ڪالم / مضمون

چڱي نه خودڪشي هُئي

محب ڀيل جي لکڻين جا موضوع گهڻو ڪري بک، بيروزگاري، بدحاليءَ جو شڪار، ڌرتيءَ ڌڪاڻا ۽ دربدر پورهيت ئي رهيا آهن، جن کي جابر قوتن ظلمتن جو شڪار، بڻائي، سندن جيئڻ جا سڀ جمهوري ۽ انساني حق کسي، ”آپگهات“ لاءِ مجبور ڪيو آهي. خودڪشي هن حسين ڪائنات جو تمام وڏو الميو آهي، ان عمل سان دنيا ۾ ڪيترا گھر اُجڙي تباهه ۽ برباد ٿي ويا آهن، ”خودڪشي“ جا دنيا سميت سنڌ ۾ ڪهڙا ڪارڻ آهن؟ ليکڪ هن ڌرتيءَ تي پنڌ ڪندي جيڪو مشاهدو ڪيو، خودڪشين جا سبب ڳوليا، جائزو ورتو، اهي خيال هن ڪتاب ذريعي توهان تائين پهچائڻ جي حجت ڪري رهيو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2395
  • 637
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • محب ڀيل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book چڱي نه خودڪشي هُئي

ڪاروباري نقصان ۽ قرض جو بار



دنيا ۾ “ڪيڙي کي ڪڻ، هاٿي کي مڻ” واري ڳالهه واري حقيقت به بنيادي طور جفاڪشيءَ سان لاڳاپيل آهي، يعني ڪيڙي کي ڪڻ لاءِ هاٿيءَ کي مڻ لاءِ به ڀٽڪڻو ۽ پتوڙڻو ته هر حال ۾ پوندو. “جيڏا اُٺ تيڏا لوڏا” آهن. وڏن ماڻهن جا وڏا ڪاروبار فيڪٽريون، ملز، ڪارخانا، جاگيرون، ٽرانسپورٽ، پاڻيءَ جا ٻيڙا ۽ هوائي جهاز، وڏن ترقياتي پروجيڪٽن جون ٺيڪيداريون وغيره آهن جڏهن ته ننڍن ماڻهن جي پيٽ گُذر جا ننڍڙا ذريعا هوندا آهن، جنهن ۾ خاص طور پگهر جو پورهيو ۽ جسماني محنت جي سيڙپ ئي اهم آهي. پر وري به ڪيترائي لوئر ڪلاس جا ماڻهو سخت پورهيا ڪري مڊل ڪلاس ۾ پير پائيندا آهن، ننڍا ننڍا ڪاروبار شروع ڪندا آهن. وچولي طبقي جا ڪيترائي ماڻهو اهي ڪاروبار نهايت ئي ڪاميابيءَ سان هلائي تمام گھڻو ناڻو ڪمائي سگهندا آهن، ته ڪي وري مڪمل طور ڪاروبار ۾ نقصانن جي ور چڙهي تباهه ۽ برباد ٿي ويندا آهن. توڙي جو ڪاروبار ننڍو هجي يا وڏو هجي پر ان ۾ نفعو ۽ نقصان ٻه ضروري جز آهن. واپاري ماڻهن جي وڏن توڙي ننڍن طبقن ۾ ڪاروباري نقصان ۽ قرض ٿيڻ بعد مسلسل ناڪاميءَ کين سخت مايوسيءَ ۾ غرطان ڪري ڇڏيندي آهي، ڪاروباري نقصان ۽ قرض سميت وياج تي کنيل گردشي قرض جو دٻاءُ انهن ماڻهن کي ذهني ۽ نفسياتيءَ مريض بڻائي ڇڏيندو آهي. وڏن سرمائيدار سيٺن جا وڏا ڪاروبار ته انشورنس ٿيل هوندا آهن تنهنڪري اهي ڪاروباري نقصان جو پورائو ان قسم جي مختلف طريقن سان ڪري ويندا آهن، پر ننڍا واپاري ڪاروباري نقصان کان بچڻ ۾ گھڻو ڪامياب نه ٿيندا آهن. نتيجي ۾ ڪاروبار ۾ ٿيل نقصان کين ئي ڀرڻو پوي ٿو. جيڪو سندن وس کان مٿي هوندو آهي. ڪاروباري نقصان سان گڏ قرض جو دٻاءُ کين سخت ذهني پريشاني ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندو آهي. جنهنڪري ڪيترائي ڪاروبار ۾ ٽُٽل ماڻهو نقصان ۽ قرض جي دٻاءُ کي منهن ڏيڻ بجاءِ “خودڪشي” ڪري ڇڏيندا آهن. ننڍن واپارين جي انهن خودڪشين پويان ظالم سرمائيدار واپارين جون انيڪ سازشون شامل هونديون آهن. جيڪي کين ڪنهن به ريت ڪاروباري ڪاميابيون حاصل ڪرڻ جي حق ۾ نه هوندا آهن. وڏيون مڇيون ننڍين مڇين جو شڪار ڪنديون آهن. بلڪل ائين وڏا سرمائيدار ننڍن واپارين جو ڪاروبار ۾ معاشي شڪار ڪري کين ڪنگال بڻائي ڇڏيندا آهن.

