تاريخ، فلسفو ۽ سياست

پليسبو [سائنسي فلسفو]

ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار رسول ميمڻ پاران سائنسي فلسفي تي لکيل ھڪ بھترين ڪتاب آھي. رسول ميمڻ لکي ٿو:
”ڪائنات پليسيبو جي ٿنڀن تي بيٺل اهڙو ٿيٽر آهي جنهن ۾ ڪردار عيوض ۾ ملندڙ داد جا منتظر آهن. آسرو زندگيءَ جي بقا جو سڀ کان وڏو سهارو آهي. دل مطمئن آهي ته ڪيل گناهه معاف آهن. ثوابن ۽ گناهن ۾ سمجهه جو فرق آهي.
عقيدو، عبادت، دعا، تعويذ، قرباني، توبهه، جادو، ٽوڻو، خيرات، زڪوات، ڦوڪ ۽ شوڪارو اهي سڀ پليسيبو آهن. پليسيبو حوصلو، همت ۽ سهارو آهي. “
  • 4.5/5.0
  • 61
  • 39
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رسول ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book پليسبو [سائنسي فلسفو]

شيطان ۽ پليسيبو

شيطان ۽ پليسيبو

(Satan and Placebo)

شيطان تاريخ ۾ پراڻو لفظ آهي. ان جو توريت ۾ ذڪر آهي. جنهن جو مفهوم آهي، “دشمن”. ان جو ذڪر دينِ ابراهيميءَ جي سڀني ڪتابن ۾ آهي.(1) قرآن ڪريم ۾ شياطين جو ذڪر آهي ۽ ابليس جو لفظ خاص وڏي شيطان لاءِ آهي.(2) ابليس باهه مان ٺهيل آهي. اهو فرشتو هيو. ان خدا جي حڪم جو انڪار ڪندي آدم کي سجدو نه ڪيو. جڏهن خدا آدم کي خلقيو ته چيو “هن اشرف المخلوقات کي خلقيو آهي” فرشتن جواب ڏنو. “ڇا اهو ڌرتيءَ تي بدامني نه ڦهلائيندو، رت نه وهائيندو؟” خدا سجدي جو حڪم ڪيو. سڀ فرشتا جهڪيا سواءِ ابليس جي، جنهن چيو “مان باهه جي پيداوار، ان مٽيءَ کان مٿي آهيان.”(3) ابليس خدا کان اجازت ورتي ته هو اهو ثابت ڪندو ته انسان کان بهتر آهي.(4)
الطبريءَ کان روايت آهي ته جِنَ ابليس جو قبيلو آهن. ابليس کي باهه مان خلقيو ويو ۽ جن باهه جي روشني آهن، جيڪي پڻ باهه جو حصو آهن.(5)
عبدالله ابن عباس، الطبريءَ جي تائيد ڪئي آهي، چيو آهي ته ابليس سڀني فرشتن کان ممتاز هيو، کيس جنن جو قبيلو هيو. جن روشنيِءَ ڪري نظر نه ٿا اچن.(6)
ابليس جي اصليت جي باري ۾ مختلف رايا آهن. منصور الحلاج موجب ابليس فرشتو هيو، جيڪو نافرمانيءَ کانپوءِ به عرش تي فرشتن کي نيڪيءَ جي تعليم ڏيندو هيو ۽ ڌرتيءَ تي انسانن ۽ جنن کي بديءَ جو سبق پڙهائيندو هيو. ان جو سبب اهو هيو ته جيئن انسانن ۽ جنن کي برائين جي ڄاڻ هوندي چڱائين جي تميز ٿئي ۽ اهي سچ ۽ ڪوڙ ۾ تفاوت ڪري سگهن.(7)
حسن البصري (728-642ع) کان روايت آهي ته ابليس اڳ ۾ ئي جن هيو. خدا جي نافرمانيءَ کانپوءِ هو پهريون جن هيو جنهن جنن کي جنم ڏنو، جيئن آدم پهريون انسان هيو جنهن انسانن کي جنم ڏنو.(8)
صوفيزم ۾ ابليس متعلق اهو خيال آهي ته هو ڪڏهن خدا جو سچو عاشق هيو، منصور الحلاج کان روايت آهي ته حضرت موسيٰ جڏهن طورسين جبل تي خدا سان ملڻ وڃي رهيو هيو ته کيس رستي ۾ شيطان مليو، هن شيطان کان سوال ڪيو “تون آدم کي سجدو ڇو نه ڪيو؟” شيطان جواب ڏنو. “اهو خدا جو حڪم نه هيو پر امتحان هيو، ته ڪير ان سان سچي محبت ڪري ٿو. مان يا انسان؟ مان جيڪو خدا سان انڪري محبت ڪيان ٿو جو جنت جي لالچ نه آهي ۽ انسان جنهن کي جنت جي لالچ آهي.” ابليس چيو “هو دوزخ ۾ وڃڻ پسند ڪندو جيڪڏهن خدا کانسواءِ ٻئي کي سجدو ڪندو.(9)
