تاريخ، فلسفو ۽ سياست

پليسبو [سائنسي فلسفو]

ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار رسول ميمڻ پاران سائنسي فلسفي تي لکيل ھڪ بھترين ڪتاب آھي. رسول ميمڻ لکي ٿو:
”ڪائنات پليسيبو جي ٿنڀن تي بيٺل اهڙو ٿيٽر آهي جنهن ۾ ڪردار عيوض ۾ ملندڙ داد جا منتظر آهن. آسرو زندگيءَ جي بقا جو سڀ کان وڏو سهارو آهي. دل مطمئن آهي ته ڪيل گناهه معاف آهن. ثوابن ۽ گناهن ۾ سمجهه جو فرق آهي.
عقيدو، عبادت، دعا، تعويذ، قرباني، توبهه، جادو، ٽوڻو، خيرات، زڪوات، ڦوڪ ۽ شوڪارو اهي سڀ پليسيبو آهن. پليسيبو حوصلو، همت ۽ سهارو آهي. “
  • 4.5/5.0
  • 61
  • 39
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رسول ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book پليسبو [سائنسي فلسفو]

پليسيبو ڇا آهي؟

پليسيبو لاطيني لفظ آهي، جنهن جي معنا آهي خوش ٿيندس يا ائين چئجي ته خوشي حاصل ڪندس.(1)
ازل کان انسان خوشي حاصل ڪرڻ جو خواهشمند رهيو آهي. خوشي جيئاري ٿي ۽ ڏک ماري ٿو. اهو سائنس به ثابت ڪيو آهي، خوش رهندڙ ماڻهوءَ جي حياتي ڏکايل کان وڏي آهي. خوشي جسم ۾ اهڙا مادا خارج ڪرائي ٿي جيڪي جيوگهرڙن (Cells) کي تازو رکن ٿا. جڏهن ته ڏک ان جي ابتڙ ڪم ڪري ٿو ۽ انساني جيو گهرڙن کي وقت کان پهريون پوڙهو ڪري ماري وجهي ٿو. جن جو مثال ٽيلوميرس (Telomeres) آهن جيڪي جيو گهرڙن ۾ موجود ڪروموسومس (Chromosomes) جي ڇيڙن وٽ ٿين ٿا. جڏهن جسم ۾ پراڻن جيو گهرڙن جي جاءِ نوان جيو گهرڙا وٺندا آهن ته جيو گهرڙا وراهبا (Mitosis) آهن. ورهاست دوران هر دفعي ٽيلوميرس ڪٽجي ننڍا ٿي ويندا آهن. آخر ايترا ننڍا ٿي ويندا آهن جو وڌيڪ ورهاست جي قابل نه رهندا آهن. جنهن ڪري تازا جيو گهرڙا ٺهڻ بند ٿي ويندا آهن. ماڻهو پوڙهو ٿي ويندو آهي ۽ وڌيڪ جيئڻ لائق نه رهندو آهي.(2)
ٽيلوميرس ۾ موجود جين (Gene) جو تعداد هر ماڻهوءَ ۾ مختلف ٿئي ٿو، ڪنهن ۾ پنجاهه آهي ته ڪنهن ۾ پنجهٽ. جيترو جيوگهرڙي اندر ٽيلوميرس جو تعداد وڌيڪ هوندو اوترو ان جي ورهاست جي سگهه وڌيڪ هوندي، انڪري انسانن جي عمر الڳ آهي. پروجيريا (Progeria) جيڪا بيماري نه پر اهڙي حالت آهي جنهن ۾ جيوگهرڙي اندر ٽيلوميرس جو تعداد تمام گهٽ ٿئي ٿو، جنهن ڪري جيوگهرڙا گهڻو ورهائجي نه ٿا سگهن. اهڙي پيدائشي نقص ڪري ماڻهو ننڍي عمر ۾ ئي عمر جون سڀ حدون اورانگي وڃي ٿو، پيدا ٿئي ٿو، جوان ٿئي ٿو، پوڙهو ٿئي ٿو ۽ مري وڃي ٿو.(3)
خوشي، ورزش، سيرسفر، ميل ملاقات، سبزين جو استعمال، ضرورت کان ٻه گرهه گهٽ کائڻ سان جسم ۾ ٽيلوميريس (Telomerase) نالي هڪ رتوبت خارج ٿئي ٿي. اها رتوبت ٽيلوميرس کي ورهائجڻ وقت ڪٽجڻ کان بچائي ٿي ۽ ائين جيوگهرڙي جي حياتي وڏي ٿئي ٿي.
