الڪيميا ۽ پليسيبو
(Al-chemy and Placebo)
“الڪيميا السادات” الغزالي (1111-1058ع) جو ڪتاب آهي جيڪو ان ڪيميا ۽ روحانيت بابت لکيو.(1)
الڪيميا ڌاتن جي ترڪيب جو فلسفو آهي. اهڙو سائنسي فلسفو يورپ، شام ۽ مصر ۾ گهڻو عرصو رائج رهيو، ان جو اصل مقصد سون ٺاهڻ هيو.(2)
ڪرسوپويا (Chrysopoera) جيڪو يوناني لفط آهي. يوناني زبان ۾ سون کي Khrusos چيو وڃي ٿو.
اوروبوروس (Ouroboros) جيڪو هڪ آڳاٽو يوناني خيال آهي ته نانگ يا ازدها پنهنجو پڇ کائي جيئرو رهندو آهي. ائين اهو سڀ “پاڻ” آهي. کائي به پاڻ، جيئي به پاڻ، اهڙي خيال کي سامهون رکي چيو ويندو هيو ته هڪ ڌاتو پاڻ سڀ ڌاتو آهي معنا هڪ ڌاتوءَ ۾سڀ ڌاتو موجود آهن. ڪرسو پويا جو مقصد به ساڳيو هيو ته بنيادي ڌاتن جيئن سيهو (Lead) آهي، ان کي سون ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو.(3)
الڪيميا ۾ اهڙا فارمولا پڻ موجود آهن، جن ۾ اشارا ڏنل آهن ته آبحيات ڪيئن ٺاهي سگهجي ٿو. آبحيات جنهن کي انگريزي زبان ۾ اليڪسر (Elixir) چيو وڃي ٿو، اهو عربي لفظ الاڪثير مان نڪتل آهي.(4) آبحيات جي باري ۾ سمجهيو ويندو هيو ته ان جي پيئڻ سان انسان ڪڏهن نه مرندو ۽ سدائين جوان هوندو. مسلمان سائنسدانن آبحيات جو نالو هڪ دوا کي به ڏنو آهي جيڪا بيمارين کان بچائي ٿي.(5)
الڪيميا جي فارمولن تي عمل ڪندي يونان ۾ پينيشيا (Panacea) علاج جو طريقو عمل ۾ آيو. ان جو مقصد به ساڳيو هيو ته ان جي استعمال سان مريض نوبنو ٿئي ۽ سڄي عمر بيمارين کان محفوظ رهي. پينيشيا يونان جي ديوي آهي.(6)
الڪيميا جو ٻيو مشهور فارمولا الڪاحيسٽ (Alkahest) آهي، جيڪو اهڙو ڳار (Solvent) آهي جنهن ۾ هر شيءِ ڳري وڃي ٿي. خاص ڪري سون.(7)
انسان جو جسم ۽ روح بلندين کي تڏهن ڇهي ٿو جڏهن ان ۾ پارس پٿر (Stone of philosopher) جهڙي قوت اچي ٿي. الڪيميا پارس پٿر جي جستجوءَ ۾ بنيادي ڌاتو (Prima material) جي منفرد مادي کي ڳولهي ٿو.(8) اهو مادو بي ڊول (Formless) آهي. جيئن انساني وجود کان اڳ ڪائنات خول (Void) هئي ۽ اها تخليق طرف سياراتي مرحلا انتشار (Chaos) ۽ تشڪيل طرف وڌي رهي هئي. پارس مادي جو تخيل به ائين آهي، جيڪو خول مان نڪري خلا ۾ پيدا ٿيندڙ ڪائنات جيان وجود وٺي ٿو ۽ اهو پٿر (پارس) ڪائنات جون سڀ خصلتون پاڻ ۾ سمائي ٿو.(9)