روميءَ کان روايت آهي ته ابليس ڪاڻو آهي. جنهن هڪ اک سان ڏٺو ته آدم مٽيءَ جو هيو، ٻئي اک اهو نه ڏسي سگهي ته ان ۾ خدا جو روح پيل آهي. اهو نه سمجهي سگهيو ته آدم جي هيت ڇا آهي؟(10)
عفريتن جو تصور شيطان ۽ جن کان ٿورو مختلف آهي. عفريت کي خوفناڪ غيبات سڏيو ويو آهي. اها باهه مان ٺهيل مخلوق آهي جنهن کي پر آهن. اهي سنسان جاين ۽ کنڊرن ۾ رهن ٿا ۽ انهن جو چڱو مڙس ٿئي ٿو. اهي پاڻ ۾ شاديون ڪن ٿا پر ڪڏهن انسانن سان به شادي ڪن ٿا. هٿيارن جو انهن تي اثر نه آهي، پر اهي آيتن جي اثر هيٺ آهن ۽ کين آيتن سان ڪمزور ڪري ماري سگهجي ٿو.(11) عفرتون به جنن جيان خدا جي احڪامن کي مڃيندڙ يا نافرمان آهن. ڪڏهن عفرتون قتل ٿي ويل ماڻهوءَ جو روپ ڌاري قاتل کان بدلو وٺڻ اينديون آهن.(12)
لوڪ داستان ۾ عفرتن جو ذڪر آهي. الف ليلا ۾ “ڪنڀر ۽ شهزادي” ۾ عفرتون شهزاديءَ کي اغوا ڪن ٿيون. شهزادو ان کي ڳولهي لهي ٿو. عفرتون شهزادي کي ڀولو بنائي ڇڏين ٿيون.(13) عفرتون شيطانگيري به ڪن ٿيون. اهي مختلف روپ ڌاري سگهن ٿيون. اهي ڪڏهن آنڌي يا طوفان جي صورت ۾ اچن ٿيون. (14)
پراڻي مصر ۾ شيطان کي “آپيپ” چيو ويو آهي. آپيپ جنهن کي ديوتا جو درجو حاصل هيو اهو روشني ۽ سچ جو دشمن هيو.(15)
عيسائيت ۾ شيطان کي سيطان (Satan) ڪوٺيو ويو آهي. جيڪو خدا جو فرشتو هيو، جنهن ڪيترن ئي پاڻ جهڙن فرشتن سان بغاوت ڪئي. شيطان نانگ جي روپ ۾ حوا وٽ ويو ۽ ان کي گمراهه ڪيائين ته اها آدم کي ڪڻڪ جو داڻو کارائي. آدم حوا جي چوڻ تي ڪڻڪ کاڌي ۽ جنت مان نيڪال ٿيو. (بائيبل)
ٻڌ ڌرم ۾ شيطان کي “مارا” چيو ويو آهي. مارا انسان کي عبادت کان روڪي ٿو. اهو برائيءَ کي سهڻو روپ ڏئي ٿو. گوتم ٻڌ کي مارا هڪ سهڻي عورت جو روپ ڌاري گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.(16)
يهوديت ۾ شيطان جو تصور اسلام ۽ عيسائيت وانگر آهي. “ڏاهپ جي ڪتاب” موجب موت شيطان جو خلقيل آهي. شيطان نيڪي ۽ بديءَ جو سٺو ڇيد ڪندو آهي. شيطان کي “ماسطيما” پڻ چيو ويو آهي جنهن حضرت ابراهيم کي قربانيءَ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.(17)
يزيدي مذهب جيڪو اسلام کان پهريون جو آهي ۽ جنهن تي پارسي ۽ ابراهيمي مذهبن جو اثر آهي. ان ۾ شيطان کي “طائوس الملڪ” چيو ويو آهي. ان عقيدي موجب شيطان “طائوس” مور وانگر آهي. خدا “هفت سِرِ”، ست پاڪ نفس ٺاهيا ۽ ڪائنات جو نظام انهن حوالي ڪيو. طائوس الملڪ انهن مان هڪ هيو جنهن خدا جي نافرماني ڪئي.(18)
پارسي عقيدي موجب شيطان کي اهرمن چيو ويو آهي، جيڪو انسان کي غلط رستو ڏيکاري ٿو. اهرمن ۽ آهورا مزدا ٻاهر نه آهن پر اهي انسان جي اندر آهن. آهورا مزدا نيڪيءَ جو رستو ڏيکاري ٿو.(19)

