سنڌ ۾ ٿيندڙ ”ڌرتيءَ ڌڻي“ پورهيتن جون خودڪشيون
سنڌ ۾ خودڪشين جي شرح جن برادرين ۾ خطرناڪ حد تائين وڌيل آهي انهن ۾ ڪولهي، ڀيل ۽ ميگهواڙن سميت ۾ ڪيتريون ئي پورهيت برادريون شامل آهن. ظالم قوتن پاران زمانن کان ظلمتن جو عبرتناڪ نشانو بڻائي اڇوت قرار ڏنل انسانن کي پنهنجي ڌرتيءَ تي آرين اچي غلام بڻايو، برهمڻن سامراج جي ڪمال کان وٺي زوال جي زمانن تائين ڌرتيءَ ڌڻي سخت عتاب ۽ مصيبتن هيٺ ئي رهيا پر افسوس جو آرين بعد آيل ٻين ٻاهرين حملاآور قوتن پڻ اصل ڌرتيءَ ڌڻين کي پنهنجي وس آهر چِپڻ ۽ نپوڙڻ جون ڀرپور ڪوششون اڄ تائين جاري رکيون. ڏاڍ ۽ جبر جو اهو تاريخي سلسلو روان دوان رهيو، ڌرتيءَ ڌڻي دراوڙ موت جهڙي حياتي جي گاڏي کي ڳرين وکن سان گهليندا رهيا. سندن حياتي جي حالاتن کي ٻاهرين نظر سان ڏسندڙ قلمڪارن کين ڪيترائي عجيب لقب ڏيندا رهيا آهن، وطن جي وارث ۽ سنڌو تهذيب جي سرڻجهارن کي “ڌڻيءَ” بجاءِ ڀٽڪندڙ نسل، رول، لاڏائو، خانه بدوش، اڇوت، نيچ، ڍيڍ، پليد، دئيت،چنڊال چيو ويو. موئن جي دڙي جهڙي تهذيب سرجيندڙ ماڻهن جي جيون کي زهر بڻايو ويو. ڌرم جي نالي تي منوسمرتي جهڙا ڪوڙا ڪتاب لکي سندن خلاف انسانيت کان ڪريل قانون پاس ڪري ان تي سختي سان عمل ڪيو ويو.
دنيا ۾ ترقي جون پهريون وکون سنڌ ڌرتيءَ جي اصل وارث دراوڙن کنيون هيون، ترقي جو پهريون ڏاڪو “ڦيٿو” اڄ کان پنج هزار سال اڳ ۾ دراوڙن ئي ايجاد ڪيو هو، ڍڳا گاڏي هن تهذيب جي آثارن مان ملي، هنن ئي ڪپڙو اڻيو هو، هنن ئي کيتي ڪري زراعت کي هٿي ڏني، هنن ئي لکڻ ۽ پڙهڻ جي شروعات ڪئي هئي، هنن ئي رڇ ۽ ٻيڙيون جوڙيون هيون، پڪا گھر، اوطاقون، واش روم، پڪا کوهه جوڙي مهذبپڻي ۽ جدت ڏانهن سفر لاءِ گس جوڙيندڙ آڳاٽا ماڻهو سنڌ جا دراوڙ ئي هئا، موئن جي دڙي مان هٿ آيل انساني هڏڙين جا سنڌ جا اصلوڪا رهواسي دراوڙ ئي حقيقي وارث آهن. موئن جي دڙي جي عظيم تهذيب جي آثارن مان سمبارا جو مجسمو مليو آهي. ڌرتيءَ جي انهن مهذب ماڻهن کي وقت ۽ حالاتن غيرمهذب بڻائي ڇڏيو. دراوڙن جي تهذيب موئن جي دڙي جي مٽي مان ڪنهن