ٻارهين عيسوي صديءَ کانپوءِ يورپ ۾ جيڪا جاڳرتا (Renaissance) جي لهر آئي، ان تي اسلامي دنيا جي فسلفي جو اثر هيو. جڏهن اسلامي سائنس ترجمو ٿي يورپ آئي ته ارسطوءَ جي ڪيميائي ۽ فلسفيانا خيالن سان ملي جديد سائنس کي هٿي وٺرائي.(10) خاص ڪري ڪيمسٽري ۽ دوائن جي علم تي ان جا اثر پيا. جيئن مسلمان سائنسدانن ليباريٽريون قائم ڪيون هيون ائين يورپ ۾ ليبارٽرين جو رجحان وڌيو ۽ تجربا ٿيڻ لڳا جيڪي هاڻي عروج تي آهن. انهن تجرباتي عملن جا نتيجا ڳجها رکيا ويندا هيا. ڪو به ڪنهن کي ڪيميائي راز نه ٻڌائيندو هيو ۽ ڪيترا ڪيميادان اهڙا راز سيني ۾ رکي دفن ٿي ويا يا اهڙن ڳجهن اکرن (Cryptography) ۾ ڪوڊ ڏئي سانڊيندا هيا جيئن اهو ڪوڊ ڪو ٻيو کولي نه سگهي.(11)
جيڪڏهن لفظ “الڪيميا” تي غور ڪجي ته اهو سڀ کان پهريون مصر جي پراڻي صورتخطي (Hieroglyphic) ۾ کيمي (Khami) جي نالي سان ملي ٿو.(12) عربي زبان ۾ اهو الڪيميا ٿيو ۽ پوءِ لاطينيءَ ۾ ان کي الڪائيما (Alchyma) چيو ويو.(13)
مصر جو شهر اسڪندريا علم جو مرڪز رهيو آهي. اهو هڪ اهڙي ديڳڙيءَ جيان هيو جنهن ۾ مختلف ڪيميادانن جا فلسفا پچندارهيا آهن.
اسڪندريا ۾ جيڪي فلسفا نئين صورت ۾ پروان چڙهيا انهن ۾ فيثا غوريزم، پليٽونيزم ۽ اسٽواڪزم هيا.
فيثا غورث عيسا کان ڇهه سوَ سال اڳ ڄايو. سندس فلسفي جا موضوع ڪيميا، رياضي ۽ صوفيزم هيا.(14) افلاطون جو نظريو (Platonism) جيڪو خاڪي (Abstract) کي اهميت ڏئي ٿو ۽ اهڙو خاڪو جيڪو اندر يا ٻاهر جي شعور ۾ موجود نه آهي. افلاطون جو اهڙو خيال صوفيزم جو تصور آهي.(15) اسٽوا ڪزم فلسفي جو پايو وجهندڙ زينو (Zeno) (334-262BC) آهي. ڪي چون ٿا ته ان جو تعلق قبرص سان هيو ۽ ڪن جو خيال آهي ته اهو فينيشين هيو.
زينو يونان جي شهر ايٿنس ۾ فلسفو پڙهائيندو هيو. اسٽواڪ ان مخصوص هنڌ کي چوندا هيا جتي هو فلسفي جا خطبا ڏيندو هيو. سندس چوڻ هيو ته جيئڻ جو مقصد قدرت سان اهڙو معاهدو آهي جنهن ۾ فطرت جو حصو ٿي گهارڻو پوي ٿو. هو دنيا کي اهميت ڏئي ٿو. سندس چوڻ موجب جيڪي آهي سامهون آهي. هو چڱائي، امن ۽ سڪون جي ڳولها فطرت سان سمجهوتي ۾ ڳولهي ٿو.(16)
اسڪندريا ۾ اهڙن علمن کانسواءِ جنهن فلسفي تي عمل ڪيو ويندو هيو، اها گنوسٽيسزم (Gnosticism) هئي. يوناني ٻوليءَ ۾ ڄاڻ کي گنوسس چئبو آهي. اهڙي ڄاڻ تڏهن پيدا ٿي جڏهن آسماني ڪتابن خدا متعلق ٻڌايو ۽ پوءِ خدا انسان ۾ جوت جاڳائي.(17)
اسڪندريا اندر ساڳي ديڳڙيءَ ۾ اهي سڀ نظريا ڪڙهي هڪ ٿي ويا. اهڙو علم پوءِ يونان پهتو.(18) ساڳي وقت خالد بن يزيد اهڙي علم کي اسڪندريا مان اسلامي دنيا ۾ کڻي آيو.(19)
جابر بن حيان کي جديد ڪيمسٽريءَ جو ابو ڪوٺيو وڃي ٿو، ڇو جو جابر بن حيان (815-721ع) جي علم جو انحصار تجربن ۽ انهن جي نتيجن تي هيو. روم جي زوال کانپوءِ علم جو مرڪز اسلامي دنيا رهي آهي. جابر بن حيان باقاعدي ليبارٽريءَ جو تصور ڏنو ۽ ان ۾ تجربا ڪيا. انڪري کيس جديد ڪيمسٽريءَ جو ابو ڪوٺيو وڃي ٿو. جابر بن حيان چوي ٿو “ڪيمسٽريءَ جو بنياد تجربي تي هجڻ گهرجي، تجربي کانسواءِ حقيقت حاصل نه ٿي ڪري سگهجي.”(20)