شيطان تي طنزيا ۽ مزاحيا خاڪو:
خدا انسان کي فيصلي جي قوت ڏني ته شيطان جو مقابلو ڪري سگهجي. اهڙي مقابلي ۾ انسان هارايو آهي، سواءِ انبيائن ۽ اوليائن جي جن نفس کي قابو ڪيو. انسان ديني ۽ دنياوي طور امتحانن ۾ الجهيو پيو آهي. دنياوي طور گهر، ٻار ۽ روزگار جا مسئلا، ديني طور نيڪي ۽ بديءَ جا مسئلا، دنيا کي راضي ڪر ته دين ناراض، دين کي راضي ڪر ته دنيا ناراض، وڪٽرهيوگو جي “لامزربل” ۾ ماڻهو ڳڀو چورائي پوري زندگي ڀوڳي ٿو. ناول جا ٻارهن جلد بالزاڪ لکي سگهي ٿو. مون ۾ طاقت نه آهي. مون لئي توبهه ڪافي آهي، جيئن گناهه ڪري جان ڇڏائي سگهان. مون کي پڪ آهي ته ان وقت ماڻهن بالزاڪ جا ٻارهن جلد پڙهي ضرور توبهه ڪئي هوندي. بک لڳي ته ڳڀو چورائڻ ڏوهه نه آهي پر ڪو اٽي جي ٻوري کڻي وڃي ته کيس اهو سوچي شرم اچڻ گهرجي ته پويان ڇا کائيندا؟ اها فرانس جي ڳالهه آهي. شڪر آهي اسان وٽ بکايل پنندا آهن. شيطان چوريون ڪرائيندو آهي. پنائيندو نه آهي. شيطان پنائيندو انهن کي آهي جن کي ٽڪر جي ضرورت نه هوندي آهي.
مرشد منصور الحلاج ابليس کي اشرف الملائڪ چوي ٿو، جنهن انسان کي انڪري سجدو نه ڪيو جو انسان مفاد پرست ۽ لالچي آهي. عبادت بدلي جنت جو طلبگار آهي. ڏٺو وڃي ته هر شيءِ دنياداري آهي. هيءُ جهان به وڪامي ٿو ۽ هو جهان به خريد سگهجي ٿو. هڪ فلسفيءَ موجب خدا ان وٽ آهي جنهن وٽ پئسو آهي. منصور الحلاج غريبن جو ڪعبو ٺاهيو ڇو جو انهن وٽ مڪي وڃڻ جي حيثيت نه هئي. وري سهولت پيدا ڪئي ۽ چيو ته دل ڪعبو آهي. خدا دل ۾ رهي ٿو. ڪنهن جي دل نه ڏکايو. خدا ناراض ٿي ويندو. شيطان وقت جي حڪمران المقتدر کي ڀڙڪايو. ان جي اندر ۾ اها ڳالهه وڌي ته منصور جي من ۾ شيطان گهري ويو آهي. منصور سوليءَ تي لڙڪي ويو.
شيطان سچ به آهي ته شيطان ڪوڙ به. فرشتا تماشو ڏسن ٿا ۽ دنيا ۾ شيطان سان شيطان جو مقابلو جاري آهي. شاهنامي ۾ ڏنل شيطان جي تصوير ۾ کيس ڏاڙهي آهي. سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته انسانن هوندي شيطان کي ڏاڙهيءَ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ دراصل ڏاڙهي شيطان کي معزز بنائي ٿي. شيطان معزز هوندو ته سندس ڳالهيون اثرانگيز هونديون. وڏين مڇن وارا لوفر لڳندا آهن. ڀل اڻوهين صديءَ جا سائنسدان ڇو نه هجن. شيطان کان وڌيڪ وارن کي اهميت آهي. چون ٿا عاشق جي سيني تي ڏاڙهيءَ جيڏا وار هوندا آهن. ملان ڏاڙهيءَ تي هٿ ڦيريندو آهي ۽ عاشق سيني تي. چون ٿا چور جي ڏاڙهيءَ ۾ ڪک. اها ڳالهه غلط آهي ڇو جو چور ٻٽون ٻڌندا آهن. انهن جي ڏاڙهي ڍڪيل هوندي آهي. ڪک ڌاڙيل جي ڏاڙهيءَ ۾ هجڻ گهرجي، ڇو جو ڌاڙيل ٻٽون نه ٻڌندا آهن، پر ڌاڙيل جي ڏاڙهيءَ ۾ ڪک ٺهي ڪونه ٿو. ڇو جو ڌاڙيل اتي نه ويندا آهن جتي ڪک هجن. اتي شيطان ويندو آهي ۽ ڪکن کي باهه ڏيندو آهي جيئن ڪکن ۾ رهندڙ نفرت ۽ ڪيني ۾ سڙي مرن.
