يوٽوپيا ۽ پليسيبو
(Utopia and Placebo)
يوٽوپيا يوناني زبان جو لفظ آهي جنهن ۾ “يو” معنا “نه” ۽ “ٽوپيا” معنا “جاءِ” آهي. انڪري لامڪان آهي.(1)
يوٽوپيا سرٿامس مور (1535-1478ع) جو ناول آهي جيڪو هن 1516ع ۾ لکيو.(2) هو برطانيه ۾ وڪيل هيو ۽ فلسفي تي ڪم ڪيائين. يوٽوپيا هڪ خيالي ٻيٽ آهي. اهو تصوراتي ٻيٽ ايٽلانٽڪ سمنڊ جي ڪريبين ۾ ڄاڻايل آهي. جنهن کي مثالي ڪري پيش ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن اهڙي قسم جو نظام رائج هجي ته سڀ ماڻهو خوش ۽ سکيا ٿي سگهن ٿا. اتي حڪومت ڪندڙ بادشاهه جو نالو يوٽوپس آهي. ان کان اڳ افلاطون جو ڪتاب رياست (Republic) يوٽوپيا جو مثال آهي. اهو ڪجهه مڪالماتي، ڪجهه افسانوي ۽ ڪجهه حڪومت جي طريقڪار متعلق آهي. ان ۾ شهرين کي سون، چاندي، ٽامي ۽ لوهه جي ڌاتن جيان چئن طبقن ۾ ورهايو ويو آهي. سورهين عيسوي صديءَ ۾ سر ٿامس مور اهڙو ئي خيال سامهون رکي يوٽوپيا لکيو. سر ٿامس مور جو لنڊن ۾ سياسي قتل ڪيو ويو.(3)
سر ٿامس مور جو اهو ناول هڪ سياح جي مشاهدن تي مشتمل آهي. رافيل نالي هڪ سياح اهو قصو بيان ڪري ٿو ته ان هڪ اهڙو ٻيٽ ڏٺو آهي جتي ماڻهو خوشحال ۽ امن امان سان زندگي گذارين ٿا. اهو سرسبز ۽ صاف سٿرو آهي. عورتن ۽ مردن کي هڪجهڙا حق حاصل آهن، وڪيل انڪري نه آهن جو قانون جي حڪمراني آهي. ذاتي ملڪيت تي پابندي آهي. مذهب ضروري آهي پر اهو بائيبل وارو مذهب نه آهي. تعليم تي سڀني جو هڪ جيترو حق آهي. جيڪڏهن ڪو انسان بيماري يا ڪنهن ٻئي ناقابل برداشت پيڙا مان بيزار ٿي مرڻ چاهي (Euthanasia) ته کيس اجازت آهي.(4)
سوشلزم جو تصور يوٽوپيا ئي خيال آهي.(5) ڪن جو چوڻ آهي ته ٿامس مور اهڙو تصور انگلينڊ لاءِ پيش ڪيو جيڪو ان معاشري جو تنقيدي خاڪو هيو ته ملڪن کي ائين نه هجڻ گهرجي جيئن آهن پر ائين هجن گهرجي جيئن يوٽوپيا جو تصور آهي. تن ڏينهن انگلينڊ ۾ زندگيءَ جو معيار ڪريل هيو.(6)
ماحولياتي فڪر (Ecology) موجب يوٽوپين سماج ماحول کي متاثر ٿيڻ نه ٿو ڏئي. انسان ماحول کي بگاڙي ته، ماحول انسان کي بگاڙي ٿو.(7) ماريس ڊي گيوس اهڙي خيال کي سامهون رکي سائي سياست (Green Politics) جو تصور ڏنو آهي.(8) سائي سياست ۾ ماحولياتي ترقي، عدم تشدد، انصاف ۽ اهڙي جمهوريت جو تصور ڏنل آهي جنهن جون پاڙون ڌرتيءَ ۾ کتل هجن.(9)
يوٽوپيا جي تصور اوڻويهين صديءَ ۾ يوٽوپين سوشلسٽ پيدا ڪيا، جن موجب مساوات، پئسي تي بندش، عوام کي پنهنجي قابليت مطابق ڪم ڪرڻ جي اجازت هجڻ گهرجي. وقت بچي ته اهي اهڙو وقت آرٽ ۽ سائنس کي ڏين. ان دور ۾ اهڙن ئي سوشلسٽ يوٽوپين جا ڪتاب ملن ٿا. جن ۾ “بلاميءَ” جو “پوئتي نظر” ۽ “وليم مورس” جو “لامڪان کان خبر” شامل آهن. ڪارل مارڪس (1883-1818ع) اهڙن ڪتابن تي تنقيد ڪئي آهي. ڪارل مارڪس جرمن هيو جنهن ڪميونزم جو نظريو پيش ڪيو.(10) 1905ع ۾ ايڇ جي ويلز جو ناول جديد يوٽوپيا آيو. اهو ڪتاب گهڻو بحث هيٺ رهيو.(11)
