تاريخ، فلسفو ۽ سياست

پليسبو [سائنسي فلسفو]

ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار رسول ميمڻ پاران سائنسي فلسفي تي لکيل ھڪ بھترين ڪتاب آھي. رسول ميمڻ لکي ٿو:
”ڪائنات پليسيبو جي ٿنڀن تي بيٺل اهڙو ٿيٽر آهي جنهن ۾ ڪردار عيوض ۾ ملندڙ داد جا منتظر آهن. آسرو زندگيءَ جي بقا جو سڀ کان وڏو سهارو آهي. دل مطمئن آهي ته ڪيل گناهه معاف آهن. ثوابن ۽ گناهن ۾ سمجهه جو فرق آهي.
عقيدو، عبادت، دعا، تعويذ، قرباني، توبهه، جادو، ٽوڻو، خيرات، زڪوات، ڦوڪ ۽ شوڪارو اهي سڀ پليسيبو آهن. پليسيبو حوصلو، همت ۽ سهارو آهي. “
  • 4.5/5.0
  • 61
  • 39
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رسول ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book پليسبو [سائنسي فلسفو]

مهاڳ

ڪائنات پليسيبو جي ٿنڀن تي بيٺل اهڙو ٿيٽر آهي جنهن ۾ ڪردار عيوض ۾ ملندڙ داد جا منتظر آهن. آسرو زندگيءَ جي بقا جو سڀ کان وڏو سهارو آهي. دل مطمئن آهي ته ڪيل گناهه معاف آهن. ثوابن ۽ گناهن ۾ سمجهه جو فرق آهي.
پليسيبو اهڙو عقيدو آهي جو قاتل جي روپ ۾ ويٺل محبوب جي هٿن جو زهر آب حيات ٿي پوي ٿو. پليسيبو تسڪين ڏئي ٿو ته محبوب ماري نه ٿو سگهي. ڀل اهو محبوب جو نه قاتل جو چهرو ئي صحيح، پر اکيون ان ۾ محبوب ڏسن ٿيون ۽ ائين پليسيبو سهاري زهر امرت ٿي پوي ٿو. انسان ازل کان دوکي جي ديوار ۾ قيد رهيو آهي ۽ دوکو حقيقت جو گمان بنجي سچائيءَ جي روپ ۾ سامهون آيو آهي.
بيشڪ سچي فقير جو منهن زرد هوندو آهي. فقرائن کي فڪر کان مٿانهون ٿي اهڙي اوچائيءَ تي اچڻ گهرجي جتي فڪر آزاد آهي. فڪر ننڊ ڦٽائي ٿو. ميلنڪلي (Melancoley) منهن انهن جا هوندا آهن جن اوجاڳا ڪري علاج ڳولهيو. اڻ ڏٺل کي ڳولهيو. انسانن جي آجپي جو فڪر ڪيو. سڀ ڪوڙ، ڇا رب کي ياد ڪري رب کي حاصل ڪري سگهجي ٿو؟ ياد ان کي ڪبو آهي جيڪو وسري ويو. رب پليسيبو آهي. اهو ڪيئن وسري سگهي ٿو؟ رب جي معاملي ۾ انسان آزاد آهي. جهل اتي آهي جتي انسان جي عمل کان ٻئي انسان کي تڪليف پهچي ٿي.
پليسيبو کي هڪ پيڙا جو علاج سمجهي قبول ڪرڻو پوندو نه ته زندگي ڏکي ٿي پوندي.
جڏهن ننڍو هيس ته ڪن ۾ سور پيو، ان سور جي شدت ايڏي هئي جو پنجاهه سالن کانپوءِ به نه وسريو آهي. بابو هڪ بزرگ وٽ وٺي ويو ان ڪجهه پڙهي ڦوڪ ڏني ته ڪن جو سور لهي ويو. ان بزرگ لاءِ مشهور هيو ته اهو راتين جو پنهنجي بستر تان گم ٿي ويندو آهي. ڪنهن ان جي تصديق ڪئي “بزرگ گم ٿي خدا جي محفل ۾ وڃي ويهندو آهي، جتي وڏا وڏا ويٺل هوندا آهن.”
