تاريخ، فلسفو ۽ سياست

پليسبو [سائنسي فلسفو]

ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار رسول ميمڻ پاران سائنسي فلسفي تي لکيل ھڪ بھترين ڪتاب آھي. رسول ميمڻ لکي ٿو:
”ڪائنات پليسيبو جي ٿنڀن تي بيٺل اهڙو ٿيٽر آهي جنهن ۾ ڪردار عيوض ۾ ملندڙ داد جا منتظر آهن. آسرو زندگيءَ جي بقا جو سڀ کان وڏو سهارو آهي. دل مطمئن آهي ته ڪيل گناهه معاف آهن. ثوابن ۽ گناهن ۾ سمجهه جو فرق آهي.
عقيدو، عبادت، دعا، تعويذ، قرباني، توبهه، جادو، ٽوڻو، خيرات، زڪوات، ڦوڪ ۽ شوڪارو اهي سڀ پليسيبو آهن. پليسيبو حوصلو، همت ۽ سهارو آهي. “
  • 4.5/5.0
  • 61
  • 39
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رسول ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book پليسبو [سائنسي فلسفو]

روح ۽ پليسيبو

روح ۽ پليسيبو

(Spirit and Placebo)

قرآن ڪريم ۾ روح سان گڏ نفس جو به ذڪر آهي. روح جسم ۾ موجود غير مادي جوهر آهي. جيڪو مري نه ٿو.(1)
صوفين جي الطائف السته ۾ انسان اندر ڇهه غيبي قوتون ائين موجود آهن جيئن سندس اندر جا عضوا هجن. اهي قرآن ڪريم جي حوالي سان آهن. انهن ۾ روح، نفس، سِرُ، قلب، قافي ۽ اقفا شامل آهن.
نفس (Soul) انسان جو پاڻ يا خودي آهي. جيڪو ان سان گڏ مري ٿو. مذهب موجب ڪڏهن روح نفس جو روپ ڌاري ڌرتيءَ تي گشت ڪري ٿو.
روح (Spirit) جسم کان اڳ تخليق ٿيو جنهن ڪري اهو امرآهي. نفس جسم کانپوءِ جنم ورتو جنهن ڪري فاني آهي. نفس جو تعلق ساهواري جي خواهشن سان آهي، جڏهن ته روح انسان جو لافاني جوهر آهي جيڪو خواهش کان پاڪ آهي ۽ جيئرو رکي ٿو.(2)
لطائف السته موجب نفس جي جاءِ پيٽ ۾ دن هيٺان آهي ۽ اهو هيڊي رنگ جو آهي. نفس جو مطلب ساهه يا ساهه کڻڻ آهي.(3)
قلب سيني جي کٻي پاسي آهي. قلب دل نه آهي پر روشني آهي. ان جو رنگ هيڊو آهي. اندر جي روشنيءَ سان انسان غيب کي پهچي ٿو. اهو عشق جو دروازو آهي. قلب جي روشني عقل کي عيان ڪري ٿي.(4)
روح سيني ۾ سڄي پاسي موجود ٿئي ٿو ۽ ان جو رنگ ڳاڙهو آهي. روح کي عبادت سان جاڳائي سگهجي ٿو. جڏهن جاڳندو آهي ته سندس ڌڙڪن سڄي پاسي محسوس ڪري سگهبي آهي. ان ڌڙڪن مان “رب... رب” جو آواز ايندو آهي. روح پرواز ڪري رب سان ملي هڪ ٿي وڃي ٿو.(5)
سِرُ پيٽ ۾ معدي پويان ٿئي ٿو ۽ ان جو رنگ اڇو آهي. سِرُ معنا “ڳجهه”، ان جو تعلق ذڪر سان آهي. انسان جو لکيو، لوح محفوظ، سِر تي اثر انداز ٿئي ٿو.
سِر، لوح محفوظ کي عملي جامو پارائي ٿو. اهو خوابن ۾ ڳجهه جا راز کولي ٿو.(6)
قافي (Khafi) انسان جي ٽئين اک آهي، جيڪا ٻن اکين جي وچ تي ٿئي ٿي. ان جو رنگ ڪارو آهي. اها اک خدا جي هيڪڙائي ڏسي ٿي ۽ وحدت جو نشان آهي. الهام ان تي نازل ٿئي ٿو.