[b]ملڪيتن جي ورهاست ۾ اڻبرابري، انتقام ۾ آندل انت
[/b]انساني زندگيءَ ۾ سُک ۽ آسائشن جي حاصلات جي پورائي لاءِ خواهشون جنم وٺن ٿيون، سڀ خواهشون پوريون ٿيڻ بادشاهن جي وس جي ڳالهه به نه هوندي آهي، تنهنڪري جيون ساگر ۾ اضافي “خواهشون” انسان کي “حوسي” بڻائي ڇڏينديون آهن ۽ حوس انسان کي حيوان بڻائي ڇڏيندي آهي. برابر سرمايو قانوني هجي يا غيرقانوني پر اها “ملڪيت” آسائشون به فراهم ڪري ٿي ته گڏوگڏ اها ملڪيت انسان جي ويري به بڻجي ويندي آهي. دنيا ۾ گھڻا قتل “ڌن” تان ٿيا آهن. مال، ملڪيت، ڌن، دولت، سون، ٻني، جاگيرون بئنڪ بيلنس، گاڏيون ته وڏن ماڻهن وٽ رهيون آهن، تنهنڪري اهڙي ملڪيت جي ورهاست تان تڪرار به سرمائيدار خاندانن ۾ ئي ٿين ٿا. انهن خاندانن ۾ ڪي شاتر ماڻهو پنهنجي حصي سان گڏ خاندان جي ڪنهن اٻوجهه ۽ نازڪ ماڻهو سان ورهاست ۾ دوکيبازي، دولاب ۽ ٺڳي سان پنهنجي ملڪيت ته وڌائي ويندا آهن. پر نتيجي ۾ رشتن جو ڀرم ٽُٽي ويندو آهي. هڪٻئي تان اعتماد کڄي ويندو آهي. انهن خاندانن جا گھڻا متاثر ماڻهو راڄوڻي توڙي قانوني جنگ جوٽي پنهنجو حق وٺي ويندا آهن، پر اهڙا به انسان آهن جيڪي پنهنجن مان ٿيل ناانصافي تي خاموشي سان گوشانشيني اختيار ڪري سڀ ڪجهه برداشت ڪندا آهن، توڙي جو ان ناانصافي جو سور سندن اندر کي اڌ پيو ڪندو آهي. ڪيترائي ماڻهو ملڪيت جي ورهاست ۾ ٿيل بي واجبي جو انتقام پاڻ کان وٺندا آهن. سندن سوچون “خودڪشي” ڏانهن مائل ٿي وينديون آهن. حقيقت ۾ اهڙي خودڪشي ناانصافي جي خلاف “احتجاج” هوندو آهي. ملڪيت جي ورهاست ۾ اڻبرابري ۽ حق تلفي ٿيڻ سبب سرندي وارن خاندانن ۾ اڪثر خودڪشي جا ڪيس ظاهر ٿيندا رهندا آهن. انهن تي پردو وجهڻ جي ڪوشش به ٿيندي آهي. خانداني عزت، وقار ۽ ڪوڙي انا جي تسڪين خاطر ان موت کي “حادثاتي موت” قرار ڏيئي، يا وري ذهني مريض ۽ چريو قرار ڏيئي، معاملي کي اُتي ئي سماپت ڪري دٻايو ويندو آهي. بعد ۾ آتم هتيا ڪندڙ فرد جي ملڪيت تي وري به سماج جا اهي فرد پيا عياشيون ڪندا آهن جن کان تنگ ٿي متاثر ماڻهو پنهنجو انت آندو. ان سڄي وارتا ۾ “مايا” منش جي ويري ثابت ٿئي ٿي، جنهن سندن جيون ساگر کي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جي ور چاڙهي، کيس مرت لوڪ ۾ پهچائي ڇڏيو.