جڏهن ته ڏک ورتل انسان جا ٽيلوميز وقت کان پهرين استعمال ٿي وڃن ٿا ۽ ائين ان مٿان پوڙهائپ ۽ بيماريون نازل ٿين ٿيون.(4)
پليسيبو ڪائنات جي وجود وٺڻ کانپوءِ ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ موجود رهيو آهي. جڏهن پليسيبو کي نانءُ نه هيو ته ان جي موجودگي ڪنهن لقاءَ (Phenomenon) جي صورت ۾ موجود هئي. ڪائنات جي رنگن ۾ اڃان به اهڙا لقاءَ جاري آهن جن کي نانءُ ڏيڻ ۾ وقت لڳو ۽ ڪي بي نانءُ آهن. پليسيبو به ائين آهي، پليسيبو ادراڪ (Perception) آهي. اهو موضوعي (Subjective) آهي. جيڪو روحاني رازن سان ساهواري جي خوف، ٻه واٽي، قهر، بيماري، بددعا، وهم، انديشو، گناهه ۽ آفتن کان نفسياتي، مذهبي، ٽڪو پنجو (Remedy) ۽ ٻين لاشعوري قبول ڪيل طريقن سان ماٺ، مطمئن ۽ آجو رهڻ ۾ مدد ڏئي ٿو. پليسيبو ڪائنات ۽ وجود تي مختلف رنگن سان اثرانگيز آهي. مادي پليسيبو (Mterialistic Placebo) ۽ روحاني پليسيبو (Mystical Placebo) تي غور ڪبو ته اهو ٻنهي صورتن ۾ ماڻهوءَ جي من کي شانت ڪندي نظر اچي ٿو.
مادي حوالي سان پليسيبو کي دوا طور استعمال ڪيو وڃي ٿو، هڪ اهڙي دوا جنهن جو سائنسي طرح ڪو اثر نه آهي.(5) پليسيبو کي مريض تي استعمال ڪيو وڃي ٿو ۽ کين ٻڌايو وڃي ٿو ته اهي جيڪا دوا وٺي رهيا آهن سا مرض لاءِ اڪثير ۽ شفا بخشيندڙ آهي. پليسيبو طور استعمال ٿيندڙ دوا بظاهر حقيقي دوا جهڙي هوندي آهي، جيئن کنڊ مان ٺهيل گوريون، اٽي سال ڀريل ڪيپسول، پاڻيءَ واري سُئي، ليمي، ڏاڙهونءَ يا جڙي ٻوٽين مان ٺهيل ڪوڙا مٺا شربت، ڪڏهن ائين به ٿئي ٿو جو اهي دوائون جيڪي پليسيبو آهن، اصل دوائن کان وڌيڪ اثر ڏيکارين ٿيون. اها تحقيق هلندڙ آهي ته ڪهڙي سبب پليسيبو مرض تي اثرانداز ٿئي ٿو، ٿي سگهي ٿو اهو سڀ نفسياتي هجي.(6)
پليسيبو جسم اندر ڪيتريون طبعي تبديليون آڻي ٿو، جسم جي تنتي (Neurological) ۽ رتوبتي (Hormonal) سرشتن تي اثر انگيز ٿئي ٿو. ان جو نبض، رت جي دٻاءَ، بي چيني (Anxiety)، موڳائپ (Depression) سور، ٿڪاوٽ ۽ پارڪنسز جي علامتن تي اثر آهي. پارڪنسز اهڙي بيماري آهي جنهن ۾ مريض لڳاتار ڏڪندو آهي.