اقفا (Akhafa) معنا لڪيل ۽ رازدار، اها دماغ ۾ ٿئي ٿي ۽ سائي رنگ جي آهي. اها تجلي آهي جنهن سان خدائي رموز نمايان ٿين ٿا.(7)
روحن جا ٽي قسم آهن.
1. روح حيواني: قلب ۽ نفس پاڻ ۾ ملي روح حيواني ٺاهن ٿا، اهو جانورن ۾ ٿئي ٿو.
2. روح انساني: روح ۽ سِرُ ملي روح انساني ٺاهين ٿا.
3. روح اعظم: قافي ۽ اقفا ملي روح اعظم ٺاهين ٿا. اهو چمڪندڙ دائرو آهي جنهن ۾ اڻ ڏٺل ظاهر ٿئي ٿو. اهو روح نبين ۽ اوليائن جي حصي ۾ آيو آهي.
آڳاٽي مصر ۾ اهو تصور هيو ته انسان عنصرن ۽ روح جو مرڪب آهي. اهڙا ئي ويچار دجلا ۽ فرات درياهن جي ڪنارن تي آباد قومن جا رهيا.
عيسا کان اٺ سوَ سال اڳ مطاموا (Kuttamuwa) جيڪو مصر جو حاڪم هيو. ان حڪم صادر ڪيو ته سندس مرڻ کانپوءِ قبر تي لوح لڳائي وڃي. ان لوح تي لکيو وڃي ته منهنجو روح ان لوح ۾ محفوظ آهي. مرڻ کانپوءِ مون کي ياد ڪيو وڃي ۽ دعوتون ڪيون وڃن. اهو تاريخ ۾ روح جو پهريون ذڪر آهي. اٺ سوَ پونڊ لوح جيڪا ٻرندڙ جبل جي لاوي مان ٺهيل آهي. اورينٽل انسٽيٽيوٽ آف شڪاگو الينوائس کوٽي هٿ ڪئي آهي.(8)
ٻڌ عقيدي موجب ڪا به شئي ساڳي حالت ۾ نه ٿي رهي، سڀ شيون وهڪري ۾ وهن ٿيون. نيون پراڻيون ٿين ٿيون ۽ پراڻيون نيون ٿين ٿيون. اهڙو خيال صرف انسانن سان لاڳو نه آهي پر ڪائنات جي هر شيءِ تي اثرانداز آهي. تنهن ڪري انفرادي طور ڪا به شيءِ امر نه آهي. ٻڌ فلسفي “اناتما” موجب ڪو به روح نه آهي. لفظ “مان” ڪنهن به شيءِ تي لاڳو نه آهي پر ڌارا جي تبديلي ان جي معنا بدلائي وجهي ٿي.(9)
اناتما ڪو ماديت پرست نظريو نه آهي. پر ٻڌ روحانيت جي خلاف آهي. هو مغز (Brain) ۽ دماغ (Mind) ۾ فرق ڪري ٿو. گوتم ٻڌ سنئون سڌو روح جو انڪاري آهي پر هو اڻسڌيءَ طرح روحاني ڳالهيون ڪري ٿو.(10) جوڻ بدلائڻ (Reincarnation) جو فلسفو جنهن ۾ هر شيءِ جوڻ مٽائي ٿي. اهو مرڻ کان پوءِ جيئرو ٿي ٻئي روپ ۾ ظاهر ٿئي ٿو.(11)
ڪرمن جي نظريي (Karma) موجب هر انسان کي هڪ ڳٺڙي ساڻ آهي. جيڪڏهن اهو گناهه ڪري ٿو ته اها ڀرجي وڃي ٿي ۽ جڏهن چڱايون ڪري ٿو ته ڳٺڙي هلڪي ٿئي ٿي ۽ مڪتي ملي ٿي.(12)
عيسائيت ۾ وجود جا ٽي حصا آهن. آگسٽن جيڪو عيسائيت جو مشهور عالم هيو. اهو روح کي جسم جو حڪمران ڪوٺي ٿو. سندس چوڻ موجب وجود، جسم (Soma)، نفس (Soul) ۽ روح (Spirit) مان ترتيب ڏنل آهي.(13) گهڻن جو خيال اهو به آهي ته وجود جا ٻه حصا آهن، جسم ۽ روح، پال موجب حياتي روح ۽ جسم جي جنگ آهي، خدا جي تيز ترار روح کي جسم کان الڳ ڪري ٿي.(14)
روح جي پيدائش بابت مختلف نظريا آهن.
