مزاجي تجزيو ۽ پليسيبو
(Humorism and Placebo)
مزاجي تجزيي جي تاريخ پراڻي آهي اهو ماڻهوءَ جا چار مزاج ٻڌائي ٿو، ان جو ذڪر هندوستان جي ويڄن ۾ ملي ٿو.
ان تجزيي موجب انسان ۾ چار پاڻياٺ (Humors) آهن.
سائياٺ 1. Choleric
ڳاڙهياٺ 2. Sanguine
هيڊياٺ 3. Melanocholic
اڇياٺ 4. Phegamatic
انهن مزاجي پاڻياٺن کي سامهون رکي پرهيز، دوائون ۽ جراحي طريقا رائج ڪيا ويا. يوناني، رومن ۽ هندستاني طب جي ڪتابن ۾ انهن جو ذڪر آهي. ان عقيدي موجب جيڪڏهن انهن چئن پاڻياٺ ۾ ڪا تبديلي اچي ٿي ته اها انساني مزاج تي اثر ڪري ٿي.(1)
هپوڪريٽ فڪر موجب انسان ۾ چار پاڻياٺيون ٿين ٿيون جن کي مختلف رنگ آهن. سائو (Bile)، پيلو (Plasma)، اڇو (Phelgm) ۽ ڳاڙهو (Blood).
فطري طور انهن پاڻياٺن جو مقدار انسانن ۾ ساڳيو نه آهي جنهن ڪري مزاج مختلف آهن.(2) ماڻهوءَ جي صحت جو اندازو به انهن مزاجن مان لڳايو ويندو هيو. بگڙيل مزاج اهوظاهر ڪندو هيو ته ان جي پاڻياٺن جو تناسب بگڙجي چڪو آهي. بگڙيل تناسب جو اثر دماغ ۽ جسم تي آهي.(3)
هپوڪريٽس کانپوءِ اهو تجزيو رومن ۾ به رائج رهيو ۽ اڳتي هلي اسلامي طب جو حصو بنيو، ان خيال يورپ جي گهڻن ملڪن کي متاثر ڪيو. جڏهن جديد سائنسي طب جا نظريا بدلائي ڇڏيا ته اوڻويهين صديءَ کانپوءِ ان نظريي جو اثر گهٽجي ويو.(4)
ان تجزيي جو متن ائين رهيو ته جڏهن چار پاڻياٺون تناسب ۾ آهن ته جسم صحتمند رهي ٿو، جيڪڏهن اهڙي تناسب ۾ گهٽ وڌائي ٿئي ٿي ته اها بيماريءَ جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿي. انهن گهٽ وڌائين ۾ ٻين سبن کانسواءِ اهو به هيو ته گناهن، رشوت ۽ پرهيز جو وڏو عمل دخل آهي.(5)
چئن پاڻياٺن جي تصور ان خيال مان جنم ورتو ته جيئن ڌرتي چئن عنصرن، مٽي، پاڻي، هوا ۽ باهه مان ٺهيل آهي ائين جسم به چئن جزن مان ٺهيل آهي.(6)
انهن چئن پاڻياٺن کي تاثير جي لحاظ کان چئن حصن ۾ ورهايو ويو. ڳاڙهو (رت) جنهن جو تاثير گرم ۽ گهميل آهي. سائو (بائيل) گرم ۽ خشڪ آهي. هيڊو (پلاسما) ٿڌو ۽ خشڪ آهي، اڇو (بلغم) جيڪو ڄميل آهي.
