ڪالم / مضمون

چڱي نه خودڪشي هُئي

محب ڀيل جي لکڻين جا موضوع گهڻو ڪري بک، بيروزگاري، بدحاليءَ جو شڪار، ڌرتيءَ ڌڪاڻا ۽ دربدر پورهيت ئي رهيا آهن، جن کي جابر قوتن ظلمتن جو شڪار، بڻائي، سندن جيئڻ جا سڀ جمهوري ۽ انساني حق کسي، ”آپگهات“ لاءِ مجبور ڪيو آهي. خودڪشي هن حسين ڪائنات جو تمام وڏو الميو آهي، ان عمل سان دنيا ۾ ڪيترا گھر اُجڙي تباهه ۽ برباد ٿي ويا آهن، ”خودڪشي“ جا دنيا سميت سنڌ ۾ ڪهڙا ڪارڻ آهن؟ ليکڪ هن ڌرتيءَ تي پنڌ ڪندي جيڪو مشاهدو ڪيو، خودڪشين جا سبب ڳوليا، جائزو ورتو، اهي خيال هن ڪتاب ذريعي توهان تائين پهچائڻ جي حجت ڪري رهيو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2395
  • 637
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • محب ڀيل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book چڱي نه خودڪشي هُئي

خودڪشي ڪندڙ ماڻهن جي ذهني ۽ نفسياتي ڪيفيت

خودڪشيءَ جو عمل بهادري آهي يا بزدلي؟ اهو نهايت اهم سوال آهي. پر اهو ته واضح ۽ چٽي حقيقت آهي ته “آپگھات” ڪندڙ شخص دنياداريءَ جي نظام ۾ نااهل ثابت ٿيو، جنهن سبب هُن پنهنجي شڪست جو انتم اقررار ته پاڻ کي غيرفطري موت ماري ڪيو.“آپگهاتي” ماڻهو خودڪشيءَ جي عمل دوران ڪهڙي ذهني ڪشيدگيءَ جي سوچن جي گھيري ۾ ڦاٿل رهيو؟ سندس حياتي سان لاڳاپيل مسئلن کي حل ڪرڻ جي صلاحيتن کي استعمال ڪرڻ بجاءِ موت کي ترجيح ڏيڻ وارين سوچن جي ڪيفيت، انتهاپسنداڻن خيالن جو غلبو ۽ دماغ مان هاڪاري سوچن جو مڪمل ڏڪار ئي حياتي جي حسين احساسن جو انت آڻي ٿو. جڏهن ماڻهو جي من اندر جا خوبصورت احساس پرلوڪ پڌاري وڃن تڏهن زنده ماڻهو به لاش بڻجي ويندا آهن، زنده لاش بڻيل جيئرو جاڳندو ماڻهو اهو سوچيندو آهي ته “سندس وجود هن ڌرتيءَ تي اجايو بار آهي” اهڙن احساسِ محرومي وارن خطرناڪ خيالن ڪيترين ئي حياتين جي ٽڙندڙ گلابن کي وقت کان اڳ مُرجهائي ڇڏيو آهي. خودڪشي ڪري حسين حياتي جو روشن ڏيئو پنهنجن هٿن سان اُجهائيندڙ آپگھاتي انسان جي ذهن ۾ موت کي گلي لاهڻ کانسواءِ ٻيو ڪوبه خيال جنم نٿو وٺي، سندس ذهن مان “خودڪشي” جو خيال منتشر نٿو ٿئي. اهو خيال جيئن پوءِ تيئن پڪو، پختو ۽ مضبوط ٿيندو وڃي ٿو. اهو پڻ ممڪن آهي ته معاشرتي مسئلن کي عقل،ڌيرج، سوچ، فهم ۽ ويچار سان حل ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام بڻيل ماڻهو توڙي جو پنهنجي من اندر ۾ ڀڄي ڀور ڀور ٿيل هوندو به آهي، پر اهڙا به مثال موجود آهن جڏهن اهو “آپگهاتي” ماڻهو حالتن جي طوفانن ۾ پن پن ٿي وکرڻ باوجود به پاڻ سميٽڻ جي ڪوشش ڪندي ڪندي ٿڪي، ٽُٽي، مايوس ٿي به زندگي سان پيار ڪري ٿو. يعني خودڪشي جي خيالن جي ڄار ۾ مڪمل طور ڦاٿل هوندي به ڪڏهن ڪڏهن هو پيار جي جذبن جو اظهار ڪري زندگي جي حسين هجڻ جو کليو اظهار به ڪري ٿو. حياتي ۽ موت جي وچ ۾ موجود اک ڇنب جيتري فاصلي تي موجود ماڻهو کي ذهني ڪشمڪش، ڪشيدگي ۽ انتشار جو شڪار ٿيڻ بعد پنهنجن ئي حسين خيالن ۽ خوابن تان دستبردار ٿيڻو پوي ٿو. شاعر معصوم سوندرائي جو هي نثري ٽُڪرو خودڪشي ڪري زندگي جو انت آڻيندڙ آپگهاتي جي لاش بابت سمنڊ جي سوچ جي ترجماني هيئن ڪري ٿو. ان چند سٽن کي سمجهڻ جي ضرورت ان ڪري آهي جو “خودڪشي” ڪندڙ ماڻهوءَ بابت هن سماج جي ماڻهن جي سوچ ڪهڙي هوندي؟
“سمنڊ مونکي
اهو چئي موٽائي ڇڏيو،
خودڪشي زنده ماڻهو ڪندا آهن،
تون مئل آهين،
۽ مان لاش کي گھڻي دير تائين،
برداش ناهيان ڪندو،
آئون اڄ به ،
خالي هٿين گھر موٽيو آهيان،
هُن کي چئجو
ته فاتح پُراڻي ناهي ٿيندي،
لاش پُراڻو ٿي سگهي ٿو”

