تاريخ، فلسفو ۽ سياست

پليسبو [سائنسي فلسفو]

ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار رسول ميمڻ پاران سائنسي فلسفي تي لکيل ھڪ بھترين ڪتاب آھي. رسول ميمڻ لکي ٿو:
”ڪائنات پليسيبو جي ٿنڀن تي بيٺل اهڙو ٿيٽر آهي جنهن ۾ ڪردار عيوض ۾ ملندڙ داد جا منتظر آهن. آسرو زندگيءَ جي بقا جو سڀ کان وڏو سهارو آهي. دل مطمئن آهي ته ڪيل گناهه معاف آهن. ثوابن ۽ گناهن ۾ سمجهه جو فرق آهي.
عقيدو، عبادت، دعا، تعويذ، قرباني، توبهه، جادو، ٽوڻو، خيرات، زڪوات، ڦوڪ ۽ شوڪارو اهي سڀ پليسيبو آهن. پليسيبو حوصلو، همت ۽ سهارو آهي. “
  • 4.5/5.0
  • 61
  • 39
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رسول ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book پليسبو [سائنسي فلسفو]

فطري منشياتي سرشتو ۽ پليسيبو

فطري منشياتي سرشتو ۽ پليسيبو

(Endocannabinoid system and Placebo)

هر ساهواري اندر فطري منشياتي سرشتو موجود آهي. اهو سائنسي طور ثابت ٿيل آهي.(1) انسان ڪيميڪل آهي ۽ ان ڪيميڪل جو مک عنصر ڪاربان آهي. ڪاربان عنصرن جو ڪرنگهو آهي. لحميات (Proteins) چرٻي (Fat) ۽ کنڊ (Carbohydrate) جيڪي ساهواري جا بنيادي جزا آهن. انهن جزن جا عنصر ڪاربان سهاري بيٺل آهن. مادي طور ڪاربان فنا نه ٿو ٿئي پر ٻين صورتن ۾ تبديل ٿئي ٿو.
ان ڪيميائي سرشتي هيٺ انسانن ۾ قدرتي منشياتي عنصر ٿين ٿا ۽ دماغ ۾ انهن عنصرن کي قبول ڪندڙ منشياتي وصولي (Receptors) ٿين ٿا. ائين چئي سگهجي ٿو ته انسان لاشعوري طور فطري منشيات واپرائي ٿو جيڪا ان لاءِ نقصانڪار نه پر فائديمند ۽ ضروري آهي. ان کي اندر جو فطري منشياتي سرشتو چئجي ٿو.(2)
اهي وصولي (Receptors) جيڪي مختلف عنصرن جا ٺهيل آهن انهن کي Neuromodulatory receptors چيو وڃي ٿو. اهي جسم ۾ ٺهندڙ منشيات نما مواد وصول ڪن ٿا ۽ انسان پرسڪون رهي ٿو.