چئن پاڻياٺن جي تاثير ڪري مزاج مختلف ٿئي ٿو. مزاح (Humor) پڻ مزاج (Temprament) جو تاثر (Expression) آهي.(7)
چئن پاڻياٺن جي نظريي جي تاريخ عيسا کان پنج سئو سال پهريون جي ٿي سگهي ٿي، جيڪا پراڻي مصر ۽ ميسوپو ٽيميا مان شروع ٿي(8) ۽ اڃان يوناني طب ۾ شامل نه ٿي هئي(9) اڳتي هلي هپو ڪريٽس ان کي يونان ۾ زور وٺايو، هپوڪريٽس جنهن کي قديم طب جو بابو چيو وڃي ٿو اهو عيسا کان ٽي سئو ستر سال اڳ ڄايو، هن چيو “اهي چار پاڻياٺ صحت جو راز آهن. بيماري تڏهن نازل ٿئي ٿي جڏهن انهن مان ڪنهن جي گهٽ وڌائي ٿئي ٿي.(10)
گيلن (129-201ع) انهن پاڻياٺن بابت ائين چيو ته انهن جي گهٽ وڌائي ٻاهرين شين جي کائڻ پيئڻ سان نه ٿي ٿئي پر اهي پاڻياٺون اندروني طور پيدا ٿين ٿيون. هن ائين به چيو ته ڪجهه کاڌن جو انهن تي اثر آهي. گرم کاڌا جگر کي متاثر ڪن ٿا ۽ پيلو پاڻي وڌي وڃي ٿو، جڏهن ته ٿڌا کاڌا بلغم (Phelgm) پيدا ڪن ٿا. گرمي، ٿڌ، ڌندي ۽ رهائش جو انهن پاڻياٺن تي اثر آهي.(11)
اسلام جي سونهري دور ۾ مسلمان ملڪن ۾ اهو نظريو عام هيو ته جسم ۾ چار پاڻياٺ ٿين ٿا جن تي صحت جو مدار آهي. ابن سينا انهن پاڻياٺن کي پنهنجي ڪتاب “القانون في الطب” ۾ وضاحت سان بيان ڪيو آهي. اهو ڪتاب پنجن جلدن تي مشتمل آهي جيڪو هن 1025ع ۾ مڪمل ڪيو.(12) اهو اصل عربيءَ ۾ آهي پوءِ فارسيءَ ۾ ترجمو ٿيو، ان وقت اهو ڪتاب يورپ ۾ پڙهايو ويندو هيو ۽ طب تي مستند ڪتاب مڃيو ويندو هيو. اهو هاڻي به يمن جي طبي ڪاليجن ۾ پڙهايو وڃي ٿو.(13)
نفسيات ۾ چئن مزاجن جي تشريح الڳ آهي.
پرجوش، چست ۽ ملڻو جهلڻو 1. Sanguine=
تيز، چڙاڪ، هلڪي مزاج وارو 2. Choleric=
انصاف پسند، خاموش، چڱو مڙس 3. Melanocholic=
ٿڌو، امن پسند 4. Phelgm=
اوڻويهين صديءَ کان اڳ دنيا ۾ جيڪي ڪجهه ٿيندو آيو، اهو اوندهه ۾ ٿاڦوڙا هيو. تشخيص جا جديد طريقا موجود نه هيا. طب جي دنيا ۾ خوردبين (Microscope) وڏو انقلاب آندو، خوردبين نظر نه ايندڙ دنيا ڏيکاري ٿي. جراثيمن جي نظر اچڻ سان بيمارين جي سبب جي خبر پئي. جراثيم ڪش دوائون (Antibiotics) ٺاهيون ويون ۽ بچاءَ جا ٽڪا ايجاد ٿيا.
جيڪڏهن خوردبين جي تاريخ تي وجهبي ته عيسا کان پنج هزار سال اڳ يونان ۾ گولو (Sphere) استعمال ڪيو ويندو هيو. اهو ائين هيو ته گول شفاف شيءِ سان وڏو ڪري ڏسبو هيو. اهو جديد آتشي شيشي (Magnifying glass) جو پراڻو نعمل بدل هيو. تيرهين عيسوي صديءَ ۾ آتشي شيشا عينڪن ۾ استعمال ڪيا ويا.(14)
ساڳيا شيشا پوءِ سڌاري خوردبين ۾ هنيا ويا. 1620ع ۾ يورپ اندر ننڍيون خودبينيون ايجاد ٿيون جيڪي پائيدار نه هيون. خوردبين جي ايجاد ڪندڙ جي صحيح خبر نه آهي، ان باري ۾ مختلف رايا آهن. گليليو کي پڻ خوردبين جي ايجاد ڪندڙن ۾ شامل ڪيو وڃي ٿو. هن دوربين (Telescope) ۾ اهڙا شيشا استعمال ڪيا ۽ سيارن جو مشاهدو ڪيو.(15) 1624ع ۾ ڊريبل (Drebble) ان ۾ سڌارو ڪري روم جي هڪ نمائش ۾ پيش ڪيو.(16)
خوردبين ذريعي 1670ع ۾ جسم جا جيوگهرڙا (Cells)ڏنا ويا ۽ اوڻوهين صديءَ ۾ لوئي پاسچر جراثيم دريافت ڪيا ۽ 1876ع ۾ رابرٽ ڪوڪس اهو ثابت ڪيو ته جراثيم بيماريون پيدا ڪن ٿا.(17)
طب جي حوالي سان اوڻويهين صديءَ ۾ صحيح رستو مليو آهي، پر دڳ اڃان منجهيل آهي. مون کي پڪ آهي جيئن سائنسدانن دعوا ڪئي آهي ته 2020ع ۾ ڪينسر جو مڪمل علاج اچي ويندو ۽ ڪينسر کان بچاءَ جا ٽڪا دريافت ٿي ويندا، پر اهي موت جو علاج ڳولهي نه سگهندا. ان باوجود به ته موت جو تخم (Gene of death) ساهه واري جي جيوگهرڙي ۾ موجود آهي، ان ڪوڊ کي تبديل ڪري حياتي وڌائي به سگهندا پر موت فطري آهي. موت کانسواءِ هڪ غيرتمند انسان بي موت مري ويندو. اها بدنصيبي هوندي جيڪڏهن هو مري نه سگهندو. اسين حياتيءَ کي ان حد تائين قبول ڪيون ٿا جيتري ان جي برداشت جي حد (Threshold) آهي. نه پيدا ٿيڻ ماڻهوءَ جي وس ۾ آهي، نه مرڻ ان جي هٿ ۾ زندگي موت ائين قبولي ٿي جيئن نڪاح.
