تاريخ، فلسفو ۽ سياست

پليسبو [سائنسي فلسفو]

ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار رسول ميمڻ پاران سائنسي فلسفي تي لکيل ھڪ بھترين ڪتاب آھي. رسول ميمڻ لکي ٿو:
”ڪائنات پليسيبو جي ٿنڀن تي بيٺل اهڙو ٿيٽر آهي جنهن ۾ ڪردار عيوض ۾ ملندڙ داد جا منتظر آهن. آسرو زندگيءَ جي بقا جو سڀ کان وڏو سهارو آهي. دل مطمئن آهي ته ڪيل گناهه معاف آهن. ثوابن ۽ گناهن ۾ سمجهه جو فرق آهي.
عقيدو، عبادت، دعا، تعويذ، قرباني، توبهه، جادو، ٽوڻو، خيرات، زڪوات، ڦوڪ ۽ شوڪارو اهي سڀ پليسيبو آهن. پليسيبو حوصلو، همت ۽ سهارو آهي. “
  • 4.5/5.0
  • 61
  • 39
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رسول ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book پليسبو [سائنسي فلسفو]

توهم پرستي ۽ پليسيبو

توهم پرستي ۽ پليسيبو

(Superstitions and Placebo)

توهم پرستي اهڙو عقيدو آهي جنهن پويان ڄاڻ، سبب يا پنهنجو فيصلو نه هجي. جيئن مقدر، تقدير، نصيب، لکيو، ڪارو علم، تعويذ، خوف، آسيب، خدشو يا مذهبن جا گمراهه ڪندڙ تفسير.(1)
اهو اڳڪٿي (Prediction)، بشارت (Prophecy) ۽ روحانيت (Spiritualism) تي پڻ لاڳو ٿئي ٿو.(2)
لفظ Superstition لاطيني لفظ Super-stratum (سپر معنا مٿان، اسٽراٽم معنا طاري ٿيڻ) مان ورتل آهي. جنهن جو مطلب آهي مٿان طاري ٿيڻ يا سوچن تي حاوي ٿيڻ(3) لاطينيءَ ۾ اهو لفظ عيسا کان هڪ صدي اڳ ان وقت جي شاعرن لائوي (Liey) ۽ اوئڊ (Ovid) جي شعرن ۾ ملي ٿو.(4)
يونان ۾ ماڻهو ديوتائن جي قهر کان ايڏا ته ڊنل هوندا هيا جيئن ڪو غلام اهڙي مالڪ کان جيڪو بي رحم ۽ ظالم هجي. خدا جي خوف کي رومن ۾ توهمات چيو ويو.(5)
ڊينس ڊڊيرو 1784-1719ع) فرانس جو روشن خيال مفڪر هيو جنهن انسائيڪلو پيڊيا پڻ ترتيب ڏني. سندس چوڻ موجب مذهب جي زيادتي ۽ ان جو هر شيءِ ۾ استعمال توهم پرستي آهي.(6)
1948ع ۾ بي، ايف اسڪينر ورتاءَ جي نفسيات ۾ پکين جو مشاهدو ڪندي چوي ٿو ته توهم پرستي نه صرف انسانن ۾ آهي پر پکي ۽ جانور پڻ ان جو شڪار آهن. هن چيو ته ڪبوتر داڻي لاءِ اهڙيون حرڪتون ڪن ٿا جيئن کين انهن حرڪتن جي صدقي داڻو ملي پوندو. اهي ڪڏهن بي مقصد گول ڦرن ٿا ۽ ڪڏهن پينگهه ۾ ڪنڌ وجهي بيهن ٿا. جن جو مقصد انهن ۾ توهم پرستيءَ کانسواءِ ڪجهه نه آهي ته ائين ڪرڻ سان کين اناج ملي پوندو.(7) اسڪينر جي پکين ۽ جانورن ۾ توهمات جي موجودگيءَ جي نظريي کي ڪن دانشورن غلط ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جن ۾ اسٽيڊن ۽ سملهگ شامل آهن.(8)
