ڪالم / مضمون

چڱي نه خودڪشي هُئي

محب ڀيل جي لکڻين جا موضوع گهڻو ڪري بک، بيروزگاري، بدحاليءَ جو شڪار، ڌرتيءَ ڌڪاڻا ۽ دربدر پورهيت ئي رهيا آهن، جن کي جابر قوتن ظلمتن جو شڪار، بڻائي، سندن جيئڻ جا سڀ جمهوري ۽ انساني حق کسي، ”آپگهات“ لاءِ مجبور ڪيو آهي. خودڪشي هن حسين ڪائنات جو تمام وڏو الميو آهي، ان عمل سان دنيا ۾ ڪيترا گھر اُجڙي تباهه ۽ برباد ٿي ويا آهن، ”خودڪشي“ جا دنيا سميت سنڌ ۾ ڪهڙا ڪارڻ آهن؟ ليکڪ هن ڌرتيءَ تي پنڌ ڪندي جيڪو مشاهدو ڪيو، خودڪشين جا سبب ڳوليا، جائزو ورتو، اهي خيال هن ڪتاب ذريعي توهان تائين پهچائڻ جي حجت ڪري رهيو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2395
  • 637
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • محب ڀيل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book چڱي نه خودڪشي هُئي

سماج جا زهريلا رويا

سمورن جهونن جُڳن جو آڳاٽو ماڻهو، قديم دؤر کي ٿونا هڻي پوئتي ڌڪيندي ڇڏيندي، وڃي جدت ۽ مهذبپڻي جون سڀيتائون سرجيائين، ڌرتيءَ تي سندس اڙانگي، مشڪل ۽ ڊگهي پنڌ کيس ذهني ٿڪاوٽ جو شڪار بڻائي ڇڏيو، جتان سندس ذهن مان ڪارائتيون سوچون پرلوڪ پڌارينديون ويون، سندس عقل ۽ ذهن “ڪُندذهينت” جو شڪار ٿي سازشي خيالن جو محفوظ مرڪز ۽ اعلى آماجگاهه بڻجي ويو. سندس سازشي ذهني نرسريءَ مان انيڪ خودڪش خيال ڦٽي نڪتا، جن سماج کي زهر آلوده ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي. ڪائنات جو پُرامن انسان شدت پسند روين سان متعارف ٿيندي، مقدس“ماڻهپي” تي ڪارو داغ بڻجڻ لڳو، فطرت جي ازلي عاشق انسان “مصنوعيت” ۾ پناهه ڳولي کوهه جو ڏيڏر بڻجندو ويو. سندس عالم گيريت جي شاندار سوچ “آئون” تائين محدوديت جي سوڙهي دائري ۾ داخل ٿي خود انسان لاءِ قاتل، ويري ۽ جلاد بڻجي وئي. تاريخي طور تهذيب يافته ۽ ترقي پسند قومون به ان “انتهاپسندي” جي ذهني ڇڪتاڻ ۽ ڪشيدگيءَ مان آجيون ٿيڻ بجاءِ، ان سوچ جي لپيٽ ۾ اچي ويون. سطحي سوچڻ وارن ته سمجهيو پئي ته انسان وڏي ترقيءَ جي واٽ تي گامزن آهي، پر حقيقت ان جي بلڪل ابتڙ ٿيندي وئي، انسان شديد گھوٽالي جي ور چڙهي ويو. ماڻهو جڏهن ماڻهپي جي دائري مان ٻاهر پير ڪڍي، ٻي ماڻهوءَ کي آپگهات ڪرائي جيون جو روشن ڏيئو اُجهائڻ لاءِ مجبور ڪري، ۽ هڪ انسان جي قيمتي حياتيءَ جي ڏور ٽُٽي پوي، عظيم انسانيت لاءِ اهڙي معاشري جو قيام ئي “امن” ۽ “انسانيت”جو اختتام چئبو. جنهن کي انساني تاريخ جو خطرناڪ الميو سمجهڻ گهرجي. ڪائنات ۾ عظيم انسان جو درجو رکندڙ انسان ڏسندي ئي ڏسندي زندگي جي تلاش ۾ ڏکوئيندڙ ۽ المناڪ موت جي شاهراهه تي پهچي ويو، جتان سندس واپسي ناممڪن بڻجي وئي، ڌرتيءَ جي گولي تي بم، بندوقن، مارٽر گولن، ڪلاشن، رائفل ۽ ڊورن سميت ايٽمي هٿيارن ذريعي دنيا جي مهذبپڻي جي لباس ۾ لڪل “ماڻهو” پاران، پنهنجي ٻي انسان ڀاءُ پويان موت جو راڪاس بڇيو ويو. پُرامن ڌرتيءَ تي آزاديءَ سان ساهه کڻڻ جي ڳولاءِ ۾ ڊوڙائي، ڀڄائي ساڻو ۽ هيڻو ڪري ٿڪايل، ٽُٽل، ڀڄي ڀور ٿيل مسافر ماڻهوءَ کي