[b]عشق جو راز کلي پوڻ جي ڊپ ۾ به خودڪشيون ٿين ٿيون
[/b]محبت جو حسين جذبو زندگيءَ سان چاهت وڌائي ٿو، ان جذبي کان خلق جي اڪثريت خالي ناهي، پر جذبي جي اظهار ۽ حاصلات لاءِ “سماج” پاران پرمپرائن جا اڏيل بند رڪاوٽون بڻجي محبتن کي مات ڏين ٿا. لاتعداد مشڪلاتن باوجود هن معاشري ۾ ڪي محبت ڪندڙ جوڙا بغاوت ڪري وڃي عشق جون شاديون رچائيندا آهن. پر ڪيترائي جوڙا اهڙي جُرئت نه ڪري سگهندا آهن. نتيجي طور سندن ازدواجي زندگيءَ جا فيصلا سندن هٿ ۾ نه رهندا آهن. محبت جي کٿوري جهڙي جذبي کي لڪائڻ ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي، پر ڪنهن سماجي ناتي ۽ رشتي کانسواءِ “ملڻ” جو اهو عمل “شڪ” کي جنم ڏي ٿو ۽ شڪ موت کي دعوت ڏيندو رهيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ اسان جو معاشرو خود ساخته طور “ڪاروڪاري” کي پنهنجي پنهنجين پرامن، حسين ريتن، رواجن ۽ رسمن تي ٿاڦڻ لاءِ سرگرم عمل هوندو آهي. پر “ڪاري” ٿيڻ کان اڳ اڪثر ڇوڪريون جڏهن سمجهنديون آهن ته سندس محبت جو راز کُلي پيو آهي، لڪي ڇپي ملڻ جي خبر سندن گھرڀاتين کي پئجي وئي آهي، ۽ ڪهاڙي سندس ڪڍ لڳل آهي. ان ڊپ، خوف، حراس ۽ شرمساري ۾ به ڪيتريون ڇوڪريون “خودڪشي” ڪري ڇڏينديون آهن. ان خودڪشي جو سماج ۾ ظاهري سبب “ذهني توازن خراب هجڻ” بيان ڪيو ويندو آهي. پر ان “آتم هتيا”پويان حقيقي سبب فقط محبت جي راز کُلڻ جو خوف هوندو آهي. توڙي جو اهڙن حالاتن تحت ٿيل خودڪشيون هن سماج ۾ ٿينديون رهنديون آهن، پر هن سماج ۾ اڪثر ائين ٿيندو آهي ته اهڙي قِسم جون خودڪشيون رازداري ۾ رکيون وينديون آهن.

