”خودڪشي“ ۽ انساني حقن جي ادارن جو غيرسنجيده رويو
“خودڪشي” جي عمل کي دنيا جا سمورا مهذب مذهب، معاشرا ۽ قانون رد ڪن ٿا ۽ سمورا باشعور سماج ان عمل کي روڪڻ لاءِ ڪوشان آهن. پر ان جي باوجود “خودڪشي” زمانن کي دنيا جو وڏو مسئلو بڻيل رهيو آهي. خوشحال ملڪن جا آزاد سماج جتي قانون ۽ انصاف يقيني بڻيل آهي. جتي انساني قدرن جو تقدس پائمال نٿو ٿئي، جتي ماڻهپي جي احساس سان دليون ڌڙڪن ٿيون، جتي ماڻهو لاءِ ماني مسئلو بڻيل ناهي رهي، جتي ڀت جي گرهه لاءِ آدم ذات جون ڊگھيون قطارون نٿيون لڳن، جتي حق تلفي جو تصور ئي ناهي، انهن ملڪن ۾ برابر “آپگهات” جي شرح گھٽ آهي پر شديد غربت جو شڪار ملڪ جتي بک واڪا ڪري ٿي، جتي پيٽ پٺن سان لڳل آهن، جتي اَنَ جي خوشبوءَ ناياب بڻائي وئي آهي. جتي ماني جو ملهه ماڻهپي کان مهانگو آهي. جتي بک سبب ڏرا ڏنل اکيون ماني ملڻ جي اميد سان ٽمڪن ٿيون، جتي ڪاروڪاري رسم بڻيل هجي، جتي معصومن سان زنا ڪري قتل ڪيو وڃي ٿو، جتي پورهيتن جا ننگ کڻي سندن لڄ ليڙون ليڙون ڪئي وڃي، جتي ڪنهن به مسڪين جي عزت محفوظ نه هجي، جتي چادر ۽ چوديواري ته ڇا پر رشتن جو تقدس به پائمال ٿيڻ روز جو معمول بڻيل هجي، ڏوهاري سرگرميون غريبن جا گھر لُٽي پاٿاريدارن جا پيٽ ڀرين. جتي عدل ۽ انصاف سپنو بڻيل هجي. ان ديس جا ماڻهو مسئلن ۽ مايوسين جي ڪُن ۾ ڦاٿل هئڻ ڪري “خودڪشي” ڪري ڏاڍي جي ٻن مٿن واري لٺ بڻيل سماج مان آجپو حاصل ڪن ٿا. ان ڪري ئي “خودڪشي” جي شرح افسوسناڪ حد تائين وڌيل آهي. هن دنيا ۾ هڪ ماڻهو جا مجموعي مسئلا ڪهڙا آهن؟ ملڪ جي پُرامن ماڻهن کي آشيانو، تحفظ، خوشحالي، روزگار، ماني، ڪپڙا، امن ۽ انصاف مهيا ڪرڻ ڪنهن جي ذميواري ۾ شامل آهن؟ جيڪڏهن ماڻهو پنهنجن بنيادي ۽ انساني حقن کان محروم هوندو اهو فرد هن سماج جي تعليم ۽ ترقي لاءِ ڪهڙو ڪردار ادا ڪري سگهندو؟ غربت جو شڪار ملڪن ۾ “خودڪشي” جا بنيادي ڪارڻ مٿي ذڪر ڪيل آهن. معاشي طور ڪمزور ملڪن ۾ اهڙي خطرناڪ صورتحال پيدا ٿيڻ بعد انساني حقن جي عالمي ادارن ڪهڙي سنجيدگي جي سوچ اختيار ڪئي آهي؟ خودڪشي جهڙي وڌي وڻ ٿيل مسئلي جي حل لاءِ زميني حقيقتن جي آڌار تي ڪهڙا سائنسي ۽ مفيد حل ڪڍيا ويا؟ يا هاڻ اهڙن ادارن جو ڪم فقط اهو وڃي بچيو آهي ته “آپگهات ڪندڙ ماڻهن جا انگ اکر هٿ ڪري ۽ فائيو اسٽار هوٽلن ۾ سيمينار ڪرائڻ ۽ موٽ ۾ فنڊ وٺڻ” ڇا انساني حقن جي عالمي ادارن وٽ انهن سيمنيارن، تقريرن ۽ بحث مباحثن کانسواءِ ٻيو ڪو حقيقي حل به موجود آهي؟ يا ماڻهن جو “آپگهات” ڪري مرڻ جهڙي اهم مسئلي سان سندن تعلق ناهي؟
“خودڪشي”سڄي دنيا سان گڏ خاص طور ايشيائي ملڪن جو خطرناڪ مسئلو بڻيل آهي. انهن ملڪن ۾ وري خودڪشي جو مُک سبب بک، بيروزگاري ۽ بدحالي آهي. انهن مسئلن جو شڪار پورهيت طبقو آهي. جنهن طبقي جي پگهر جي پورهئي سان دنيا جي وڏن ماڻهن جا نسل پلجن ٿا، ماڙيون، محل، بنگلا پورهيت هٿن جي محنتن جو نتيجو آهن. جيڪڏهن اهي مزدور ماڻهو ڪمائڻ ڇڏي ڏين ته انهن سان گڏ اناج جي زخيراندوزي ڪندڙ وڏا سرمائيدار ماڻهو به ويلا ڪٽي سگهن ٿا. تنهنڪري انساني حقن جي عالمي ادارن کي غريب ملڪن جي مسڪين ماڻهن کي رڳو “خودڪشي” ڪري مرڻ جو انتظار ڪرڻ بجاءِ عملي طور اُپاءُ وٺڻ گھرجن. ته جيئن غريبن تان “آپگهات” جهڙي غيرفطري موت جو راڪاس ٽري وڃي. انسانن جون قيمتي حياتيون بچي وڃن. وڻن ۾ ٽنگيل انسانن جا لاش “انسانيت” تي چٿر نه بڻجي سگهن.