تخليقڪار (Creationist) فرقي موجب، هر روح خدا پاڻ تخليق ڪري ٿو. ان جي تخليق ڳڀرجڻ (Conception) وقت يا ان کان ٿورو پوءِ ٿئي ٿي. مورثي نظريي (Transducianism) موجب روح والدين کان وراثت ۾ ملي ٿو. اڳ موجود (Pre-existence) نظريي موجب روح ڳڀرجڻ کان اڳ تخليق ٿئي ٿو.
سڀني روحن جو حساب ٿيندو، هڪ ڏينهن جڏهن عيسا ڌرتيءَ تي ايندو ۽ خدا جي عدالت لڳندي.(15)
پروٽسٽنٽ فرقي جا پوئلڳ روح کي مڃين ٿا. سندن عقيدو ٻن خيالن ۾ ورهايل آهي. ڪيلون (Calvin) جا پوئلڳ چون ٿا روح امر آهي ۽ شعور موت کانپوءِ جيئرو رهي ٿو.(16)
مارٽن لوٿر جو چوڻ آهي ته جسم ۽ روح ٻنهي جو موت ٿئي ٿو، پر لاشعور قبر ۾ ننڊ ڪري ٿو، ان وقت تائين جڏهن قيامت ۾ اهي جسم ۽ روح جيئرا ٿيندا.(18)
هندومت ۾ روح کي آتما يا جيوُ چيو وڃي ٿو، جيڪي سنسڪرتي لفظ آهن، جن جي معنا “پاڻ” آهي پر روح ۽ آتما ۾ فرق آهي. ڇو جو روح معروضي (Objective) آهي جڏهن ته آتما، معروضيت جو ادراڪ (Perception) آهي.
جين ڌرم موجب، جنهن جو پيشوا مهاوير آهي. هر ساهواري ۾ جيوُ (روح) آهي. انسانن، وڻ ٻوٽن، جانورن ۽ جيتن ۾ جيوُ آهي. جيوُ ٻن حالتن ۾ آهي. هڪڙا مڪتي ورتل جيوُ جن کي “موشڪا” چيو وڃي ٿو. انهن کي اعمالن ڪري مڪتي ملي ٿي ۽ وري زندگيءَ جي ڪنهن ڊوڙ ۾ شامل نه ٿا ٿين. ٻيا مڪتي نه ماڻيندڙ جيوَ جيڪي ڪائنات جي گهڻائي ۾ ڦاٿل آهن. اهي زندگي جي گهاڻي (سمسر) جو حصو آهن. مرن ٿا ۽ وري پيدا ٿين ٿا. انهن جي مڪتي نه ملڻ جو سبب ڪرم (Karma) آهن. سٺا ڪم ڪندا ته مڪتي ماڻيندا، ورچند گانڌيءَ جو موجب “روح پنهنجي زندگي گذارين ٿا، جسم لاءِ نه. پر جسم جيئرو رهي ٿو روح لاءِ.”
جيڪڏهن سمجهيو وڃي ته روح کي جسم قابو ڪري ٿو ته پوءِ روح بي وس ٿي ويندو.(19)
يهوديت ۾ روح کي “روح” چيو وڃي ٿو، روح جو مطلب ساهه کڻڻ آهي. جينيسس ۾ لکيل آهي خدا آدم کي مٽيءَ مان ٺاهيو ۽ پوءِ نڪ ذريعي ساهه وڌو. جيڪو انسان سٺن اعمالن ڪري خدا کي ويجهو ٿئي ٿو ان کي صادق (Tzadik)چيو وڃي ٿو.(20) يهودي فڪر قبالا (Kabbalah) ۾ انساني جوهر جا پنج حصا آهن. نقش (Nephesh)، روح (Rauh)، نيشاما (Neshamah)، قيا (Chayah) ۽ يقيدا (Yechidah).(21)
شمنزم (Shamanism) جيڪو آمريڪا جي اصل باشندن ريڊ انڊين جو مذهب آهي. ان موجب عورت کي چاليهه روح آهن ۽ مرد کي هڪ.(22)
سکن جي عقيدي موجب روح خدا آهن ۽ خدا روح آهي. گرو گرنٿ صاحب ۾ لکيل آهي ته روح جسم جي روشني آهي جيڪا کيس جيئرو رکي ٿي ۽ ان کي هلائي ٿي. اهڙي روشني جنهن ۾ خدا جي تجلي آهي، سو عبادت ڪيو ۽ بندن سان پيار ڪيو.(23)
چين جي ٽائوزم موجب هر انسان ۾ ٻن قسمن جا روح آهن. ينگ ۽ ين جو تصور اهڙي ئي خيال تي ٻڌل آهي، جن کي ين ۽ يو به چيو وڃي ٿو.