[b]انساني سوچن ۾ ڪشيدگي ۽ ڇڪتاڻ
[/b] زمانن پُڄاڻان هاڻ اهو بحث بلڪل چٽو، واضح ۽ ثابت ٿي چڪو آهي ته ڪائنات جو وجود به “تضاد” تي بيٺل آهي، تنهنڪري هر عمل جو ردعمل هجڻ فطري عمل آهي. دنيا جا سمورا مسئلا، واقعا ۽ حادثا به ڪنهن نه ڪنهن تضاد جو نتيجو آهن. انهن معاملن جي تحقيق گهرائيءَ سان ڪري زميني حقيقتن کي باريڪ بينيءَ جي اک سان جانچي جونچيءَ ڳالهين جي ڳر تائين پهچڻ لاءِ عقل ۽ برداش جي اهم ضرورت هوندي آهي، پر ماڻهو مسئلن جي ڄار ۾ جڪڙجڻ بعد عقل، هوش، حواس وڃائي خطرناڪ “جذباتيت” جي ڪيفيت ۾ مبتلا ٿي ويندو آهي، اهو رويو حقيقت ۾ “چريائي” موت جي ديوانگي چئجي ٿو. چريائي يعني ذهني طور مريض بڻيل (ايب نارمل) ماڻهو ته پنهنجو به انت آڻي سگهي ٿو ته ٻي ماڻهو کي قتل ڪري سگهي ٿو. عام طور تي انسان پنهنجي علم، عقل ۽ شعور سان دنياداري سان نبري معاشرتي مسئلن کي حل ڪرڻ، سماجي ڍانچي ۾ پاڻ کي فٽ ڪرڻ لاءِ آڳاٽي زماني جي ارتقائي دؤر کان پتوڙيندو اچي ان ئي ڪشمڪش سان هن جديد زماني ۾ داخل ٿيو آهي. پر انسان دنياوي ڪاروهنوار ۾ مجموعي طور شديد گھوٽالي جو شڪار ٿيندو وڃي ۽ پنهنجن ئي پيدا ڪيل مسئلن جي خطرناڪ ڄار ۾ سلجهڻ بجاءِ الجهندو اچي غيرفطري موت جي راڪاس اڳيان پاڻ پيش ڪري ٿو. ذهني ڪشيدگي ۽ نفسياتي ڇڪتاڻ جو رويو هڪ حسين من رکندڙ انسان جي مزاج ۽ روين ۾ داخل ٿيڻ جو سبب ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟ سماج جو هڪ ذميوار فرد خوبصورت جيون جو انت آڻي موت کي گلي لڳائي هميشه لاءِ هن ڪائنات مان پاڻ کي فنا ڪرڻ لاءِ تيار ڪيئن ٿيو؟ هن جنت جهڙي حقيقي ڪائنات کي ڇڏي خيالي جنت خاطر “آپگهات” ڪري پاڻ سان گڏ ٻين لاتعداد ماڻهن کي به غيرفطري موت جي ننڊ سمهاري هن ڌرتيءَ کي دوزخ بڻائڻ جهڙو رهزنيت، سفاڪيت، درندگي، ظلميت جهڙو خطرناڪ خيال سندس نازڪ من ۾ ڪيئن داخل ٿيو؟ دنيا کي پگهر جي پورهئي سان ڪمائي کارائيندڙ نهايت مضبوط ماڻهو ۽ خدا جو دوست پورهيت غربت جي ازلي حالاتن اڳيان همت ڪيئن هاري خودڪشي ڏانهن وڌيو؟ دنيا جا نفسياتي ماهر ۽ مسيحا انهن سوالن جي جڙ تائين پهچي وڃن ته دنيا ۾ خودڪشيون به ختم ٿي وڃن. دنيا تان آپگهات جي طوفان جو عذاب ٽري وڃي، معصوم وقت کان اڳ يتيمي جي عذاب کان بچي وڃن، سهاڳڻين جي سينڌ ڪڏهن به ميري نه ٿئي، مائرن جون جهوليون خودڪشي جهڙن غيرفطري موت سبب ڪڏهن به خالي نه ٿين، وڻن ۾ ٽنگيل لاشن سبب ڳوٺن جي فضا ۾ سوڳواري هرگز نه هجي، ڪچن رستن تي ايمبولينس جا سائرن هينئون نه ڦاڙين، فقط انسان پنهنجي انسان ڀاءُ تي رحم ڪري، سندس ڏکن، سورن، عذابن ۽ تڪليفن کي گھٽائڻ لاءِ پنهنجو هاڪاري ڪردار انسانيت جي ناتي ايمانداريءَ سان نڀائيندي انسان کي گھوٽالي مان ڪڍڻ جي پنهنجي وس آهر ڪوشش ڪري ۽ سندس ذهني ڇڪتاڻ ۽ ڪشيدگي کي گھٽائڻ لاءِ مرهم جهڙن نرم روين جو واهپو وڌائي ته دنيا جي لکين ذهني مريض بڻيل انسانن جا غيرفطري موت (خودڪشيون)، مڪمل ختم کڻي نه به ٿين تڏهن به آپگهاتن جي وڌيل شرح ۾ خاطر خواهه گھٽتائي ضرور ايندي. انسانيت جا عظيم ۽ اعلى قدر بچي سگهن ٿا.