سياست ۾ گڏيل ثقافتي يوٽوپيا جو تصور ڏنل آهي. عالمي امن تڏهن قائم ٿيندو. جڏهن دنيا ۾ مختلف ثقافتن کي گڏ ڪري گڏيل ثقافتي معاشرو قائم ٿيندو. (12) جڏهن خرو شيف سوويت يونين ۾ برسر اقتدار هيو. ان دور ۾ عوام کي ڪجهه آزادي ڏني وئي. سنسرشپ کي نرم ڪيو ويو ۽ ڪجهه پابندين کي هٽايو ويو.(13) انهن ڏينهن ۾ ايوان ايفريموف، ايندرو ميديا نالي 1957ع ۾ ناول لکيو. ان ناول ۾ ڪهڪشان (Galaxy) کي سامهون رکي اهڙي مخلوق جو تصور ڏنو جنهن ۾ هن انسان جي آزاد خياليءَ تي زور ڏنو.(14)
جيمس هيرنگٽن 1656ع ۾ اشتراڪي سمنڊ (Common wealth ocean) ۾ گڏيل دولت جو يوٽوپيائي ذڪر ڪيو. اهڙي معاشري جو تصور ڏنو جنهن ۾ ملڪيت حڪومت جي هٿ هيٺ هوندي ۽ اها عوام جي ضرورتن مطابق خرچ ڪئي ويندي. اهڙي خيال کان متاثر ٿي آمريڪا جيڪو تنهن وقت برطانيا جي قبضي ۾ هيو اتي ريپبلڪنز ٽن رياستن ۾ اهڙو نظام نافذ ڪيو.جن ۾ ڪيرولينا، پينسلوينيا ۽ جارجيا شامل هيون. آمريڪا ۾ اهي پهريون يوٽوپيائي رياستون هيون جن ۾ زمين برابريءَ جي بنياد تي هارين کي ورهائي ڏني وئي ته اهي آباد ڪن ۽ محنت جو ڦل کائين پر اها زمين انهن جي ملڪيت نه هوندي. وڪڻي نه سگهندا ۽ نه اولاد کي ورثي ۾ ڏئي سگهندا.(15) ساڳيو نظام آمريڪا جي آزاديءَ کانپوءِ ٿامس جيفرسن جي ڏينهن تائين جاري رهيو ۽ پوءِ ان ۾ سٺا سڌارا ڪيا ويا.(16)
1960ع ۾ اهڙي گڏيل معاشري (Communes) گهڻن کي متاثر ڪيو. هپي ثقافت انهن ڏينهن جي پيداوار آهي. هپين پنهنجو اهڙو ئي الڳ معاشرو ٺاهيو هيو، جتي هر قسم جي آزادي هئي. اهي آبادين کان پري پيار ۽ امن سان رهندا هيا. انهن وٽ منشيات جائز هئي ۽ پنهنجو قانون هيو.(17) ڪالي فلاور معاشرا به هيا جيڪي 1967ع کان 1973ع تائين رهيا. جتي ڪميونزم جهڙو نظام هوندو هيو. ڪالي لفظ هندو عقيدي جي ڪالي ماتا مان ورتو ويو هيو.(18)
يوٽوپيائي سائنس جو موجود فرانسس بيڪن (1626-1561ع) آهي. ان جي ڪتاب نيو ايٽلانٽس ۾ سائنس ۽ ٽيڪنولاجيءَ جي اهميت تي زور ڏنو آهي. سندس چوڻ آهي ته الهامن ۽ عقيدن مان سائنس جي تصوراتي خيالن کي تجربي جو عملي جامو پارائڻو پوندو.(19) هن جي يوٽوپيائي خيال موجب سائنس هر شيءِ بدلائي وجهندي، انسان کي پيڙا ۽ موت کان ڇوٽڪارو ملي سگهندو.(20)
