خودڪشيءَ جهڙيون ريتون ۽ رسمون
ڌرتيءَ جو گولو ڪائنات جي ٻين گرهن کان تمام گھڻو ننڍڙو آهي، وري ان ئي ڳوٺ جيڏي ننڍڙي ڌرتيءَ تي انسانن جا ڪيترا نسل ۽ پيڙهيون ڀُري ختم ٿي ويون ۽ ڪيترن ئي ماڻهن جا نسل وڌڻ ويجهڻ سان گڏ زندهه ۽ سلامت آهن. لاتعداد انساني نسل هن وقت به ڌرتيءَ تي قابض قوت بڻيل آهن ته ڪيترائي انساني نسل ته اڄ به خطرناڪ غلامي جا عذاب ڀوڳي رهيا آهن ۽ ڪجهه انساني نسل فقط پنهنجي وجود جي بقاءَ جي جنگ لڙي رهيا آهن. ننڍڙي سمجهي ويندڙ ڌرتيءَ جا سڏ پنڌ تي ئي رنگ، موسمون، فصل، ذائقا، تهذيبون، ٻوليون، لهجا، مزاج بدلجيو وڃن ٿا. پرٿوي جا مختلف انساني نسل گرم ريگستاني علائقن، برفاني علائقن،آباد سرزمينن سميت سخت سوڪڙي ۽ ڏڪار سٽيل علائقن جا واسي هئڻ ڪري انهن علائقن جون موسمون ۽ زميني حالتن جا اثر سندن رنگ، نسل، قد، بُت، ذهني ۽ جسماني صلاحيتن، وقت کان اڳ جنسي بالغپڻو ۽ ذهني نابالغي، ڪاهلي ۽ چُستي، امن پسند ۽ ويڙهاڪ هجڻ، جسم، جذبن، خيالن، عادتن ۽ ڪيفيتن تي اثرانداز ٿيڻ فطري عمل آهي. اهي سموريون جدا جدا فطري حالتون انهن انسانن جي رڳ رڳ ۾ رچي وينديون آهن. انساني زندگي جي انهن سمورين بدليل، الڳ ٿلڳ ۽ منفرد حالتن جي باوجود دنيا جي عظيم انساني قدرن موجب هر انسان هن دنيا ۾ هر لحاظ کان هڪجهڙا انساني حق رکي ٿو، کين جيئڻ جا برابر حق حاصل آهن. مستقبل ۾ باشعور ۽ سگهارن سماجن ۾ عورت ۽ مرد جو صنفي فرق انساني حقن ۽ قدرن کي شايد متاثر نه به ڪري سگهي! ۽ سڌريل ملڪن جي ترقي يافته معاشرن ۾ اهڙا نظام ممڪن بڻجي ٻين لاءِ مثال بڻيل آهن.توڙي جو هن وقت سڄي دنيا ۾ مضبوط مرداڻو سماج جُڙيل آهي پر ماضي ۾ دنيا جي ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ عورتاڻو سماج (مڌرشاهي نظام) رهيو آهي. هن وقت به شايد دنيا جي چند ملڪن جي ڏور علائقن، ٻيٽن، مشڪل جابلو علائقن ۾ ٿورڙي تعداد ۾ عورتن گڏجي خود ساخته طور عورتاڻي حق حاڪميت جو نظام روان دوان رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اهڙيون خبرون ميڊيا ۾ پڻ تي آيل آهن. عورتن سان مرداڻو سماج (پڌرشاهي نظام) ڪيترو عدل ۽ انصاف ڪري سگهيو آهي؟ اها تاريخ هاڻ ڳجهي ناهي رهي. دنيا اندر آپگهات ڪري زندگي جو ڏيئو اجهائيندڙ انسانن ۾ اڪثريت عورتن جي آهي. عورتن جي انهن خودڪشين پويان ڪهڙا ڪارڻ آهن؟ دنيا جي گولي تي ارتقا کان وٺي اڄ ڏينهن تائين سمورن ڏکن، تڪليفن، جنگي حالتن، قدرتي آفتن، طوفانن، ٻوڏن، بکن ۽ ڏڪارن ۾ عورت مرد سان ٻانهن ٻيلي بڻجي سندس ساٿ ڏنو آهي. ان جي باوجود به مرد زمانن کان مٿس ٺلهو اعتماد به بحال نه ڪري سگهيو آهي. فطري طور هڪٻئي لاءِ لازم ۽ ملزوم رشتن ۾ صنفي اڻبرابري جو غيرانساني رويو ئي اهڙي عدم اعتمادي جي ڪشمڪش ۽ ڪشيدگيءَ جي صورتحال کي جنمي ٿو. اهڙي عذاب کي عورت صدين کان ڀوڳيو آهي. دنيا جون سموريون پيڙاهون ۽ تڪليفون عورت جي پانڌ ۾ گھڻيريون آيون آهن. جنهن جو عورتن نهايت ئي بهادريءَ سان مقابلو به ڪيو آهي ته ڪڏهن ڪڏهن همت هاري “آپگهات” کي به گلي لڳايو آهي.