سهڪي (Asthma) جي مريضن ۾ پليسيبو ائين فائدو ڪري ٿو جو مريض موضوعي (Subjective) طور پاڻ کي ٺيڪ محسوس ڪري ٿو ته معروضي (Objective) طور ان ۾ ڪي به تبديليون نه ٿيون ٿين.(7_6)
پليسيبو جي اهڙي استعمال کي تنقيد جو نشانو بنايو ويو، ائين به چيو ويو ته اهو بيڪار طريقو آهي.(8) پليسيبو جو اثر ماڻهوءَ جي ادراڪ (Perception) تي آهي. ان جي ايمان ۽ عقيدي تي آهي. اهو قبول ڪري ٿو ته کيس جيڪا دوا تجويز ڪئي وئي آهي اها ضرور فائدو ڏيندي، ائين به آهي ته علاج ڪندڙ ڪهڙي شخصيت ۽ ڪردار جو مالڪ آهي. اهو ڪيترو پهتل ۽ علم وارو آهي. ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته مريض جي اڌ بيماري ڊاڪٽر جي هٿ لاهڻ سان ٺيڪ ٿي ويندي آهي. سٺو معائنو مريضن کي مطمئن ڪندو آهي. اڄڪلهه ڊاڪٽر ۽ مريض جي تعلق (Rapport) کي اهميت ڏني وڃي ٿي. ڊاڪٽر مريضن سان مشاورت (Councilling) ڪن ٿا.
مريضن کي مطئمن ڪري جيڪا دوا تجويز ڪن ٿا اها وڌيڪ افاقو ڪري ٿي، بنسبت اهڙن ڊاڪٽرن جي جيڪي چڙاڪ ۽ مغرور آهن، جن وٽ وڏيون ڊگريون آهن پر انهن جو رويو مريض کي مطمئن نه ٿو ڪري، مريض نفسياتي طور اهڙو علاج قبول نه ٿو ڪري.
برطانيا جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي پارليامينٽري ڪميٽيءَ پليسيبو کي مريض سان دوکي بازي قرار ڏنو آهي. ان موجب پليسيبو کي اڪيلي دوا طور استعمال نه ٿو ڪري سگهي پر ان جو ٻين حقيقي دوائن سان گڏ استعمال به غلط آهي. 1955ع ۾ هينيري ڪي بيڪر چيو ته پليسيبو کي دوا طور استعمال ڪرڻ جا سٺا نتيجا نڪتا آهن.(9) جيڪو نظريو 2001ع ۾ چيلينج ڪيو ويو ۽ سائنسي بنيادن تي مريضن جي چونڊ گروپن تي ان جو اثر ڏٺو ويو جيڪو گهڻن مرضن تي اثرانگيز نه هيو، سواءِ سور ۽ ٻين موضوعي علامتن جي.(10)
ڊيلان ايوان (Dylan Evan) جيڪو ارڙهين آگسٽ 1966ع ۾ انگلينڊ ۾ ڄايو. ان پليسيبو تي جديد سائنسي تحقيق ڪئي آهي. ان جي تحقيق جو مرڪز جيڪي بيماريون هيون انهن ۾ سور، معدي جو السر، ڊپريشن ۽ ڳڻتي (Anxiety) شامل هيون. هن سور تي تحقيق ڪندي سائنسي طور اها ڳالهه ثابت ڪئي ته پليسيبو ڏيڻ سان جسم ۾ اينڊو سفورن (Endosphorin) خارج ٿئي ٿي جيڪا سور گهٽائڻ جي قدرتي رتوبت آهي ۽ اهڙيون رتوبتون مغز جي خاص حصي ۾ ٺهن ٿيون(11)
پليسيبو سور تي جنهن ٻئي طريقي اثرانداز ٿئي ٿو اهو مريض جو سور بابت تبديل ٿيندڙ ادراڪ آهي. جيڪو پليسيبو وٺڻ کانپوءِ جاڳي ٿو. پليسيبو ڪرنگهي جي هيٺين حصي تي وڌيڪ اثر ڏيکاري ٿو.