[b]احساسِ ڪمتري جي سوچ
[/b] عام طور معاشري ۾ انسان جي سماجي زندگيءَ جو ڪار وهنوار هڪٻئي جي ڏيٺ ويٺ جو نمونو ۽ مثال هوندو آهي. آسپاس جو سماجي ماحول، ريتون، رواج ۽ رسمون انسان جي زندگيءَ تي گھرا اثر ڇڏين ٿيون. اهي سموريون شيون جهڙي به رخ ۾ هجن پر سماج جي اڪثريت جو رجحان ان طرف وڌي ويندو آهي. پوءِ انهن حالتن سان واڳيل سموريون شيون وري به ٻن رُخن ۾ هونديون آهن. يعني ان معاشري جو سماجي رجحان هاڪاري هجي يا ناڪاري؟ ماڻهن جي سوچ عارضي طور ئي سهي پر اجتماعي خيالن ۾ هڪجهڙائيءَ جو شڪار ضرور ٿيندي آهي. ماڻهوءَ جي توجهه ۽ خيالن جو مرڪز بڻجي ويندو آهي. اهڙي ريت سماج ۾ سڀ ماڻهو هڪجهڙا امير ترين ۽ مال ملڪيت،سک ۽ آسائيشون رکندڙ نٿا ٿي سگهن، هر ماڻهو جا حالات ٻي ماڻهو کان مختلف آهن.انهن معاشي سببن جي ڪري جڏهن سماج ۾ اڻبرابريءَ جي رجحان کي فروغ ملي ٿو تڏهن وري به ماڻهن جي اڪثريت هاڪاري ڪوشش ڪرڻ بجاءِ پنهنجن ذهنن تي ناڪاري خيالن جو غلبو مسلط ڪري احساسِ ڪمتري جهڙي خطرناڪ ذهني ۽ نفسياتي ڇڪتاڻ جهڙن مرض ۾ مبتلا ٿي ويندي آهي. نتيجي ۾ خواهشن جو قتل عام ٿيندو آهي، هن معاشري ۾ سکن ۽ آسائشن جو متلاشي ماڻهو آسون ۽ اميدون پوريون نه ٿيڻ ڪري احساس محروميءَ جهڙي ڪيفيت ۾ جڪڙجڻ بعد جيئن پوءِ تيئن نفسياتي بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي سندس سوچ “آتم هتيا” جهڙي انتهائي قدم ڏانهن وڌندي آهي. احساس محرومي جو شڪار ٿيل ماڻهو جي مزاج، طبيعت ۽ خيالن ۾ روز به روز چڙ، تنگدلي، بخيلي ۽ جذباتيت جا خطرناڪ رويا غالب ٿيندا ويندا. نتيجو وري به “خودڪشيءَ” تي ختم ٿيندو. احساسِ محروميءَ جهڙو خطرناڪ نفسياتي مرض سماج جي مضبوط ماڻهن کي ٽوڙي ريزه ريزه ڪري ڇڏيندو آهي، پٿر جهڙو ماڻهوءَ به پنهنجي من اندر ۾ ٽُٽُي، ڀڄي، ڀُري، ڪري پوندا آهن. ماڻهو منجهه موجود مسئلن سان مقابلي جي فطري قوت فنا ٿيندي پنهنجي منطقي انجام طرف وڌندي آهي ۽ ماڻهو “آپگهات” ڏانهن وڌندو آهي. ماڻهو ختم ٿيندو آهي ته ساڻس لاڳاپيل مسئلا به ختم ٿي ويندا آهن. پر فقط هڪڙي ننڍڙي ڳالهه انسان کي آپگهات کان اڳ ذهن نشين ٿئي ته سندس نه پوري ٿيڻ جهڙين اجائن خواهشن ۽ پنهنجن ئي پيدا ڪيل مسئلن جو حل “خودڪشي” ته ڪنهن به ريت ناهي. يا هن پرٿوي تي ساڻس ڏاڍين ۽ جابر قوتن پاران ٿيل ظلم ۽ زيادتين جو انتقام “خودڪشي” ڪري پاڻ کان وٺڻ ڪهڙي عقلمندي ۽ سنجيدگي چئبي؟آتم هتيا ڪهڙي به ريت مسئلن جو حل ناهي.

