبي سينڊس جو بک هڙتال تي ٿيل موت.
[/b] جڏهن فيل مست برطانيا تي اقتدار جو سج اُڀريل ئي رهندو هو تڏهن رڳو برصغير جي عوام برطانيا جي قبضي هيٺ عذاب ڪونه ڀوڳيا هئا ۽ صرف هتي معصوم ماڻهن جو بي گناهه رت ڪونه وهيو هو پر دنيا جا ٻيا به پُرامن ملڪ برطانيا سامراج جي غيرقانوني قبضي هيٺ رهي غلامي جا عذاب ڀوڳيا. جنهن جو مثال آئرلينڊ به آهي.آئرلينڊ کي سن ارڙهن سئو عيسوي ۾ يونين ايڪٽ تحت زبردستي برطانيا سرڪار ۾ شامل ڪيو ويو هو.آئرلينڊ ۾ برطانيا سامراج جي غيرقانوني مداخلت وڌي وئي، اُتي جي مقامي باشندن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ لکين ڌاريان ٻاهران آڻي آئرلينڊ ۾ آباد ڪيا ويا. مقامي ماڻهن جي جمهوري ۽ انساني حقن تي ڌاڙو هنيو ويو. آزاد آئرش قوم کي غلام بڻايو ويو. ان ظلم خلاف آئرلينڊ جي آديواسين پاران آئرش ريپبلڪ آرميءَ جو بنياد وڌو ويو، قابض برطانيا سامراج خلاف زبردست بغاوت جي شروعات ٿي هئي، جيلون آئرش ريپبلڪ آرميءَ جي باغين سان ڀرجي ويون هيون، جيل اندر آئريش باغين جو مطالبو هو ته “برطانيا آئرلينڊ جي ڌرتيءَ تان قبضو ختم ڪري، آئرلينڊ جي عوام کي سياسي حق ڏنا وڃن ۽ جيلن ۾ قيد سياسي ورڪرن کي ڏوهاري بجاءِ “سياسي قيدي” تسليم ڪيو وڃي” 1976ع ۾ انهن مطالبن جي مڃتا ڪارڻ فرنيڪ اسٽينج نالي آئرش ريپبلڪ آرمي جي هڪ باندي ميمبر انگلينڊ جي واڪ فيلد جيل ۾ 62 ڏينهن جي بک هڙتال ڪندي مسلسل بک ۽ اڃ سبب فوت ٿي ويو. جنهن بعد بوبي سينڊس به ان ئي راهه جو راهي ٿيو. آئرلينڊ جي سرزمين تي جمهوريت خاطر مسلسل جدوجهد ڪندڙ آئرش ريپبلڪ آرميءَ جي اهم ڪردار بوبي سينڊس جي جدوجهد کي دنيا جي جمهوريت پسند ماڻهن پاران قدر ۽ احترام جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. سندس احتجاجي موت ڪيترن ئي جابر قوتن جا عذاب ڀوڳيندڙ ماڻهن لاءِ جيندان بڻيو.
آئرلينڊ ۾ ٿيل اليڪشن ۾ مخالف اميدوار کان پنجٽيهه هزار ووٽن جي برتري سان شڪست ڏيندڙ بوبي سينڊس کي جمهوريت جون ٺلهيون لٻاڙون هڻندڙ برطانيا سرڪار دهشتگري جي هٿ ٺوڪيي ڪيس ۾ 14 سال سزا ڏياري پارليامينٽ بجاءِ جيل پهچائي ڇڏيو. جيل ۾ برطانوي شهنشاهت جي ظالم انتظاميا کيس سياسي قيدي تسليم ڪرڻ ۽ ضمير جو قيدي مڃڻ بجاءِ ساڻس هڪ عام ڏوهاري قيدي وارو سلوڪ رکيو. اهڙي رويي خلاف بوبي سينڊس پنهنجي ساٿين سميت جيل ۾ پهرين مارچ 1981ع کان مرڻ گھڙي تائين بک هڙتال شروع ڪئي بوبي سينڊس جا مطالبا جائز هوندي به برطانيا جي شهنشاهي سامراجي سرڪار سندن مطالبا پنهنجي انا سبب ان ڪري به تسليم نه ڪيا جو اهي مطالبا مڃڻ رڳو بوبي سينڊس ۽ جمهوريت پسندن آئرش عوام اڳيان سندن شڪست نه هئي پر ان وقت کين سڄي دنيا ۾ خوار ٿيڻ جو خوف هو. آئرش ريپبلڪ آرميءَ جي جيل ۾ بند قيدين کي برطانيا سرڪار سياسي قيدي ڪيئن تسليم ڪندي؟ سامراجي سوچ رکندڙ برطانوي شهنشاهي سامراجيت جي حامي حڪمرانن ته آئرلينڊ جي ماڻهن کي فقط “انسان” به نٿي تسليم ڪيو.برطانيا جي حڪومت کي چڱي ريت پتو هو ته ڪوڙي ڪيس ۾ جيل ڀوڳي بک هڙتال تي ويٺل بوبي سينڊس جيل مان نڪري پارليامينٽ پهتو ته برطانوي سامراج جا ڪُڌا ڪرتوت پڌرا ٿي پوندا. جيل اندر بک هڙتال تي ويٺل بوبي سينڊس کان جبري طور استعفى وٺڻ لاءِ برطانوي سرڪار پاران ڪيترائي حيلا هلايا ويا پر هماليا جيڏا حوصلا رکندڙ بوبي سينڊس انهن اڳيان آڻ نه مڃيندي چيو ته“مان ايندڙ ٻه ٽي هفتا زندھه آهيان. مان پنهنجي زندگيءَ ۾ پنهنجي حق تان هٿ نه کڻندس. مان ٻن ٽن هفتن لاءِ استعفيٰ نه ڏيندس، ٿي سگھي ٿو منهنجو موت به اوهان کي استعفيٰ نه ڏئي. منهنجو جيون يا موت پنهنجي حق تان ڪڏهن به هٿ نه کڻندا” بوبي سينڊس پنهنجي عظيم مقصد خاطر احتجاجي طور “بک هڙتال” تي ويٺل رهيو. کيس ڊپ ۽ لالچون هڪ پل به لوڏي نه سگهيون. بنان کائڻ ۽ پيئڻ جي 66 ڏينهن مسلسل بک هڙتال ڪندڙ بوبي سينڊس 5 مئي 1981ع تي هي جهان ڇڏي ويو. جيل انتظاميا پاران جڏهن بوبي سينڊس اڳيان کاڌي جون شيون رکيون وينديون هيون تڏهن بوبي چوندو هو “منهنجي زندگيءَ جو مقصد آزادي آهي، ماني کائي جيئڻ نه، مان چاهيان ٿو ته جيڪا ماني منهنجي آڏو رکي ٿي وڃي اها منهنجي قوم جي ڏتڙيل ۽ بکين ماڻهن آڏو رکي وڃي ته بهتر ٿيندو.” بوبي سينڊس جيل ۾ بک هڙتال دوران ڊائري لکڻ سان گڏ مزاحمتي شاعري پڻ ڪئي.