يوناني شاعر هيسٽائيڊ عيسا کان اٺ سوَ سال اڳ پنهنجي هڪ طويل نظم ۾ يوٽوپيائي سونهري دور جو ذڪر ڪيو آهي. سندس چوڻ هيو ته، هن دور کان اڳ چار دور گذريا آهن جن مان پهريون روز سونهري دور هيو، جارج ايلس (1815-1753ع) انگريزي شاعر هيو، جنهن هڪ اهڙي ئي يوٽوپيائي شهر جو نقشو بيان ڪيو آهي. جنهن جا روڊ ڪيڪن جايون پيسٽرين جون ۽ اڏاوت کاڌي پيتي جي شين سان هئي، دوڪان کليل هيا جن جو ڪو مقصد نه هيو.(21)
چين جي شاعر ٽائو پمنگ عيسا کان پنج سوَ سال اڳ هڪ نظم “بهار ۾ آڙن جو ڦلهار” (Peach Blossom Spring) لکيو. ان ۾ يوٽوپيائي ڳوٺ جو ذڪر آهي. جنهن ۾ هڪ مهاڻو نديءَ ۾ ونجهه هڻندو تمام اڳتي نڪري وڃي ٿو. بهار جي مند آهي ۽ آڙن جا وڻ گلن سان ڀريل آهن. جڏهن ندي ۾ اڳتي وڌندو اچي ٿو ته ندي سوڙهي ٿي وڃي ٿي. هو وهڪري مان ٻئي پاسي وڃي ٿو ته هڪ ڳوٺ آهي جنهن ۾ ماڻهو امن ۽ پيار سان رهن ٿا. اتي زرخيز زمين ۽ پوکون آهن. شهتوتن جا وڻ آهن. بانس جا گهاٽا ٻيلا آهن. اتي هر عمر جا ماڻهو رهن ٿا ۽ گهر قطارن ۾ آهن. اتان جا رهاڪو ٻڌائين ٿا ته سندن وڏا قن (Qin) بادشاهه جي ڏينهن ۾ ان جي ظلم کان تنگ ٿي اتي آيا هيا. انهن ڏينهن کان پوءِ سندن رابطو ٻاهرين دنيا سان نه رهيو آهي.(22) انهن کي جن (Jin) بادشاهه جي باري ۾ ڪا ڄاڻ نه هئي جنهن جي حڪومت قن بادشاهه کانپوءِ قائم ٿي چڪي هئي. اهو معاشرو وقت کان آزاد هيو. نه اتي ڪو زوال آيو، نه انهن کي ڪماليت جو فڪر هيو.(23)
ڊيٽونگ (Datong) پڻ چين جو تصوراتي نظريو آهي. جنهن جي معنا “ٻَڌي” آهي. هڪ يوٽوپيائي دنيا جو نقشو آهي. جنهن ۾ دنيا اسان جي گڏيل ملڪيت آهي. اهڙي خيال چين جي سوشلسٽن جي راهه هموار ڪئي.(24)
جيمس هلٽن جو ناول “شنگريلا” به يوٽوپيائي ڪردارن تي مشتمل آهي. جنهن ۾ هن تبت جي پهاڙن ۾ ڌرتيءَ تي جنت جو نقشو چٽيو آهي.(25)
يوٽوپيا انسان جي نامڪمل هستيءَ جو اظهار آهي. انسان حقيقي دنيا ۾ ناخوش ۽ کٽيل آهي. هڪ خواهش آهي ته جيڪر اهڙي ڌرتي هجڻ گهرجي جتي امن، سڪون ۽ هڪجهڙائي هجي. جيڪا جنت جهڙي هجي، سرسبز صاف ۽ سهڻي هجي. انسان هن دنيا مان ڪڏهن به مطمئن نه رهيو آهي. مذهب، نظريا ۽ سياست گهڻي تعداد ۾ هجڻ باوجود اثرانگيز نه رهيا آهن. يورپ ۽ آمريڪا ۾ جتي ماديت پرستي آهي. يوٽوپين تصور اتان جي پيداوار آهي. جنت جي پڪ نه آهي. عقيدو ۽ ايمان نه هجڻ ڪري انسان ڌرتيءَ تي جنت ڳولهي ٿو ۽ اهي ڪامياب ويا آهن. انهن جا ملڪ ترقي پذير ملڪن کان صاف سٿرا ۽ سرسبز آهن. انهن جي رهڻي ڪرڻي اسان جي ملڪن کان سٺي آهي. مذهبي رجحانن ڪري ترقي پذير ملڪن جا ماڻهو مرڻ کانپوءِ جنت جا دعويدار آهن. هِن دنيا جي مقابلي ۾ هو هُن دنيا کي ترجيح ڏين ٿا. ٻئي دنيا ۾ جنت جي ڳولها اسان جي هن دنيا کي دوزخ بنائي وڌو آهي. يوٽوپيا جو سحر پوءِ هن دنيا جو هجي يا ٻئي دنيا جو، انسانن جي ذهنن تي حاوي آهي.