[b]اضافي “احساس برتري” به حقيقت ۾ “احساسِ محرومي” آهي.
[/b] توڙي جو انسان پنهنجن پنجن حواسن ٻڌڻ، ڏسڻ، چکڻ، سونگهڻ ۽ محسوس ڪرڻ ڇهڻ جهڙين حسن سان فطري طور نوازيل آهي. پر ڪي ڏاها ماڻهو چون ٿا ته ڪجهه انسانن ۾ ڇهين اضافي حس به موجودآهي،(جيئن پکي ۽ جانور، ماڪوڙين جي اها محسوساتي حس ڏاڍي تيز آهي، اهي حيوان زلزلي، طوفان ۽ بارشن سميت ٻين امڪاني قدرتي آفتن، تباهين ۽ ٻين لاحق خطرن کان اڳواٽ باخبر رهڻ، شور مچائي خطري جو سائرن وڄائي ٻين تائين پيغام پهچائڻ جي ڪم اچي ٿي) ان فطرت جي انهن شاهڪار تحفن جهڙن حواسن جي ڪري ۽ سوچڻ جي سگهه رکڻ سبب ئي هن ڪائنات ۾ انسان “اشرف المخلوقات” جو عظيم درجو ماڻي ويو. ان احساسِ برتري ئي انسان کي احساس ڪمتريءَ جهڙي نفسياتي مرض ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو. پکين ۽ جانورن ۾ هيڻا ۽ ڏاڍا آهن، اهي هڪٻئي جو شڪار ٿين ٿا، اهي هڪٻئي جي خوراڪ به ٿين ٿا، معنى ته اهي جيوت به مسئلن جو شڪار آهن پر پوءِ به پکي ۽ جانور ته آپگهات نٿا ڪن. اعلى دماغ رکندڙ انسان ئي معمولي ڳالهين تي همت هاري موت کي ترجيح ڏي ٿو.

