ذهني، نفسياتي دٻاءَ ۽ پريشانيون
سماجي روين جي بيحسي ۽ انساني قدرن جي ڏڪار سبب “خودڪشي” جهڙي اهم مسئلي تي ماڻهن جو ڌيان گھٽجي وڃڻ ڪري سماج جي ذميوار ماڻهن به ان معاشرتي عذاب تي سوچڻ ڇڏي ڏنو آهي. ڌرتيءَ جي امن کي ڏنل تيلي ڀڀڙ بڻجي ڀڙڪي پئي آهي، وڻن ۾ لوڏ بجاءِ لاش ٽنگجن ٿا. ڌرتيءَ ماتا غيرفطري موت جو شڪار ٿيل معصوم ماڻهن جا لاش پاڻ ۾ سمائيندي رهي ٿي، ڌرتيءَ جي گولي تي رڳو ماڻهو وڃي رهيو آهي باقي ماڻهپي خودڪشي ڪري ڇڏي آهي، ڪائنات ۾ انسانيت کي جتي فقط ماکي جهڙن مٺڙن روين جي گھرج هئي اتي انسان آپي مان ٻاهر نڪري ويو ۽ سندس آواز زهر ٿي ويا. انسان پنهنجي شاندار ذهني صلاحيتن سان ڪاري اصيل نانگ جي زهر جي ويڪسين سان گڏ ڇتي ڪتي جي چڪ جي ويڪسين ته ايجاد ڪري ماڻهو کي خطرناڪ زهر ۽ ڇتي ڪتي جي جراثيمن کان ته بچائي ورتو پر افسوس انسان هٿان انسان جي ڏنگجڻ جي ويڪسين ٺاهڻ جو خيال سندس ذهن ۾ نه آيو. ڪائنات جو هڪ نازڪ ۽ حسين من رکندڙ ماڻهوءَ ٻي ماڻهوءَ جي زباني زهر ۾ سموري حياتي تڙپندو رهيو، جيئندو رهيو، بي موت مرندو رهيو، پر کيس ڪير به انسان جي ڏنل ذهني ۽ نفسياتي عذاب مان بچائي نه سگهيو. انسان پاران انسان کي عطا ڪيل عذاب، معاشري کي شاندار شعوري سگهه ارپڻ بجاءِ ذهني مريض بڻائي ڇڏيو. سماج ۾ محبت ۽ ماڻهپي جي ڏڪار ڪر کنيو، نفسياتي مرضن ۾ مبتلا ماڻهن جو تعداد آخري حد کي پار ڪري ويو، چرين جون اسپتالون انسانن سان سٿجي ويون، نفسياتي اسپتالن ۾ ذهني مريضن جي گنجائش ختم ٿي وئي، نفسياتي ماهر ڊاڪٽرن جو تعداد به فيس سان گڏ ٻيڻو ٿيندو ويو. اسٽورن تي مصنوعي ننڊ (غشي) جون گوريون بليڪ تي وڪامڻ لڳيون. رشتن تان اعتمادن جو سج لهي ويو، رشتن ۽ روين جا “اڌ مئا ڪيل” ماڻهو گورين، دوائن، نفسياتي ماهر ڊاڪٽرن،ٽوڻن، ڦيڻن، فقيرن، ڀوپن، درگاهن ۾ زندگيءَ جي سڪون جي ڳولا ۾ ڀٽڪن ٿا، سڪون جي ڳولا جا اهي پنڌ جڏهن بي لاڀ بڻبا آهن تڏهن جيون سان نفرت ۽ موت ڏانهن وڌڻ وارو انتها پسنداڻو خيال بار بار حسين حياتيءَ جي ڀر ڏيئي پيو گذرندو آهي، نيٺ کسي جهپي ويندو آهي. خودڪشيون ڪندڙ ماڻهو جيون ساگر جي مسئلن جو حل “خودڪشي” ۾ سمجهي، هميشه لاءِ حياتيءَ جو خوبصورت ۽ روشن ڏيئو اُجهائي، پنهنجن پيارن کي دردن جي انڌيرن ۾ ڌِڪي ڇڏيندا آهن. پر دنيا جي هڪڙي حقيقت هي به آهي ته سماجي روين هٿان زخمي ٿيل نفسياتي ۽ ذهني مريض ماڻهن کي علاج سان گڏ قرب، محبت، پيار ۽ پنهنجائپ جي حسين روين جي ضرورت هوندي آهي. جيڪي رويا ڪشمڪش ۽ ذهني ڪشيدگيءَ جي حياتيءَ ۾ آٿتون ارپين ٿا، محبتن جا جذبا جاڳائين ٿا ۽ زندگي سان پيار سيکارين ٿا. محبتن جو عظيم ۽ نازڪ جذبو زندگي جي اهميت سمجهائي ٿو. ڇو ته خودڪشين کان فقط محبت ڪندڙ رويا ئي انسان کي بچائي سگهن ٿا. جيڪي مايوسين ۾ به من مهڪائن ٿا.