تازو جين رائيس توهمات متعلق نظريو پيش ڪيو آهي. توهمات نفسيات جي ٻٽي سرشتي (Dual process) جي پيداوار آهن. نفسيات جو ٻٽو سرشتو لاشعور ۽ شعور جي وچ تي هلي ٿو. جيڪا شيءِ لاشعور ۾ اچي ٿي، شعور ان جي نفي ڪري ٿو. دراصل توهمات، الهام (Intiution) جي صورت ۾ نازل ٿين ٿا جيڪي انساني خدشن ڪري ٿي سگهن ٿا. انهن پويان ڪو سبب نه آهي. الهامن جي نفي ڪڏهن شعور نه به ڪري سگهندو آهي.(9)
ڪڏهن توهمات اندروني طاقت ڏين ٿا ۽ صلاحيتن کي وڌائي وجهن ٿا جيئن ڪو تعويز جنهن ۾ عقيدو آهي ته کيس مدد ڪندو. اهڙيون اندروني صلاحيتون ڪڏهن ٻاهرين صلاحيتن کان وڌيڪ ڪارآمد ٿين ٿيون، خاص ڪري راندين ۽ ٻين ورزشي مقابلن ۾(10) جديد سائنس جي وجود وٺڻ سان ترقي يافتا ملڪن اندر توهمات ۾ گهٽتائي آئي آهي. جاڳرتا (Renaissance) ۾ سبب ۽ سبب کي حل ڪرڻ جي طريقن جي ڳولها ۾ توهمات اثر وڃائي ويٺيون آهن.(11)
شعور ماڻهوءَ جي مت منجهائي آهي. جڏهن شعور جاڳيو ته لاشعور نه هيو. لاشعور شعور جي پيداوار آهي. شعور لقائن (Phenomenon) جو حل نه ٿو ٻڌائي. شعور جي ادراڪ (Perception) جي حد آهي. ان کانپوءِ توهمات شروع ٿين ٿا. لاشعور وجداني ادراڪ (Extrasensorty Perception) جا در کولي ٿو. انسان جي ڇهين حس انڪري آهي ته سندس پنج حسون نامڪمل آهن. پنجن حسن سان هو نامڪمل ڪم ڪري ٿو جنهن ڪري ڇهين حِس مدد ڪري ٿي. ڇهين حس وهم جا در کولي ٿي. الهام جي پنهنجي خاصيت آهي. اها خاصيت ائين آهي ته اهو ڪنهن مٿان نازل ٿئي ٿو. نبيءَ مٿان يا امت جي ڪنهن فرد مٿان؟ الهام جي خاصيت جو فرق شعوري مقدار تي منحصر آهي. توڙي جو الهام لاشعوري آهي پر لاشعور، شعور جي انتها آهي. شعور ماڻهوءَ جي وس ۽ لاشعور وس کان ٻاهر آهي.(12)
ٻار ڄمي ٿو ته کيس ڇٺيءَ رات ڪارو سڳو ٻڌو وڃي ٿو. سرمي جو تلڪ ڪڍيو وڃي ٿو. دنيا ۾ داخل ٿيڻ سان توهمات شروع ٿي وڃن ٿيون. ائين ڪائنات پيدا ٿي ته ان سان گڏ خوف پيدا ٿيو. طبعات جي ماهرن مطابق ڪائنات جي ابتدا وڏي ڌماڪي سان ٿي. شعور ان ڌماڪي جو ڀريل ڇرڪ آهي. اهو ٺيڪ آهي ته شعور کي شعور وٺڻ لاءِ ڪروڙين سال لڳي ويا. ساهوارن مان شعور انسانن جي حصي ۾ آيو. شعور ۽ سمجهه ۾ فرق آهي. جانورن ۾ سمجهه آهي پر شعور نه. ايف جي اسڪينر جي پکين بابت تحقيق ته پکي به توهمات جو شڪار آهن. ڪجهه چئي نه ٿو سگهجي؟ پر ٻيا ساهوارا اڃان شعور ۽ لاشعور جي ادراڪ کان آجا آهن. ڪڪڙين جو گوشت وڪڻندڙ دوڪاندار وٽ پڃري ۾ ڪيتريون ئي ڪڪڙيون پيل هونديون آهن. اهي ڪڪڙيون اکين سان اڏيءَ تي پنهنجي ساٿي ڪڪڙ کي ڪسجندي ڏسنديون آهن پر سندن طبيعت تي ڪو اثر نه پوندو آهي. انهن وٽ اهو شعور نه هوندو آهي ته ڪجهه دير کانپوءِ سندن وارو اچڻ وارو آهي. اهڙي شعور کانسواءِ اهي کائڻ پيئڻ ۽ موج مستيءَ ۾ مگن هونديون آهن. هڪ دفعي ڪاسائيءَ ڪڪڙ ڪهندي ان جي چرٻي ڪٽي پڃري ۾ اڇلائي ته ان جون ساٿي ڪڪڙيون چرٻي چڳي ويون. پکين ۽ جانورن ۾ کاڌو حاصل ڪرڻ، ٻچا ڏيڻ، نسل جي حفاظت ڪرڻ ۽ پاڻ بچائڻ جي سمجهه آهي.