مون مٿان ان بزرگ جو رعب هيو، عقيدو هيو ته ان جي ڦوڪ فرق ڪندي، ان بزرگ وٽ مريضن جا ديرا لڳل هوندا هيا. حقيقت ۾ مون کي ان بزرگ شفا نه ڏني پر عقيدي ڏني.
اڄڪلهه وهمن ۾ وچڙيل آهيان، وائڙن جيان ڪا راهه نه ٿي سجهي، پڪ اٿم ته سڌو رستو نه ملندو، ڇو جو سوچان ٿو ته سڌو رستو آهي ئي ڪونه. دراصل رستا اسان جي سوچن ۾ آهن حقيقت ۾ رستا آهن ئي ڪونه، جتي آهيون اها منزل آهي، پليسيبو جادو آهي. اهڙي گفتگو آهي. تحرير آهي، جملو يا لفظ آهي جيڪو پڙهي شوڪارجي ته ان جون اکيون کلي وڃن، اکيون بند ٿي وڃن، اهو روئي پوي، کلي پوي، اهو گناهه گار ٿي پوي، اهو ثوابن سان کيڏي، اهو جنتي هجي، دوزخي هجي، ٿوهر کائي، شراب طهورا چکي، ماکيءَ جي لار سان دل وندرائي، حورن سان راتيون بسر ڪري.
اکين جي جئا ۾ دل هارائي دنيا کٽڻ آهي. هٿيار اڇلي پيش پوڻ فتحيابي آهي. جيڪي عقيدي جي ادا ڪيل لفظن تي وڪامي ويا اهي املهه آهن.
اچ پيشانيءَ تي آڱر رک، وقت جو کاڌل آهيان، محبت جي مڻ رک، تنهنجي چانٺ جي مٽي خاڪِ شفا آهي. معاف ڪجانءِ مان عقيدتمند نه رهيو آهيان. مان پاڻيءَ کي پاڻي سمجهي پيتو، هوا کي هوا سمجهي ساهه کنيو، مان جيڪو ليبارٽريءَ ۾ هر شيءِ جي تشخيص ڪيان ٿو پنهنجي شناخت وڃائي ويٺو آهيان. مان جيڪو تنهنجي کٻي هٿ جي چيچ جي ننهن ۾ پيل خاڪ جهڙو به نه آهيان. مان جيڪو پاڻ ڳولهي پريشان ٿي ويو آهيان.
سڀ کان ننڍا پن وڻ جي چوٽيءَ تي هوندا آهن. مان ڌارين جي دنيا ۾ داخل ٿي گُمنام ٿي چڪو آهيان. اي پليسيبو منهنجي سيني تي هٿ رک تسلي ڏي. مان پنهنجي ڳڀا ڳڀا وجود جا ٽڪر سنڀاليندي مايوس ٿي چڪو آهيان. ڪٿي دل ڪري پوندي ڪا خبر نه پوندي. ڪٿي اکيون وڃائجي وينديون. اي پليسيبو ڪائنات جا ڪک ڏي. ڪائنات ڪک آهي. ڪک وقت جي وارُ ۾ اڏامي ٿو. گردش رقص آهي، سج، چنڊ، ڌرتي ۽ تارا رقاص جي چوغي تي جڙيل آهن.
مون کي اهڙو دوست ياد اچي ٿو جيڪو چانهه پي ننڊ ڪندو هيو ۽ اهڙو دوست پڻ جيڪو ننڊ جي دوا “ويلم” کائي سڄي رات جاڳندو هيو. موکيءَ هٿان متارا، اهڙي مٽ مان مڌ پي جيئرا رهيا جنهن ۾ مئل نانگ هيا. موٽيا، ان احوال تي دهشت مان جان ڏنائون ته “گذريل سال انهن جيڪا مڌ پيتي هئي ان مٽ ۾ مئل نانگ هيا.” “سپ نه ماري، سپ جو سراپ ماري.”