ٽي “ين” ۽ ست “يو” آهن. يو جو تعلق ميت سان آهي ۽ ين جو شجري سان.(24)
پارسي عقيدو جنهن جو بنياد عيسا کان پنج سوَ سال اڳ زرتشت وڌو. ان عقيدي موجب خدا هڪ آهي پر ڪائنات ۾ نيڪي ۽ بديءَ جو مقابلو آهي.(25) زرتشت خدائي پيغمبر هيو ۽ ان مذهب جو ڪتاب زندر وستان (Avestan) آهي. ان مذهبي فلسفي موجب آهورا مزدا جيڪا خير ۽ روشنيءَ جي قوت آهي، ان جو مقابلو اهرمن سان آهي. اهرمن شر ۽ اوندهه جي قوت آهي.(26)
مشهور فلسفي نطشي زرتشت کي علامتي طور پنهنجي اظهار جو ذريعو بنايو آهي. نطشي جو مشهور ڪتاب “جيئن زرتشت چيو” ۾ هو زرتشت کان ڪفر جو اعلان ڪرائي ٿو. چوي ٿو “خدا مري چڪو آهي ۽ هاڻي سپرمين راڄ ڪندو.” سپرمين جو تصور نطشي جو ڏنل آهي.
پارسي مذهب ۾ جسم کي اهميت نه آهي. قيامت ڏينهن روح کان پڇا ٿيندي، مرڻ کانپوءِ اهي ميت کي هڪ بلند جاءِ (Tower of silence) تي رکن ٿا جتي ڳجهون، ڪانءَ ۽ ٻيا گوشت خور پکي اها کائي وڃن ٿا.

ڪانگا سڀ تن کائيو، سو چن چن کائيو ماس،
دونينان مت کائيو، انهين پيا ملن کي آس.

(ڀڳت ڪبير)

پارسي مذهب ۾ جنت دوزخ ۽ پلسراط جو ذڪر آهي، پارسيت جا يزيدي عقيدي تي وڏا اثر آهن. ميسو پوٽيميا جي اڪثريت ڪڏهن يزيدي عقيدي سان لاڳاپيل هوندي هئي. اهو مذهب جنهن جو پيشوا مهردار ايزدي آهي اسلام کان پهريون جو آهي ۽ پارسيت جي شاخ آهي، جنهن مٿان عيسيائيت ۽ يهوديت جا اثر رهيا ۽ پوءِ انهن پاڻ ۾ اسلام جون سٺيون خاصيتون شامل ڪيون. اهو ڪردن جو آبائي مذهب آهي.(27) تازو عراق ۽ شام ۾ داعش جي قدم ڄمائڻ سان هزارين يزيدي جلاوطن ٿيا ۽ ائين انتهاپسندي پرامن انسانن کي بي دخل ڪري پنهنجا پير ڄمائيندي پئي وڃي.
سائنس ۾ روح ثابت ٿيل نه آهي پر روح جي تصور جو سائنسي نظريو پيش ٿيل آهي.
طبعات جي ماهر ستين ايم ڪيرول مطابق روح جو تصور مقداري نظريي (Quantum field theory) جي خلاف آهي، مقداري نظريو توانائيءَ جو اهڙو نظريو آهي جنهن ۾ هر عنصر اندر ايٽم موجود آهن. ان ۾ ذرا (Particles) ۽ ننڍا ذرا (Sub-Particles) موجود آهن. اليڪٽران، نيوٽران ۽ پروٽان آهن، جڏهن ته ننڍن ذرن ۾ گاڊ پارٽيڪل پڻ آهي. مقداري نظريو انهن ذرن مان پيدا ٿيندڙ توانائيءَ جو مقدار آهي. هر ذرو انهن ذرن مان پيدا ٿيندڙ توانائيءَ جو مقدار آهي. هر ذرو پنهنجي خاصيت مطابق توانائي خارج ڪري ٿو. جيئن يورينم جو عنصر جنهن جي ذرن جي توانائي حيرت انگيز طور تمام گهڻي آهي. ان مان خارج ٿيندڙ شعاعون (Radiations) ان ڳالهه جي گواهي ڏين ٿيون ته ان جا ننڍا ذرا مقداري لحاظ کان قوت سان ڀريل آهن. ايٽم بم ٺاهڻ لاءِ اهو نظريو استعمال ڪيو ويو.
