تاريخ، فلسفو ۽ سياست

پليسبو [سائنسي فلسفو]

ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار رسول ميمڻ پاران سائنسي فلسفي تي لکيل ھڪ بھترين ڪتاب آھي. رسول ميمڻ لکي ٿو:
”ڪائنات پليسيبو جي ٿنڀن تي بيٺل اهڙو ٿيٽر آهي جنهن ۾ ڪردار عيوض ۾ ملندڙ داد جا منتظر آهن. آسرو زندگيءَ جي بقا جو سڀ کان وڏو سهارو آهي. دل مطمئن آهي ته ڪيل گناهه معاف آهن. ثوابن ۽ گناهن ۾ سمجهه جو فرق آهي.
عقيدو، عبادت، دعا، تعويذ، قرباني، توبهه، جادو، ٽوڻو، خيرات، زڪوات، ڦوڪ ۽ شوڪارو اهي سڀ پليسيبو آهن. پليسيبو حوصلو، همت ۽ سهارو آهي. “
  • 4.5/5.0
  • 61
  • 39
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رسول ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book پليسبو [سائنسي فلسفو]

صوفيزم ۽ پليسيبو

صوفيزم ۽ پليسيبو

(Sufism and Placebo)

صوفيزم (Sofism) ۽ صوڦيزم (Suphism) مختلف خيالن تي مشتمل آهن.
آڳاٽي وقت صوڦيزم تعليم جو حصو هئي، يونان ۽ روم ۾ اهڙي تعليم جو آغاز ٿيو. اهي صوڦسٽ فلسفي، موسيقي، راندين ۽ رياضيءَ جي تعليم ڏيندا هيا، انهن جي تعليم جو بنياد اريٽي (Arete) هيو. جنهن مان آرٽ جو لفظ نڪتو.(1) ادارن ۾ پڙهائيءَ جي فيس ورتي ويندي هئي. جنهن کي ارسطو، افلاطون ۽ زينوفون پنهنجن ڪتابن ۾ ننديو آهي. ڏٺو وڃي ته ارسطو پاڻ به سڪندر اعظم جي پڙهائيءَ جا پئسا وٺندو هيو. جنهن جي هن ترديد ڪئي آهي. صرف اهو مڃيو آهي ته هن پئسا نه ورتا پر سڪندر اعظم جي پيءُ فلپ کي اهو چيو هيو ته پئسن بجاءِ کيس اسٽاگرا (Stagira) ۾ پراڻي گهر جي جاءِ تي نئون گهر ٺهرائي ڏي. اسٽاگرا يونان جو هڪ ڳوٺ هيو جتي ارسطو جي پيدائش ٿي.
سسيرو (Cicero) (43-106 BC) ارسطوءَ جي صوڦسٽن تي ڪيل تنقيد کي ناجائز قرار ڏنو، ائين چيو ته ارسطو خدا ۽ ڏاهپ کي الڳ ڪرڻ چاهي ٿو.(2) ان کانپوءِ بحث جو سلسلو هلندو آيو آهي، جنهن ۾ ڪن صوڦسٽن جي حمايت ته ڪن مخالفت ڪئي آهي. عيسوي صديءَ جي شروع ۾ صوڦسٽن جو هڪ ٻيو ڌڙو سامهون آيو جن کي سوڦسٽ ثاني (Second suphist) چيو وڃي ٿو.(3-5) جيڪي نيرو (Nero) جي عهد کان وٺي 230ع تائين موجود رهيا. نيرو جو عهد چوونجاهه کان اڻهٺ عيسويءَ تائين آهي. اهو تڏهن روم جو بادشاهه هيو ۽ مشهور آهي ته جڏهن روم کي باهه لڳي ته نيرو بين پيو وڄائي.(4)
صوڦي لفظ صوفيا مان نڪتل آهي، صوفيا ڏاهپ جي ديوي آهي. اها ديوي اهڙو ادراڪ ڏئي ٿي جو انسان خدا کي ڳولهي لهي ٿو. ان وقت اهڙي خيال کي هر ڪنهن پنهنجي طريقي بيان ڪيو آهي پر ايليڊ (Illiad) ۽ اوڊيسي (Odyssey) جي تخليقڪار هومر جو خيال حقيقت کي ويجهو آهي. هومر اکين کان معذور هيو ۽ سندس تعلق انوطوليا جي شهر سان هيو جيڪو ترڪيءَ ۾ آهي.(6)
صوڦسٽن جي تعليم جو طريقو تبليغي ۽ مبالغا آميز (Rhetoric) هيو. انهن کي لفظن جي استعمال جي خبر هئي ته اهي ڪيئن ٻڌندڙن تي اثر انداز ٿي سگهن ٿا.(7)