[b]ماضي ۾ هندو سماج اندرعورتن کي خودڪشي لاءِ اتساهيندڙ “ستي” رسم
[/b]هنڌو سماج ۾ عورت سمورو جيون پنهنجي پتي پرميشور جي پيار ۽ اعتماد جي حاصلات لاءِ “شيواداري” بڻيل رهي ٿي. پر اڄ ڏينهن تائين فقط ويد، پُراڻ، ڌارمڪ ڪتابن جي پنن ۽ ڳالهين جي حد تائين ته کيس “مهان” سمهجيو ويو آهي، پر حقيقت جي نگاهن سان ڏسبو ته اکين ۾ دردن جا طوفان اٿي پوندا، جيڪي ڪائنات جي نازڪ مزاج انسان دوست فردن کي ڪک پن ڪري ڇڏيندا. سماج جون ڪيتريون ناسور ريتون رسمون ۽ رواج جيڪي فقط “عورت” کي پنهنجي قيد ۾ قابو رکڻ خاطر ئي رچيل آهن. انهن ريتن جو نچوڙ فقط عورت کي مرد جي ازلي داسي، غلام ۽ نيچ ڏيکارڻ جو فلسفو آهي. زمانا اڳ عورت جي “پاڪ دامني” جون پرڪشائون “چرڀيلي” جهڙي رسمن تحت به ورتيون وينديون رهيون آهن پر ساڳي ريت ان ئي سماج ۾ “مرد” جو “ستو جتو” (پاڪ پويتر صاف دامن) هجڻ لاءِ ڪهڙو قانون رهيو آهي؟ پتنيءَ جي پرلوڪ پڌارڻ بعد يا سندس حياتي ۾ پتي پرميشور ته ڪيترائي دفعا شڀ لگن وهان رچائڻ جي ڌرمي آگيا رکي ٿو. پر پتي جي سرڳواسي ٿيڻ بعد عورت لاءِ “ستي” جي عذابي رسم به سماجي ريتن ۽ رسمن جو حصو رهي آهي. مڙس جي جنگ ۾ سرڳواسي ٿيڻ بعد وني لاءِ “آپگهات” جهڙي انسان دشمن رسم جا آثار تاريخ ۾ ملن ٿا. پتي جي مرڻ بعد پتني وٽ ستي بڻجي آتم هتيا ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو نه هوندو هو. ان کي سرڳ جي آسري تي“ستي” ٿيڻ لاءِ وقت جا ويدوياسي ٺيڪيدار عورتن کي رٽيل سلوڪن سان اتساهي “خودڪشيون” ڪرائيندا هئا. ستي ٿيندڙ عورت کي ڪنوار جو وڳو، سون ۽ چاندي جي زيورن سميت سورنهن سينگار ڪرائي باهه جي مچ ۾ ساڙيو ويندو هو. سڙڻ جي سور ۽ عذاب کان ڀڄڻ يا مزاحمت ڪندڙ عورت کي نشو ڏيڻ ۽ بانس جي ڪاٺين ۾ ٻڌي سوگهو ڪيو ويندو هو. جيئن سڙڻ وقت ستي ڇڏائي ڀڄڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي. ستي کي ساڙڻ کانسواءِ مري ويل مڙس سان گڏ جيئري ئي قبر ۾ دفن پڻ ڪيو ويندو هو. پر جيڪڏهن مڙس ڪٿي ڏور پرديس ۾ پرلوڪ پڌاريو ۽ سندس لاش گهر پهچڻ جا امڪان نه هوندا هئا ته سندن پتني باهه جو وڏو مچ ٻارائي، آگ ۾ “ستي” ٿيڻ لاءِ ٽپي “خودڪشي” ڪندي هئي. اهو لڱ ڏڪائيندڙ ۽ دل ڏاريندڙ منظر اُتي موجود هزارين ماڻهو پنهنجي اکين سان اُڀي ڏسندا هئا. ٻيون عورتون وري ان “ستي” ٿي آتم هتيا ڪندڙ عورت لاءِ رخصتيءَ جا گيت ڳائينديون