روح جي باري ۾ چئي سگهجي ٿو جسم اندر روح جا ڪي به ذرا يا ننڍا ذرا ڳولهي لهڻ ۾ ناڪامي ٿي آهي.(28) ان جي برعڪس پروفيسر هينز جو چوڻ آهي ته مقداري نظريو مادي جي ماپ جو ذريعو آهي. جڏهن ته اڃان تحقيق جي ضرورت آهي.(29) سندس چوڻ موجب مغز، دماغ ۽ شعور ماپڻ جا انتظام نه آهن. دماغ ۽ شعور جي لهرن جي تحقيق سان وڌيڪ خبر پئجي سگهي ٿي.
بائلاجيءَ جي ماهر ڪرائيل بيريٽ موجب روح ان شيءِ جو نالو آهي جنهن وسيلي اسان وجود کي محسوس ڪيون ٿا پنهنجي شعور ۽ ضمير سان، شعور ئي آهي جيڪو روح سڏجي ٿو.(30)
تنتي سائنس (Neuroscience) موجب ساهواري جو وتاءُ ۽ سوچ جيڪو مغز ۾ ٿيندڙ طبعاتي لقائن جو نتيجو آهن، روح جي تصور اتان ئي جنم ورتو. انسان ڪجهه نه آهي، ڪيميڪل آهي جنهن ۾ موجود ڪيميڪل جي هر عنصر کي پنهنجا ذرا آهن ۽ اهي مختلف ويلنسيز (Valencies) سان چارج ٿيل آهن. هڪ توازن ۾ اهي چارج ٿيل جزا جسم ۾ حرڪت ڪن ٿا جيئن:
لوڻ= Na+ + Cl-
کار= Na+ + OH-
تيزاب= H+ + Cl+
انهن جي چرپر جو مدار جسم ۾ پيدا ٿيندڙ توانائيءَ تي آهي، جيڪا کاڌي جي صورت ۾ حاصل ٿئي ٿي. اهي ذرا آهن جن جي چرپر جيئرو رکي ٿي. انسان ڪجهه نه آهي پر مغز (Brain) آهي. مغز زندگيءَ جو سرچشمو آهي. وقت سان انساني جيوگهرڙا ڪمزور ٿين ٿا ۽ جسم جو ساٿ نه ٿا ڏئي سگهن جنهن ڪري موت واقع ٿئي ٿو.(31)
1920ع ۾ ڊوڪان روح جو وزن ڪيو، هن اهڙي شخص جي جيڪو موت جي ويجهو هيو تور ڪئي ۽ مرڻ کانپوءِ وري توريو ته ايڪويهه گرام وزن گهٽ هيو، هن اندازو لڳايو ته روح جو وزن ايڪويهه گرام آهي.(32) بروس هوڊ جيڪو طبعات جو ماهر هيو ان اهڙي تجربي کي مذاق ڪوٺيو.(33)
روح بقا جو خواب آهي. اها اميد آهي ته موت انت نه آهي. اهو آٿت آهي ته انسان هڪ دنيا ڇڏي ٻي دنيا ۾ داخل ٿئي ٿو. جيڪا مستقبل آهي ۽ پالڻهار سان ملي هڪ ٿئي ٿو. ڪيترن ئي عقيدن ۾ مڙهه کي دهلن سان دفنائيندا آهن، ان سوچ سان ته موت ڏک ۽ روئڻ جو سبب نه آهي، پر ان ڪري خوشيءَ جو باعث آهي جو روح خدا سان ملي هڪ ٿي وڃي ٿو. روحانيت جي فلسفي ڌرتيءَ تي راڄ ڪيو آهي. ان فلسفي تحت انسان دنيا ۾ سٺا ڪم ڪري ٿو. ظلم سهي ٿو ۽ ان جو استحصال ٿئي ٿو. روح حيرت انگيز شيءِ آهي جنهن کي نه بوءِ آهي نه ذائقو، نه دونهون آهي ۽ نه ٻاڦ، نه جهڙ جهڙو آهي، نه پاڻيءَ جهڙو، هوا يا گئس به نه آهي. روح مٽيءَ جي گهر ۾ رهي ٿو، گهر ڊهي ٿو روح ٻيو گهر ڳولهي ٿو. فلاسافر ايترو پاڻ به نه رليا هوندا جيترو انهن روح کي رلايو آهي. مذهبن جو بنياد روح آهي، دنيا جي آدمشماريءَ جو وڏو حصو مذهبي آهي. مذهب ۽ فلسفو انسان اندر روح جيان ڀريل آهن. سوچون ڏينهون ڏينهن شعور کي تيز ڪن ٿيون، شعور جي تيز ڌار هڪ هڪ نظريي جا سوَ ٽڪر ڪري ٿي.