اهو سرشتو جسم جي فطري نظامن کي هلائڻ ۾ مدد ڪري ٿو. جيئن بک جو لڳڻ، سور جو احساس، رويو، حافظو ۽ ڪينيبس (Cannabis) جي پيداوار.(3)
ڪينيبس جنهن کي ميريجوانا (Marijuana) پڻ چيو وڃي ٿو اهو ڪينيبس ٻوٽي مان حاصل ٿئي ٿو ۽ نفسياتي بيمارين ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو. ڪينيبس منشيات طور سگريٽ ۾ وجهي ڇڪيو وڃي ٿو يا ان جا بخارات ورتا وڃن ٿا.(4) يورپ ۽ آمريڪا ۾ اهو کاڌي ۾ شامل ڪيو وڃي ٿو. اهڙو ٻوٽو افغانستان، ڪينيڊا، چين، انڊيا، ميڪسيڪو، اسپين ۽ ترڪي ۾ پاتو وڃي ٿو. دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ ان جي استعمال تي پابندي آهي. ڪينيبس ٻوٽي جي گلن مان چرس ٺهي ٿو.(5)
انسان ۾ قدرتي طور ڪينيبس جهڙو مواد ٺهي ٿو. فطرت انسان ۾ هر شيءِ اوتي ڇڏي آهي. اها انسان جي اهليت آهي ته هو انهن کي ڪيئن ڳولهي لهي ٿو. ڪي پيتي بنا پرباش آهن، ڪي پي ڪري بي لاڀ. خدا انسان کي هر شيءِ سان نوازيو آهي، هو اندر جو ايمان نه ٿو ڏسي ايمان ڳولهڻ لاءِ ٻين جو اندر ٿو ڏسي. هو سيني ۾ پوريل سچ کوٽي ٻاهر نه ٿو ڪڍي ٻين جي کوٽيل سچ ڏي ٿو ڏسي. سڀ اندر ۾ موجود آهي اهو انسان تي منحصر آهي ته سندس علم ۽ کوجنا ڪهڙي اوچائيءَ کي ڇهي ٿي. اهو به سچ آهي ته بيلچو انهن وٽ هوندو آهي جيڪي ڌوڙ کوٽيندا آهن، ڊکڻ جي گهر ۾ ڏوئي نه هوندي آهي ۽ سوناري جي هٿوڙي لوهر لاءِ ڪا معنا نه رکندي آهي. مقصد ته انسان سدائين کٽيل آهي. بادشاهه جون تجوريون ڀريل هجن پر ان جي ڪمزوري خزانو آهي، انسان سرشتن جي گهٽ وڌائي تڏهن ٿئي ٿي جڏهن هو ٻاهرين شين تي ڀاڙي ٿو، اندر جو شراب نه ٿو پيئي. هو من جي منشيات نه ٿو واپرائي. چرس، شراب ۽ ٻيون شيون واپرائڻ سان انسان جي جسم ۾ غيربرابري سرشتو حرڪت ۾ اچي ٿو. ٻاهرين منشيات ڪري ان جي اندر جا ڪارآمد جزا ضرورت محسوس نه ڪندي جسم ۾ خارج نه ٿا ٿين ۽ ٻاهران مواد ان جا وصولي (Receptors) والارين ٿا. جنهن جو نتيجو اهو نڪري ٿو جو منشيات واپرائيندڙ ماڻهوءَ ۾ ٻاهرين منشيات جي هير ٿي وڃي ٿي.
قدرت جي عطا ڪيل منشياتي سرشتي کي طبعي طور جاري رهڻو آهي. اهو ٻاهرين منشيات سان متاثر ٿئي ٿو. ٻاهرين منشيات رتوبت ۾ شامل ٿي انهيءَ ردعمل (Fedback) جا رستا روڪين ٿيون. وصولي والارجي وڃن ٿيون ۽ قدرتي منشيات کي اثر ڏيکارڻ لاءِ ڪو رستو نه ٿو ملي. اهي گهٽجي وڃن ٿيون يا پيدا نه ٿيون ٿين.(6) پاڻيءَ سان ڪنارن تائين ڀريل لوٽي ۾ جيڪڏهن کير وجهبو ته ضرور هاربو. چوندا آهن جيترو ڳڙ وجهه اوترو مٺو ٿيندو، ائين نه آهي، هر ڳار (Solvent) ۾ ڳرندڙ (Solute) جي حد مقرر آهي. اهو پنهنجي حد کان وڌيڪ جذب ڪري ڳاري نه سگهندو. پاڻيءَ ۾ ڳڙ وجهندا اچو ته اهو پاڻي، پاڻي نه رهندو. ڳڙ ٿي ويندو.