ان وقت صوڦسٽن کان ديوتائن جي وجود ۽ طاقت جي باري ۾ سوال ڪيا ويندا هيا. انهن سوالن جا جواب صوڦسٽ سٺي نموني ڏيندا هيا، ڇو جو انهن وٽ مباحثي جو فن هوندو هيو ۽ لفظن جا ڪاريگر هيا. ان وقت جي ڪجهه ڊراما نويسن جي ڪردارن ۾ صوڦسٽن کي لفظن جو زيور ساز چيو ويو آهي.(8)
افلاطون جي “ڊائلاگ” ۾ هڪ مڪالمي اندر سقراط اعتراف ڪيو آهي ته صوڦسٽ پنهنجي راءِ جي اظهار ۾ هن کان طاقتور آهن. هن پنهنجو هڪ شاگرد صوڦسٽن وٽ پڻ موڪليو هيو ته هو اها تعليم پڻ حاصل ڪري.(9)
افلاطون جي ڊائلاگ ۾ اهڙا ڪيترائي مڪالما آهن جن ۾ سقراط صوڦسٽن جي گهڻين ڳالهين کي غلط ثابت ڪيو آهي. ان جو سبب پروٽا غورث جو نظريو آهي. پروٽا غورث سقراط کان اڳ جو فلسفي آهي. جنهن چيو خدا نه، پر انسان هر شيءِ جو مرڪز آهي. صوڦسٽن ۽ سقراط ۾ مخالفت جو سبب به اهو ئي هيو.(10) سقراط ۽ ارسطو صوڦسٽن کي لالچي ۽ اقتدار جا متلاشي چيو آهي. ان وقت يونان ۾ صوڦسٽ نوجوانن کي اها تعليم ڏيندا هيا ته بحث ڪيئن ڪجي ۽ ڪهڙا جملا استعمال ڪري ماڻهن جي دل کٽجي.(11)
يونان ۾ صوڦيزم جو نظريو ڪمائي، لفاظي ۽ حڪمرانن جي پٺڀرائي رهيو آهي. پر سقراط جو نظريو جيڪو پروٽا غورث کان اڻ سڌيءَ طرح متاثر آهي ته ڪائنات جي هر طاقت جو مظهر انسان آهي. اسلامي صوفيزم ان جي اهڙي خيال سان ملندڙ آهي.
صوفيزم يا تصوف اسلامي فڪر آهي. اها اسلام جي وسعت آهي. ان ۾ روحاني رمزن کي اهميت حاصل آهي.(12) صوفي صف مان نڪتل آهي. صف اوني ڪپڙي مان ٺهيل الفيءَ کي چوندا آهن. ابن خلدون اهڙي خيال جي مخالفت ڪئي آهي ته صوفي لفظ صف مان نڪتل آهي. صوفي صفاءَ مان نڪتل آهي جنهن جي معنا پاڪيزگي آهي. ڪن عالمن ٻنهي خيالن کي ملائي ائين چيو آهي ته صوفي اهو آهي جيڪو صاف جسم تي الفي پائي ٿو.
صوفي ان عقيدي تي مختلف طريقن سان عمل پيرا آهن. خيالن تي ورهايل صوفين جا ڪجهه ڌڙا آهن. انهن ۾ “موالي” به شامل آهن. اسلامي فڪر ۾ موالي ٻن معنائن ۾ استعمال ٿئي ٿو. هڪ مولا ٻيو مددگار. اسلام ۾ شامل ٿيڻ کانپوءِ موالي انهن ماڻهن يا قبيلن کي ڪوٺيو ويو جيڪي غير عرب هيا. مولا جو مطلب دوست يا ويجهو آهي. مولائي يا موالي غير عرب هيا. جيڪي عربن جا مددگار ۽ ٻانها هيا. اسلام کانپوءِ کين مولائي ۽ موالي جي نالي سان سڏيو ويو.(13)
بنو اميا جي دور ۾ جيڪي فارسي، آفريڪي، آزري، ترڪ ۽ ڪرد اسلام ۾ شامل ٿيا انهن کي موالي چيو ويو. بنو اميا جي وقت انهن کان ٽيڪس اوڳاڙيو ويندو هيو ۽ کين فوج ۾ شامل ٿيڻ کان جهل هئي. ابو مسلم خراسانيءَ جي مدد سان آيل عباسي خلافت ۾ اها ٽيڪس معاف ٿي ۽ موالين کي فوج ۾ شامل ڪيو ويو. صوفين جي روحاني مجلس جا خاص طريقا آهن. انهن ۾ زاويا، تڪيا، قلندر خانا ۽ خانگاهون شامل آهن.