[b]خودڪشي ڪندي بچي ويل ماڻهن جا احساس
[/b] خودڪشي جي موضوع سان منسلڪ ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن جيڪي اڃان به وڌيڪ تحقيق جون طلبگار آهن، هي ڪتاب لکندي مونکي انهن ماڻهن سان ملڻ جو موقعو به مليو جيڪي پنهنجي حياتي ۾ هڪ کان وڌيڪ دفعا خودڪشي جون ڀرپور ڪوششون ڪري چڪا آهن، پر کين وقت سر طبي سهولتون ملڻ ڪري سندن حياتي بچي وئي، انهن ماڻهن مان ڪجهه ماڻهو ته هاڻ تمام خوش حياتي گھاري رهيا آهن، کين پنهنجي کنيل قدم تي شديد پڇتاءُ به ٿئي ٿو. انهن جو موقف آهي ته سندن خودڪشي وارو قدم نهايت ئي جذباتي ۽ چريائپ وارو هو. هنن کي پنهنجي حياتي بچي وڃڻ جي خوشي پڻ آهي. انهن کي زندگي سان پيار پڻ آهي. اڳتي هو ٻين ماڻهن کي نصيت ڪندي چون ٿا ته “اسان موت کي صفا ويجهڙائي کان ڏٺو آهي، هاڻ موت جو ڀيانڪ تصور ڏيل ڏڪائي وجهندو آهي” انهن کي ماڻهن کي حياتي جو حقيقي احساس به هاڻ ٿيو آهي ته زندگي ڪيڏي حسين آهي.

[b]حياتي بچڻ جي ڪا خوشي ناهي
[/b] هن سماج ۾ ڪجهه ماڻهو اهڙا به آهن جن زندگي کان هارجي، مايوس ٿي حياتي کي الوداع ڪرڻ خاطر چار چار دفعا خودڪشي جون ڪوششون پڻ ڪيون پر هر دفعي کين “اتفاقي زندگي” مليو وڃي، پر ان جي باوجود هر دفعي مليل حياتي جي حسين تحفي جي کين ڪا به خوشي ناهي، ڪو پڇتاءُ يا احساس به ناهي، اهي ماڻهو حياتي وري به ائين گھاري رهيا آهن ڄڻ حياتي ڪو بار هجي،جنهن کي لاهڻ جي ڪوشش ۾ هجن، زندگي کان وڌ موت جو ڳولا هجي، هو موت جي پويان ڀٽڪن ٿا. هو زندهه رڳو ان ڪري آهن ته کين غيرفطري موت سان جيون جو روشن ڏيئو اُجهائڻو آهي، بس انت آڻڻو آهي. اهڙي ذهنيت انتهاپسندي جي عروج تي پهتل هئڻ ڪري ڪنهن به ريت “عقليت” جي قريب ناهي هوندي.