هٿيارن بجاءِ سماج جي روين قتل ڪري ڇڏيو. سندس خودڪشي ته موت جو هڪ ظاهري سبب آهي پر ان موت جو ڪارڻ ته هي انڌو سماج ئي ته آهي جنهن سبب ڪائنات جو معصوم انسان خنجر جي نوڪ ۽ ڀٽون جي ڏنگ جهڙن روين کان تنگ ٿي “آپگهات” ۾ سڪون ڳوليندي، تتل رڻ ۾ ڀٽڪي ويو. جتي واٽون ويهه ٿيون، ڪو ڄاڻان ڪهڙا پرين؟” جتان سندس واپسي دردناڪ خودڪشي جهڙي غيرفطري موت سان ٿي، ڌرتيءَ تي هڪ نئين قبر جو اضافو ٿئي ٿو. اوڇنگارن جا دردناڪ آلاپ اکين کي آلاڻ ارپين ٿا. پاڻ کي هن ڌرتيءَ جيڏي اجگر گولي تي بار سمجهي خودڪشي ڪندڙ فرد جي معصوم يتيمن جون ڪيهون ۽ ريهون دل ٻوڙي دردن جو نوحو بڻجي وڃن. ڏک سڄي ڪائنات ۾ هڪجهڙي عذاب جو ذائقو رکي ٿو.
سماج جي اهڙن “تنگ نظر روين جي ڪري ماڻهو جو مقدس رشتن، پيچن ۽ ناتن تان ارواهه ئي کڄي ويو، ڇتي ڪُتي جي گِگ جهڙا رويا امن جي ڳولائو ماڻهو جي پويان پئجي ويا. انهن اُبت ڪنڊڻي جهڙن سماجي روين ماڻهو کي وچڙائي وڌو، انسان ذهني عذاب ۽ سخت مايوسي جو شڪار ٿي پاڻ کي قتل ڪرڻ لاءِ سنڀري پيو. شاندار زندگي جي تلاش ۾ ڪائنات جي سمورن ڏکن، تڪليفن، مصيبتن، عذابن سان جهيڙيندڙ مضبوط ماڻهو جي روح کي تير ۽ تلوارون زخمي نه ڪري سگهيون پر سماجي رويا موت جي ننڊ طرف گهلي ويا. معاشري جي انهن زهريلن روين کان ماڻهو اُڦٽ مريو پوي ٿو، ماڻهو خودڪشيءَ ڪري پنهنجو انت آڻي ٿو، انسان دشمن روين جي ڪري جيڪڏهن ڪو ماڻهو آتم هتيا ڪري ٿو ته اهو “آپگهات” سان گڏ “قتل” به آهي. ان “خودڪشيءَ” جي نالي تي ٿيل قتل جا سبب هن سماج ۾ ڳولبا ته آڙي پاڙي ۽ آسپاس مان ئي آساني سان ملي ويندا. پر اهي پيرا به ڊاهيا ويندا آهن جيڪي خودڪشين جي اصل ذميوارن جي درن تي کٽن ٿا. نازڪ ۽ نفيس انسان پاران پاڻ مارڻ لاءِ انتهائي قدم کڻندي خود کي گولي سان اڏائڻ، پنهنجو ميڄالو ڪارتوس سان ڪڍي ڇڏڻ، زهر پيئڻ، گلي ۾ رسو وجهي پاڻ کي ڦاسي ڏيڻ، باهه ڏيڻ، کوهه، واهه، درياهه ۾ ڦٽو ڪري ٻڏي مرڻ، ڪارو پٿر کاهي انت آڻڻ، خود کي جهير ڏيئي مارڻ جهڙا عبرتناڪ عذاب انسان فقط هن سماج مان تنگ ۽ مايوس ٿي قبولي سگهي ٿو! ان پويان هن سماج جي نااصافين جي وارتائن جون دل ڏاريندڙ ڪٿائون وابسطا هونديون آهن.پر هن ڪشمڪش جي ڪيشيدگيءَ واري زماني ۾ سندن ڏک، سور، درد، آلاپ ۽ ورلاپ ڪير ٻڌندو؟
دردن جو داستانو ڀلا ڪير ٿو ٻڌي؟
مصروف آ زمانو، ڀلا ڪير ٿو ٻڌي؟
انتهائي قدم کڻي، موت جهڙي انتها جي درجي تي پهچڻ جو آپگهاتي فرد رڳو پاڻ ته ذميوار ناهي ؟ ان ۾ هن سماج جي روين به کيس بدترين موت جي ويجهو آڻي سوگهو ڪيو. ان دَلدَل ۾ نينهن کان چوٽيءَ تائين جڪڙجي ويو. جتي حياتي کائنس ڏور ٿي بيٺي، موت ئي کيس گلي لڳايو. اهڙي ريت انسان اجل جي جڪڙ ۾ چوکنڀو ٻڌجي ويو. پاڻ فنا ٿي جيون ساگر جي مسئلن کي منهن ڏيڻ بجاءِ، موت جي منهن ۾ هليو ويو. ڪائنات ۾ هڪ غيرذميوار ۽ فطرت جو انڪاري انسان ئي زندگيءَ جي حقيقت کي تسليم نه ڪندو. جيئن سک، آسائشون ۽ موت حياتيءَ جون حقيقتون آهن بلڪل ائين ڏک، سور، تڪليفون ۽حادثا زندگي جون چٽيون حقيقتون آهن.