“مان آهيان تڏهن سوچيان ٿو.” هڪ چوي ٿو، ٻيو چوي ٿو “مان سوچيان ٿو انڪري آهيان ۽ مان سوچيان ٿو ته آهيان ئي ڪونه.”
سوچن جو انت ڪٿي آهي؟ انسان اندر ۾ روئي ٿو ۽ پاڻ پرچائڻ جا جتن ڪري ٿو. ڪمزور کي ڇڏيو، هڪ طاقتور به مدد جو طلبگار آهي.
حياتيءَ جي ڏاڪڻ به عجيب آهي، مٿي چڙهڻ جي اجازت آهي هيٺ لهڻ جي نه. مٿي چڙهي جتي ٿڪجي ٿو اتي انت آهي. ڪا منزل نه آهي، روح عرش چمي ٿو ۽ جسم ڌوڙ چٽي ٿو. ڪي ساڙين ٿا. ڪي ڳجهن حوالي ڪن ٿا. روح جسم ۾ موٽندو ۽ جيئرو ڪندو. جسم مڪمل محفوظ هجڻ گهرجي نه ته کٽيل هوندو. مذهبي عقيدن ڪري ڪيترا انسان جسم جا حصا عطيي ۾ نه ٿا ڏين پر اهي ڏين ٿا جن وٽ جسم جي نه، روح جي اهميت آهي.
روح جو تصور ڪيڏو نه مزيدار آهي؟ جيئن کير ۾ کنڊ، کير جسم آهي نظر اچي ٿو ۽ روح، ان ۾ ملايل کنڊ جيڪا نظر نه ٿي اچي. صوفي عقيدي موجب روح کي رنگ آهي. ذائقو نه آهي، جيڪر روح چکي محسوس ڪري سگهجي ها، سڀ مونجهارا ختم ٿي وڃن ها. غيب ۾ ايمان پڪو ٿئي ها. شايد زبان کي سگهه نه آهي ته اها چکي سگهي، ڳالهائي سگهي، عقل ڳالهائي ٿو، زبان چپ آهي، ڪن بند آهن شعور ٻڌي ٿو. ڪير ڳالهائي؟ ڪير ٻڌي؟
مان عاملن کي عرض ڪندو آهيان ته “مهرباني ڪري ڏس ڏيو، ڪٿي جن هجن ته ڏسان جيئن غيب تي ايمان اچي” منهنجو عقيدو ڏسي پاڻ غائب ٿي ويندا آهن.
روح جو فلسفو آرام آهي، سڪون آهي، اميد آهي ته جيئنداسين، موت بهانو آهي، اهو در آهي جيڪو ٻن جهانن جي وچ تي کلي ٿو. هيڏانهن به زندگي، هوڏانهن به زندگي آهي. زندگي لافاني آهي. جنت ۾ به جيئرا رهنداسين، دوزخ ۾ به سڙي نه مرنداسين. هڪ پاسي شرابن طهورا، ٻئي پاسي ٿوهر جي رَسُ، هڪ پاسي حورون، ٻئي پاسي حورن جا خواب، پر زندگي بقادار آهي. دنيا فاني آهي ۽ انسان امر. روح جي حيثيت ڪهڙي به هجي. ڀل اهو مذهب ۽ فلسفي جو بنياد هجي يا سائنس جو فتور. واهه جو تصور آهي. انسانن لاءِ آساني پيدا ڪري ٿو. دنيا ۾ جيئري رهڻ جي همت ڏئي ٿو ۽ زندگيءَ جو ڪارج ٻڌائي ٿو. روح نه هجڻ جو تصور مايوسي آهي ۽ هجڻ جو تصور اميد.