[b]اُتر پرديش: جتي لکين هارين خودڪشيون ڪيون.
[/b] هزارين سالن کان ڀارت غريب ۽ مسڪين ماڻهن لاءِ مقتل گاهه رهيو آهي. اتي مظلوم ماڻهون هون به اوچ جاتين جي عتاب هيٺ رهي پنهنجي نسلن جون حياتيون ڳاري ڇڏيون آهن. پر اتي برهمڻ سامراج جي انساني اڻبرابري واري خطرناڪ سوچ ماڻهن لاءِ موت ثابت ٿي آهي. دنيا جي سمورن ظالم جاگيردار جي سوچ هارين لاءِ هڪجهڙي آهي، ڀارت ۾ هارين جي زندگي ڪهڙي آهي؟ ان لاءِ پاڻ هتي فقط ڀارتي رياست اُترپرديش جو مثال وٺنداسين. جتي هارين سان ظلم ۽ زيادتين جي انتها آهي. هاري بک ۽ قرضن سبب “خودڪشي” ڪري پنهنجي جيون جو انت آڻي رهيا آهن. هندستان ۾ “خودڪشي” ڪندڙن جي اڪثريت اوچ جاتين پاران اڇوت قرار ڏنل مسڪين دلت ماڻهن جي آهي. جن کي ڀارت ۾ اڃا تائين فقط انسان سمجهڻ جي جُرئت به نٿي ڪئي وڃي. انڊيا جي جمهوريت جو ظاهري ڏيک هڪڙو آهي ته سندس اندوروني روپ ۽ رنگ ٻيو آهي. ڀارت ۾ بک، بيروزگاري، بدحالي، پاڻيءَ جي کوٽ، سوڪهڙي جي شڪار رياستن ۾ پورهيت طبقي پاران آپگهات جي شرح به تمام گھڻي وڌيل آهي. هيستائين لاتعداد ماڻهن خودڪشيون ڪري زندگيءَ جو انت آندو آهي.
[b]اميتاڀ بچن 14 سئو هارين جو قرض ڀري کين خودڪشيءَ کان بچائي ورتو.
[/b] ڀارت ۾ هاري طبقو وڏين مشڪلاتن جو شڪار آهي. سندن حياتي قرضن سبب زهر بڻيل آهي. ڀارتي هارين کي قرض کان ڇوٽڪاري جو حل “خودڪشي” کانسواءِ نظر نٿو اچي. پر انڊيا ۾ ڪجهه درد ڀري دل رکندڙ فلمي اداڪار نانا پاٽيڪر جهڙا سرندي وارا ماڻهو به آهن جيڪي هارين جو قرض ڀري سندن حياتيون “آتم هتيا” جي ڦاهي کان بچائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. تازو ڀارتي ليجنڊ اداڪار اميتاڀ بچن پڻ اُترپرديش جي 1400 سرڪار جي قرضي هارين جو 4 ڪروڙ کان مٿي قرض ڀري نه رڳو کين قرض جهڙي مرض کان آجپو ڏياريو پر انهن کي خودڪشين کان پڻ روڪي قيمتي انساني حياتيون بچائڻ ۾ اهم ۽ وقتائتو قدم کنيو. ميڊيائي رپورٽن موجب 1995 کان هيستائين قرضن کان تنگ ٿي خودڪشي ڪندڙ هارين جو تعداد 3 لک کان مٿي آهي. انهن ٽي لک هارين جي خودڪشيءَ سان رڳو اهي ٽي لک فرد متاثر نه ٿيا پر ٽي لک ڪٽنب به هڪ ڪمائي کارائيندڙ پورهيت انسان کان محروم ٿي ويا. قرض سبب “آپگهات” ڪندڙ فرد جا ماءُ، پيءَ، ڀائر،ڀيڻن، وني ۽ ٻچڙن سميت ٻيا به ڪيترائي لاڳاپيل انسان ان ڏک جو شڪار بڻجندا آهن. ڇا پورهيتن جا اهي مسئلا انساني حقن جي علمبردار بڻيل ادارن جي ذميواريءَ ۾ شامل ناهن!؟