[b]فراريت [/b]
ماڻهو مايوسين جي ڪُن ۾ گوتا کائي هٿ ٺوڪين، زوري ۽ زبردستي مڙهيل سماجي ريتن، رسمن، رواجن جي هٿان به “آپگهات” جي نالي “قتل” به ٿيو آهي. پر زندگيءَ جي مُنڌل مسئلن کي پنهنجي گوناگون، شاهڪار ۽ دنيا جي زليل سماجي ڍانچن کي ڊاهي پٽ ڪري نئون سماج اڏڻ جهڙين مايه ناز صلاحيتن سان سلجهائڻ بجاءِ “آتم هتيا” ڪري پويان ڪائنات ۾ هڪ منفي پيغام ڇڏي ويو. دنيا جي ڪابه شئي ناممڪن ناهي، فقط مري وري ٻيهر زندهه ٿيڻ ئي ناممڪن عمل آهي. جيڪو انسان روز دهرائي پيو، ٻيهر زندهه ٿيڻ جي آس ۾ ڪيترن ئي وقت جي بادشاهن پنهنجا جسد خاڪ محفوظ بڻائي ڇڏيا. پر سندن اهي مميون هاڻ فقط عجوبن ۾ انسان جي ايندڙ نسلن لاءِ ٽڪيٽ تي ڏسڻ خاطر ۽ حيرت کائڻ لاءِ ميسر آهن. انهن آڳاٽن انسانن جا کِل جهڙا خيال ضرور رحم لائق ته هئا، پر مرڻ بعد وري زندهه ٿيڻ جي اميد زندگي سان پيار جو اعلى مثال آهي. جنهن کي قطعي طور نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. تنهنڪري سماج جا حل طلب مسئلا زميني حقيتن جي آڌار تي حل ڪرڻ جي سگهه انسان ۾ تمام گھڻي آهي، پر ماڻهو ان لاءِ پتوڙڻ ۽جاکوڙڻ بجاءِ فراريت ۾ حل ڳولي ٿو. “فرايت” جو رستو به موت جي ويجهو گذري ٿو. فرد لاءِ “فراريت” مايوس حياتيءَ جو مثال آهي. فراريت پسند ذهن جي خيالن جي اُڏار به ڪنهن حد تائين “آپگهات” جهڙي غيرفطري موت تي کُٽي ٿي. سماج جو نهايت ئي ذميوار فرد به حياتي جي مسئلن کان منهن ٽار ڪري گوشانشيني اختيار ڪري، فراريت حاصل ڪندو آهي. هڪ فراريت پسند فرد جي ذهني حالتن جي عڪاسي روحل ڪالرو جي هن نظم جي سٽن ۾ پسي سگهجي ٿي؛

اک صُبُح نه جانچيندي، ايئن پَري پَري ڇڏبي!
هر اُمنگَ مُڱَ ٿي پئي، دل کڻي ڏَري ڇڏبي!
ڪائنات جي خالي، جاءِ ڪجھه ڀَري ڇڏبي!
رات آخري آهي، خود ڪشي ڪَري ڇڏبي!