پليسيبو سيني جي ساڄي پاسي رکيل سهڻو هٿ، دلجاءِ ڏئي ٿو ته ٻه دليون آهن. هڪ هلڻ بند ڪندي ته ٻي هلڻ شروع ڪندي.




References:

1. Dr. Sultan Ahmed.
“Islam in perspective”.
Author house 2011 – p.180.
2. Anna . Teresa Tymieniecka ,
“Reason , spirit and the sacral in the new enlightenment : Islamic metaphysics”
Revived and recent phenomenology of life springer science & business media 2010.
3. Shah idries ( 1999 ).
“The sufis”
London : octagon press ltd.p.379.
4. Wikisource : The religion of God / The spiritual entity
“Qulb”
5. Wikisource : The religion of God / The human
“Soul”.
6. Wikisource : The religion of God / The spiritual entity
“Sirri”
7. Wikisource : The religion of God / The spiritual entity
“Khafi and Akhfa”.
8. “Found : An ancient monument to the soul”.
New York times . Retrieved 2008p11-18.
9. Walpola Rahula ,
“what the Buddha taught”
( NY : Grove 1962).p.55.
10. “Source of Indian tradition”.
vol I, ed. Theodore de Bary ( NY : Columbia UP , 1985 ).p93-94.
11. Conze , Edward (1993).
“A short history of Buddhism”.
One world .p.14.
12. Walpola Rahula.
“What the Buddha taught”
( NY: Grove 1962 ) p.26.
13. Smith , Joseph (1981).
“Doctrine and convent”.
Salt lake city . utah , USA. The church of Jesus Christ of Latter. Day saints ).p.286.
14. “Forth council of Constantinople”.
( Roman Catholic )1970-P.8-10.
15. “Catechism of catholic church”
paragraph 382. Vetican. va – Retrieved 2011.
16. Paul Helm. John calvini
“Ideas”
2006-p.129.
17. Anthony Grafton , Glenn W.
“Luther mentioned contemptuosly that the council . Father had decreed the soul immportal”.
The classical tradition 2010.p.480.
18. Richard Marius Martin Luther :
“The Christian between God and death”
1999.p.429.
19. Virchand Gandhi (1864-1901).
“Advocate of universal brotherhood”
All famous quotes , Archived from the original on 21st sept: 2013.
20. The only person mentioned in “Torah”.
Celeberating birthday party is the wicked Pharaoh of Egypt. Genesis 40:20-22.
21. “Soul”.
Jewish encyclopedia.com.
22. Pope. Huge (2006).
“Sons of the conquerors”.
Overlook Duckworth.p.270.
23. SGGS , MI.p.1153.
24. Li.Fang-Kuei.
“Studies on Archaic Chinese”
Transtated by Gilbert L. Mattos , Monumenta serica 31 , 1974:219-287.
25. Boyd , James w. et al (1979).
“Is Zoroastrianism dualistic or monotheistic”?
Journal of American Academy of religion. Vol.4. p.557-588.
26. Zarathustra – “Iranian prophet”.
Retrieved a June 2017.
27. Foltz , Richard.
“Two Kurdish sects : The yezidis and the yaresan”.
Religions of Iran : From prehistory to present.p.219.
28. Carroll , sean M (2011).
“Physics and immortality of the soul”
scientific American. Retrieved 2014.
29. Hans Halnorson.
“The measure of all things: Quantum mechanism and soul in the soul hypothesis.”
(2011) ed : by Mark Baker and steward Goetz.
30. Barrate , cyrille.
“La science et lame”.
Retrieved 2016.
31. Kandel , ER ; Schwartz JH et al.
“Principles of neuroscience”.
Fifth ed. (2012).
32. Mac Dougall , Duncan ( 1907 ).
“How much does the soul weights” ?:
American medicine. New series 2:240-243.
33. Hood , Bruce ( 2009 ).
“Supersense : From superstitions to religion”.
The brain science of belief. Constable p.165.