(14) زاويا سلطنت عثمانيا ۾ ترڪي، ايران ۽ ٻين اسلامي ملڪن ۾ هيا، زاويا گول گنبز واري بيٺڪ آهي. جنهن ۾ صوفي مجلس ڪندا آهن. خانگاهه کي رباط پڻ چيو ويندو آهي. خانگاهون صوفين جي رابطي ۽ آرام جون جايون آهن، جتي مسافرن، شاگردن ۽ مريدن جي رهڻي ڪرڻي ۽ کائڻ پيئڻ جو بندوبست ڪيو وڃي ٿو. اهي گهڻو ڪري مدرسن، درگاهن ۽ مسجدن ڀرسان ٺهيل هونديون آهن. عثمانيان دور ۾ انهن کي تڪيو به چيو ويندو هيو. ان کانسواءِ قلندر خانا به هوندا هيا، قلندر درويش کي چوندا هيا جنهن لاءِ ضروري نه هيو ته ڪنهن طريقت سان لاڳاپيل هجي. پوءِ قلندر خاص معنا ۾ استعمال ٿيڻ لڳو. اهو لقب وڏن عالمن جي حصي ۾ آيو جيئن دنيا جا اڍائي قلندر، هڪ قلندر شهباز، ٻيو بو علي شاهه قلندر ۽ بي بي رابعا بصري جنهن کي اڌ قلندر چوندا آهن. صوفي حضرت محمد صه کي ڪامل ۽ خدائي ذات مڃين ٿا.(15)
حضرت عليءَ کي اسلامي صوفيزم جو ابو چيو وڃي ٿو.(16) صوفين جو چوڻ آهي ته صحابا ڪرام خاص ڪري حضرت عليءَ معرفت محمد صه وسيلي خدا کي رسيا.(17) حضرت محمد صه چيو “مان علم جو شهر آهيان ۽ علي ان جو دروازو آهي.”(18) علي هجويري، حضرت عليءَ کي تصوف جي بلندي چيو آهي ۽ جنيد بغداديءَ حضرت عليءَ کي تصوف جي اصولن ۽ عملن جو امام ڪوٺيو ويو آهي.(19) اسلامي دنيا جا عالم ان ڳالهه کي رد ڪن ٿا ته صوفيزم جو آغاز يورپ مان ٿيو.(20) ڪن جو خيال آهي ته ان جو عروج وچ ايشيا جي ملڪن ۾ اتان جي عالمن ڪري ٿيو. خاص ڪري بايزيد بسطامي جنهن هڪ دفعي اهو چئي هنداڻي کائڻ کان انڪار ڪيو ته ڇا حضرت محمد صه ڪڏهن اهو کاڌو هوندو؟ ڇو جو پڪ نه آهي انڪري هو هنداڻي کي هٿ نه لائيندو. صوفي حضرت محمد صه جي طريقت جو قائل آهي. جيئن انهن ڪيو اهي ڪن ٿا. جيئن انهن نه ڪيو اهي نه ٿا ڪن.(21)
نورالدين عبدالرحمان جاميءَ موجب صوفيزم جي وچين دور ۾ عبدالله ابن محمد ابن الحنفيا اهو شخص آهي جنهن کي پهريون صوفي چئي سگهجي ٿو.(22) شيعن ۽ سنين ۾ صوفي خيال الڳ نه آهي. صوفيزم ۾ نفرت جي گنجائش نه آهي. اها انسانن کي ويجهو آڻي ٿي.(23) شاهه لطيف، سچل سرمست، بابا فريد، خواجا احمد پسوي، رومي ۽ عطار نيشاپوري صوفيزم جا وڏا شاعر آهن. انهن جي شاعريءَ جو اثر هندستان، ترڪي، ايران ۽ وچ ايشيا جي رياستن تي تمام گهڻو آهي.(24 )
سلطنت عثمانيا کي قائم ڪرڻ ۽ زور وٺائڻ ۾ صوفيزم جو حصو آهي.(25) صوفيزم ٻارهين عيسوي صديءَ تائين اسلام ۾ عروج تي رهيو. پوءِ ان مٿان جديديت جا اثر پيا (26) ۽ ان جو جهيڙو وهابي خيالن سان وڌيو.(27) صوفيزم جيڪو اسلام جو روحاني جز هيو ان جي سلفي طريقت (Salafism) سان به اهميت گهٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. سلفي پراڻي سني طريقي جا پرچارڪ هيا. سلفي طريقت کي ارڙهين عيسوي صديءَ جي وچ ڌاري زور وٺائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. سلفيءَ جو مطلب آهي “سلف” معنا خُد يا پشت، حضرت محمد صه کانپوءِ سندن ٽن نسلن کي سلفي چون ٿا. سلفين جي اڪثريت سعودي عرب، قطر، دبئي، بحرين ۽ ڪويت ۾ رهي ٿي.(28)