سن 2008ع ۾ نفسيات جي ماهر ارونگ ڪرسچ (Irving Kirsch) ڊيريشن جي مرض تي تحقيق ڪئي، ان تحقيق ۾ ٻياسي سيڪڙو مريض پليسيبو سان ٺيڪ ٿي ويا جڏهن ته ارڙهن سيڪڙو مريضن تي حقيقي دوا اثر ڪيو.(12)
دراصل ڪو به انسان نفسياتي بيمارين کان آجو نه آهي. سڀ نفسياتي بيماريون انسان ۾ مورثي موجود آهن. اهو ان انسان جي ارادي ۽ عقيدي تي منحصر آهي ته اندر ۾ موجود اهڙين بيمارين کي ضابطي هيٺ ڪيئن آڻي ٿو. اندر ۾ موجود اهي نفسياتي بيماريون انسان جي ڪردار کي متاثر ڪن ٿيون. موڳائپ کان مستيءَ تائين سڀ خصلتون مورثي موجود آهن. اهي ڪن ۾ وڌيڪ ظاهر (Exhibit) ٿين ٿيون ۽ ڪن ۾ گهٽ. جڏهن ارادي جي ڪمزوريءَ ڪري اندر جون اهڙيون بيماريون حاوي ٿي وڃن ته اهو چريائپ جون حدون ڇهي ٿو. جڏهن انسان ارادي کي مضبوط ڪري انهن تي حاوي ٿئي ٿو ته اهو نفسياتي بيمارين کان آجو ٿئي ٿو. اهڙيون بيماريون حاوي ٿين ته سهاري جي ضرورت پوي ٿي ۽ انهن سهارن ۾ دوائون، دعائون، تعويذ، ڦيڻا، پير، فقير، سگريٽ، شراب ۽ ٻيون شيون شامل آهن. نفسياتي طرح متاثر ٿيل ڪنهن وڏي يا ننڍي بيماريءَ ۾ مبتلا نه هوندا آهن پر اندر ۾ ٽٽل ڦٽل هوندا آهن.
ارونگ ڪرسچ جي تحقيق اهو ثابت ڪري ٿي ته پليسيبو جيڪو دوا نه آهي پر دوا جو روپ ڏئي اهڙن مريضن کي ڏجي ٿو ته اهي ٻياسي سيڪڙو ٺيڪ ٿي وڃن ٿا، جيڪو ثابت ڪري ٿو ته اهڙن مريضن کي صرف سهاري جي ضرورت آهي. هڪ اهڙو سهارو جيڪو نفسياتي طور انهن کي اعتماد ڏئي سگهي ته جيڪا دوا کاڌي آهي اها ضرور اثر ڏيکاريندي ۽ اهڙو اعتماد يا عقيدو انهن جي مدد ڪري ٿو، همت ۽ اهو ادراڪ جاڳائي ٿو ته دوا اثر ڪرڻ شروع ڪيو آهي ۽ اهي چڱا ڀلا پيا ٿيندا وڃن.
هڪ ٻئي تحقيق سامهون آئي ته پليسيبو سهاري نفسياتي پيچيدگين مان ٻاهر نڪتل ماڻهو اهڙي علاج جي بند ڪرڻ کانپوءِ وري نفسياتي پيچيدگين ۾ ڦاسي پيا. ان لاءِ ضروري هيو ته کين مسلسل اهڙي پليسيبو جي اثر هيٺ رکيو وڃي.(13)
دنيا ۾ ڪي بهادر آهن ۽ ڪي بزدل. ڪي چست آهن، ڪي سست، پر انسان ڪيترو به بهادر هجي کيس سهاري جي ضرورت پوي ٿي، بادشاهه هجي ته کيس سپهه سالار جي ضرورت پوي ٿي ۽ سپهه سالار هجي ته فوج ضرورت پوي ٿي. فوج جي سپاهيءَ کي هٿيار جي ضرورت پوي ٿي ۽ هڪ ڪمزور کي پڻ ساڳي ريت هڪ مسلسل سهاري جي ضرورت پوي ٿي. آٿتا (Placebo) ان جو سڀ کان وڏو سهارو آهي. اهو ڀل ڪوڙ هجي پر لاشعوري طور سچ جو روپ ڌاري کيس سهارو ڏئي ٿو. ڪڏهن پِير جي مٽي (خاڪ شفا) بڻجي کيس آرام ڏئي ٿي، ڪڏهن لاکي پير جي جبل جا پٿر چٽي روحاني سڪون ملي ٿو.