اندر جو منشياتي سرشتو انسان کي حوصلو ۽ صبر ڏئي ٿو. ورزش، تفريح، لڳ، موسيقي، ڊوڙ، مراقبو ۽ عبادت سان سڪون ملي ٿو. ان جو سائنسي سبب اندر جو منشياتي سرشتو آهي.(7) اهڙن عملن سان اندر جو منشياتي سرشتو حرڪت ۾ اچي ٿو ۽ جسم جا فاسفو لپڊس (Phosphlipids) اراڪي ڊونڪ ايسڊ (Arachidonic acid) ٺاهين ٿا جيڪا ايفا مائيڊ مان ايرا ڪيڊو گلائسيرال ۾ تبديل ٿئي ٿو. جيڪو انڊو ڪينا بوائيڊ آهي.(8)

جسم ۾ ٺهندڙ اينڊو ڪينيبوائيڊ، ڪينيبس جو ڪم ڪري ٿي ۽ جسم کان ٻاهر ڪينيبس هڪ ٻوٽو آهي جنهن مان چرس ۽ منشيات جا تيل (Hash oil) ٺهن ٿا.(9)
جسم ۾ جن وصولين تي ڪينيبس اثر انداز ٿئي ٿو انهن ۾
Canaboid Receptor I (CB 1)
Canaboid Receptor II (CB 2)
شامل آهن، اهي وصوليون دماغ ۽ جسم جي مدافعتي سرشتي ۾ ٿين ٿيون.(10) اهي وصوليون نه صرف جسم ۾ ٺهندڙ منشيات کي وصول ڪن ٿيون پر جيڪڏهن ٻاهريون منشيات واپرايون وڃن ته انهن کي به وصول ڪري جسم تي ساڳي طريقي سان اثر انداز ٿين ٿيون. فرق اهو آهي ته قدرتي ڪينابوائيڊ ضرورت مطابق گهاٽائي (Concentraction) ۾ ٿين ٿا. جڏهن ته واپرائي ويندڙ منشيات جي گهاٽائي گهڻي ٿئي ٿي جنهن ڪري انسان غافل ٿئي ٿو.(11)
پليسيبو جيڪو ڊمي دوا (Inert) آهي. اهو نفسياتي سهاري کانسواءِ ڪو ڪم نه ٿو ڪري. اهو جسم جي ڪنهن به حصي کي متاثر نه ٿو ڪري ۽ اعتماد ۽ همت ڏئي ٿو ته “دوا ورتي آهي ضرور اثر ڪندي.” اهو اعتقاد صبر جي اهڙي وٿي فراهم ڪري ٿو جو جسم جو مدافعي سرشتو (Immune system) جاڳي پوي ٿو، ائين ڪينيبوائيڊ ذريعي ڪيترين علامتن کان ڇوٽڪارو ملي ٿو. خاص ڪري سور، بخار، کنگهه، ڊپريشن ۽ ٻين بيمارين کان.(12)
ڊپريشن هر بيماريءَ جي ماءُ آهي. تانگهه (Stress) پڻ ان جي پيداوار آهي ۽ تانگهه جسم جا سڀ سرشتا بگاڙي وجهي ٿي، ان حد تائين جو جديد سائنس ثابت ڪيو آهي ته ڪينسر جهڙي بيماري به تانگهه جو حصو آهي.(13) تانگهه، بلڊپريشر، شگر، دل جو دورو ۽ گڙدن جي بيماريءَ جو سبب آهي. ڊپريشن تي ورزش، آرام، مراقبي، ننڊ، عبادت، تفريح ۽ ميل جهول وسيلي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. پليسيبو دوائون ان سلسلي ۾ مددگار ثابت ٿين ٿيون. انهن جا ڪي به نقصان (Side effects) نه ٿا ٿين. هاڻي انهن تي انڪري تنقيد ٿي رهي آهي جو جديد سائنس ترقي ڪئي آهي. گهڻين ئي کوجنائن کانپوءِ دوائون ايجاد ٿي چڪيون آهن. ڪو وقت هيو دوائون تحقيق کانسواءِ آزمايون وينديون هيون. مريضن کي اعتقاد ۽ عقيدي تي افاقو ٿيندو هيو پر هاڻي ائين نه آهي.