صوفين جي خيال موجب اهو ممڪن آهي ته خدا ۽ جنت کي هن جهان ۾ ڳولهيو وڃي. صوفين جي حڪمت خدا جي خوشي حاصل ڪرڻ آهي. هو خدا کي پاڻ ۾ ڳولهين ٿا. اهي فطرت (Fitrah) کي ترجيح ڏين ٿا. فطرت صوفيزم ۾ اهڙي حڪمت کي چيو وڃي ٿو ته انسان توحيد جو مجموعو آهي. جنهن ۾ ذات فطرت ۾ ويڙهيل آهي ۽ اها ذات وڏي ڄاڻ واري آهي. دنيا ۾ توحيد جا مثال حضرت ابراهيم ۽ حضرت محمد صه جن آهن. جيڪي پنهنجي فطرت ۾ ذات ويڙهي آيا. ائين خدا ۽ بندو الڳ نه آهن. انسان عشق جي تند سان رب سان ڳنڍيو پيو آهي.(29) عشق لفظ قرآن پاڪ ۾ استعمال ٿيل نه آهي پر ان جي جاءِ تي حب جو لفظ آهي. عشق، “عشاق” مان نڪتل آهي. جيڪو آويءَ (Ivy) جي ول يا اهڙين ٻين ولين کي چيو ويندو آهي. عشاق جي ول جون لامون پاڻ ۾ ائين ويڙهيل هونديون آهن جو انهن کي الڳ ڪرڻ مشڪل هوندو آهي. اهڙن پيچن ڪري کيس “عشق پيچان” پڻ چيو ويندو آهي.(30)
عشق اهڙي تاس آهي جيڪا محبوب لاءِ بي تاب ڪري ٿي. هو اهڙي جام جو طلبگار آهي جيڪو کيس ڪمال جو درجو ڏئي حسن دنيا ۾ تڏهن آيو جڏهن خدا آدم جي روپ ۾ آيو.(31)
صوفيزم جو هڪ طريقو “موجان مومن” جو پيش ڪيل آهي. موجان مومن بهائي فرقي جو عالم هيو. ان فڪر جو خيال “انسان الڪامل” آهي. ڌرتيءَ تي قطب نازل ٿيندا آيا آهن جيڪي خدا ۽ بندي جي وچ ۾ رابطي جو وسيلو آهن. اهڙو عقيدو صوفيزم ۾ قطب ۽ امام کي الڳ ڪري ٿو. ڏٺو وڃي ته بهائي عقيدو پڻ شيعا فرقي جي شاخ آهي. ان فرقي جو باني بهاءُ الله آهي جيڪو ايراني هيو. ان 1863ع ۾ ان فرقي جو بنياد وڌو جنهن جو مقصد انسان جي اهميت ۽ مذهبن کي ويجهو آڻڻ هيو. بهائي عقيدي جا پوئلڳ، پاڪستان، هندستان ۽ ايران ۾ موجود آهن.(32) ان فرقي جو عقيدو آهي ته حضرت محمد صه دنيا ۾ موٽي ايندو ۽ انسانن کي وري نئين دڳ لائيندو.
1863ع ۾ ايران اندر ان فرقي تي پابندي لاڳو ڪئي وئي. بهاءُ الله اهڙي فڪر ڪري گهڻو جهيليو، چون ٿا هن نبوت جي دعوا پڻ ڪئي، سلطنت عثمانيا ۾ هو شام ۾ قيد رهيو ۽ 1892ع ۾ گذاري ويو. بهائي عقيدي جا ٽي متا آهن.
1. پاڻ کي خدا سان ڳنڍڻ
2. مذهبن کي هڪ ٻئي سان ڳنڍڻ
3. انسان کي انسان سان ڳنڍڻ (33)
“الانسان الڪامل” جو فلسفو ابن عربي (1240-1165ع) جو ڏنل آهي. ابن عربي جنهن جو پورو نالو ابو عبدالله محمد بن علي هيو. جنهن کي شيخ الاڪبر به چوندا هيا. صوفيزم جو انتهائي معتبر نانءُ آهي. اهو شاعر ۽ فلسفي هيو.(34) هو اسپن ۾ ڄايو ۽ شام ۾ وفات ڪيائين. هن انسان الڪامل جو فلسفو پنهنجي ڪتاب فسو الحڪمت ۾ بيان ڪيو آهي.(35) هن توحيد جي فلسفي کي آئيني سان تشبيح ڏني آهي. جيئن حقيقت ۽ آئينو هڪ هوندا آهن. هن مخلوق کي اڻ ڳڻت آئينن سان تشبيهه ڏني آهي جيڪي هڪ ذات جو عڪس آهن. خدا حقيقت آهي ۽ بندو آئينو، انڪري خدا جي وجود کانسواءِ بندي جو هجڻ ناممڪن آهي.(36) خدا ڏسي، ٻڌي ۽ ڳالهائي ٿو. ان وٽ صبر به آهي ته علم به. اهي سڀ خدا جون خصلتون آهن جن سان بندو مستفيد ٿيو آهي. دانش دلين تي نازل ٿيندي آهي، دماغ تي نه.(37) جيئن ته عيسا ۾ خدا جو روح هيو، ان ڪري خدا عيسا ذريعي ڳالهائيندو، ڏسندو ۽ ٻڌندو هيو.