شيطان جي عظمت کان انڪري انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته اهو دنيا جو حڪمران رهيو آهي. سڀ کان پهريون سياست تي ڪتاب شيطا جو لکيل آهي. جيڪو بابل جي بادشاهه همورابي عيسا کان ارڙهن سوَ سال اڳ باهه ڏئي ساڙيو هيو. ان ڪتاب جي رک دنيا جي انت تائين اڏامندي رهندي ۽ سياستدانن جي منهن کي شرف بخشيندي رهندي. شيطان هوندي انسان کي فڪر جي ضرورت نه آهي. ڇو جو شيطان هر ڪيل گناهه جو الزام پاڻ تي کڻڻ لاءِ تيار آهي. گناهه ڪري پڪڙجڻ کانپوءِ ٻيو ڪو جواب نه هجي ته چئي سگهون ٿا. “شيطان جي چوڻ ۾ اچي ويس.” مذهب شيطان جي گواهي ڏين ٿا ۽ شيطان آهي. جيڪو شيطان کي نه ٿو مڃي اهو دين کان خارج آهي.
شيطان ايڏو طاقتور آهي جو ان کان پناهه جي دعا خدا جهڙي عظيم هستيءَ کان گهرڻي پوي ٿي. لوسي لٻاڙيءَ کي ٿڦ هڻي ڀڄائي سگهجي ٿو پر شيطان... توبهه! هر توبهه کانپوءِ سامهون بيٺو آهي. نه شرم، نه حياءُ، شرم واري ماڻهوءَ کي ڏسي ڪو بي گناهه توبهه ڪندو ته اهڙو ماڻهو سالن جا سال وري منهن نه ڏيکاريندو. شيطان وڏو نود آهي. ماڻهوءَ سان ائين ڳنڍيو پيو آهي ڄڻ پاڻ ماڻهو هجي.
شيطان سُر آهي، شيطان ساز آهي، حسن شيطان آهي، مدهوشيءَ جو نالو شيطان آهي. چون ٿا نيڪي ۽ بدي پاڻ ۾ ڀينر آهن. پيدائشي طور انهن جي پٺي مليل آهي. هڪ جو منهن هڪ پاسي ته ٻئي جو منهن ٻئي پاسي آهي.
پارسي عقيدي موجب اهرمن ۽ آهورا مزدا هڪ ٻئي کانسواءِ نامڪمل آهن چين جا يان ۽ ين هڪ ٻئي ۾ ڦاٿل آهن.
ڏوهه ڪري شيطان کي بددعا ڏئي سگهجي ٿي پر بددعا جو شيطان تي ابتو اثر ٿيندو. شيطان کي بددعا ڏيڻ ڏوهه قبولڻ آهي. ڏوهه ڪري شيطان کي دعا ڏيو جيئن شيطان محسوس ڪري ته اهو ڏوهه نه هيو پر ڏوهه هن کان ٿيو. طورسينا تي خدا سان ملاقات کان اڳ شيطان سان ملاقات موسيٰ ڪري سگهي ٿو. شيطان ڪنهن هاءِ ڪورٽ جي جج سان ملاقات ڪري ته انسانن مٿان ڏوهن جا بار لهي پون. پر مونکي هڪ عالم ٻڌايو هيو ته هر مقدمي کان اڳ اهڙي ملاقات ٿيندي آهي ۽ جج کي ڏوهه جي ثابتي ملندي آهي.