به قِسم جي هٿيار جو نه ملڻ ئي سندن پرامن مزاج جي گواهي جو اعلى مثال آهي، شايد سندن “حد کان وڌيڪ پُرامن” هجڻ ڪري “مزاحمت” جو مادو سندن مزاج ۾ ماٺو رهيو، اهو ئي عمل سندن غلامي جو سبب بڻجي ويو. ٻيو ته وطن جي وارثي جون واڳون هٿ ۾ هجڻ جو اقتداري نشو به سُستي،ڪاهلي ۽ لاپرواهي کي جنم ڏي ٿو، جنهن سان قومن جو موڳو ۽ اٻوجهه بڻجڻ فطري عمل بڻجي ويندو آهي. سنڌ ڌرتيءَ جي اصل فطري وارث دراوڙن جي “غلامي” جا ڪهڙا به سبب هجن پر ساڻن ٿيل حشر جي وارتائن جي ڊگهي ۽ ڏکوئيندڙ تاريخ کانپوءِ به هن ڌرتيءَ تي هنن جي وجود جي لکن جي تعداد ۾ موجودگي مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته ڌرتيءَ جي هڪ مڪمل قوم کي ست هزار سالن جي ظلمتن کانپوءِ به ختم ڪرڻ غاصب قوتن جي وس جي ڳالهه ناهي، ستايل ماڻهو پنهنجي رفتار سان اڳتي وڌندا ۽ ڌرتيءَ تي انقلاب جو روشن سج اُڀرندو جتي ڪوبه منش بکئي پيٽ سبب آتم هتيا نه ڪندو، ڪوڙا ۽ هٿ ٺوڪيا قانون ڌوڙ ٿي ويندا، انسان ازل کان آجو آهي ۽ آجو رهندو.
بک، بيروزگاري، بدحالي، بيوسي، لاچاري عدم تحفظ، ننڌڻڪائپ ۽ لاورثي جي حالاتن سبب “خودڪشي” جي شرح دراوڙ لوڪن ۾ تمام گھڻي افسوسناڪ حد تائين وڌي چُڪي آهي. سندن “خودڪشي” جو وڏو ڪارڻ فقط “بک” آهي. غربت سبب بک سندن پيڇو نٿي ڇڏي، رات ڏينهن پگهر جو پورهيو ڪرڻ جي باوجود جيڪڏهن پورهيتن جا ٻچا ويلا ڪاٽي لنگهڻ سمهن ۽ اڪثر سندن چلهه ٿڌي رهي، ڪروڙين ٽن اناج پيدا ڪندڙ ماڻهن جي پهچ ۾ رڳو اٽي جو سير به نه هجي، ماني ڳڀي لاءِ کين بار بار مرڻو ۽ جيڻو پوي، جڏهن هو پنهنجن ٻچن جو پيٽ نه ڀري سگهن، خوراڪ جي ڪمي ۽ بيمارين ۾ وقتائتو ۽ گھربل علاج به نه ڪرائي سگهن، ۽ پنهنجي مستقبل کي پنهنجين اکين اڳيان تڙپندي تڙپندي موت جي حوالي ٿيندي ڏسندا رهجي وڃن ۽ بيوسي سبب ڪجهه ڪري به نه سگهن ته ڇا اهڙي صورتحال ۾ هينئون ڏري نه پوندو؟ ڇا اهي بيوسي جا ڏکوئيندڙ منظر موت کان گھٽ آهن؟ اهو ئي دنيا جو وڏو غم به آهي ته الميو به آهي. غريبن ۾ اهو ئي “خودڪشين” جو وڏو سبب آهي.