انسان ۾ چئن پاڻياٺن جو نظريو ۽ انهن جي تاثير جو مزاج تي اثر، ٿڌي، گرم، خشڪ ۽ گهميل تاثيرن جو اثر، پرهيز جو نظريو. بدڪاري، رشوت ۽ ٻين گناهن جو پاڻياٺن جي تناسب کي متاثر ڪرڻ، اهو سڀ جهالت جي دائري ۾ انڪري نه ٿو اچي ته وقت کي انهن جي ضرورت هئي. اسان وٽ اهڙا طريقا اڄ به رائج آهن. پرهيز کي وڌيڪ اهميت ڏني وڃي ٿي. کاڌا ٿڌا ۽ گرم ٿين ٿا؟ اڪثر مريض ڊاڪٽر کان دوا وٺي اهو پڇندا آهن ته “پرهيز ڪهڙي ڪيان؟”
جديد ميڊيڪل ۾ پرهيز جو ڪو تصور نه آهي. سواءِ ان جي ته آنڊن جي بيمارين ۾ ڪڏهن نرم کاڌي جي ضرورت پوي ٿي.
ڪيترا حڪيم پاڻياٺ جي رنگن جي نسبت سان مختلف رنگن جي روشنين سان علاج ڪن ٿا. ڪراچيءَ ۾ حڪمين جا اهڙا دواخانا موجود آهن.
دراصل پليسيبو هر عمل دخل ۽ لقاءَ تي حڪمراني ڪئي آهي. پليسيبو سليماني ٽوپ پائي تخت طائوس تي ويٺل آهي، اهو موجود هوندي به نظر نه ٿو اچي.
ميڊيڪل ۾ انهن پاڻياٺن جي ڪا اهميت نه آهي. اهو سڀ وهم ۽ گمان آهي. جيڪڏهن پليسيبو نه هجي ها ته دنيا ڪيڏو ڀوڳي ها؟ ان جو اندازو نه ٿو لڳائي سگهجي. هڪ مزدور جا بک تي ويٺل ٻار سڄو ڏينهن اهو سوچي آسرو ڪن ٿا ته بابو ويو آهي ڪمائي ايندو، ديڳڙي چڙهندي، ماني پچندي کائينداسين. بابي جو ڪمائي اچڻ پليسيبو آهي. ان آسري ڏينهن ته گذريو. رات جو مالڪ رب آهي. جيڪي ڀاڳ، بابي کي مزدوري نه لڳي. هٿين خالي موٽيو، ٻئي ڏينهن جو آسرو، ڪٿان مليو کاڌو، بک مقدر آهي. مقدر بکيو نه آهي. ماڻهو ماني کائي ٿو، مقدر ماڻهو کائي ٿو. اهو انڪري ٿو چوان ته ماڻهو مقدر آسري مقدر جو کاڄ ٿي وڃي ٿو. سچ ته اسين ڪجهه ڪري نه ٿا سگهون. جيڪي ڪيون ٿا اهو فضول آهي. پڪ نه آهي ته جيڪي ڪيون ٿا ان جي ضرورت به آهي يا نه؟ اوندهه کان ڊڄڻ وارو اوندهه ۾ اکيون بند ڪري سمهي سگهي ٿو. ننڊ حرام انهن جي هوندي آهي جيڪي ڏينهن کان ڊڄندا آهن. ڏينهن جا ڏنڀ ڏاڍا ڏکيا.