اسين حسرتن جي پورائي ۾ ٿڏي تي ڪرتا (Short cut) ڪرڻ چاهيون ٿا. ان ڪرتا کي ڪرڻ لاءِ غير منطقي وسيلي جي ضرورت پوي ٿي. اهڙن وسيلن جو پورائو توهمات ڪن ٿيون. پير تي باس باسيون ٿا ته “پير پڙ پارائينداسين، شل ڇوڪر کي نوڪري ملي.” “پير پٽ ڏي” شاهه لطيف جي درگاهه تي صدا هڻن ٿا “ديڳ لاهينداسين”
“سچل پٽ ڏي” سچل جي مزار تي سين هڻن ٿا. “نقل ريوڙيون ورهائينداسين.”
پٽ ڄمين ٿا، ڪو لطيف ڏنو آهي ته ڪو سچيڏنو، شاعر پٽ ڏين ٿا. شاعر وڏا پير آهن. ماڻهو سُک کڻي اچن ٿا. باسون باسن ٿا. پڙ چاڙهين ٿا. دنيا جي سوچ جو محور توهم پرستي رهيو آهي ۽ رهندو پيو اچي. توهم اسان جي نامڪمل اميدن کي پوري ڪرڻ جو بهانو آهي. سهارو آهي جيڪو دلي طرح مطمئن ڪري ٿو. ماڪي پير جو تعويذ ڳچيءَ ۾ لڙڪي ٿو. مان مصيبتن کان محفوظ آهيان. اهو پليسيبو آهي. ڪاري ٻلي هلندي اڳيان رستو ڪٽي وئي، نقصان ٿيندو. اڇي ٻليءَ کي کير پئاريان ته ان جو توڙ ٿيندو. اهو پليسيبو آهي. هٿ ۾ خارش ٿئي ٿي ضرور پئسو ايندو. گهوڙن جي ريس ۾ تيرهون نمبر ٽوڪن مليو آهي، بيڊلڪ. ٽوڪن تبديل ڪري پندرهون وٺان، گڊ لڪ. ٻاهر مينهن وسي ٿو ڇٽي کنيائين، ڪمري ۾ اندر کلي وئي، خير نه آهي، توڙ ٻي ڇٽي کڻي ٻاهر نڪرڻ. گهوڙي جو نعل دوڪان جي چائنٺ تي لڳل، گراهڪ گهڻا ايندا. هڏڪي آئي آهي. ڪو ياد ڪري ٿو. هڪ ڇڪ آئي آهي، ضرور پرپٺ ڪنهن تعريف ڪئي آهي. ٻه ڇڪون آيون آهن، ڪنهن پرپٺ گلا ڪئي آهي. گلا جو توڙ ٽي ڇڪون.
ڇوڪريءَ کي طلاق ٿي وئي ضرور شاديءَ رات ڪنهن ڇريءَ سان ڪٽي کارايو هوندس. توڙ، ڪڏهن به ڪنوار کي شاديءَ رات ڇريءَ جو وڍيل نه کارائبو آهي.
