چکيا چڙهي ڪيل خودڪشيون
[/b] جڳ مشهور عشقيه داستان جنهن کي شاعرن جي سرتاج مرشد لطيف پورو سُر ارپيو آهي. توڙي جو مومل ۽ راڻي جي عشقيه داستان ۾ گھڻيون ڳالهيون ڏندڪٿائون به لڳن ٿيون، پر انهن جي عشق جي پڄاڻي “خودڪشي” تي ٿي. پندرهين صديءَ ۾ راجا نند گُجر ميرپور ماٿيلي جو راجا هو، راجا نند کي 9 نياڻين جو اولاد هو. هڪ ڏينهن سندس ملڪيت جي لڪيل خزاني جو راز مومل ڪنهن فقير جي حوالي ڪري ڇڏيو، اهو فقير راجا نند جو سنڌو درياهه جي پيٽ ۾ لڪايل خزانو ٻهاري ويو. ڪنهن ڏينهن راجا نند خزاني جي سار لهڻ جي خيال سان مومل کان حال احوال ورتو، پر مومل ته اڻ ڄاڻائي ۾ خزاني جو راز فقير کي ڏيئي ڇڏيو هو، جنهن تي راجا نند مومل تي ڏمرجي پيو ۽ مارڻ لڳو، پر سومل پنهنجي پيءَ کي خزاني کان وڌيڪ دولت آڻي ڏيڻ جي ضمانت تي مومل جي جان ڇڏائي. جنهن بعد سومل پنهنجين ڀيڻن ۽ ٻانهين کي وٺي اچي جيسلمير وٽ لڊاڻي ۾ ڪاڪ محل جوڙايو، اتي شهزادن کي نازنين جي اکين ۾ قيد ڪرڻ خاطر طلسمي ٽڪساٽ ۾ ڪيترائي اڻڄاڻ ماڻهو پنهنجي جان وڃائي ويٺا،
گُجر کي گجميل جون تارن ۾ تبرون،
هڻي حاڪمين کي، زور ڀريون زبرون،
ڪاڪ ڪنڌيءَ قبرون، پسو پرڏيهين جون.
پر راڻي مينڌري پنهنجي ڏاهپ ۽ عقل سان سومل پاران مومل کي ماڻڻ لاءِ رکيل شرط پورا ڪيا، طلسمي آزمائشن جا کُڻ پار ڪري وڃي مومل ماڻيائين. سندس ملاقاتن جو سلسلو شروع ٿي ويو، ڊگهو پنڌ ڪري راڻو مومل سان ملڻ ڪاڪ محل (لنڊاڻو) ويندو هو، روزانه ڪاڪ ڪاهڻ ڪري راڻو همير ڪاوڙجي پنهنجي ساليءَ راڻي ميندري کي قيد ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري راڻو مومل سان ملڻ کان رهجي ويو،
ڪتنِ ڪر موڙيا، ٽيڙو اُڀا ٽيئي،
راڻو رات نه آئيو، ويل ٽري ويئي،
کوءِ سا کاڻي راتڙي! پرين ري پيئي،
مون کي ڏن ڏيئي، وڃي ڍولو ڍٽ قراريو.
پويان مومل راڻي جي وڇوڙي ۽ درد فراق ۾ پنهنجي ڀيڻ سومل کي راڻي مينڌري جو ويس پهرائي پاڻ سان گڏ سمهاريندي هئي، جڏهن راڻو مينڌرو هميرسومري جي قيد مان ڇُٽي مومل سان ملڻ آيو ته مومل سان گڏ ٻيو مرد سُتل ڏسي ڪاوڙجي ويو، نشاني طور پنهنجو لڪڻ کٽ تي ڇڏي ويو، بعد ۾ مومل ڪئين نياپا اُماڻيا، آزيون نيازيون، معافيون، طلافيون ۽ وضاحتون ڪيون پر راڻي ميندري اڳيان هڪ به نه هليس. مومل جو من عشق جي آگ ۾ تپي، سڙي، ٻري ويو، سو نيٺ مجبور ٿي باهه جو اوڙاهه ٻارائي اُن ۾ ٽپو ڏئي “آپگهات” ڪري ڇڏيائين، جيئن ئي راڻي مينڌري تائين اُها خبر پهتي سو به مينهن واه ڪندو اچي پهتو، پر تيستائين سندس محبوبا مومل باهه ۾ جلي ڀسم ٿي چُڪي هُئي، اهو خطرناڪ منظر ڏسي راڻو به باهه ۾ ٽپي پيو ۽ خودڪشي ڪري انت آندائين. کن پل ۾ ٻئي راک بڻجي ويا.