سٺي دنيا جو تصور مکڻ جو محل آهي.
ڪو بادشاهه ڏڌ مکڻ جو شوقين هيو، کيس مينهن جو تعداد ماڻهن کان وڌيڪ هوندو هيو، ماڻهن جو گهٽ، مينهن جو بادشاهه وڌيڪ هيو. کيس شوق ٿيو ته مکڻ جو محل ٺهرايان. هن حڪم صادر ڪيو ته “جيڪو ڪاريگر مکڻ جو محل ٺاهيندو کيس پنهنجي ڌيءَ سان شادي ڪرائي اڌ بادشاهيءَ جو انعام ۾ ڏيندو، نه ٺاهي سگهيو ته ڦاهيءَ تي لڙڪائيندو.” ڪيترا ڪاريگر آيا، رات جي ٿڌي پهر مکڻ جو محل ٺاهيندا هيا ۽ جيئن سج نڪرندو هيو ته گرميءَ تي رجي ويندو هيو. ڪيترائي ڪاريگر ڦاهيءَ چڙهي ويا.
هڪ ڪاريگر اهڙو آيو جنهن رات جي ٿڌي پهر مکڻ جو محل ٺاهڻ شروع ڪيو ته ڏينهن جو نه رجيو، نيٺ ان محل ٺاهي تيار ڪيو. بادشاهه خوش ٿي کيس ڌيءَ ڏني ۽ اڌ بادشاهي انعام ڏني. ان راز جي ڪنهن کي خبر نه هئي ته آخر اهو مکڻ جو محل سج نڪرڻ سان ڇو نه رجيو، هڪ ڏينهن هن سچي ڪئي ۽ ٻڌايو ته “اهو مکڻ نه هيو پر مکڻ جهڙي شئي هئي. جيئن سچ الڳ ۽ سچ جهڙي شيءِ الڳ هوندي آهي.”
حقيقت کي حقيقت ۽ حقيقت جهڙي شيءِ کي يوٽوپيا چئبو آهي. مکڻ جو محل، مکڻ جهڙي شيءِ سان ٺهي سگهي ٿو. جيڪڏهن ان کي مکڻ مان ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته اهو ڊسٽوپيا (Dystopia) آهي.
هيءَ دنيا ڊسٽوپيا آهي جيڪا اصل حالت ۾ قائم رهي نه ٿي سگهي. ڪوڙ ان جي بنيادن کي مضبوط ڪيو آهي. ڪوڙ کي ڪڍيو وڃي ته دنيا لُڏي وڃي. اهڙي حالت ۾ مکڻ جو محل خواب ۾ ئي ڏسي سگهجي ٿو.
يوٽوپيا انساني خواهشن جي لاشعوري تڪميل ڪري ٿو. هڪ حسرت، هڪ خواب جيڪو اسان جي ناحاصلات جي تسڪين بنجي ٿو. غريب کاڌي لاءِ پريشان، امير کاڌي جو پريشان. کاڌي جو پريشان انڪري جو کيس کاڌي جي گهڻائي بيماري ڪري ٿي. يوٽوپيا “آهي” نه آهي پر “جيڪر” آهي. جيڪر امن ۽ انصاف هجي. جيڪر روزگار هجي. جيڪر بيماري نه هجي. جيڪر ڏک جو نانءُ نشان نه هجي. جيڪر موت نه هجي. يوٽوپيا ۾ نخلستان جهڙي رڃ آهي. انسان مرگهه جيان ڊڪي مئو آهي پر مڙي نه ٿو. هرڻ جي اڃ رڃ ڏسي مرندي آهي. رڃ جو وهم کيس آٿت ڏيندو آهي ته گهٻراءِ نه پاڻي آهي. انسان ڪڏهن نه مري پر کيس يوٽوپيا ماري ٿو.