بيماري لڳي اٿس وڃي ٿو ڳرندو پڪ سان ڪنهن بوتو پوريو اٿس، ڀوپا بوتي تي نانءُ پڙهي سنهيون سئيون هڻي ان کي قبرستان ۾ پوريندا آهن. عقيدو آهي ته بيمار ٿي ڳرندڙ شخص جو بوتو پوريل هوندو آهي. توڙ، ڀوپي کي پئسا ڏئي بوتو ڪڍرائڻ.
سانجهيءَ کانپوءِ ڪنهن سڃي گهر جو سکيي کان اڇي رنگ جي شيءِ جيئن کنڊ، کير، بيدو، ڏهي، لسي، مکڻ گهرڻ، عقيدو آهي ته سانجهيءَ کانپوءِ اڇي رنگ جي شيءِ مان برڪت سکيي گهر کان سڃي گهر ۾ داخل ٿيندي آهي.
اڄ ڪلهه ڪراچيءَ جون ڀتيون ڀوپن جي مشهوريءَ سان ڀريون پيون آهن. جتي ڏس ڪنهن بنگالي بابا جو نانءُ لکيل آهي. گهڻو ڪري مسلمان ڀوپا هندن جهڙا نالا رکي اهو ڪم ڪن ٿا. ماڻهن جو عقيدو آهي ته ڪارو علم گهڻو ڪري هندن، عيسائين ۽ بنگالين وٽ آهي. هڪ اهڙو ئي نالو ڀت تي لکيل هيو. عامل موهن لال. مون پنهنجي دوست موهن لال بسنتاڻيءَ کي فون ڪري مبارڪ ڏني ته اکين جي اسپتال بند ڪري واهه جو ڪم شروع ڪيو ٿي. جواب ڏنائين اکين جي اسپتال ۾ جن جو به علاج ڪيم اهي سڀ انڌا ٿي چڪا آهن. مون کي شرمسار ٿيڻو پيو ڇو جو جڏهن به اکيون خراب ٿينديون آهن ته منهنجو علاج موهن بسنتاڻي ڪندو آهي. ننڍي هوندي ڪلاس ۾ گڏ پڙهندڙ ڇوڪرن جو عقيدو هوندو هيو ته جيڪو خواب ڏسبو آهي ان جي تعبير ڏٺل خواب جي ابتڙ ٿيندي آهي. ڪلاس ۾ هڪ ڇوڪرو اهڙو هوندو هيو جيڪو سدائين مون سان وڙهندو هيو. مان ننڍي هوندي کان شريف ماڻهو، الله کي پيو عرض ڪندو هيس ته يا رب هن مصيبت مان جان ڇڏاءِ، هڪ ڏينهن اهو ڇوڪرو مون سامهون هٿ ٻڌي بيهي رهيو، چيائين “رات خواب ڏٺو اٿم، مان توکي صفا ماري ڇڏيو آهي، جيئن ته خواب جي تعبير ابتڙ ٿيندي آهي. ان ڪري مون کي پڪ آهي ته تون مون کي ماري ڇڏيندين. ان کان اڳ جو تون مارين، تو کان معافي ٿو گهران ته جيڪي ٿيو سو ٿيو وري توسان نه وڙهندس.”
اهو ڏينهن، اهو شينهن، ان ڇوڪري وري ڪڏهن مون سان جهڳڙو نه ڪيو، ائين ڊڄندو هيو جيئن شاگرد ڊڄي ماستر کان.