يعقوب بن اسحاق الڪندي (873-801ع) جنهن کي الڪنديءَ جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو ۽ محمد بن ذڪريا الرازي جيڪو الرازيءَ جي نالي سان مشهور آهي. انهن ڪيميادانن گندرف جو تيزاب، شوري جو تيزاب ۽ نائٽرڪ ايسڊ دريافت ڪيو. آب سلطاني (Aqua regia) پڻ ٺاهيو جيڪو نائٽرڪ ايسڊ ۽ شوري جي تيزاب جو مرڪب هيو. ان ڳار ۾ سون ۽ پليٽينم حل ٿي ويندا آهن.(21)
جابر بن حيان جي کوجنا جو اصل مقصد تڪوين (Takwin) هيو. تڪوين جو مقصد ليبارٽريءَ ۾ زندگي تخليق ڪرڻي هئي.(22)
هن هر مادي جو ان جي بنيادي تاثرات (گرم، ٿڌو، گهميل، خشڪ) جي حوالي سان جائزو ورتو ۽ تخليق جي ڪوشش ڪئي. جابر بن حيان موجب هر ڌاتوءَ ۾ ٻه اندروني ۽ ٻه بيروني خاصيتون ٿين ٿيون. مثال سيهو، جيڪو ٿڌو ۽ خشڪ آهي. جڏهن ته سون گرم ۽ گهميل آهي. هن اهڙين خاصيتن کي جاچي چيو ته خاصيتون بدلائي هڪ ڌاتوءَ کي ٻئي ڌاتوءَ ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو.
سندس تحقيق جو بنياد ستن عنصرن تي مشتمل آهي. جن ۾ ايٿر، هوا، ڌرتي، باهه ۽ پاڻي قدرتي حيثيت رکن ٿا جڏهن ته ٻه ڌاتو سلفر (جنهن کي ٻرڻ جي شڪتي آهي) ۽ پارو جنهن ۾ گهڻ ڌاتوئي خلصتون موجود آهن. هن آخر ۾ لوڻ کي انهن ۾ شامل ڪيو.(23)
جديد ايٽمي نظريو جابر بن حيان جي تحقيق سان لاڳاپيل آهي. جنهن موجب ايٽم ۾ اندروني ذرا ۽ ٻاهران شيل (Shell) ٿين ٿا. اندروني ذرن ۾ اليڪٽران، پروٽان ۽ نيوٽران ٿين ٿا.(24)
اڳتي هلي ابو الريان البيروني، ابن سينا ۽ ابن خلدون، جابر بن حيان جي اهڙي نظريي جي مخالفت ڪئي ته هڪ ڌاتو ٻئي ڌاتوءَ ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو.(25)
جابر بن حيان جو اهڙو خيال ته هڪ ڌاتو ٻئي ڌاتوءَ ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو. گهڻن جي مت منجهائي، هر شخص ان ڪوشش ۾ هوندو هيو ته جيڪر کيس اهڙو فارمولا ملي پوي ته هو سستي ڌاتوءَ کي سون ۾ بدلائي سگهي. اهڙي جستجوءَ پويان ڪيترا ماڻهو سڃا ٿي ويا، سکر جي شاهي بازار ۾ ڪجهه سنڌي سيٺين جا دوڪان هوندا هيا. ان زماني ۾ بئنڪ جو تصور نه هيو. انهن وٽ ايڏا پئسا هوندا هيا جو لڪائڻ لاءِ وهاڻن ۽ سوڙين ۾ وجهي ڇڏيندا هيا، کين سون ٺاهڻ جو شوق ٿيو. اهڙا واندا عامل هوندا هيا جيڪي سيٺين کي پئسي جي سيڙپ لاءِ ابتا سبتا ڏس ڏيندا هيا. اهي سيٺ به اهڙن ٺڳن جي ور چڙهي ويا. سون جي لالچ ۾ انهن هزارين روپيا خرچ ڪيا. عامل ڪيميڪلز جي بهاني انهن کان هر هر پئسا وٺندا هيا ۽ هر دفعي چوندا هيا “سيٺ بس ڪم تيار هيو، هڪ شيءِ کٽي پئي.”