منهنجي هڪ ڪهاڻي “لالواڻيءَ جي لئبريريءَ جا ڪُئا” جيڪا ڪهاڻين جي مجموعي “فونو” ۾ ڏنل آهي. ان جو لڪيل موضوع پليسيبو آهي. هندستان کان آيل هڪ مهاجر کي ڪليم ۾ مليل لالواڻيءَ جي جاءِ ۾ “لئبريريءَ جا ڪتاب کائيندڙ ڪوئن جون ڦولڻيون، جيڪي کيس ڌيءَ غربت ڪري آفيم جي جاءِ تي استعمال ڪرائي ٿي. اهو ڪتابن جون ڦولڻيون کائي عالم ٿي وڃي ٿو.
مان ڪجهه عرصو ٿر ۾ رهيو آهيان. اتي هڪ اوڄاڳي (Insomnia) جي ماريل شخص کي لبريڪس جون گوريون ڏيڻيون پيون. اتفاق سان اسپتال ۾ گوريون ختم ٿي ويون. ان شخص جي ڌيءَ ڪنڊيءَ جي سڱرين مان ٻج ڪڍي پيءُ کي ڏنا. اهو لبريڪس جون گوريون سمجهي کائي ويو. کيس سڱرين مان نڪتل ٻجن، مان به ايترو ئي سڪون مليو جيترو لبريڪس جي گورين مان.
ڪافر کي ان ڳالهه جو ڏک آهي ته “افسوس دنيا خدا کان خالي آهي، جيڪر هجي ها ته ڪفر جو منهن ڏسڻو نه پوي ها.”
خدا غريب جو پليسيبو آهي. هن جي دل مطمئن آهي ته خدا آهي ضرور، جيڪو انصاف ڪندو. جيڪڏهن غريب جو خدا مان ايمان کڄي وڃي ته اهو نه هِن دنيا جو رهندو، نه هُن دنيا جو. هڪ ڊاڪٽر جي حيثيت ۾ جڏهن پنهنجو هٿ مريض جي هٿ ۾ ڏيان ٿو ته اهو پنهنجو هٿ محفوظ سمجهي ٿو. ڪنهن مرندڙ مريض مون کان پڇيو “ڊاڪٽر بچي ويندس؟”
مون “ها” ڪئي. ان جي منهن تي اطمينان اچي ويو.
سکر وارو گرڌاري مل جيڪو پراپرٽيءَ جو ايجنٽ هيو. اهو گهنٽا گهر وٽ ڌرمشالي ۾ رهندو هيو. ڪراچي اچڻ کان اڳ مونکي جاءِ مسواڙ تي ڏيڻي هئي. ڌرمشالي پهتس ته خبر پئي ان تي اڌ رنگي جي بيماريءَ جو حملو ٿيو آهي. منهنجو واقفڪار هيو، اندر گهرايائين، هو بستر تي ليٽيل هيو، سندس مٿن کان شيرانواليءَ جو وڏو فوٽو لڳل هيو. جنهن ۾ اها ڳاڙهي ڄڀ ڪڍي تلوار جهلي شينهن تي ويٺل هئي. گرڌاريءَ جي ڪمري ۾ ٽيپ رڪارڊر تي شيران واليءَ جا ڀڄن هلي رهيا هيا. گرڌاري وجد ۾ بستر تي هڪ هٿ کڻي نچي رهيو هيو. مون کي ويهاري حال احوال ورتائين. مون پڇيو
“ڪهڙي ڊاڪٽر کان علاج ڪرائي رهيو آهين؟”
هڪدم شيران واليءَ ڏي اشارو ڪندي چيائين “منهنجي شيران والي ويٺي آهي پاڻ ئي ٺيڪ ڪندي”
ٽن ڏينهن کانپوءِ خبر پئي گرڌاري گذاري ويو. گرڌاري روئندي نه، نچندي هليو ويو.
پليسيبو دل تي پوندڙ اهڙو ڇنڊو آهي جهڙو امڙ جو ننڍي هوندي پچايل ڀت پاڙي جا ٻار کائي، برمي تان هٿ ڌوئي مونکي هڻندا هيا ۽ چوندا هيا “ڇُٽو...ڇُٽو.” مان پاڻ کي بخار ۾ ٻرندي به چڱو ڀلو محسوس ڪندو هيس.
عقيدو، عبادت، دعا، تعويذ، قرباني، توبهه، جادو، ٽوڻو، خيرات، زڪوات، ڦوڪ ۽ شوڪارو اهي سڀ پليسيبو آهن. پليسيبو حوصلو، همت ۽ سهارو آهي.


[b]رسول ميمڻ
[/b] ڪراچي