[b]خودڪشي :مقدس رشتن جي لاتعلقي
[/b] دنياداريءَ ۾ انسانن جو پاڻ ۾ رشتن جي ڏور ۾ ڳنڍجي وڃڻ، هڪڙو فطري عمل به آهي، ته معاشري جا ٻيا ڪيترائي لڳ، لڳاپا، ناتا، رشتا ۽ واسطا ماڻهو خود به جوڙيندو آهي، انفراديت ۾ جوڙيل رشتا اجتماعيت ۾ بدلجي ويندا آهن. يعني ڪنهن هڪ فرد سان رشتي ۾ لاڳاپجي وڃڻ بعد ان جو ٻين خانداني ۽ قبيلي جي رشتيدارن سان ناتو ٿي ويندو آهي. ائين اهو رشتو ٻن فردن جي وچ مان نڪري سماج جي گھڻن ماڻهن تائين پکڙجي ويندو آهي. پر ان کان علاوه هن ڪائنات ۾ رت جو رشتو وڏي اهميت رکي ٿو. جنهن رشتي کي مهذب دنيا جا ماڻهو مقدس ڪوٺين ٿا. ان ڳالهه ۾ ڪنهن به شڪ جي ڪا ذري به گنجائش ناهي، واقعي دنيا ۾ ماءُ، پيءُ، ڀيڻ ڀاءُ، ڏاڏو، ڏاڏي، زال، مڙس، نانو، ناني وغيره جا رشتا عظيم ۽ مقدس آهن. پر ڪل جڳ جو زمانو نهايت ئي ڇڪتاڻ ۽ ڪشيدگيءَ جي صورتحال کي پيدا ڪندڙ آهي. جيون ساگر جا سُک ۽ آسائشون حاصل ڪرڻ جو جنون، مايا جو موهه، لوڀ ۽ لالچ مقدس رشتن جي عظمت کي ناس ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي. رشتا بازار جو “واپار” بڻجي ويا. دنيا جي عالمي هٽ تي مقدس رشتن جو اگهه ڪري ويو، محبوب رشتا سماج جي ساهميءَ ۾ تورجي، تڪجي ۽ وڪجي پڌرا ٿي پيا، هٿ ٺوڪيي مهذبپڻي جي عالمي منڊي ۾ انسانيت جو قدر مسلسل مندي جو شڪار آهي. ڪائنات جي هڪ معصوم انسان جو مقدس رشتن تان اعتماد کڄي وڃڻ هن ڪائنات جو عظيم سانحو آهي. رت جي رشتن کان لاتعلقي جو عمل به ماڻهو جي ذهن ۾ ويڳاڻپ جا خيال برپا ڪندو رهي ٿو. مسلسل مقدس رشتن جي بيوفائي، نظرانداز ڪرڻ، ڌوکيبازي ۽ دولاب، اڻبرابري، اهميت نه ملڻ، حق تلفي ٿيڻ، شفقت ۽ رهنمائيءَ جي روين جي کوٽ ماڻهو جي مزاج ۾ تنگدلي، جذباتيت، ذهني ۽ نفسياتي ڇڪتاڻ کي جنم ڏي ٿي. جتان من اندر ۾ نفرتن جا زهريلا ٻج ڇٽجي ويندا آهن ۽ نفرتن جا ٿوهر حساس دلين جي ڌرتيءَ تي وڌي ويندا آهن ته ماڻهپي جا پاڪ ۽ پويتر گُل سُرخ گلابن جي موسم ۾ ڪاراٺجي ويندا آهن ۽ ماڻهو جي نازڪ من ۾ احساس محرومي جا خيال مقدس ناتن لاءِ لاتعلقي جو اشتعار بڻجي ويندا آهن. “مقدس رشتن جي لاتعلقي” جو عمل خودڪشين جي شرح وڌائڻ ۾ به اهم سبب سمجهڻ گھرجي.هن ڪائنات ۾ ڪيترن ئي اهم انسانن جي “آتم هتيا” ذريعي ٿيل دردناڪ غيرفطري موت جا سبب رشتن جي بي قدرائي، ويڳاڻپ ۽ محبوب سٻنڌن جا آلوده رويا آهن، جيڪي ساهن ۾ زهر ڦوڪيو وڃن.