هتي “مومل راڻو” داستان لکڻ جو حاصل مقصد اهو آهي ته دنيا ۾ گھڻين خودڪشين جا سبب پيار، محبت ۽ عشق ۾ ناڪامي ئي معلوم ٿين ٿا. انتها درجي جي محبت جو جذبو ماڻهو ۾ جنونيت جي روين کي ظاهر ڪري ٿو. عشق جو انڌپڻ دنياداري جي بينائي وڃائي ٿو. نتيجي ۾ فقط “حاصلات” ئي اهم مقصد وڃي بچي ٿو. عشق جي جنون ۾ ورتل ماڻهو ٻي انسان جي جان وٺڻ ۽ پنهنجي جان ڏيڻ جي نفعي ۽ نقصان جي پرواهه ڪرڻ بنان قدم کڻندا آهن. اهو قدم ڇو نه خودڪشي جو هجي! پر ڪنهن به ريت ان عمل تان پوئتي هٽڻ جي سوچ سندن ذهن تي اچڻ جو ڪو سوال پيدا نه ٿيندو آهي. ڪيترائي عاشق پنهنجين محبوبائن کي قتل ڪرڻ بعد پاڻ به “خودڪشي” ڪري ڇڏيندا آهن. مقامي توڙي قومي ميڊيا ۾ اهڙا ڪيس رڪارڊ ٿيندا رهيا آهن. هن معامري ۾ هڪ طرفي خودڪشي سان گڏ عشق جي جنون ۾ مبتلا عورت توڙي مرد ٻئي گڏجي به خودڪشي ڪن ٿا. حياتي تان هٿ ڌوئڻ جهڙو انتهاپسنداڻو قدم فقط ان وقت کنيو وينديو آهي، جڏهن هڪٻئي کي حاصل ڪرڻ جون سموريون اميدون نراس بڻجي وڃن. گڏجي جيئڻ جو ڪو به آسرو باقي نه بچندو آهي. ان صورتحال ۾ اڪثر هڪ طرفي خودڪشي جا واقعا ته تمام گھڻا رڪارڊ ٿيندا آهن.جنهن ۾ ڇوڪرن جي ڀيٽ ۾ ڇوڪرين جو تعداد گھڻيرو هوندو آهي. پر ٻنهي ڄڻن مان ڪوبه هڪ بچي ويو ته ٿورن گھڻن ڏينهن ۾ پاڻ سنڀالي وري جيئڻ جو حوصلو حاصل ٿيڻ سان پٿر جهڙي ڳري بڻجي ويل زندگي جو گاڏو گهلجي گهلجي نيٺ وڃي پٽڙي تي چڙهندو آهي.