هيون. “ستي” جي رسم پويان اهو تصور هو ته مرڻ بعد ٻئي پتي پتني ٻيهر گڏجي ويندا. بنگال ان رسم جي ضد ۾ رهيو آهي. سِک مذهب ۾ “ستي” جي رسم تي شروع کان ئي پابندي رهي آهي. پر هن رسم پويان عورت تي “بي اعتمادي” جي گھٽيا سوچ کان سواءِ ٻيو ڪو به ڪارڻ نظر نٿو اچي. وڏي ڄمار جا بادشاهه ۽ سرندي وارا پوڙها منش پنهنجي ڏاڍمڙسي ۽ ملڪيت جي آڌار تي ڪيترين ئي نوجوان حسين نارين سان شڀ لگن وهان ڪرڻ ۾ سڦل ويندا هئا. شاديءَ بعد سندن ذهن تي هر وقت اهو خوف ڇانيل هوندو هو ته “سندس سُنڌر ۽ جوان ڌرم پتني متان ڪنهن ڌارئين جوان آدمي کي پسند ڪري وجهي يا کيس مارڻ خاطر زهر ڏيڻ جو انديشو به سندن سوچن تي قابض هوندو هو” ان کان علاوه کين اهو به ڊپ هوندو هو ته “ملڪيت جي حاصلات، ڌن ۽ دولت جي وارثي ماڻڻ خاطرسندن پتني زهر ڏيئي ماري سگهي ٿي” ان خدشي کي ختم ڪرڻ لاءِ “ستي” جي رسم رواج وڌو ويو، جنهن بعد زالن تي بي اعتمادي ڪندڙ مردن جو ڊپ ختم ٿي ويو ڇو ته “جيڪڏهن سندس زال زهر ڏيئي ماريندي ته کيس به “ستي” جي رسم ذريعي ماريو ويندو” هندو سماج ۾ هيملاڪ جهڙي ذهنيت رکندڙ ماڻهن اهڙي عورت دشمن ريت ۽ رسم کي قانون جي شڪل ڏئي لاڳو ڪيو. جنهن سان هيستائين لکين عورتون “ستيون” ٿي خودڪشي ڪري موت جو شڪار ٿي ويون. راجائي حاصل ڪرڻ خاطر 1806ع ۾ نيپال جي راجا کي سندس ڀاءُ قتل ڪري ڇڏيو، سندس بيواه مهاراڻي راجيشوري ديوي کي 5 مئي 1806 ع تي سندس مرضيءَ جي خلاف زبردستي “ستي” ڪري ساڙي ماريو ويو. عورت کي “آپگهات” لاءِ اتسائيندڙ “ستي” جي رسم، هندستان جي راجپوتن ۾ به موجود رهي آهي. جنگ ۾ امڪاني هار يا گرفتار ٿيڻ جي خوف کان عورتون پنهنجن معصوم ٻارن ٻچن سميت خودڪشيون ڪري ڇڏينديون هيون. خودڪشي لاءِ باهه ۾ سڙڻ کان سواءِ زهر کائڻ يا کوهه ۾ ٽپو ڏيئي به انت آندو ويندو هو. سڪندر اعظم جڏهن هندستان ۾ پير پاتو ته مقامي هندن کي به پنهنجي فوج ۾ ڀرتي ڪيائين هڪ جنگ ۾ سڪندراعظم جي فوج جو هندو ڪمانڊر ششي گپت مارجي ويو ته ششي گپت جون ٻه ڌرم پتنيون پاڻ ۾ ان ڳالهه تان اٽڪي پيون ۽ هرهڪ ان ڳالهه تي بضد هُئي ته “ششي گپت جي چتا سان گڏ کيس ستي ٿي سڙي مرڻ ڏنو وڃي” يوناني فوجي اکين سان اهڙو لقاءَ ڏسي حيران ٿي ويا. ان وقت جي “انصاف پسند منصفن” سڙي خودڪشي ڪري مرڻ جو حق سندس هڪ پتني کي ڏنو ٻي پتني کي “ستي” ٿي خودڪشي ڪرڻ کان ان ڪري روڪيو ويو ته هو پيٽ حمل سان هئي.