[b]محبت ۾ ناڪامي سبب ٿيندڙ خودڪشيون
[/b] محبت جو جذبو دنيا جي ڪنهن به خول ۾ نٿو لڪائي سگهجي، اهو حسين جذبو “نانگن” ۾ به پڌرو ٿيو پوي. انسان ته وري به اشرف المخلوقات آهي. تنهنڪري ماڻهو لکن سالن بعد وحشت ۽ درندگيءَ جي ڪيفيت مان نڪري جڏهن ماڻهپي جي دائري ۾ داخل ٿي پنهنجي ٺاهيل معاشرتي معذبپڻي ڏانهن وکون کڻڻ لڳو ۽ جڏهن ڪائنات کي انسانيت جي اک سان ڏٺس تڏهن ماڻهو هن دنيا جون ڪروڙين حُسناڪيون پسيون. انسان پنهنجي ماحول ۾ شڪار، قتل و غارت، رت وهائڻ جي راند کانسواءِ روح کي راحت ڏيندڙ رشتا، دل ڌوڏيندڙ اکيون، انتظار جي آگ ۾ ساڙيندڙ بيقراريءَ جي باهه جهڙا لمحا، ڏک،سور، درد جي اڙانگن پيچرن تي “مرد ۽ عورت” هڪٻئي لاءِ آٿت بڻجي ويا. عورت ماءُ جي روپ ۾ کيس جنم ڏنو، عورت ڀيڻ جي روپ ۾ مقدس پيار ڏنو، عورت محبوبه جي روپ ۾ محبتون ڏنائين، عورت زال جي روپ ۾ دنيا جي گرمين سردين ۾ ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺي ۽ پاڻ ارپيائين. بلڪل “مرد” به عورت لاءِ ڀاءُ بڻجي ڀرجهلو ٿيو ، پيءَ بڻجي شفقت ارپيائين ۽ محبوب بڻجي پيار ڏنائين.
انسان وحشياڻي وارتائن مان فرست ملندي ئي پيار، محبت ۽ قرب جي احساساتي جذبن جي شديد کوٽ محسوس ڪئي، جنهن لاءِ کيس خالص ۽ نج محبت ڀرين احساسن سان ٽمٽار، ٻي انسان جي ضرورت پئي. انهي عمل عورت ۽ مرد کي هڪٻئي جي ويجهو آندو. محبت ۽ عشق ۾ هڪٻئي کي ماڻڻ جي آرزو انتها جون حدون پار ڪري وئي. محبت ۾ “حاصلات” ئي سندس منزل هوندي آهي. برابر دنيا ۾ “ناممڪن” به ڪا شئي ناهي پر سڀ شيون انسان جي وس ۾ به ناهن. تنهنڪري “حاصلات” جي “جنون” ۾ مبتلا “انسان” کي جڏهن “ناڪامي” جو تصور اکين اڳيان آيو تڏهن سندس هوش خطا ٿي ويا. محبت جي ڪمال جو اهو زوال وارو منظر سندس اکين قبولڻ کان “انڪار” ڪيو. ان انڪار ئي کيس جيئڻ بجاءِ “آتم هتيا” لاءِ اتساهيو. عشق ۾ ناڪام ٿي خودڪشي ڪرڻ جا هتي ڪيترائي مثال موجود آهن.ڪيتريون ئي خبرون ميڊيا جي زينت بڻجن ٿيون. ان واقعن سان لاڳاپيل ڪيتريون خبرون به ميڊيائي منظر عام تي اچڻ کان اڳ ئي قتل ڪيون وينديون آهن.