جڏهن مان ننڍو هوندو هيس ته پيٽ جو سور نه ڇڏيندو هيو. سکر جهڙي شهر ۾ ان وقت چار ايم بي بي ايس ڊاڪٽر هوندا هيا. باقي حڪيم ۽ عطائي هيا. ماڻهن جو اعتقاد تعليم يافتا ڊاڪٽرن کان وڌيڪ حڪيمن ۽ عطائين ۾ هوندو هيو. پيٽ جي سور لاءِ مونکي والد صاحب هڪ حڪيم وٽ وٺي ويندو هيو. ان حڪيم کي “ڄيٺي جو پٽ” چوندا هيا. ڄيٺي جو پٽ انڪري ته اهو حڪيم ڄيٺي مل جو پٽ هيو. جيڪو وقت جو مشهورحڪيم رهيو هيو ۽ اها حڪمت لکيءَ واري غلام شاهه کان حاصل ڪئي هئي. گهنٽا گهر وٽ شهارا منڊيءَ جي شروع ۾ ان جو دواخانو هيو. ان کي اڇا وار هوندا هيا ۽ سدائين اڇي ڪڙتي ۽ پائجامي ۾ هوندو هيو. مزي جي ڳالهه اها ته اهو جيڪا جتي پائيندو هيو ان جو رنگ به اڇو هوندو هيو.
ان حڪيم جي دواخاني ۾ بوتلن منجهه صرف ليمي جو شربت پيل هوندو هيو. اهو نه ٻڌائيندو هيو ته ڪو انهن ۾ ليمي جو شربت آهي. پر مونکي ان جي پاڙيسري موهن لال ٻڌايو هيو ته سندس گهرواري سڄو ڏينهن ليمن جي رس ڪڍي، کنڊ وجهي چلهه تي ڪاڙهڻ ۾ مصروف هوندي آهي. ان حڪيم وٽ جيڪو به مريض ايندو هيو ته کيس بوتل ۾ ليمي جو شربت وجهي ڏيندو هيو ۽ هڪ معجون جيڪو اڇي رنگ جو ۽ خوشبودار هوندو هيو، اهو ننڍڙي ٽين جي دٻيءَ ۾ ڀري ڏيندو هيو. سکر جا اڪثر ماڻهو ان کان علاج ڪرائيندا هيا. مون کي ان مان عارضي فائدو ٿيو.
اها ته هاڻي جي ڳالهه آهي جڏهن تعليم يافتا ڊاڪٽر ۽ سرجن نه هيا ته پوءِ صدين کان عام ماڻهو اهڙن حڪيمن ۽ عطائين کان ئي علاج ڪرائيندو آيو هوندو. تڏهن سائنسي کوجنا جا در کليل نه هيا. دوائن کي ماڻهن تي آزمايو ويندو هيو. اهو سڀ پليسيبو جو ڪمال هيو جنهن کي لاشعوري آزمايو ويو. پليسيبو جي اهڙي دوا جيڪا هڪ ڀيرو اثر ڏيکاريندي هئي ان کي ان بيماريءَ لاءِ مخصوص ڪري ڇڏبو هيو.
دنيا ۾ نوي سيڪڙو بيماريون نفسياتي مريضن ڪري آهن. پليسيبو نفسياتي سهارو آهي.
هاڻي به اهڙا پير آهن جن جي درگاهن تي موچڙن سان علاج ڪيو وڃي ٿو. زنجيرن ۾ جڪڙي مريضن کي درگاهن ٻاهران وڻن سان ٻڌو وڃي ٿو. جن ڪڍڻ بهاني مريضن کي تشدد ڪري ماريو وڃي ٿو. پير ڪرنٽ شاهه جسم سان بيٽري ٻڌي ماڻهن کي ڀاڪر پائي ڪرنٽ هڻي علاج ڪري ٿو. ڀوپو لڄ لٽي ٿو. عامل بوتي کي سئيون هڻي قبرستان ۾ پوري ٿو ته جيئن سئين جو جيئري انسان تي اثر ٿئي ۽ اهو عذاب سهي موڪلائي وڃي.