انهن عاملن وٽ باهه جون بٺيون هونديون هيو. هر دفعي ڌاتو ۽ ڪيميڪل ملائي باهه تي چاڙهيندا هيا ۽ رک ۾ پوري ڇڏيندا هيا. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ڪڍندا هيا ته ان ۾ ڌوڙ کانسواءِ ڪجهه نه هوندو هيو.
هڪ دفعي سيٺ رب رکيو اهڙي عامل سان گڏ هيو جڏهن تجربو ڪندي ڌماڪو ٿيو ۽ ٻئي مرندي بچيا. ماڻهن جڏهن کين ٻاهر ڪڍي سمهاريو ته پاڻي پيئڻ کانپوءِ عامل سيٺ ڏي منهن ڪندي، زوريءَ مرڪندي چيو.
“بس سيٺ لوهه ذرو کٽي پيو نه ته سون ته تيار هيو.”
سون جي لالچ ڪنهن کي نه آهي؟ غريب هجي يا امير، هر ڪنهن جي حسرت هوندي آهي ته جيڪر سون حاصل ڪيان، سون ٺاهڻ جو اهڙو ڪو به فارمولا نه آهي. سائنسدانن ايٽم کولي پروٽان ٽوڙي سوءَ ٽڪر ڪيا آهن ۽ گاڊ پارٽيڪل تائين پهتو آهي. عنصرن جي اهڙن انتهائي تجربن کانپوءِ ان شيءِ جي ڪا گنجائش موجود نه آهي ته هڪ ڌاتو ٻئي ڌاتوءَ ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو. جڏهن ٻه ڌاتو ملندا ته مرڪب ڌاتوءَ ۾ انهن ٻنهي ڌاتن جون خاصيتون هونديون. ان ۾ ڪا نئين خاصيت پيدا نه ٿيندي.
اندر جي تسڪين ممڪن آهي؟ انسان تسڪين لاءِ جستجو ڪري ٿو. اها جستجو هاڪاري هجي يا ناڪاري. ڪڏهن صحيح ڏس ملي ٿو، ڪڏهن نه ٿو ملي. ڪڏهن اعتقاد تي ڪڏهن ڏاهي جي ڏس تي اطمينان حاصل ٿئي ته، نه ڪرڻ کان ڪجهه ڪرڻ بهتر آهي. دنيا ان سوچ تي هلندي آئي آهي. انسان مفروض کي موزون بنايو آهي. آبحيات، پارس پٿر يا ڪيميا. جنهن ۾ سون ٺاهڻ، چاندي ٺاهڻ يا اهڙا ڌاتو ٺاهڻ جن سان مرداني قوت وڌي سگهي. اهي سڀ پليسيبو آهن. من کي مطمئن ڪرڻ جون ڳالهيون آهن.
مرداڻي قوت لاءِ سنکيو (Arsenic) مارڻ، هڪ اهڙو طريقيڪار آهي جيڪو حڪيم سنڌ ۾ صدين کان آزمائيندا آيا آهن. خبر نه آهي سنکيو ماريندي انهن ڪيترا بي گناهه ماريا آهن. سنکيو اهڙو زهر آهي جيڪو ماڻهن کي مارڻ لاءِ استعمال ٿيندو آيو آهي ڇو جو ان ۾ نه ذائقو آهي ۽ نه بوءِ.
مون ڪيترا ماڻهو ان مئل سنکيي سان مرندي ڏٺا آهن.
پارس پٿر جي باري ۾ هڪ ڳالهه آهي ته ڪو ٻڪرار جابلو علائقي ۾ ٻڪريون چاريندو هيو. هر طرف پٿر هوندا هيا. پهاڙن تي هِتي هُتي گاهه اڀريل هوندو هيو. اهڙو خشڪ علائقو هيو جيئن جاهل جو مغز، ٻڪرار ٻڪريون چاريندو هيو. گوشت کائيندو هيو، کير پيئندو هيو ۽ ٻڪريون وڪڻي ٻيون ضرورتون پوريون ڪندو هيو.