خودڪشي ڪندڙ ماڻهوءَ جي ذهن ۾ اهي خيال گردش ڪندا آهن ته “هتي سندس قدر ناهي هن جي مرڻ بعد لاڳاپيل رشتيدارن کي سندس وڏو قدر ٿيندو، سندس وڇوڙي بعد انهن جو گذارو ممڪن نه ٿيندو” ٻي طرف وري هي خيال به سندس ذهن ۾ ايندا آهن ته “خودڪشيءَ جي رڳو ڪوشش ڪيان ٿو، رت جا رشتيدار گھرڀاتي پاڻهي بچائي وٺندا، اهڙي ڪوشش بعد سندن وڏو قدر ڪيو ويندو” پر ڪڏهن ڪڏهن اهڙي احتجاجي چتاءَ ڏيڻ لاءِ ڪيل خودڪشيءَ جي آزمائشي ڪوشش، جڏهن حقيقت ڏانهن وڌندي محسوس ٿيندي آهي، (مون خود به ڪافي دفعا اهڙا منظر پنهنجي اکين سان ڏٺا آهن) جنهن دوران خودڪشي ڪندڙ ماڻهن کي زندگي بچائڻ لاءِ رڙيون ڪندي،ٻاڏائيندي ۽ ٻاڪاريندي ۽ منٿون ڪندي پنهنجي اکين سان ڏٺو آهي.
[b]بيمارين مان مايوس ماڻهو به جيون جو انت آڻين ٿا
[/b]انسان پنهنجي قوت برداشت ۾ هڪ پاسي پٿر کان به ڏاڍو آهي ته ٻي پاسي گلابي گلن جي پنکڙين کان به نازڪ آهي. سمنڊ جهاڳڻ، پهاڙ پرزا ڪرڻ، دنيا جا سمورا مشڪل ڪم پنهنجي همت، عقل ۽ پورهئي سان ڪاميابيءَ سان سرانجام ڏيندڙ رُڪ جهڙو مضبوط ماڻهو به جڏهن همت هاريندو آهي ۽ سندس حوصلو خطا ٿي ويندا آهن، ان لمحي ۾ ننڍن ۽ معمولي مسئلن تي مايوسي کيس گھيري ويندي آهي. هن معاشري ۾ خوڪشين جا اهڙا ڪيترائي ڪيس ظاهر ٿيا آهن، جنهن ۾ بيمارين ۾ گھڻي علاج باوجود صحتياب نه ٿيڻ، يا وري جنسي ۽ جسماني معذوريءَ جي سبب به خودڪشين جا لاتعداد واقعا ٿيا آهن. پر ان سان گڏ بيماريءَ دوران مايوس ٿي خودڪشي ڪرڻ جو هڪ ٻيو اهم سبب “غربت” ۽ “بدحالي” پڻ آهي. مسلسل بيمارين ۾ ڀوڳڻ ڪري ماڻهو دل شڪستو پڻ ٿي پوندو آهي. همت، حوصلو ۽ جرُئت سندس ساٿ ڇڏي ويندي آهي. وقت جو مضبوط ماڻهو مايوسين جي ڪُن ۾ غوطا کائي زندگي جو انت پنهنجي هٿن سان آڻيندو آهي. پرسڪون حياتي لاءِ ۽ “صحت” جي بحالي خاطر پاڻ پتوڙڻ، علاج تي ڳرا خرچ ڪرڻ، علاج جا ڏکيا ۽ مشڪل مرحلا طئي ڪندڙ انسان به جڏهن ان سفر ۾ ڪاميابي بجاءِ ناڪامي پلئه پوڻ جا آثار محسوس ڪندو آهي ته حسين حياتي جي روشن ڏيئي کي اُجهائڻ لاءِ اهڙي ته تڪڙ ڪندو ڄڻ خودڪشي بعد به کيس ڪي گھڻا ڪم نبيرڻا آهن. پرانهن کي ڪهڙو پتو ته “خودڪشي” سان سڀ “ڪم” تمام ٿيو وڃن ٿا.خودڪشي ڪري هڪ قيمتي انساني زندگيءَ جو انت آڻڻ، فطرت سان هٿ چراند آهي، اهڙي هٿ چراند انسان کي نٿي جڳائي.