[b]زندگيءَ جون مجموعي ناڪاميون ۽ خودڪشي جا خيال
[/b] امتحان ۾ فيل ٿيڻ، ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ ٽيسٽ ۾ چند مارڪن تان رهجي وڃڻ، غربت سبب فيس نه ڀري سگهڻ، پسند جو شعبو نه ملڻ، پسند جي شادي نه ٿيڻ، محبت جي ناڪامي، حادثي ۾ ذهني ۽ جسماني معذوري، ڪا ننڍي وڏي خواهش پوري نه ٿيڻ، زندگي ۾ ڪيل گناهه جو پڇتاءُ، غربت، بک، بيروزگاري، بيوسي، لاچاري، اڻبرابري، احساس ڪمتري ۽ مايوسي جهڙين حالتن ۾ دل شڪستو ٿي حياتي جي بازي ۾ اڻ اعلانيل طور هارجي وڃڻ بعد ڌرتيءَ جو اُتم جيو (اعلى ساهه وارو)منش “آتم هتيا” لاءِ انتهائي قدم کڻي پنهنجو انت آڻي ٿو.
“حياتي” جي فلسفي کي سمجهندي “موت” ڏانهن وڌيل ماڻهو فقط زندگي جي ڪاميابين سان پيار ڪن ٿا، پر کين اهو به پتو هئڻ گھرجي، ڪاميابين جا گس ناڪامين جي نگري مان گُذرن ٿا. هزارين ناڪاميون حياتي ۾ ڪاميابين جو سبق ڏين ٿيون. حياتيءَ ۾ لاتعداد ناڪامين بعد ڪاميابين جو سرور ڪيڏو وڻندڙ ۽ پيارو هوندو آهي. پر انسان پنهنجي مزاج ۾“سڪونت پسندي” جو عادي ٿيڻ بعد تِري تي بهشت ملڻ جي اميد سان جيون کي سڦل ڪرڻ جي ڊوڙ ۾ شامل هوندو آهي. تنهنڪري حياتيءَ ۾ “ناڪامي” جو لفظ کيس ڏڪائي وجهندو آهي. اها ئي ڪيفيت ماڻهو جي مزاج ۾ مايوسي، بي وسي، هيڻائي، تنگدلي، تنهائي پسندي، جذباتيت، ناڪاري سوچن جو گھيرو، احساسِ محرومي جهڙي خطرناڪ نفسياتي بيماري ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندي آهي. انساني سوچن جو انتهاپسندي جي حدن کي پار ڪرڻ بعد “زندگي” سان تعلق اڌورو رهجي ويندو آهي. ماڻهو جي دماغ جي اهڙي صورتحال پڻ پاڻ مارڻ جهڙن خطرناڪ خيالن کي جنم ڏي ٿي. انساني زندگي ۾ عدم دلچسپي جهڙو رويو ظاهر ٿيڻ جي شروعات ئي حقيقت ۾ حياتي جي نفي آهي. انساني سماج ۾ اهڙي گھٽ ۽ ٻوسٽ واري صورتحال ۾ ڦاٿل ماڻهو پاڻ سان منسلڪ مسئلن جو آخري حل“خودڪشي” ۾ سمجهي ٿو. اهڙين ناڪاري سوچن جي ڄار ۾ جڪڙيل ماڻهو هڪ پل به پنهنجو منصفاڻو احتساب نه ڪيو ته سندس “جيون” ۾ پيدا ٿيل مسئلن جو هو خود ڪيترو ذميوار هو؟ ناممڪن کي ممڪن بڻائيندڙ ماڻهو انهن مسئلن جي حل لاءِ زميني حقيقتن کي مدنظر رکي ڪهڙا اپاءُ ورتا؟ ان فرد پنهنجي شاندار ذهني ۽ جسماني صلاحيتن جو ڪيتري ايمانداري سان هاڪاري استعمال ڪيو؟ اهو فرد پنهنجي حياتي ۾ پاڻ ڪيترو انصاف پسند ۽ حقيقت پسند رهيو؟ معاشري جو ماڻهو زندگي ۾ پيش آيل اتفاقي توڙي حادثاتي مسئلن ۽ ٻين پاران ٿيل ناانصافين خلاف ورتل “خودڪشي” واري واٽ کي ئي درست سمجهيو هو، پر ڇا دنيا ۾ مسئلن جو حل فقط “آپگهات” ئي آهي؟ اهو ضروري ناهي ته خودڪشي ڪندڙ فرد “مظلوم” به هجي يا خودڪشي ڪرڻ جي ڪري به کيس مظلوم سمجهيو وڃي، ڇو ته آپگهات ته هٽلر به ڪيو هو، جنهن کي دنيا جي ظالم ترين ماڻهو هجڻ جو خطاب حاصل آهي. ڪيترائي اهڙا واقعا آهن جنهن ۾ ماڻهو ٻين سان ظلم ۽ زيادتيون ڪري بعد ۾ قانون جي پڪڙ يا پلاند جي خوف کان خودڪشيون ڪري ڇڏيندا آهن. تنهنڪري هر خودڪشي ڪندڙ فرد بي ڏوهي ۽ مظلوم نٿو ٿي سگهي. هن سماج اندر زندگي جي ناڪامين ۽ مايوسين جي بُلندين تي پهتل فرد پاڻ سان پيش آيل مسئلا يا ٻين پاران ارپيل مسئلا حل نه ڪرڻ جي صورت ۾ خود کي ته بي وقتائتي ۽ غيرفطري موت جي حوالي ڪري پاڻ سان گڏ مسئلن جو انت آڻي ٿو پر گڏوگڏ ان فرد سان لاڳاپيل رت جا رشتا به ته سندس پاران ڪيل ناانصافي جهڙو عذاب ڀوڳين ٿا. سندس معصوم يتيمي جو ڪرب، زال بيواهي جو عذاب ۽ ماءُ، پيءَ، ڀائر ۽ ڀيڻون سموري حياتي وڇوڙي جا درد ڀوڳي پنهنجا ڏينهن پورا ڪن ٿا.