ان برپٽ ۾ هڪ شخص جنهن جي ڏاڙهيءَ جا وڏا وار منجهيل ۽ ڪپڙا ڦاٽل هوندا هيا، ڪنهن پيو ڳولهيندو هيو، هڪ دفعي اهو شخص ٻڪرار وٽ آيو ۽ چيائينس “مان جنهن کي ڳولهيندي ٿڪيو آهيان، نظر ته نه آيو آهي پر پڪ اٿم ته ضرور ڳولهي لهندس.”
ٻڪرار ٻڌو ۽ بي دليءَ سان جواب ڏنائين. “پوءِ مان ڇا ڪيان؟”
ان پوڙهي شخص ٻڪرار کي رحم جي نظرن سان ڏٺو ۽ چيو “تون به ڳولهه پر ان کي نه ڳولهه جنهن کي مان ڳولهيان ٿو.”
ٻڪرار هڪ دفعو وري چس “ته پوءِ ڪنهن کي ڳولهيان؟”
پوڙهي وري ڳالهايو.
“مان جنهن کي ڳولهيان ٿو ان لاءِ مان ڪافي آهيان پر هڪ ٻئي ناياب شيءِ جنهن کي پارس پٿر چيو وڃي ٿو. اهو انهن جبلن ۾ ڪٿي موجود آهي. تون ان کي ڳولهه.”
ٻڪرار وري جواب ڏنو. “ان کي ڳولهي ڇا ڪيان؟”
پوڙهي وري ڳالهايو.
“ان کي ڳولهڻ ۾ ڪامياب ٿي وئين ته پوءِ تون لوهه کي سون ڪري سگهندين. ان پٿر کي لوهه سان گسائبو آهي ته اهو سون ٿي ويندو آهي.”
ڳالهه ٻڌي ٻڪرار جي منهن ۾ رونق اچي وئي، مرڪيو ۽ چيائين.
“ڪيئن حاصل ڪيان؟”
پوڙهو ان ويجهو آيو ۽ سمجهايائين.
“تون سڀني ٻڪرين جي کرن ۾ لوهه جا نعل هڻ، اهي جبلن ۾ گهمنديون جڏهن موٽنديون، تون انهن نعلن کي جاچ، جيڪڏهن ڪنهن ٻڪريءَ جو نعل سونو آهي ته سمجهه پارس پٿر موجود آهي.”
ٻڪرار کي ڳالهه وڻي، سوچيائين ته گهاٽي جو سودو نه آهي. آهي به بزرگ ماڻهو، ڏاڙهي به وڏي اٿس، لڳي به ڏاهو ٿو، ڪپڙا به درويشي اٿس، سچ چوندو هوندو.
ٻڪرار عمل ڪيو ۽ لوهر وٺي ٻڪرين کي کرن ۾ نعل هڻائي ڇڏيائين، پوڙهو شخص ٻڪرار سان گڏ رهي پيو ۽ کير مکڻ کائي وقت گذارڻ لڳو. ٻڪريون روز جبلن تي گهمي واپس اينديون هيون پر نعل اهي ئي لوهه جا هوندا هيا. ڪڏهن ڪو نعل سونو نه ٿيو. هڪ ڏينهن ٻڪرار ڪاوڙجي پوڙهي کي چيو.
“ڏي خبر سچ ٿو ڳالهائين يا ڪوڙ؟”
پوڙهو جيڪو پهريون کان تندرست ٿي پيو هيو، ان جواب ڏنو.
“ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ، سچ ته بيٺو نچ”
“هاڻي ڇا ڪيان؟” ٻڪرار پڇيو.
“تون ائين ڪر جو ٻڪرين کي صفا آزاد ڇڏي ڏي، ڀل پري پري تائين پٿر لتاڙين متان ڏور وادين ۾ ڪٿي پارس هجي ۽ ڪنهن ٻڪريءَ جو نعل سونو ٿي پوي.”
ٻڪرار سوچيو ۽ پوءِ راضي ٿيو.