“فراريت” زندگيءَ جي حسين رنگن کي طلاق ڏيئي ڇڏيندي آهي. ٻُسي حياتي تعميري سوچن جو ڊيٿ وارنٽ آهي. جيڪا زندهه انسان کي هن سماج ۾ زندهه لاش بڻجي گهلجڻ تي مجبور ڪري وجهندي آهي. فراريت جي جيون ۾ مذهبي جنونيت، انتهاپسندي ۽ عقيدي پرستيءَ جا گس به نڪرن ٿا. جيڪي معاشرتي چوواٽي تي سماج جي هڪ سالم فرد کي روڳي بڻائي پاڻ ڏانهن ڇڪن ٿا. سڪون جي ڳولا ۾ زندگيءَ جي راهه جو ٿڪل مسافر ڪهڙو به رستو اختيار ڪري سگهي ٿو؟

[b]تنهائي ۽ ويڳاڻپ
[/b] زمانن کان وقت ۽ حالتن سان جهِڙيندڙ انتهائي مضبوط ماڻهو به سماجي روين جي تيرن، مقدس رشتن جي ڌوکين ۽ دولابن، پنهنجتن جي ويساهه گهاتين جي ڪاتين هٿان ڪُسجي، تنگدليءَ سان مايوسيءَ جي درياهه ۾ لڙهي زهر جهڙي تنهائي، اڪيلائي ۽ ويڳاڻپ جو شڪار بڻجي ويندا آهن. “ويڳاڻپ” هن ڪائنات جو وڏو عذاب آهي. اها پڻ انسان جي قاتل آهي. محبتن جي ڌاڳي سان پريت جا پرويل مقدس رشتا، دوست، احباب، محبوب، محسن، پاڪ پويتر ناتا زندگي ۾ بي معنى ٿي وڃن ته ان ذهني ويڳاڻپ جو شڪار بڻيل فرد وٽ هڪ حسين حياتي به بلڪل بي معنى بڻجي ويندي آهي. حسين ڪائنات ۾ جيون ساگر جا سمورا حسين رنگ ڦڪا ٿي ويندا آهن. جنهن جو نتيجو “آپگهات” تي انتم ٿئي ٿو. هن پرٿوي تي ويڳاڻپ جهڙي عذاب هٿان “آتم هتيا” ڪري قتل ٿيل ماڻهن جو تعداد ڪروڙن ۾ هوندو. جتي رشتا ۽ ناتا ڀرجهلا بڻجي آٿتون آڇين ٿا اُتي اهي ئي رشتا ڪڏهن ڪڏهن رت جي رشتن جو به تقدس پائمال ڪري رشتن جي مقدس اعتماد کي ٽوڙي ماڻهو جي من کي ٻاري وجهندا آهن. جنهن جي نتيجي ۾ ماڻهو جي اڇي کير جهڙي من اندر ۾ نفرت جا جذبا پلٽي ويندا آهن. جيڪي ويڳاڻپ جي بنواس ۾ ڀٽڪائين ٿا. اها ويڳاڻپ ڪنهن حد تائين خودڪشي جو پهريون ڏاڪو به چئي سگهجي ٿي. جيئن سلو پوائزن به آخر ۾ فطري موت جا آثار پڌرا ڪري ٿو پر حقيقت جي اک سان ڏسبو ته اهو به “آپگهات” ئي آهي. “ويڳاڻپ” ماڻهو مان ذهني صلاحيتون کسي کيس اڌ چريو ته اڳ ئي ڪري ڇڏيندي آهي، رهيل ڪسر وري “ويڳاڻپ” جي آڙ ۾ ڪيل منشيات جو بي انتها استعمال به آهستي آهستي خودڪشيءَ جي سفر تي پلاڻي آڻي ٿو بيهاري. مسئلن جا سائنسي مڪمل حل ڳولڻ بجاءِ پاڻ کي خطرناڪ منشياتي نشن جي حوالي ڪندڙ فرد شراب، چرس، ڀنگ، ڏوڏي، آفيم، ڪوڪين، سگريٽ ۽ نشي آور انجيڪشن تائين پاڻ کي ويڳاڻپ کان بچائيندي بچائيندي موت جي ويجهو آڻين ٿا. اهڙي قسم جي تنهائي ۽ ويڳاڻپ جي شڪار ٿيل فرد جي حياتي موت جي پنڌ ڏانهن روان دوان هوندي آهي، جنهن کي پڻ “آپگھات” ڏانهن وڌڻ جو شروعاتي قدم ۽ عمل چئي سگهجي ٿو.