[b]اجتماعي خودڪشي جهڙي “جوهر ۽ ساکا” جي رسم
[/b]هندستان جي ماضيءَ ۾ عورتن کي سماجي رتين رسمن جي آڙ ۾ “خودڪشي” ڪرائي “ستي” جي نالي تي قتل ڪرڻ جي وحشيانا رسم سان گڏ هڪ ٻي به عورتن ۽ ٻارڙن جي اجتماعي خودڪشي جهڙي رسم “جوهر” به تاريخ جي ورقن ۾ ڏٺي وئي آهي. “جوهر” جي رسم جنگي گھيري جي صورت ۾ ادا ڪئي ويندي هئي، گھيري هيٺ آيل بادشاهي گھراڻي جون راڻيون ۽ مهاراڻيون لاڏين وارا ويس وڳا ۽ سون پائي برهمڻي منترن جي ورڌن هيٺ پاڻ کي پنهنجن ٻارڙن سميت رات جي اونڌاهي ۾“چتا” چاڙهي “خودڪشي” ڪري ڇڏينديون هيون، صبح جو “ستين” ۽ مري ويل ٻين گھرڀاتين جي راک کي سندن گھر جا مرد مٿي تي مَلي شاهي قلعي جي مُک دروازي مان ٻاهر نڪري دشمنن سان جنگ ڪندا هئا. اهڙي ريت مرڻندڙن کي “ساکا” جي رسم سان پڪاريو ويندو هو. تاريخ ۾ اهڙو مضبوط حوالو ۽ دليل ته نٿو ملي پر اها روايت سينا به سينا سفر ڪندي اچي هيستائين پهتي آهي ته علاؤ الدين خلجي جڏهن جيسلمير جو گھيرو سخت ڪيو هو ته ان وقت 24 هزار عورتن “جوهر” جي رسم ادا ڪندي “آتم هتيا” ڪئي هئي.
[b]انگريز سرڪار پاران “ستي” جي رسم تي پابندي وڌي وئي.
[/b]“ستي”جي عورت دشمن رسم خلاف هندستان ۾ ڪيتريون ئي تحريڪون هليون، مغل حڪمرانن همايون، اڪبر ۽ شاهجهان به ان رسم جي خاتمي لاءِ ڪوششون ورتيون پر بادشاهه اورنگزيب سختيءَ سان عمل ڪرايو پر هي رسم مذهب جو حصو بڻجڻ ڪري ختم نه ٿي سگهي، بنگال جي اسڪالر راجا موهن راءِ “ستي” جي رسم خلاف ڪامياب تحريڪ هلائي. انگريز گورنر جنرل لارڊ بنٽنگ پاران “ستي” ذريعي عورتن کي خودڪشيون ڪرائي قتل ڪرڻ جي خطرناڪ رسم تي 1832ع ۾ پابندي هنئي. پر لڪ ڇپ ۾ ڀارت اندر شايد ڪٿي اها رسم اڄ مختلف طريقن سان ادا ٿيندي هوندي.
[b]اجتماعي خودڪشيون
[/b] حياتيءَ کان بيزار ماڻهو پنهنجي جان وڃائڻ سان گڏ ٻين جو سِر کڻندي به دير نه ڪندا آهن. ڪنهن به سبب جي ڪري گھر جي ٻين ڀاتين کي مارڻ بعد قاتل پاران ڪيل خودڪشي کي اجتماعي خودڪشي نه سمجهڻ گھرجي، ان ۾ فقط قاتل خودڪشي ڪري ٿو باقي ٻيا بي گناهه ماڻهو قتل ڪيا وڃن ٿا. “اجتماعي خودڪشي” ان کي چئبو آهي جنهن ۾ اهي ماڻهو ڪنهن سبب جي ڪري خودڪشي ڪندي به هڪٻئي سان “خودڪشي” تي متفق آهن. اجتماعي خودڪشي جا واقعا عشقيا مامرن سان منسلڪ هوندا آهن. جهڏي ۽ اسلام ڪوٽ ۾ پڻ ٻن پريمي جوڙن رسا ڳچين ۾ وجهي اجتماعي خودڪشي ڪري ڇڏي هئي. اهڙيون خودڪشيون ميڊيا تي اينديون رهنديون آهن.