هن دنيا ۾ مسڪينن جا ڪهڙا ڪهڙا سور اکين پسيا آهن، انهن ڀوڳنائن جي احوالن کي هڪڙو نازڪ من رکندڙ قلمڪار ڪيئن ٿو بيان ڪري سگهي؟ اها ڳالهه سمجهه کان مٿڀري آهي، بک، بيوسي ۽ غربت ۾ ٻچڙن کي بازار ۾ وڪرو ڪرڻ جا “هوڪا” هن دنيا جي “مهذپڻي” تي ڪاراٺ ملين ٿا. پورهيت دشمن سامراج جو “ضمير” ڪوٺن ۾ وڇايل چادرن تي ستو پيو آهي. انهن جي اندر جو ماڻهو مري ويو آهي. غريبن جو رت چوسي ڪارو ناڻو ڪمائيندڙ سرمائيدار فقط غريبن کي عذاب ڏيندڙ انسان دشمن شيطاني روبوٽ بڻيل آهن. روبوٽن کي حسين احساس نه هوندا آهن، روبوٽن کي ڪهڙو پتو ته “ماڻهپو” ڇا آهي؟ انسانيت جي عظمت ڪهڙي ٿيندي آهي؟ تنهنڪري سموري دنيا جي مسڪين، مزدور ۽ پورهيتن کي رات ڏينهن پگهر جو پورهيو ڪرائڻ باوجود انهن جي “ماني” تي ڌاڙو هڻندڙ فقط هڪڙي ئي عالمي قوت “ظالم سرمائيدار” آهن. جيڪي ڪروڙين مسڪينن کي بک ماري “آتم هتيا” جو سبب پيدا ڪن ٿا. مسڪينن جي موت جو سامان ميسر ڪن ٿا ڪنهن ڏاهي ماڻهو چيو آهي ته “بک جو ڪو مذهب ڪونهي” سو برابر سڄي دنيا ۾ بک جو سور ۽ پيڙاهه جيئن ساڳيو ئي ذائقو آهي. سڄي دنيا جي “بک” جي ڊي اين اي ڪندو تڏهن به بک جو نسل هڪڙو ئي ظاهر ٿيندو، بک بيماري به آهي ته بڇڙو ٽول به آهي. پر بک جي ڪا ويڪسين نه هوندي به هن جو علاج سڄي دنيا ۾ فقط ماني ئي آهي. “ماني” ماڙهو جو پيٽ به ڀريو آهي ته “ماني” هيڻن ماڻهن جي موت جو سبب به بڻي آهي ته “ماني” مصيبت به بڻي آهي، ماني تزليل جو ڪارڻ به بڻي آهي، ماني عتابن ۽ عذابن کي آندو آهي، ماني غلامي جو گهنڊ وڄايو آهي، ماني ٻچا وڪڻايا آهن، ماني جي بک انهن جون حياتيون ڳاريون آهن، ماني انهن کان حياتيون کسيون به آهن. ماني مقدس مائرن ۽ نياڻين کي به ڪوٺن جي ڪهاڻين جو ڪراهت لائق ڪردار هن معاشري ذليل ڪيو هوندو، فقط ماني ئي چڪلن جو اسٽاڪ ايڪسچينج به هيٺ مٿي ڪندي آهي، ماني انهن لاءِ سهڻو سپنو به رهي آهي. پر ماني جي حاصلات انهن لاءِ چنڊ جهڙو دلاسو رهي آهي. ماني جو فلسفو ڪهڙو آهي؟ ماني ۽ ماڻهپي ۾ ڪهڙو بنيادي فرق آهي؟ جدلي ماديت مادي جي جنگ به آهي ته ماني جي جنگ به آهي، انسانيت ۽ اٽي جو ڪهڙو تعلق آهي؟ ڳڀي جي ڳولا جو پنڌ ڌرمي ياترائن کان ڪيترو مقدس آهي؟ اهڙا ڪيترا ئي سوال هن ڪائنات ۾ پڇڻ “بکين جي بغاوت” تصور ڪيا وڃن ٿا، پر ان جي باوجود ماني جو بحث ته پيٽ ڀرجڻ سان ختم ٿيندو. بک لڳائڻ جون دوائون ۽ ڦڪيون کڻي لقمان حڪيم ۽ ان جا ٻالڪا ايجاد ڪري ويا آهن پر انهن شاهه ڪاريگر طبيبن کي به“بک نه لڳڻ” جو نسخو هٿ نه آيو. سو ماني “خودڪشي” جو اهم سبب پڻ بڻيل رهي آهي. سوشل ميڊيا تان ڪنهن نامعلوم ماڻهو جون هي سٽون ماني جي منجهيل فلسفي کي سلجهائڻ جي حال سارو نشاندهي ڪن ٿيون. “بک” ڪائنات جي هڪ بکايل انسان کي خودڪشي تي مجبور ڪري ٿي.
بکايل کي فلسفو نه ، “ماني” کپي
مرڻ کان اڳ مون کيس خودڪشيءَ کان گهڻو روڪيو
هن چيو ، “کائڻ لاءِ ڪجھه آندو اٿئي؟”
وراڻيم ، “زندگيءَ کان هارائڻ بزدلي آهي”
چيائين ، “ منهنجا ٻچا ڪيترن ڏينهنِ کان بکيا آهن”
چيم ، “مانيءَ جو ضامن الله آهي!”