بندو مٽي ۽ خدائي خصلتن جو مجموعو آهي انڪري ڪامل آهي.(38) ابن عربيءَ جو فلسفو اهو واضح ڪري ٿو ته انسان کٽيل نه آهي پر ڪامل ۽ مڪمل آهي. ان وٽ خدا جون صفتون آهن. خدا وجود رکي ٿو ۽ اهو وجود انسان ۾ ظاهر ٿئي ٿو. ان کي تڪميل جي ضرورت نه آهي. ڇو جو اهو ڌرتيءَ تي مڪمل ٿي آيو ۽ مڪمل آهي. اهڙو فلسفو انسان جي عظمت کي اجاگر ڪري ٿو. جيڪڏهن هرڪو اهو فلسفو سمجهي ته ڪو ڪنهن جي تذليل نه ڪري ڇو جو انسان جي توهين خدا جي توهين آهي. انسان جي اهڙي عظمت جنهن کان دنيا خالي آهي.
ڌرتيءَ تي انسانذات جي تذليل ڏسي لڳي ٿو انسان نامڪمل آهي. ڪامل هجڻ جو فلسفو پليسيبو آهي. هڪ سهارو آهي ته جيڪي خدائي صفتون ان ۾ موجود آهن، انهن جي موجودگيءَ ڪري کيس مايوس نه ٿيڻ گهرجي.
الحسين بن منصور الحلاج (922-858ع) جو تعلق ايران سان هيو، هو صوفين جو سردار آهي. استاد ۽ شاعر هيو. هن جو فلسفو “اناالحق” آهي. هن تي ذالنون المصري ۽ بايزيد بستاميءَ جو اثر هيو ۽ جن کي متاثر ڪيو انهن ۾ حافظ شيرازي، رومي، سنائي، سچل سرمست، عطار، بالم سلطان، قلندر شهباز ۽ ٻيون شخصيتون آهن.
عربيءَ ۾ حلاج ڪَتِڻ وارن کي چوندا آهن، جيڪي ڪپهه ڪتي بابيني يا ريل تي ويڙهين. هن جو ڏاڏو پارسي مذهب سان لاڳاپيل هيو ۽ ڪوري هيو.(39) منصور ٻارهن سالن جي عمر ۾ قرآن حفظ ڪيو. هن دين جي تعليم سهل شوستريءَ جي مدرسي ۾ حاصل ڪئي. سهل شوستري ايران جو صوفي استاد هيو.(40) اهو ساڳيو وقت هيو جڏهن منصور کان فارسي زبان وسري وئي ۽ ان عربيءَ کي اظهار جو ذريعو بنايو. ويهن سالن جي عمر ۾ هو عراق جي شهر بصري ويو ۽ شادي ڪيائين. هڪ پنهنجي ساٿي معرفت ان قبيلي سان رابطو ڪيو جيڪو ان وقت بنو عباس جو مخالف هيو ۽ باغي تحريڪ جي اڳواڻي ڪري رهيو هيو. تحريڪ جو نالو ثورت الزنج (Zang Rebelion) هيو. ان تحريڪ جو سرواڻ علي بن محمد هيو، جيڪا ڪارن غلامن تي مشتمل هئي جن کي آفريڪا جي اوڀر وارن علائقن مان قيد ڪري غلام بنايو ويو هيو. اهي بنتو (Bantu) زبان ڳالهائيندا هيا ۽ کين زنج چيو ويندو هيو. اها بغاوت انهن جي آزاديءَ لاءِ هئي.(41) ان بغاوت جي نتيجي ۾ هزارين غلام ۽ انهن جا حامي ماريا ويا ۽ انت بغاوت جي ناڪاميءَ تي ٿيو. زنج بغاوت جا حامي شيعا هيا. منصور سني فڪر جو عالم هيو پر ان تي شيعا فلسفي جا اثر گهرا هيا.(42) زنج بغاوت جي ناڪاميءَ کانپوءِ هو جنيد بغداديءَ جي روڪڻ باوجود مڪي روانو ٿيو.