عشق جي چوٽ لڳڻ بعد حاصلات جي پنڌ ۾ نراس بڻيل فرد ذهني طور جنونيت جي ڪيفيت ۾ مبتلا ٿيڻ سبب پنهنجن حواسن کي وس ۾ رکڻ کان گھڻي حد تائين بيوس بڻجي ويندا آهن. جنهن بعد مايوسي جي ڪُن ۾ ٻڏندڙ ماڻهو جي عشق جي پُڄاڻي گھڻو ڪري“خودڪشي” تي ئي ٿئي ٿي. پر جي سندس هارجي ويل حياتي “آپگهات” کان بچي به وئي ته ان فرد جا پاڻ سنڀالڻ جهڙا آثار تمام گھٽ رهجي وڃن ٿا. محبت جي ميدان جا شڪست يافته فرد فراريت جي رڻ ۾ وڃائجي ويندا آهن. جتي سندن من تنهائي پسند بڻجي هن سماج کان ڏور ڀڄندو آهي، ان صورتحال ۾ ڪيترن ئي قيمتي ماڻهن کي خطرناڪ منشيات ۾ سهارو ڳوليندي نشي جو علتي عادي بڻجندي ڏٺو ويو آهي. فراريت کين هن معاشري کان جدا ڪري سندس مزاج ۾ چڙ ۽ جذباتيت تنگدليءَ جو زهر ڀري خوبصورت ۽ حسين زندگي کان باغي بڻائي ڇڏيندي آهي. ٻي طرف منشيات ته ان فرد کي ذهني ۽ جسماني طور ناڪاره بڻائڻ سان گڏ اڳتي هلي ڏوهاري پڻ بڻائي ڇڏيندي آهي. اهڙي زندگي جي شروعات (سلو پوائزن) موت ڏانهن سفر آهي. اهڙو عمل اپنائڻ بنيادي طور محبت ۾ ناڪامي جو پاڻ کان انتقام وٺڻ آهي. محبت ۾ هارجڻ بعد “خودڪشي” کان بچي ويل اهڙا ناڪاره بڻيل فرد هن سماج ۾ توهان کي آفيمي، چرسي، هيروئني جي روپ ۾ نظر ايندا. انهن عادي موالين جي اڪثريت جواني ۾ عشق جي ناڪامي جي صدمي کي برداش ڪرڻ لاءِ منشيات کي اپنايو پر نتيجو اهو نڪتو جو اهو ماڻهو عشق جي جذباتيت مان ته آجو ٿي ويو پر منشيات جي جڪڙ مان نڪري نه سگهيو. سندس حياتي جو مقصد مري ويو، خود به زنده لاش بڻجي هن سماج تي بار ثابت ٿيو. سندس اهڙي حياتي کي نيم موت جو نالو ڏيئي سگهجي ٿو. موت ته هر جيو کي اچڻو آهي، فطري عمل جي ان اهم مرحلي مان زندگي کي اوس گذرڻو آهي. پر پنهنجي حياتي جي ناڪامين جو انتقام فطرت کان وٺي “آپگهات” ڪرڻ جو عمل هن حسين ڪائنات جو خطرناڪ الميو آهي. انهن الميي جو ذميوار هيءَ سماج به آهي ته خود “فرد” پاڻ به آهي.
[b]ٻيجل ۽ سورٺ به چکيا چڙهي آتم هتيا ڪئي.
[/b] ڪائنات جي عظيم شاعر ڀٽائي سرڪار هن داستان تي مڪمل سُر “سورٺَ”سرجيو آهي. جهوناڳڙهه جي سخي راجا راءِ ڏياچ جي ڀيڻ کي پُٽ ڄائو، جنهن بابت پنڊتن پوٿيون پٽي اڳڪٿي ڪئي ته “اهو ٻار وڏو ٿي پنهنجي مامي راجا راءِ ڏياچ جو سِر کڻندو” جنهن بعد ان ٻار کي ڄمڻ وقت سسئي جيئن صندوق ۾ بند ڪري درياهه ۾ لوڙهيو ويو. اها صندوق لُڙهندي لُڙهندي وڃي راجا اُنيراءِ جي رياست مان نڪتي جتي ٻار جي اها صندوق هڪ چارڻ جي هٿ چڙهي جنهن صندوق مان ٻار ڪڍي نپايو، سندس نالو “ٻيجل” رکيائين. اهو ٻار وڏو ٿي جهنگ ۾ ٻڪريون چارڻ لڳو. هڪ ڏينهن سندن سماعتن تي هڪ سُريلي آواز جو پڙلاءُ پيو، جنهن تي ٻيجل اچرج ۾ پئجي ويو. ان آواز کي ڳوليندي وڃي هڪ وڻ تي نظر پيس، جتي ڪنهن ماڙهو هرڻ کي ماري ان جا آنڊا وڻ تي اُڇلائي ڇڏيا هئا، هرڻ جي سُڪي ٺوٺ ٿيل آنڊن مان هوا تي من موهيندڙ سُر نڪري رهيا هئا، سندس حيرانگي جي حد نه رهي، هن هرڻ جا آنڊا کڻي ساز تي چاڙهيا، ۽ سُرندو وڄائي مٺا سُر ڪڍڻ لڳو، سندس سرندو ڏيهان ڏيهه مشهور ٿيڻ لڳو.