سڄي ڪلهي تي ملائڪ ۽ کٻي ڪلهي تي شيطان ويٺل آهي. جيڪي هڪ رجسٽرر ۾ ثواب ۽ گناهه درج ڪن ٿا. ننڍي هوندي بيمار هوندو هيس ڪڏهن کٻو ڪلهو لڙڪندو هيو ته ڪڏهن سڄو ڪلهو. پڇندا هيا، “ڇو ڀلا سڄو ڪلهو هيٺ لهي آيو اٿئي؟” جواب ڏيندو هيس “ثوابن جو وزن وڌي ويو آهي.” ڪڏهن پڇندا هيا “ڇو ڀلا کٻو ڪلهو هيٺ لهي آيو اٿئي؟” چوندو هيس “گناهن جو وزن وڌي ويو آهي.” ڪڏهن ٻئي ڪلها برابر به هوندا هيا پر اهو ڪڏهن ڪنهن نه پڇيو. انسان اهڙي تارازي آهي جنهن جا وٽ کوٽا آهن پر خدا وٽ به اهڙي تارازي آهي جيڪا کوٽي ۽ کري جو فرق ڪندي. انسانن جا وٽ شيطان جا گهڙيل آهن. اهي وتائي فقير وارا وٽ نه آهن. ماڻهو وٽ ڪندا آهن. وتائي کي ڪنهن ٻڌايو ته آخرت ۾ اهي وٽ توري ثواب ملندو. وتايو وڏي جبل تي ويو ۽ جبل سان وٽ ڪيائين. پوءِ مٿي منهن ڪري چيائين:
“ويٺو تور”
سنڌ ۾ شطان ڇڙو وتائي فقير کان ڊڄندو هيو. سوچيندو هيو، سڀ وتايا ٿي ويا ته ڪير کگهندو؟ ماڻهو مَستَ ٿيندا ئي تڏهن آهن جڏهن شيطان جي اثر ۾ نه هوندا آهن. ماڻهوءَ جي مستي ختم ٿيندي آهي ته شيطان مست ٿيندو آهي. شيطان جي اهڙي مستيءَ ۾ گهڻن جا گهر تباهه ٿيندا آهن. عزتون برباد ٿينديون آهن. ذلتون نازل ٿينديون آهن. جنگيون لڳنديون آهن ۽ بم ڦاٽندا آهن.
شيطان “ڀڃ ته چٽيون” آهي. ڪا عورت مٿي تي چاڏيءَ ۾ ڏڌ مکڻ کنيو پئي وئي رستي ۾ شيطان مليس. مائيءَ کي کٽيءَ کنيو چيائين “ابا پوڙهي آهيان هيءَ چاڏي ته کڻائي هل” شيطان وڏي خوشيءَ سان ڳالهه قبول ڪئي. مائيءَ چاڏي لاهي شيطان جي ڪلهي تي رکي. مائيءَ نالو پڇيس جواب ڏنائين “ڀڃ ته چٽيون”
شيطان چاڏي ڪلهي تي رکي تيز هلندو پوڙهيءَ کان گهڻو اڳتي نڪري ويو. پويان مائيءَ رڙ ڪيس “او...ابا... ڀڃ ته چٽيون”
مائيءَ جو چوڻ شيطان چاڏي کڻي هيٺ اڇلي جيڪا ڀڄي پئي ۽ مکڻ چٽڻ ويهي رهيو. مائيءَ هاءِ گهوڙا ڪندي چيس “هيءُ ڇا ڪري ڇڏيئي ڌوڙ پوئي.”
شيطان مکڻ چٽيندي چيس “مائي پاڻ ته چئي ڀڃ ته چٽيون”
ان ڳالهه مان اهو سبق ملي ٿو ته هر ماڻهو پنهنجي گناهن جي چاڏي شيطان جي ڪلهن تي رکي ٿو. اهڙي طرح هڙ حاصل ڪيل مکڻ ماڻهوءَ کي نصيب نه ٿو ٿئي.
صوفين اڻ سڌي طرح شيطان جي تعريف ڪئي آهي. چيو آهي ته ابليس آدم کي انڪري سجدو نه ڪيو جو مشرڪ ٿيڻ نه پئي چاهيو، خدا شيطان کي سزا نه ڏني پر ڏنڊ وڌو ته هو انسانن کي بديءَ جو روپ ڏيکاري جيئن نيڪيءَ جي تميز ڪري سگهن. هر مذهب ۽ فرقي جا پنهنجا تصور آهن. مذهبن جي مختلف ڪتابن ۾ شيطان جي ٺهيل تصويرن ۾ فرق آهي. يهودي ۽ عيسائي مذهب جي ڪتابن ۾ شيطان جي ٺهيل تصوير ڏسو ته ڏسي نه سگهو. ڪارو، چمڙي جهڙا پَر، ڊگهو نڪ، سنهين آڱرين تي وڏا ننهن، بڇڙو نفرت انگيز، سڀ کان خوفناڪ تصوير هندو مذهب جي آهي. جنهن ۾ سندس وڏن ڏندن واري شڪل ۾ اڳيون پويون ڪثرون ڪڍي ڇڏيون اٿن. شاهنامي ۾ ڏنل شيطان جي تصوير ڏسو ته ڏاڙهيءَ سان جبو پائي ڄڻ داعش جو ماڻهو بم ٻڌي ڦاڙڻ پيو وڃي.