مڪي ۾ هڪ سال عبادت ۾ گذاريائين. مڪي مان موٽڻ کانپوءِ هن الفي پاتي ۽ صوفي عقيدي جو پرچار ڪيو.(43) انالحق جو نعرو هڻڻ ڪري کيس ڪافر ڪوٺيو ويو. هن جي جن مخالفت ڪئي اهي المعتزالا (Al-Mutuzila) فڪر جا ماڻهو هيا.(44) هن جا گهڻا مخالف پيدا ٿيا جن هن مٿان خدا جو انڪاري ۽ انسانن کي راهه تان ڀٽڪائيندڙ جا الزام هنيا. هو عراق ڇڏي ايران آيو ۽ اتي پنج سال گذاريائين. وري ٻيهر عراق ويو ۽ پوءِ پنهنجي ڪٽنب سان اتي ئي مقيم ٿيو. هن مٿان ڪيترائي مقدما هليا. آخري مقدمو انڪري هليو ته سندن مٿان الزام هيو ته هن قرامطن جو ساٿ ڏنو. قرامطي جيڪي اسماعيلي هيا انهن مٿان زرتشت جو اثر هيو. انهن بنو عباس خلاف بغاوت ڪئي. انهن جو اڳواڻ ابو طاهر الجنابي هيو.(45) انهن ڪعبت الله تي حملو ڪري نقصان پهچايو. حجرِ اسود جي چوري ڪئي ۽ زم زم جي چشمي ۾ لاش اڇلائي ان جي پاڪيزگي مجروح ڪئي. اهو واقعو حج دوران 920ع ۾ پيش آيو.(46)
منصور مٿان قرامطن جو ساٿ انڪري ثابت ڪيو ويو ته سندس چوڻ هيو ته “ڪعبي چوڌاري ست طواف کان بهتر آهي ته دل چوڌاري هڪ طواف ڪجي.” هن مٿان اهو الزام هيو ته هن انهن غريبن لاءِ جيڪي حج نه ٿا ڪري سگهن هڪ الڳ ڪعبو ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، کيس عباسي خليقي مقتدر باالله (932-895ع) جي دور ۾ سر قلم ڪيو ويو. دجلا درياهه ڪناري اهڙو منظر هزارين ماڻهن ڏٺو. جتي هن کي منهن ۾ ڌڪ هڻي بيهوش ڪيو ويو ۽ اڏيءَ تي سِر رکي قلم ڪيو ويو يا ڦاهيءَ چاڙهيو ويو.(47)
منصور قرآني آيتون پڙهندو رهيو ۽ انالحق جو نعرو هنيو. ڦاهيءَ کانپوءِ سندن جسم ساڙيو ويو ۽ رک دجلا درياهه ۾ اڇلائي وئي. سندس پوئلڳن ڦاسيءَ واري جاءِ تي يادگار ٺاهيو. اهڙو يادگار 1920ع تائين هيو. ساڳي سال آيل ٻوڏ اهو يادگار مٽائي ڇڏيو.(48)
عقيدو بحث کان پاڪ هوندو آهي. جنهن فڪر ۾ بحث جي گنجائش هجي اهو عقيدو نه آهي. عقيدي ۽ اعتبار ۾ هٿيار ڦٽا ڪبا آهن. هار مڃي پاڻ کي پيش ڪرڻو پوندو آهي. ڇا مذهب مڪمل نه آهي؟ ڇا اولياءَ ان کي پنهنجي طريقي مڪمل ڪرڻ چاهين ٿا. مذهب جي نج معنا ۾ خدا جي حيثيت نج ۽ منفرد آهي. نه ان جهڙو آهي، نه ٿي سگهندو. انسان ڪوتاهين جو گهر آهي ۽ ڪوتاهيون هن جو ذاتي فعل آهن. ڇا خدا انسان ۾ رهي ان جي مونجهارن جو حل نه ٿيو آهي؟ خدا جيڪو هر شيءِ ڄاڻي ٿو، کيس جيئن وڻي تينئن ڪري، ان ڌرتيءَ تي هڪ لک چوويهه هزار پيغمبر موڪليا، ڇا هڪ پيغمبر ڪافي نه هيو؟ پيغمبر وسيلو آهي ۽ رب مالڪ جنهن کي جيئن وڻي تيئن ڪري. انسانن جو امتحان وٺڻو هيو ته عمل جو مالڪ پاڻ آهي. ڪو به ڪک سندس اجازت کانسواءِ نه ٿو چُري، ماڻهوءَ کي دوزخ ۾ وڃڻ جو ڪو شوق به نه آهي. جنت ڪير نه چاهيندو؟ جڏهن پاڻ قادر آهي ته پوءِ انسان ڏي ڪهڙو ڏوهه؟ ڪائنات جو چرخو پاڻ هلائي ٿو. چرخي ۾ هزارين پرزا آهن پر انسان واحد پرزو آهي جيڪو جلد خراب ٿئي ٿو.