رڃ هرڻ جو پليسيبو آهي. آسرو وڏو سهارو هوندو آهي. آسري پويان ڪو گذاري وڃي ته ڏک نه ٿيندو آهي ڇو جو آسرو جيئڻ جو سبب هوندو آهي. آسري کانسواءِ زندگي ڪهڙي سهاري گذاري سگهجي ٿي. اسين جيئڻ جو سبب پيدا ڪيون ٿا. سڦلتا يوٽوپيا آهي. جيڪا ڪنهن نه ماڻي آهي. اسين سبب کي معنائون ڏيون ٿا ان لاءِ جواز پيدا ڪريون ٿا. اهڙو جواز اسان کي اعتماد ڏئي ٿو ۽ ان اعتماد سهاري زندگي گذاريون ٿا. ڪائنات ۾ يوٽوپيا کان وڌيڪ ڪهڙو پليسيبو آهي؟ يوٽوپيا اندر جي تسڪين، نه وسرندڙ خواب، آٿتا ۽ پليسيبو کانسواءِ ڪجهه نه آهي.
References:
1. Lyman Tower sargent ( 2010 ).
“Utopianism: A very short introduction”.
OUP. Oxford.p.21.
2. “Homily at the canonization of sir Thomas More”
university of Dallas 2010.p.694-95.
3. Linder , Doughlas O.
“The trial of sir Thomas More” :
A chronology at university of Missouri – Kansas city ( UMKC ) school of law.
4. “More”
Travis , Rohith vinod ( 1989 ).
5. “Utopian socialism. The utopian socialism movement”.
www.utopiaanddystopia.com Retrieved 14 May 2017.
6. “More’s utopia was a satire”.
Financial times. Retrieved. 14 May 2017.
7. Kirk Andrew G. (2007).
“Counterculture green: the whole earth catalog and American enviromentalism”.
University press of Kansas.p.86.
8. Geus , Marius de (1996).
“Ecological utopia.”
9. “Wall”
(2010).p.12-13.
10. P.N. fedoseyev,et al.
“karl Marx. A biography”
Progress publishers Moscow. 1973.p.62.
11. Michael sherborne,
“H.G,Wells ; Another kind of life”.
( Peter owen , 2010),p.165.
12. Spannos, chris (2008).
“ What is real utopia ?”.
Z , Magazine. z communications . Retrieved 2008.
13. “ the Thaw – Soviet cultural history”.
Retrieved. 14 May 2017.
14. Yefremov , Ivan.
“Andromeda : A space age tale”.
Moscow – Foreign language publishing house. 1959 , p.444.
15. Home. Robert ,
“Of planning and planning: The making of British colonial cities”
p.9.
16. Fries , Sylvia ,
“The urban idea in colonial America”.
Chapter 3 and 5.
17. “America and utopian dream. Utopian communities”.
brbl - archive - library. Yale . edu. Retrived 14 may 2017.
18. “For all the people . uncovering the hidden history of cooperation , cooperative movements , and communalism in America”.
2nd edition. Retrieved -26 March 2017.
19. “Empiricism: The influence by Francis Bacon. John Locke and David Hume”.
Sweet Briar college – Retrieved 21st : October 2013.
20. “Bacon”
Collins English dictionary , Harper , Collins. Publisher 1998.
21. Gibbs , ww ( 1995 ).
“Profile : George F.R. Ellis. Thinking globally acting universally”.
Scientific American. 273(4), 50-55.
22. Longxi , Zhang ( 2005 ).
“Allegories ; Reading canonical literature east and west”.
Ithaca : cornell university press.p.183.
23. Gu,Ming Dong ( 2006 ).
“Chinese theories of fiction: A non – western narrative system”.
Albany ; state university of New York press.p.59.
24. Chen , Albert H.Y ( 2011 ).
The concept of “Datong in Chinese philosophy as an expression of the idea of common good’. University of Hong Kong. Faculty of law and research paper No. 2011/020.
25. Michael Buckley ( 2008 ).
“Shangrila” :
A pratical guide to the Himalayan dream.p.24.