چيائين ، “الله ڪٿي آهي؟ ماني آندي اٿائين؟”
چيم ، “هو صبر ڪرڻ وارن سان گڏ آهي”
پڇيائين ، “ڇا بکايل سان به گڏ هوندو آهي؟”
چيم ، “زندگي ڏاڍي خوبصورت آهي”
چيائين،“ جنهن مهل بکين ٻارن جون رڙيون ڪنين پون ٿيون ته زندگي ڏائڻ ٿي پوندي آهي”
مون کيس چيو ، “ڏس خودڪشي حرام آهي”
هن چيو ، “جڏهن زندگي حرام ٿي وڃي ته خودڪشي حلال ٿي وڃي ٿي”
۽ هوءَ لڙڪي رهي هئي .....
مونکي مارڪس ياد اچي ويو جنهن مطابق: “جڏهن پيٽ خالي هجي ته زندگيءَ جو ڪوبه فلسفو اثر نه ڪندو آهي”
ڪنهن بکايل ڏانهن ڪنهن مانيءَ وارو هٿ وڌايو ته انهيءَ بکايل چيو هو ،
“ تون رازق آهين؟”
[b]ٿر ۾ قرض ڏيندڙ وياجي اين جي اوز جي ڪري ٿيندڙ خودڪشيون.
[/b] ٿرپارڪر جاگرافيائي طور سنڌ جو پسمانده ريگستاني علائقو آهي، جتي ڪارونجهر جي جبلن ۽ رڻ کانسواءِ هر طرف واري جون وڏيون ڀِٽون آهن، وسيع وارياسي پٽ تي ٿري ماروئڙن جو پيٽ گذر برساتن تي ٿئي ٿو. وسڪارو سٺو ٿيو ته فصل به ڀلا ٿيندا چوپائي مال لاءِ سال کن جو گاهه پٺو به ٿيو وڃي، پر جي مينهن مُنهن موڙي ويا ته ڏڪار ڪر کڻي ٿو. پر ڪڏهن ڪڏهن ته مسلسل ٽي کان چار سالن تائين به بارشون نٿيون وسن، جنهن ڪري ٿر ۾ سخت ڪارو ڏڪار منهن ڪڍندو آهي، اهڙي سوڪهڙي واري صورتحال ۾ ٿري آبادي جو وڏو حصو لڏپلاڻ ڪري سنڌ جي بئراجي علائقن ۾ پنهنجي روزي روٽي ۽ مال جي چاري پويان دربدري جا ڊگها پنڌ ڪري ٿو. خانه بدوشي جون مصيبتون ڀوڳيندڙ ٿرين ۾ اڪثريت ڪولهين ۽ ڀيلن جي هوندي آهي. ٻيا سرندي وارا ٿريا ڏڪارن ۾ به فقط پنهنجو چوپايو مال چاري خاطر سنڌ جي بئراجي علائقن ۾ اُماڻين باقي پاڻ ٿر ۾ ويڙها وسايو ويٺا هوندا آهن. جڏهن ته ٿر جي ميگهواڙ برادري تعليم يافته هئڻ ڪري کين سرڪاري نوڪريون وڏي تعداد ۾ مليل آهن، سرڪاري ملازمن کان علاوه هُنر جي ميدان ۾ ميگهواڙ برادري تمام گھڻو اڳتي نڪري چُڪي آهي، ميگهواڙ قبيلي جا پورهيت ڪراچي ۽ حيدرآباد جي گارمينٽس سميت ٻين مِلن، ڪارخانن ۽ فيڪٽرين اندر وڏي تعداد ۾ روزگار ڪن ٿا. پر ٿر ۾ ڏڪار دوران سارين ۽ ڪڻڪ جو لابارو، ڪمند جي ڇِلي سميت ٻيون زرعي مزدوريون ڪرڻ ۽ چوپائي مال کي چارڻ لاءِ ذلالتن جا عذاب ڪولهين ۽ ڀيلن جي پانڌ پون ٿا. تعليم جي کوٽ، اٻوجهائپ ۽ هُنر کان وانجهيل هئڻ ڪري هتي ڀيلن ۽ ڪولهين کانسواءِ اوڏ، جوڳي، سامين سميت ٻيون ڪيتريون ئي غريب برادريون نهايت ئي ڏُکي حياتي گھاري رهيون آهن.