[b]“زوري زنا” جو شڪار ٿيل فرد به دل شڪسته ٿي “آتم هتيا” ڪن ٿا.
[/b] هن دنيا ۾ جتي امن پسند، حسين من ۽ خيال رکندڙ عظيم انساني قدرن جا علمبردار ماڻهو موجود آهن ته اُتي دنيا جي امن کي تيلي ڏيندڙ انسانيت جا ازلي ويري، وحشي، درنده ۽ جنسي بگهڙ به موجود آهن، جيڪي پنهنجي حوس جي آگ اُجهائڻ خاطر معصوم انسانن جو جيون تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيندا آهن. دنيا جي ٻين ڪيترن ئي ملڪن سان گڏ خاص طور ايشين ملڪن ۾ زوري زنا (ريپ ڪيس) جا واقعا تمام گھڻا وڌي ويا آهن. جيڪي روز به روز ميڊيا تي پڌرا ٿيندا رهن ٿا. ان وحشت جو شڪار ڪيترائي معصوم ٻار پڻ ٿين ٿا. زنا بعد ٻارڙن کي قتل ڪرڻ جون وارداتون ۽ لڱ ڪانڊاريندڙ سانحا دنيا جي نازڪ مزاج ۽ پوپٽ جي پرن جهڙو حسين من رکندڙ ماڻهن جي اکين کي روئاڙين ٿا ۽ دلين کي ڏارين ٿا.اهڙن سانحن بعد ماحول تي سوڳواري فضا ڇائنجي ويندي آهي. جيئن ڏک ڏکن ۽ مسئلا مسئلن کي ڄڻين ٿا، تيئن هتي هڪڙا سانحا ٻين سانحن کي جنم ڏين ٿا. هن معاشري ۾ ذاتي دشمنيون پاريندي جنسي بگهڙن جي حوس جي ور چڙهيل معصوم انسانن سان زوري زنا جا واقعا رڳو اهو درد ارپي انتم نٿا ٿين پر وڌي وڻ ٿيڻ سان گڏ زمانن تائين انسانيت جي اُجري وجود تي ڪاراٺ بڻيل هوندا آهن. وحشتن جو نشانو بڻيل متاثر ماڻهن جي اڪثريت هن سماج ۾ پاڻ کي جيئڻ لائق نه سمجهندي “آپگهات” کي ترجيح ڏي ٿي. ان وارتائن ۾ “عدم انصاف” پڻ اهم حقيقت آهي.

[b]سماجي ناانصافين جا ستايل ماڻهو به خودڪشيون ڪن ٿا.
[/b]سماج جو سرجڻهار توڙي جو انسان آهي پر ان ئي سماج ۾ جڏهن ساڻس ناانصافيون ٿين ٿيون ته سندس حوصلا ۽ همتون جواب ڏيئي وينديون آهن، ڪائنات ۾ پرامن طريقي سان ڪاميابيءَ ڏانهن وڌڻ جي خواهشمند ماڻهو مهذبپڻي ڏانهن وکون وڌائي سڀيتائون ۽ سماج جوڙيا، انهن سماجن کي هلائڻ خاطر سماجي قانون ٺاهيائين، جڏهن سماجن تي ڏاڍن ماڻهن جو قبضو ٿي ويو ته انهن پنهنجي مفاد خاطر پنهنجي پسند جا سماجي مول متا ۽ قانون جوڙي ماڻهن کي پنهنجي وس ڪرڻ لاءِ انساني قدرن جي به کُلي لتاڙ ڪئي. سموري تاريخ انساني قدرن جي لتاڙ سان ڀري پئي آهي. سماجي اڻبرابري ۽ جبر خلاف وقت به وقت بغاوتون به ٿيون، پر ان سڄي افسوسناڪ ۽ ڏکوئيندڙ وارتائن ۾ سماج جي پرامن انسان تمام گھڻو ڀوڳيو آهي. لکين سالن کان سماجي ناانصافين جا عذاب ڀوڳيندڙ انسان زندگي جي ڊوڙ ۾ ٿڪي، ٽٽي ساڻو ٿي ڪري پيو، ذهني ۽ نفسياتي ڇڪتاڻ ۽ ڪشيدگيءَ جي لاوارثي ۽ مايوسيءَ واري عالم ۾ زندگي مان بيزار ٿيل ماڻهوءَ کي سنڌ جي محبوب شاعر استاد بخاري جي شاعري هيئن حوصلو ارپي ٿي،
او اٽل آدمي!
ڪن جڳن کان وٺي،
انڌ سان، ڌند سان، پنڌ سان،
مُنهن ڏيئي تون پيو آن ٿڪي،
دل شڪستو نه ٿي! دل شڪستو نه ٿي!
ٿورڙو دم پٽي،،سگهه ساري گڏي،،پير پختا ڪري،
ڏند ڪُرٽي اٿي.
عاشقيءَ ۾ اچي دل شڪستو نه ٿي!
ڏانگ ڦيري ته ڏس،
نانگ نوڙي اٿئي،
پير ٻوڙي ته ڏس،
باهه پاڻي اٿئي،
ڪنڌ پڪڙي ته ڏس!
شينهن ٻڪري اٿئي،
ڳالهه چوري ته ڏس!
ساٿ جاڳيو اٿئي،
ڳاٽ موڙي ته ڏس!
سنڌ ساري اٿئي.
او اٽل آدمي!
دل شڪستو نه ٿي! دل شڪستو نه ٿي!