ان ڏينهن کانپوءِ ٻڪرار ۽ پوڙهو سمهيا پيا هوندا هيا ۽ ٻڪريون دربدر پيون جبلن تي ڦرنديون هيون. ڌڻيءَ کانسواءِ ڪهڙو ڌڻ آهي، وکرجي ويون ۽ الڳ ٿي جبلن ۾ گم ٿي ويون. ڪن کي بگهڙ کائي ويا، ڪي کامن ۾ ڪري مري ويون۽ ڪي رستو ڀلي ويون. گهڻو وقت گذريو گهر نه آيون ته ٻڪرار پريشان ٿي ويو. آخر هڪ موٽي آئي ته ان کي ڏسي پوڙهي خوشيءَ مان رڙ ڪئي.
“او اها ٿي ٻڪري جنهن جو انتظار هيو.”
ٻنهي ڊڪي ٻڪريءَ جا نعل چڪاسيا ته ڏٺائون نعل هيا ئي ڪونه.
ٻڪرار ڪنو منهن ڪري پوڙهي کان پڇيو.
“هي ڇا؟”
پوڙهي منهن جي پڪائيءَ سان جواب ڏنو.
“ابا دنيا ۾ ائين ٿيندو آهي ڪڏهن لوهه پارس، ڪڏهن پارس لوهه، ڪڏهن نعل نوان، ڪڏهن کر خالي.”
References:
1. Malouin . Paul. Jacques (1751).
“Alchemy encyclopedia”.
Volume I Paris. Collaborative translation project.
2. “Chemical knowledge in early modern world”.
Chicago university press 2014.
3. Wouter J. Hanegraaff .
“Alchemy between science and religion”.
4. Cambridge university press:2012
“A Greek . English Lexicon”.
( English edition ) oxford : clarendon press (1901).
5. Allen G. O. Debus.
“Alchemy and early modern chemistry”.
The society for the history of alchemy and chemistry .p.34.
6. Yves Bonnefoy.
“Roman and European mythologies”.
University of Chicago press.1992.pp.211-213.
7. “Alchemy” Dictionary.com.
8. Staff.
“Come into a new state of being”
Tufts university. Retrieved 17 September 2014.
9. Ragai – Jehane ( 1992 ).
“ The philosophers stone : Alchemy and chemistry”
Journal of comparative poetics 12 ( Metaphor and Allegory in the middle ages ) : 58-77.
10. Starn . Randolph ( 1998 ).
“Renaissance Redux”.
The American historical review. 103(1):122-124.
11. Tara E. Nummedal.
“Alchemy and Authority in the holy Roman empire”
university of chicago press 2007.p.49.
12. “Alchemy”.
Oxford English Dictionary (3rd ed.). Oxford university press. (2005).
13. Harper. Douglas
“ Alchemy ”.
On line etymology dictionary. Retrieved 2010.
14. “Pythagoreanism”.
Translated by Edwin L. Minar Jr. Cambridge mass : Harvard university press-p.106.
15. “Platonism”
cross FL . ed. The oxford dictionary of the Christian church. New York. Oxford university press.2005.
16. Gilbert Murray.
“The stoic philosophy”
(1915).p.25. In Bertrand Russell, A history of western philosophy (1946).
17. Stanley E. Porter , David yoon (2016).
“Paul and Gnosis”.
Brill p.9.
18. “A history of chemistry”.
Bensaud – vincent. Isabelle strangers. Harward university press. 1996.p.13.
19. Glen warren , Bowersock , Peter Robert , et-al.
“Late antiquity: a guide to the postclassical world”.
p.284-85.
20. Kraus P. (1962).
“Djabir B. Hayyan”.
Encyclopedia of Islam.2 ( 2nd - ed.) Brill Academic publishers.p.357-59.
21. Holmyard E,J. (1931).
“Makers of chemistry”.
Oxford clarendon press.p.57-8.
22. O’Connor , Kathleen Malone. (1994).
“The chemical creation of life ( takwin ) and other concepts of Genesis in medieval Islam”. University of Pennsylvania. Retrieved 2007.
23. Strathern , Paul (2000).
“Mendeleyev’s Dream. The quest for the elements”.
New York : Berkley Books.
24. Moran , Bruce T. (2005).
“Distilling knowledge : alchemy , chemistry and scientific revolution”.
Harvard university press.p.146.
25. Marmura ME (1965).
“Concept of nature and methods used for its study by the Ikhwan Al-Safa’an – Al. Biruni and Ibn.sina”
by Syed Hussain Nasr. Speculum. 40(4):744-6.