پليسيبو جا موجد اسان جا فلسفي، اسان جا طبيب، اهڙي ماءُ جيان آهن جيڪا لولي ڏئي سمهارڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. رانديڪو ڏئي راضي رکڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. پليسيبو ڪڏهن ماءُ جي لولي ٿي پوي ٿو. ڪڏهن ٻار جي هٿن ۾ رانديڪو.
ننڍي هوندي غربت هئي، مون انڊيا جي هڪ فلم ڏٺي جنهن ۾ چراغ مان جن نڪري ٿو. مونکي صفا اهڙو چراغ سکر ۾ سڪي تلاءَ وٽ پراڻين گاڏين جي مرمت ڪندڙ ورڪشاپ جي گند مان مليو. اهو چراغ ته نه هيو پر چراغ جهڙو هيو، جنهن سان مشين ۾ تيل وجهبو آهي. مون وٽ رانديڪا نه هوندا هيا. مون چراغ کي ائين سانڀي رکيو جيئن اهو الهدين جو هجي. انڊيا جي ڏٺل فلم وانگر مان چراغ کي پاسي کان مهٽيندو هيس اهو سوچي ته ان مان هڪ ڏينهن ضرور جن نڪري منهنجون خواهشون پوريون ڪندو. مان ان جن کي خواب ۾ ڏسندو هيس. اهو جن جنهن تي چڙهي ويهندو هيس، خواب ۾ اهو ڏسي ڪاوڙ ايندي هئي ته اهو اڳتي اڏرڻ بجاءِ پيرن واري پاسي اڏرندو هيو.
اهو پليسيبو هيو، منهنجو آٿت هيو، اهو چراغ جيڪو چراغ نه هيو پر چراغ جهڙو هيو. ان کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندو هيس. ساهه ۾ سانڀيندو هيس. اهو موبل جي ڌپ ۽ موبل تي ڄميل ڪاري مٽيءَ وارو چراغ منهنجو اڪيلو ۽ طاقتور پليسيبو هيو.
References:
1. Bynum. Edited by W.F. Porter Roy (1997).
“Companion Encyclopendia of the history of medicine”.
( 1st Pbk. Ed) London : Routledge.p.281.
2. Richet C (1910).
“An address on ancient humorism and modern humorism”:
Delivered at the international congress of physiology held in Vienna. September 27th to 30th . (PDF). Br Medical J.2:921-6.
3. Linderman , Mary (2010).
“Medicine and society in early modern Europe”.
University printing House.p.13.
4. Johansson , Ingvar , Lynoe , Neils. (2008).
“Medicine and philosophy: A twenty first century introduction”.
Walter de Gruyter.p.27.
5. Lawrence I. courad et al (1998).
“The western medical tradition. 800Bc to 1800”
( Reprinted edition ) Cambridge university press.p.101.
6. “Humorism”
entry.p.204 in websters New world medical dictionary , 3rd edition. Houghton. Mifflin Harcourt. 2009.
7. Byron good .
“Medicine , Rationality and experience: An anthropological perspective”.
Cambridge university press.1944.
8. Van sertima , Ivan (1992).
“The Golden age of Moor”.
Transaction publishers.p.17.
9. Sudhoff.karl (1926).
“Essays in the history of medicine”.
Medical life press. New York city.pp.67,87,104.
10. Hippocrates (460-370 Bc).
“In Hippocratic corpus. On the sacred disease”.
11. Lindberg , David C. (2007).
“The beginning of western science: The European scientific tradition in philosophical , religious and institutional contest , prehistory to A.D -1450”
(2nd –ed) Chicago : university of Chicago press.
12. “Encyclopedia of Islam” :
vol I, p.562 , edition I.1964, Lahore , Pakistan.
13. Nasr , Seyyed Hossein (2007).
“Avicenna”.
Encyclopedia Britannica from the original (2007).
14. Bardell , David (2004).
“The Invention of the microscope”.
Bios . 75(2):78-84.
15. Raymond J. Seeger,
“Man of physics: Galileo Galilei , His life and his work”,
Elservier – 2016 , 24.
16. J. william Rosenthal ,
“spectacles and other vision aids”:
A history and guide to collecting , Norman publishing , 1996.p.391.
17. Liz logan (2016).
“Early microscope revealed a new world of tiny living things”.
Smithsonian.com.