ڪائنات جو قادر پاڻ ڪريم آهي. سندس پيدا ڪيل هر شيءِ حڪمت سان ڀريل آهي. جتي هن انسان خلقيا اتي فرشتا، جن ۽ شيطان خلقيا. سو هر حال ۾ خدا جو شڪر ادا ڪرڻ گهرجي ۽ شڪر آهي جو هن شيطان کي خلقيو جو انسان کي نيڪين جي سڃاڻ ٿي. شيطان نه هجي ها ته نيڪين جو قدر ڪير ڪري ها. ڪڙو ذائقو مٺاڻ جي وصف آهي.
شيطان انسان ۾ اندر هجي يا ٻاهر. انسان لاءِ آٿت ۽ اطمينان آهي ته هن جي گناهن پويان شيطان آهي. جيئن ته شيطان انسان کي ڀلائي ٿو انڪري شيطان کي ڏوهه ڏئي سگهجي ٿو ته ڪيل ڏوهن پويان ان ڏوهيءَ جو هٿ آهي. انسان هر حال ۾ مجبور ۽ نادار آهي. دنيا پتلين جو رونشو آهي. ڏور مالڪ جي هٿ آهي. جيئن وڻيس تيئن ڪري. کلائي، رئاري، نچائي، جياري يا ماري. ڇا ٿو ڪري سگهجي؟
نيڪي پليسيبو، بدي پليسيبو، شيطان پليسيبو، سڀ پليسيبو آهي.




References:

1. Bamberger , Bernard J ( 2006 ).
“Fallen angels: soldiers of satan’s realm”.
Jewish publication society of America.
2. Mirza Yawar Baig.
“Understanding Islam. 52 Friday lectures : key to Leveraging the power of Allah in your life”.
( standard bearers academy . 2012 ).p.57.
3. Quran 2:34
4. M.Houtsma. EJ.
“Brills first encyclopedia of Islam”.
1913-1936. Band 5, Brill 1993.page.191.
5. Amira.El-zein.
“Islam , Arabs and intelligent world of the Jinn”.
Syracuse university press.2009.page-46.
6. Brannon M. wheeler
“Prophet in the Quran: An introduction to the Quran and muslim exegesis”
A&C black , (2002).p.16.
7. Johan Ryan , Haule Tantra. Volume one.
“Outer work”
– fisher king press 2012.p.160.
8. Patrick Hughes , Thomas.
“Dictionary of Islam” ,
Asian education services. 1995.p.135.
9. Joseph E.B, Lumbard.
“Ahmed - Al – Ghazali Remembrance and the metaphysics of love”.
Sunny press .2016.page.111
10. William C . Chittick.
“The sufi doctrine of Rumi”
world wisdom. 2005.
11. Huges , Thomas Patrick.
“Dictionary of Islam”.
Asian educational services. 1995 “Genii”.p.133-136.
12. Valey Rees.
“From Gabriel to Lucifer : A cultural history of angels”.
I.B. Tauris . 2013.page.91
13. Matti Moosa (1987).
“Extremist Shiites: The Ghulat sects”.
Page.69
14. Leon Hale ( 2002 ).
“Arabic mythology in worth revisiting”
Houston chronicle.
15. Zechariah 3 : 1
16. “Mara’s daughter”
( Bodhi , 2000.p.217.20 ) . as well as sn 385 ( Saddhatissa, 1998.page.98).
17. “The old enemy: satan and the combat myth”,
Neil Forsyth ( Princepton New Jersey-1987 )
18. “ What is the peacock angel ”?
Yezidi Truth org. Retrieved 31 Aug : 2014.
19. Duchesne – Guillemin Jaques ( 1982 )
“ Ahriman ”.
Encyclopedia Iranica , I , New York. Routledge and kegan Paul .p.670-73.