نان گورنمينٽ آرگنائيزيشن (اين جي او) هون ته مسڪين ماڻهن جي “غريبي ۽ نندڻڪائي” تي اربين روپين جا پروجيڪٽ حاصل ڪري پنهنجو پيٽ پاليندڙ ادارا آهن، پر سرمائيدارن جو پيٽ ڀريندڙ اهي نجي ادارا غريبن جي مجبورين کي وياج تي خريد ڪري پنهنجي جڪڙ ۾ سوگهو ڪندا آهن، ٿر جا مسڪين مارو ماڻهو مينهن ڪڙين تي آبادي جي آسري سميت مرڻي، پرڻي ۽ بيمارين جهڙين مجبورين ۾ انهن نجي ادارن، جنهن ۾ خاص طور ٿرديپ، فسٽ مائڪرو فنانس، خوشحالي بئنڪ، آسا پاڪستان، اين آر ايس پي وغيره کان پنجويهه کان پنجٽيهه سيڪڙو وياج عيوض ان آسري تي قرض کڻن ٿا ته “فصل لٿي مان ڏينداسون” پر وڌيڪ برساتون نه وسڻ ڪري ٻنين تي کيڙي ۽ ٻج لاءِ وياج تي کنيل قرض به وري نه سگهندو آهي. سندن سموريون اميدون نراس بڻجي وينديون آهن. ٿري مسڪين مارو قرضن جي ڪوڙهه ۾ غرطان ٿي ويندا آهن، جنهن بعد قرض ڏيندڙ ادارن جي آفيسرن جا ڳوٺن ۾ لامارا هوندا آهن. سرمائيدارن جا اهي نوڪر ماروئڙن کي ست سُريون ٻڌائي سندن بي عزتيون ڪندا رهندا آهن.
ٿر ۾ ڪاري ڏڪار جي ڪر کڻڻ سان لکين ٿرواسي دربدر ٿي پريشانين ۾ ڀٽڪندا آهن. انهن مسڪين ماروئڙن جا مالي حالات ڏڪار سبب انتهائي درجي جي حد تائين خراب ٿيڻ ڪري اهي پنهنجي ٻچن جي کاڌ، خوراڪ ۽ اٽي لٽي جو پورائو به نه ڪري سگهندا آهن ته وياجي اين جي او کي کنيل قرض ڪيئن واپس ڪن؟ قرضي اين جي اوز وارا ورڪر ٿرواسين جي گھرن تي ڌرڻا هڻي سندن جيئڻ جنجال ڪري ڇڏين ٿا، جنهنڪري انهن ادارن جا قرضي ماروئڙا سخت پريشاني جو شڪار ٿي پنهنجا مال، متاع وڪڻي، زيور، ٻنيون کپائي، معصوم ٻچڙن کي کٿن ۽ قالينن جي کُڏين تي گروي ڪرائي به کين کنيل قرض ڳري وياج سميت ڀري ڏيندا آهن.پر انيڪ اهڙا مسڪين ۽ غريب ماڻهو به آهن جن وٽ ڪابه شئي وڪڻڻ لاءِ يا گروي رکڻ لاءِ باقي نه هوندي آهي، بکون ڪاٽيندڙ ماڻهو قرض واپس ڪيئن ڪن؟ نتيجي ۾ اهڙا ڪيترائي ڪيس سوشل ميڊيا جي اک ۾ آيا آهن جن ۾ غربت جو شڪار قرضي ٿري مردن ۽ عورتن اين جي اوز جي پريشان ڪندڙ روين سبب “خودڪشي” ڪري حياتي جو ڏيئو اُجهائڻ جا واقعا منظرعام تي اچن ٿا ته ڪي اهڙا واقعا وري ونگارو صحافي لڪايو ڇڏين. اهو ته نٿو چئي سگهجي ته ٿر ۾ ٿيندڙ سمورين خودڪشين جو سبب صرف قرض ڏيندڙ وياجي اين جي اوز آهن پر پوءِ به گھڻين خودڪشين جو ڪارڻ اهي ناسور ادارا ضرور بڻيا آهن، جنهنڪري سرڪار انهن وياجي اين جي اوز ادارن کي ٿر ۾ ڪم ڪرڻ کان پڻ روڪي ڇڏيو آهي. انهن خودڪشين جا ٻيا به ڪيترائي ذاتي ڪارڻ پڻ آهن. جن تي هن ڪتاب ۾ تفصيل سان لکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. پر عام طور ان ڳالهه تي بحث هلندڙ آهي ته “ٿر ۾ ٿيندڙ خودڪشين پويان وياجي اين جي اوز جي قرض جي قسطن واري وصولي ۽ انهن جا غيرانساني رويا پڻ آهن” ان حقيقت کي رد نٿو ڪري سگهجي ته اڪثر خودڪشيون ٿينديون ئي زهريلن روين جي ڪري آهن. ٿر جا مسڪين مارو مجبورين ۾ قرض کڻي وياج جي ڄار ۾ مڪمل ڦاسي وڃڻ بعد چوکُنڀا جڪڙجي ويندا آهن. انهن ۾ ڪيترائي نازڪ مزاج ۽ حساس من رکندڙ معصوم ماروئڙا روز پنهنجن گهرن اڳيان گلا ڏيڻ آيل اين جي اوزي ڪارندن جي لٺ ۽ چٺ ڏيکارڻ وارن حربن، داٻن ۽ دڙڪن جو وٽن خالي کيسي ڪهڙو حل ٿي سگهي ٿو؟ روز روز جي جُٺ سهڻ بجاءِ اهڙا ماڻهو “خودڪشيون” ڪن ٿا. جنهن ڪري انهن خودڪشين جو ذميوار ڪير آهي؟ اهو سوال هاڻ لڪل ناهي
[b]وياج خور سيٺيا
[/b] مذهبن وياج کي سختي سان نه رڳو رد ڪيو آهي پر ان کي حرام پڻ قرار ڏنو آهي. جنهن ۾ جديد مذهب اسلام سرفهرست آهي. جنهن ۾ وياجي ماڻهو سان گڏ کائڻ پيئڻ به جائز نه آهي پر ان جي گھر جي پاڇي ۾ ويهڻ کان به روڪيو ويو آهي. ان جي باوجود سموريون بئنڪون، نجي ادارا، اين جي اوز مختلف نالن سان “وياج” جو ڪارو ۽ ڪُڌو ڪم سري عام ڪري رهيون آهن. ان کان علاوه ڪجهه پئسي وارا سيٺيا مذهبن ۽ انسانيت جي اصولن ۽ پابندين کان پاڻ کي مڪمل آجا سمجهي وياج جي ڄار ۾ مجبور ماڻهن کي ڦاسائي، انهن جو رت ست چوسي پنهنجن ٻچن جو ڪاري ڌن سان پيٽ پالي رهيا آهن. هنڌو ازم ۾ وري وياج ۽ شراب تي ڪجهه هٿ هلڪو هئڻ ڪري برهمڻ سامراجي سيٺيا “وياج” کي ڌرم جي اُتم خدمت سمجهي پنهنجي ڌرمي غريب ڀائرن جي اُبتي کل لاهين ٿا. وياج خور ڌرمي ڀائرن جي ضمير جي قيمت چڪلن ۾ استعمال ٿيندڙ ساٿي ڦوڪڻن جيتري به ناهي، هڪ هزار روپين پويان اٺن نسلن کان وياج وٺندڙ وياجي سيٺيا حقيقت ۾ هڪ وحشي، درندي، حيوان، آدم خور کان به وڌيڪ بدترين آهن. سندن خيالن ۾ هروقت گٽرن جا آبشار وهن ٿا. انهن وياجين پاران مجبور ماڻهن جي بيوسي کي خريد ڪري ان جو ناجائز فائدو ورتو ويندو آهي. جنهن ڪري ڪيترن ئي غريب انسانن جون حياتيون وياج جي ڳري چڪي ۾ پيسجي ويون. پر انهن تان وياج جو ڪال چڪر ختم نه ٿيو، انهن وياجين جي ڏنل عذابن سبب به ماڻهن مجبور ٿي خودڪشيون ڪيون آهن. وياج وڏي لعنت آهي، ماڻهو سمهن ٿا پر وياج جاڳي ٿو، وياج خور مافيا وٽ سماج جي اڪثريت گروي هوندي آهي، جنهن ڪري قانون ۾ پابندي باوجود به وياجي گروهه غريبن کي ٻنهي هٿن سان لٽڻ لاءِ سرگرم عمل هوندا آهن. “آتم هتيا” ڪندڙ هن معاشري جا ڪيترائي مسڪين ماڻهو وياج خورن جي وڪڙ ۾ اچي پنهنجي زندگين جا روشن ڏيئا اُجهائي ڇڏيندا آهن. اهڙا ڪيترائي ڪيس هن سماج ۾ ميڊيا تي اچڻ کان اڳ ئي دفن ڪيا ويندا آهن. جيڪڏهن انساني حقن جا ادارا وياجي سيٺين جي ظلمتن جي داستانن تي ڪا سروي ڪن ته اڇا ڪارا پڌرا ٿي پوندا. مفلسين ۽ مجبوريون مسڪين ماڻهن جون متيون منجهائي ڇڏيون آهن. وياج جو واپار ڪندڙ سيٺيا غريبن جون مجبوريون سود تي گروي رکڻ جوڪاروبار ڪن ٿا.