ڪنهن جو چوڻ آهي ته اهڙن مريضن کي پليسيبو ڏيڻ کان اڳ کين ٻڌايو وڃي ته اهي ڪهڙي قسم جي دوا وٺي رهيا آهن. ان جو فارمولا ڪهڙو آهي ۽ دوا کائڻ کان پوءِ اها ڪيئن اثر ڪندي.(14) اخلاقي طور اهو درست آهي ته هن جديد دور ۾ خاص ڪري يورپ ۽ آمريڪا ۾ جتي جو عوام انساني حقن بابت وڌيڪ ڄاڻ رکندڙ آهي. انهن کي پڇڻ جو حق حاصل آهي ته کين جيڪا دوا استعمال ڪرائي وڃي ٿي ان بابت ٻڌايو وڃي. ان جي ڀيٽ ۾ اسان وٽ عام ماڻهوءَ کي پنهنجي حقن بابت ڄاڻ نه آهي. خاص ڪري ٻهراڙين ۾ جتي زهر ڏئي ماريل ماڻهو ان کي رب جي رضا ۽ لکيل حياتي جي پڄاڻي سمجهن ٿا.
جديد دور جي تقاضائن مطابق اهي گهرجون پوريون ڪرڻيون آهن جيڪي هڪ دوا کي آزمائڻ کان اڳ ضروري آهن. حقيقي ميڊيڪل جون دوائون ته اهي گهرجون پوريون ڪن ٿيون پر جڏهن پليسيبو دوائن تي اهو شرط لاڳو ڪيو وڃي ته اهي اثرانگيز نه رهنديون، ڇو جو پليسيبو جو ڪو به فارمولا نه هوندو آهي، اهي ان اعتقاد تي اثر ڪنديون آهن ته ڏيڻ وارو قابل شخص آهي جنهن جي زبان تي اعتبار آهي ۽ وٺڻ وارو شخص پر اميد ۽ عقيدتمند آهي، کيس يقين آهي ته ڏنل دوا جنهن مرض لاءِ ڏني وئي آهي، اها ضرور افاقو ڪندي.
هڪ عامل زعفران مان ڪلڪ ٻوڙي ڪوري ڪاغذ تي ابتيون سبتيون ليڪون پائي ويڙهي سائل کي ڏئي تاڪيد ڪندو آهي ته “هيءُ تعويذ آهي جيڪو توکي ڇوٽڪارو ڏيندو، ان ۾ اندر ڇا لکيل آهي اهو تنهنجو مسئلو نه آهي. اهو منهنجو ۽ منهنجي علم جو مسئلو آهي. خبردار جو ان کي کوليو اٿئي. کولڻ سان ان جو اثر زائل ٿي ويندو.”