خدا هڪ آهي جيڪر مذهب به هڪ هجي ها. مذهبن جي گهڻائيءَ ماڻهن جي مت منجهائي آهي. دنيا اندر وڌ ۾ وڌ ماڻهو مذهبي بنيادن تي ماريا ويا آهن. انسان جو الميو آهي، جيڪو مذهب سندس سلامتيءَ جو پيغام کڻي آيو. ساڳيو مذهب فساد جو سبب بنيو. قرآن ڪريم ۾ هر شيءِ واضح آهي. ان ۾ ڪو به ترميم نه ٿو ڪري سگهي. ٻين مذهبي ڪتابن ۾ وقت جي تقاضائن کي سامهون رکي ترميمون ڪيون ويون پر قرآن ڪريم پنهنجي اصلي حالت ۾ موجود آهي. اسلام جي نج مذهبي فلسفي ۾ صوفيزم جي ڪا گنجائش نه آهي. صوفي مذهب ۾ فلسفيانا ترميم ڪري ان کي وقت سان هم آهنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. صوفي اهڙن خيالن کي خدا ۽ مذهب سان ملائي ٿو. خدا ۽ مذهب ڪائنات جي هر شيءِ تي حاوي آهن. هر ڳالهه اوڏانهن منسوب ڪرڻي آهي جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته ڳالهه قبول نه ڪئي ويندي ۽ اها پراثر نه رهندي. صوفي اهڙو مبلغ (Rhetoric) آهي جيڪو انسانيت جي حق ۾ مذهب جون معنائون بدلائي ان جي نج صورت (جنهن ۾ لچڪ جي ڪا گنجائش نه آهي) کي نئون روپ ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
جيڪڏهن انجيل، توريت ۽ زبور ۾ تبديليون نه ڪيون وڃن ها ته اهي مذهب ختم ٿي وڃن ها. گيليليو سچ ڳالهائي توبا تائب ٿيو پر سائنس پراڻن خيالن تي حاوي ٿيندي پئي وڃي. اسلام ۾ ترميم جي گنجائش نه آهي. صوفي اڻ سڌي ريت ترميمن جا رستا کولي وقت جي ملان جو شڪار ٿئي ٿو. صوفي مذهب جي ڊهندڙ ديوارن کي سهارو ڏئي ٿو. صوفي خدا جي ڍال آهي.
صوفيزم ماڻهوءَ کي ڪامل انسان ڪوٺي ٿي. کيس خدا جو عڪس چوي ٿي. خدا دنيا اندر انسان جي روپ ۾ آيو. انسان ۾ سڀ خصلتون خدا جون آهن. ان حد تائين جو انسان پاڻ خدا آهي. چون ٿا جڏهن منصور جو سِر قلم ٿي رهيو هيو ته کيس جلاد جي منهن ۾ خدا نظر آيو، وري ان جي برعڪس هڪ عيسائي فلاسافر جي دعا آهي ته “اي خدا منهنجي ٻار کي پنهنجي ٻار کان بچاءِ.”
دراصل اسين منجهيل ۽ ڪمزور آهيون. انسان جي اها حيثيت آهي ئي ڪونه جنهن حيثيت جو کيس مالڪ سمجهيو وڃي ٿو. انسان مجبور ۽ نادار آهي. هو هر جاءِ رحم جو طلبگار آهي. جيڪڏهن ٿر ۽ اوڀر آفريڪا جي ملڪن ۾ خوراڪ جي گهٽتائيءَ سبب مرندڙ ٻارن کي ڏسجي ته خدا تان اعتبار ئي کڄي وڃي. جيڪڏهن ڪو شام، عراق ۽ يمن ۾ بي گناهه مري ويل ٻارن جي جسم جا ٽڪر ڏسي ته خدا کي ڳولهيندو رهجي وڃي. ڌرتيءَ جي سيني تي مذهب ۽ سياست ڪري جيڪي ظلم ٿيا آهن انهن ۾ خدا جو ڪهڙو ڪردار آهي؟ ڏٺو وڃي ته انسان کي ڏسي سڀ گناهه توبا تائب ٿين ٿا. انسان تعريف جي لائق نه آهي. انسان کان وڌيڪ ٻيا ساهوارا، جانور، پکي ۽ وڻ وڌيڪ امن پسند آهن. اهو ئي سبب آهي جو جنت جو تصور جانورن، پکين ۽ وڻن کانسواءِ نامڪمل آهي، دوزخ جو تصور خاص انسانن لاءِ آهي. صوفي انسان جي اندر کي تسلي ڏئي ٿو ۽ اها تسلي پليسيبو آهي.


References:

1. “ Arete / Agathon / Kakon ”.
G.B Kerferd. The encyclopedia of philosophy ( 1967 ). New York. Macmillan & the free press.
2. H. Jones . Master Tully :
“Cicero in Tudor England”
( Nieuwkoop : De Graaf . 1998 ).
3. Bruce W. Winte .
“Philo and Paul among the sophists”.
2nd . ed. Grand rapids : Wm.B.Eerdmans. 2002.
4. Dando – Collins , Stephen ( 2010 ).“ The great fire of Rome : The fall of the emperor Nero and his city”.
Cambridge , MA : DA Capo press.
5. Philostratus : “The lives of the sophists”
page 20. Trans , wright , wc Cambridge. Harvard university press. 1961.
6. “ Homers Iliad and odyssey : The essential books ”.
Oxford university press ( 2014 ).
7. Jarratt , Susan C. “Re – reading the Sophists : classical rhetoric refigured”.
Carbodale and Edwardsville : southern Illinois university press 1991.
8. Poulakos , John ,
“Sophistical Rhetoric in classical Greece ”.
Columbia SC : university of south Carolina press. 1995.
9. Plato ,
“The Republic”
493-a-e.
10. Shiappa , Edward. “Protagoras and Logos”
( University of south Carolina press 1991).
11. Gainer, Robert N (1997).
“Philosophy & Rhetoric”.