[b]“خودڪشيون” ڪيئن روڪجن؟
[/b]سماجي مسئلا بنيادي طور انسان جي ذهنيت جي پيداوار آهن، تنهنڪري انهن جا حل به بهتر نموني سان انسان ئي ڪڍي سگهي ٿو. دنيا ۾ انسان پنهنجين لازوال علمي اهليت، شاهڪار ذهني صلاحيتن ۽ ماياناز قابليتن سان “ناممڪن” کي ممڪن ڪري ڏيکاريو آهي، تنهنڪري “خودڪشي” توڙي جو هن دنيا جو وڏو مسئلو آهي، پر ائين ته ناهي جو خودڪشي جهڙي مسئلي کي حل ڪرڻ انسان لاءِ ناممڪن ۽ پيچيده هئڻ سان گڏ سندس وس کان ٻاهر آهي؟ انسان “آتم هتيا” ۾ پاڻ کي مارڻ بجاءِ پاڻ ۾ موجود مقابلي وارين قوتن کي سچائي ۽ ايمانداري سان اُجاگر ڪري، “خودڪشي” جهڙي خطرناڪ الميي تي فقط سنجيدگي سان سوچڻ ۽ غور ويچار ڪري مسئلن جي جڙ تائين پهچي سگهي ٿو مسئلن جا زميني حقيقتن جي آڌار تي سائينسي حل ڪڍيا وڃن ته دنيا ۾ ڪابه خودڪشي نه ٿيندي، دنيا ۾ ڪوبه ماڻهو پاڻ کي مارڻ لاءِ تيار نه ٿيندو. سياسي، سماجي ورڪر، سياسي ليڊرشپ، اديب، شاعر ۽ دانشور لڏو، انساني حقن جا ذميوار فرد ۽ ادارا، سول سوسائٽي ۽ سرڪار هن مسئلي تي حقيقي طور سنجيدگي سان سوچن، سجاڳي ۽ جاڳرتا مهم هلائي ماڻهن تائين پهچي سندن ڏک سور ونڊين، سندن وياج ۽ قرض جهڙن مسئلن کي فوري طور حل ڪرائن، بک، بدحالي ۽ بيروزگاري کي ختم ڪرڻ لاءِ روزگار جا ذريعا پيدا ڪيا وڃن،خودڪشي جي اصل جڙ “غربت” کي ختم ڪرڻ لاءِ حڪومتي سطح تي رٿابندي ڪئي وڃي، ذهني ۽ نفسياتي بيمارين ۾ مبتلا ماڻهن جو علاج مفت ۾ ڪرڻ لاءِ سرڪار پاران هر شهر ۾ نفسياتي اسپتال کولي دوائون ۽ نفسياتي ڊاڪٽر ميسر ڪيا وڃن. قانون تي سختي سان عمل ڪيو وڃي، غريبن سان ٿيل ڏاڍ ۽ جبر جو سستو ۽ تڪڙو انصاف فراهم ڪيو وڃي، اقرباپروري ۽ ڪرپشن مڪمل طور ختم ڪيو وڃي.