مونکي حيدرآباد جو هڪ حڪيم ياد آهي جيڪو شگر جو علاج کنڊ سان ڪندو هيو. ان جي دواخاني ٻاهران مريضن جي قطار هوندي هئي. اهو هر مريض کي کنڊ جي پڙي ڀري ڏيندو هيو. جنهن اسپتال ۾ مان هوندو هيس ان جو هڪ ڊاڪٽر به ان کان علاج ڪرائڻ ويو. ڊاڪٽر حڪيم جي تعريف ڪري ٿڪجي پيو. چوندو هيو “جيئن زهر کي زهر ماريندو آهي، ائين شگر کي شگر ماريندي آهي.”
انسان ازل کان سهاري جو متلاشي آهي. استحصال، وبائون، قهر، لقاءَ، جنهن ۾ چنڊ گرهڻ، سج گرهڻ، شهاب ثاقب، جن، فرشتا، ڏائڻيون، ديوَ ۽ حُسن، اهي سڀ اهڙا راز رهندا آيا آهن، جن کي پروڙڻ جا وسيلا نه هجڻ ڪري انسان راهن تان ڀٽڪندو آيو آهي. سڀ وهم، گمان، خوف، مقدر ۽ تقدير ۾ تبديل ٿيندا رهيا آهن ۽ هو سهاري جي ڳولها ۾ رهيو آهي.
دنيا ۾ وائرس (Virus) اهڙو جراثيم آهي جنهن کي پوريءَ ريت ختم ڪرڻ جي دوا ايجاد نه ٿي آهي. ماڻهوءَ کي گهڻيون بيماريون وائرس جراثيم ڪري ٿين ٿيون، جنهن ۾ بخار، کنگهه، ڇاتي بند، سنڌن جو سور ۽ ٻيون علامتون ٿين ٿيون. اهڙي سبب ۾ جيستائين جسم جو مدافعتي سرشتو (Immunity system) نه ٿو جاڳي مريض ٺيڪ نه ٿو ٿئي. اهو قدرتي نظام آهي جيڪو فطرت انسان ۽ ٻين ساهوارن ۾ پيدا ڪيو آهي. نفسياتي بيمارين کان پوءِ پليسيبو جو اثر وائرس تي رهيو آهي. پليسيبو اهڙي مريض ۾ ٽڪو پنجو (Remedy) آهي. اهو صرف سهارو آهي جيسين مريض جو مدافعتي سرشتو جاڳي جسم ۾ موجود انهن وائرس جي جراثيمن کي ختم ڪري.
جڏهن جراثيم ڪش دوائون (Antibiotics) نه هيون ته مدي جي بخار (Typhoid)، مليريا ۽ نمونيا جهڙين بيمارين کي به آڻ آزمايل دوائن سان ٺيڪ ڪيو ويندو هيو. اهي دوائون جسم کي آسرو ڏئي وقت فراهم ڪنديون هيون. وقت سان جاڳي جيڪڏهن مدافعتي سرشتو فتحيات ٿيندو هيو ته انسان تندرست ۽ نوبنو ٿيندو هيو. جيڪڏهن جراثيم فتحياب ٿيندا هيا ته ماڻهو پيچيدگين ۾ وڃي موت حوالي ٿيندو هيو. ان ۾ حڪيم يا عطائيءَ جو ڏوهه نه هيو ڇو جو ماڻهو مذهبي طور مڃين ٿا ته حياتي لکيل آهي جڏهن پوري ٿئي ٿي موت اچي ٿو. ڪنهن جو ڪهڙو ڏوهه؟
پراڻي وقت ۾ ماڻهو ڇوڏا، ڪک، وڻن جو ٻور، پن، پاڙون ۽ مٽيءَ سان ڦٽن جو علاج ڪندا هيا. سکر جو هڪ حڪيم ڦٽ تي جانور جو ڇيڻو هڻي بند ڪندو هيو. چوندو هيو ته “ڇيڻي جو تاثير ٿڌو آهي.” ان کي اها خبر نه هوندي هئي ته ڇيڻي ۾ تشنج (Tetnus) جا جراثيم ٿين ٿا. جيڪي زخم مان تنتن (Nerves) ذريعي مٿي وڃي انسان جي مغز تي اثر ڪري مفلوج ۽ ماري سگهن ٿا.