ٻيجل جي پيدائش واري سال راجا اُنيراءِ کي به ايڪهٺين ڌيءَ جو جنم ٿيو، راجا ڪاوڙ مان ان نياڻي کي به صندوق ۾ بند ڪرائي درياهه ۾ لوڙهي ڇڏيو، جيڪا اتفاق سان راءِ ڏياچ جي ملڪ مان وڃي نڪتي، جتي رتني ڪنڀر نالي همراهه کي اها ٻارڙي هٿ آئي، جنهن سندس نالو “سورٺ” رکيو. سورٺ جواني جي حدن کي پهچندي حسن جي پري ٿي پئي، سورٺ جي سونهن جي هاڪ ٻڌي راجا اُنيراءِ سندس سڱ گھريو، اُنيراءِ کي پتو ئي نه هو ته “سورٺ” سندس ئي لوڙهيل ڌيءَ آهي. اها سڌ جڏهن راءِ ڏياچ کي پئي ته رتني کي گھرائي ملامت ڪيائين ۽ سورٺ کي پنهنجي حويلي ۾ رکيائين. اُنيراءِ ان ڳالهه تي ڪاوڙجي جهوناڳڙهه تي ڪاهه ڪئي، پر هڪ سال جي جنگ بعد به کيس فتح نصيب نه ٿيس. واپس پنهنجي وطن وڃي پڙهو گھمايائين ته “جيڪو کيس راءِ ڏياچ جو سِر آڻي ڏيندو ان کي امُلهه هيرن جو ٿالهه انعام ۾ ڏنو ويندو” ٻيجل جي پتني هيرن جو ٿالهه وٺي پاڻ وٽ رکيو ۽ واعدو ڪيائين ته سندس ور ٻيجل راءِ ڏياچ جو سِر وڍي ايندو، ٻيجل زال جي واعدي کي وفا ڪرڻ خاطر سُرندو سينگاري راءِ ڏياچ جي درٻار تي وڃي سُر ڇيڙيائين. سخي راءِ ڏياچ ٻيجل جي سُرن تي موهت ٿي پيو، کيس وڏا وڏا انعام ارپيائين، پر ٻيجل ته سندس سِر جو گھرجائو هو، تنهن راءِ ڏياچ کي چيو ته “مونکي انعام ۾ ڪجهه نه کپي، فقط توهان جو سِر کپي!”
ٻيا در ڏيئي ٻين کي، آيس تنهنجي در،
سونهارا سورٺ ور ! ڪا منهنجي ڪر،
ڀلارا ! ڀيري ڀر، پالهو پاند پينار جو .
سخي راءِ ڏياچ جي در تان ڪڏهن به سوالي خالي نه ويو هو، سو راءِ ڏياچ پنهنجو سِر ڪوري ڏنو.
ڪي جي ٻيجل ٻوليو، ڀنيءَ ويهي ڀان،
راجا رتولن ۾، سيباڻو سلطان،
آءُ مٿاهون مڱڻا! مقابل ميدان،
گھوريان لک لطيف چئي، تنهنجي قدمن تان قربان،
مٿو هي مزمان ! هلي آءُ ته هت ڏينءِ !
ٻيجل راءِ ڏياچ جو سِر کڻي اچي اُنيراءِ کي پيش ڪيو، اُنيراءِ کي هڪ سخيءَ جي اهڙي قرباني جو قدر ٿيو، جنهن پڻ پڇتائيندي ٻيجل کي سندس لالچ تي سخت ملامت ڪئي، جنهن ٻيجل کي ملڪ نيڪالي ڏني. جنهن بعد ٻيجل به سُرندو کڻي جهوناڳڙهه روانو ٿيو، جتي سورٺ مچ ٻارائي “ستي” بڻجي سڙي راک ٿي چُڪي هئي، ٻيجل به راڻي مينڌري جيئن باهه جي اوڙاهه ۾ ٽپي سڙي ساهه ڏنو. چکيا چڙهڻ به بنيادي طور “آتم هتيا” جو هڪڙو قسم آهي. هن ٻنهي داستانن کانسواءِ ٻيا به ڪجهه داستان آهن جن ۾ “چکيا چڙهي خودڪشي ڪرڻ جا احوال شامل آهن،”