Pennsylvania: Penn State university press.p.1-12.
12. Qamar ul Huda (2003). “Striving for Divine union: spiritual exercises for suhraward sufis”.
Routledge Curzon.p.1-4.
13. Titus Burckhardt. “Art of Islam: Language and meaning”.
(Bloomington world wisdom.2009).p.223.
14. Editors.
“Tariqa Islam”.
Britannica. Com. Retrieved 2015.
15. Kabbani , Muhammad Hisham. (2004).
“Classical Islam and the naqshband: Sufi tradition”.
Islamic supreme council of America.p.57.
16. “Khalifa Ali bin Abu Talib. Ali the father of Sufism”.
Alim.org.retrieved 2014.
17. “Taking initiation ( Bay’ah)”.
The Naqshbandiyya Nizimiyya sufi order of America: Sufism and spirituality. Retrieved 2017.
18. “Shaikh Tariq Knecht”.
Journal of a sufi odyssey. Tauba press.
19. Qadri
“Origin of Sufism”.
Sufi way 2003.
20. Encyclopedia Britannica. Retrieved on August 2016.
21. Nasr. Hossein ( 1993 ).
“An Introduction to Islamic Cosmological doctrines”
suny press.
22. Rashid Ahmad Jullundhary.
“Quranic exegesis in classical literature”.
p.56. New well minister press.2010.
23. J.Spencer Trimingham,
“The sufi order in Islam”.
Oxford University press. 2015.
24. Seyyed Hossein Nasr.
“Islam religion , history and civilization”.
Harper , san Francisco 2003. (ch.I).
25. Dina Le Gall .
“A culture of sufism Naqshbandis in ottoman world”.
p.1450-1700.
26. “Islam in the modern world”.
by Seyyed Hossein Nasr.
27. “The Jamaat Tableegh and Deobandis”
by Sajid Abdul Kayum. Chapter I.
28. Lacey , Robert ( 2009 ).
“Inside the kingdom , kings , clerics , Modernists , Terrorists and struggle for Saudi Arabia”.
New York. Viking . p.9.
29. Tuba Boz.
“Religious conversion : Models and paradigms , Epiphany”
: journal of transdisciplinary studies . 2011, p.130.
30. Steingas , Francis Joseph
“ Ishq”
A comprehensive persian . English dictionary. Asia education services 1992.p.850.
31. “Sufism , sufis , and sufi orders. Sufism many paths”.
Uga.edu.2015.
32. “Haykal”.
About.com.14 Nov: 2011. Retrieved 23 Feb: 2012.
33. Affolter. Friedrich w. ( 2005 ).
“ The Bahais of Iran . war Crimes. Genocide”
crimes against humanity.1 (I):75 – 114.
34. Hossein Nasr.
“Sufi assays”
.p.116 It is well known that Ibn Arabi from the point of view of his madhhab was sunni……
35. Chittick william C
“ Ebn al-Arabi , Mohyi-al-Din , Abu Abdulah Mohammad Ta l Hatemi ”.
Encyclopedia Iranica (1996): web.3 April 2011.
36. Little , John T ( January 1987 ):
“Al Insan , Al . Kamil. The Perfect man according to Ibn-Al-Arabi”.
The muslim world. Hartford seminary. 77(1):43-54.
37. Fitzpatrick and walker
“Muhammad in history through the culture”.
38. Zubair Ali Zai.
“The takfeer of Ibn Arabi”.
Trans-Abu Khuzaimah Ansari. Muktabah Ashaabul Hadeeth,2009.
39. Jawaid Mojaddedi. “Hallaj Abu , I, Mogid , Hosain b. Mansur b. Muhammad Bayzawi”
encyclopedia Iranica.
40. Lous Massignon , Louis Gardet ( 1986 )
“AL.HALLAJ”
Encylopedia of Islam. 2nd ed. Vol.3 Brill.p.99-100.
41. Fields,Philip M. (1987).
“The history of al-Tabari”,
volume xxxvii : The Abbasid recovery. The war against the zanj ends. Albany , New York state university of New York press.
42. Furlonge , Nigel D ( 1999 ).
“Revisiting the zanj and Re-visioning revolt. Complexities of the zang confilict”.
Negro history Bulletin. 62(4):7-14.
43. Louis Massign. Louis Gardet (1986) Al-Hallaj.
“Encyclopedia of Islam”.
2nd edition vol-3.. Brill.p.101.
44. “Ashariyya and Mutazila”
muslim philosophy.com ( Neal Robinson ) 1998.
45. Madelung Wilfred
“ Karmati ”
Encylopedia of Islam , 2nd . ed , Brill . 2012.
46. “Mecca’s history”.
form encyclopedia Britannica.
47. Massignon , Louis ( 1982 ).
“The passion of al. Hallaj , Mystic and Martyr of Islam”.
Princeton university press.
48. Qadri.
“Origion of Sufism”
2012 - p.238.