ماڻهو مجبور رهيو آهي ۽ مجبور آهي. وقت تي هو نانگ سان دوستي ڪري پاڻ ڏنگائي ٿو. اهو ممڪن آهي زهر کي زهر ماري سگهي ٿو. جيڪا شيءِ سڌي هاڃيڪار آهي اها اڻ سڌيءَ طرح فائديمند ٿي سگهي ٿي. نانگ جي زهر جي بچاءَ جي دوا نانگ جي زهر مان ئي ٺهي ٿي ۽ هاڻي ڪاري وڇون جي زهر مان اهڙي دوا ٺاهي اٿن جنهن کي واپرائڻ سان لنگ جي Priapsim ٿئي ٿي. عربن ۾ اها دوا مشهور آهي. تمام مهانگي ۽ اثرانگيز آهي. ڪراڙا عرب ان دوا جا عاشق آهن. ڪارا وڇون سنڌ ۾ به ٿين ٿا. اسان جا ڪجهه همراهه ڪارا وڇون ماري جهولون ڀري خريدارن کي ڳولهي ٿڪجي پيا. ڇو جو کين خبر هئي ته ڪارا وڇون پنج هزار ڊالر في ڪلو وڪامجن ٿا. پر ڪٿي وڪامجن ٿا، اها خبر نه هئي.



References:
1. “ The therapeutic potential of cannabis and cannabinoids ”
Dtsch , Arztebl int. 109 ( pmc 3442177 ) : 495 – 501.
2. Pertwee RG ( 2006 ).
“ The pharmacology of cannabinoid receptors and their ligands : an overview ”.
Int J obes ( Lond ). 30 ( suppl I ) : p. 13 - 18.
3. Azipurua . olaizola et al - ( 2016 ).
“Targeting the endocannabinoid system. Future therapeutic strategies”.
Drug discovery today.
4. Clarke , Robert C. ( 1991 ) .
“Marijuana Botany”.
2nd ed . Ron . Publishing California.
5. Small E. Beckstead HD. ( 1973 ).
“ common cannabinoid phenotypes in 350 stocks of cannabis ”.
Lloydia . 36 ( 2 ) : 144 – 65.
6. Small , E ( 1979 ).
“Fundamental aspects of the species problem in biology. The species problem in cannabis”
vol . I : science corpus information services. Toronto Canada – p.5-63.
7. Thompson Z , D. Argueta T – et al – ( 2017 )
“ Endocannabinoid response to acutely voluntary exercise , are altered in mice selectively bred for high voluntary wheel running , and differ between the sexes”.
Physiology and behaviour 170 : 141 – 150.
8. Okamoto Y . Morishita J et al ( 2004 ).
“ Molecular characterization of a phospholipase D , generating anandamide and it’s congeners ” J. Biol . chem – 279 ( 7 ) : 5298 – 305.
9. Russo , Ethan B ( 2011 ).
“ Taming THC : potential cannabis synergy and phytocannabinoid terpenoid entourage effects ”. British Journal of Pharmacology.163 ( 7 ) : 1344 – 1364.
10. Elphick MR. Egertova M ( 2001 ).
“ The neurology and evolution of cannabinoid signaling ”.
Philos. Trans . R . Soc . Lond. B , Biol . Sci . 356 ( 1407 ) : 381 – 408.
11. Pertwee RG ( 2008 ).
“ The diverse CB I and CB2 receptor pharmacology ”.
Br. J . Pharmacol. 153 (2) :199 - 215.
12. Beck G. Habitat GS ( 1996 ).
“Immunity and the invertebrates”.
Scientific American . 275 (5) : 60 – 66.
13. O’ Byrine KJ , Dalgleish AG ( 2001 ).
“ Chronic immune activation and inflammation as a cause of malignancy ”.
British Journal of cancer. 85 ( 4 ) : 473 – 83.