اهڙا مريض جيڪي مسلسل ٿڪاوٽ جي مرض ۾ مبتلا آهن، انهن تي پليسيبو جو اثر اوڻويهه سيڪڙو آهي.(15) دراصل مسلسل ٿڪاوٽ (Chronic fatigue) به ڊپريشن جي هڪ علامت آهي. جسماني طور ٿلها، متارا ۽ ڳاڙها شخص ڪڏهن ان بيماريءَ ۾ ورتل هوندا آهن. جڏهن ته وري ڪي سنها سڪا ۽ هڙٻاٽيون نڪتل شخص چست ۽ چالاڪ هوندا آهن. طاقت جو سرچشمو همت آهي. همت وارا بهادر سڏبا آهن ۽ دنيا ۾ ڪامياب اهي آهن جيڪي بهادر آهن. بهادري مورثي ورثو آهي جنهن جو معيار، عهدو يا منسب نه آهي. بادشاهه بزدل ۽ فقير دلير ٿي سگهي ٿو. طبيعتون فطرت جون عطا ڪيل هونديون آهن ۽ طبيعتن تي ضابطو انسان جو پنهنجو ارادو (Will) آهي. ارادي جي قوت سندس سٺين صفتن کي سامهون آڻي ٿي. اهڙي قوت سان اوگڻ دٻيل رهن ٿا. ڪاوڙ يا جوش ارادي جا دشمن آهن، پنهنجي طبيعت کي ضابطي ۾ رکڻ ائين آهي جيئن ڪو ڌنار ٻڪرين جي ڌڻ کي لڪڻ سان قابو ڪري، ٻڪريون ڪي اڇي رنگ جون آهن، ڪي ڪاريون ۽ ڪي چٽڪٻريون، ڪي ننڊون ڪندي ٿڪجي پوندا آهن ڪي اوجاڳا ڪري به تر ۽ تازا ڏسبا آهن. خصلتن جي ڌڻ کي ڌنار جي ضرورت پوي ٿي ۽ ڌنار جي هٿ جو لڪڻ پليسيبو آهي. اميدن جي راهه تي رلندڙ نابين لاءِ لٺ سهارو آهي.



References:

1. “Placebo”.
Charlton T. Lewis and Charles short. A latin Dictionary on persons project.
2. Aria Y , Martin – Ruiz CM , Takayama M , Abe Y et all (2015).
“Inflammation , but not Telomere length , Predict successful ageing at extreme old age : A longitudinal study of semi supercentenarians”.
EBio Medicine. 2(10) 1549-52.
3. Sadava , D. Hillis , D. Heller , C and Berenbaum M (2011) Life:
“The science of biology”
(9th ed). Sunderland MA: Sinauer Associates Inc.
4. Witzany G (2008)
“The viral origin of Telomeres , telomerases and their important role in eukaryogenesis and genome maintantance”.
Biosemiotics. 1:191-206.
5. Gensini GF. Conti AA. (2005)
“Past and present of what will please the lord : and updated history of the concept of placebo”. Minerva medica. 96(2):121-4.
6. Wechsler ME , Kelly JM. Dutiles Marigowda G et al. (2011).
“Active albuterol or placebo , sham accupuncture or no intervension in asthma”.
New England Journal of Medicine 365(2):199-126.
7. Fabrizo Benedetti , Helens . Mayberg , Tor D , Wagner (2005)
“Neurological Mechanism of the placebo effects”.
The Journal of Neuroscience 25(45)-166.
8. Hrobjartsson A , Norup M (2003).
“The use of placebo intervensions in medical practice – a National questionnaire survey of Danish clinicians”.
Evaluation and the health professions.26(2):153-65.
9. Beecher HK (1955).
“The powerful placebo”.
Journal of American Medical association. 159(17)1602-1606.
10. Hrobjartsson A , Gotzsche PC. (2001).
“Is the placebo powerless ? An analysis of clinical trails comparing placebo with no treatment”. New England Journal of Medicine.344(21):1594-1602.
11. Cousins , Norman (1989).
“Head First”.
New York : E.P. Dutton . PP 229-231.
12. Kirsch I , Deacon B et al (2008).
“Initial Severity and Anti depressant Benefits: A meta-analysis of data submitted to the food and drug administration”.
PLOS Me.5(2):45.
13. Khan A . Redding N , Brown WA (2008).
“The persistence of the placebo response in antidepressant clinical trials”.
Journal of Psychiatric Research.42(10):791-796.
14. Asia A, kadooka Y. (2013).
“Re-examination of the ethics of placebo use in clinical practice”.
Bioethics.27(4):186-193.
15. Cho HJ. Hotopf M. Wesselys (2005).
“The placebo response in the treatment of chronic fatigue syndrome : A systemic review and meta-analysis”
Psychosom Med.67(2):301-13.