ننڍي هوندي ۽ هاڻي مان پاڻ توهمات جو شڪار رهيو آهيان، ننڍي هوندي پير ۾ ڌڪ لڳندو هيو ته يقين هوندو هيو، ٻيو جيڪو به ڌڪ لڳندو اهو ساڳي جاءِ تي لڳندو جتي پهريون ڌڪ لڳل آهي ۽ ٿيندو به ائين ئي هيو، پاڙي ۾ ٻار ڪرڪيٽ کيڏندا هيا مون کي پڪ هوندي هئي ته اتان لنگهيندس ته بال ضرور لڳندو، ٿيندو به ائين هيو، ڪيترو به احتياط ڪيان، خبر نه پوندي هئي ته بال بيٽ سان لڳي اچي منهنجي پٺيءَ ۾ لڳندو هيو. بوٽ پهريون سڄو پائيندو آهيان، ڪوشش ڪندو آهيان ته فرش جي ڊزائين ۾ پاتل ڪنهن لڪير تي پير نه اچي. جڏهن ڪنهن مصيبت جي باري ۾ سوچيندو آهيان ته اها ضرور نازل ٿيندي آهي. منهنجا وهم ۽ توهمات ٻين کان الڳ نه آهن. دراصل مان اندر ۾ ٽٽل ڦٽل ۽ خوف ۾ ورتل شخص آهيان. مان ڄاڻان ٿو ته منهنجيون اهي حرڪتون چريائپ جي حدن کي ڇهن ٿيون پر ڊپ ۾ ورتل آهيان ته جيڪڏهن ائين نه ڪيو ته متان نقصان ۾ وڃان. انسان مٿان مصيبتن جو مينهن وسي ته سڀ پناهگاهون پليسيبو جو روپ ڌارين ٿيون.
انسان اندر جي اطمينان جي ڳولها ۾ معاشري جون منع ٿيل ريتون (Taboo) تي عمل پيرا ٿئي ٿو. اهو اهڙو موضوع آهي جنهن تي لکڻ ڏاڍو ڏکيو ۽ معاشري لاءِ ناقابل برداشت آهي. مان ڄاڻيندي به بحث نه ڪندس. صرف ايترو چوندس ته ستر واري ڏهاڪي ۾ ڪراچيءَ ۾ ڪي ڪلبز (Key Clubs) هونديون هيون. گاڏين وارا پنهنجين گهروارين سان ان ڪلب ۾ ايندا هيا. گاڏين جي چاٻين کي ملائي چيو ويندو هيو ته “هڪ هڪ چاٻي کڻو” جنهن جي نصيب ۾ جهڙي چاٻي! هر چاٻيءَ تي نانءُ لکيل هوندو هيو. جنهن چاٻيءَ تي جنهن جو نانءُ هوندو هيو اها گهرواري ان حوالي ڪئي ويندي هئي.
مٽا (Swing) هڪ اهڙي روڪيل ريت (Taboo) آهي جنهن تي دنيا ۾ لکين ماڻهو عمل ڪن ٿا. ان جو پسمنظر نفسياتي آهي. انهن خاص ڪلبن ۾ زال سامهون مرد ڌاري عورت سان همبستري ڪري ٿو ۽ سندس زال ان سامهون غير مرد سان سمهي ٿي. ان عمل ۾ مبتلا ماڻهن جو چوڻ آهي ته ائين ڪرڻ سان سندن من ۾ حسد جاڳي ٿو جيڪو زال ۽ مڙس جي رشتن کي پڪو ڪري پيار جاڳائي ٿو. مٽا جي عمل تي جيڪي شخص عمل پيرا آهن، انهن ۾ هزارين ڊاڪٽر، انجنيئر، آفيسر ۽ تمام گهڻا لکيل پڙهيل ماڻهو شامل آهن.(13)
ارتقائي طور انسان اڃا صاف (Purify) نه ٿيو آهي، ان ۾ حيواني خصلتون موجود آهن. جانور وٽ غيرت جو فقدان هوندو آهي. خاص ڪري سوئر وٽ ته غيرت هوندي ئي نه آهي. پکين ۽ جانورن وٽ رشتن جي سڃاڻ نه آهي. ماڻهوءَ ۾ انسان ٿيندي ٿيندي اهي خصلتون رهجي ويون آهن. سڀ انسان هڪجهڙا نه آهن. اهڙا به آهن جو شڪ جي بنياد تي ڪارو ڪاري ڪري مارين ٿا. ڪو وقت هيو دنيا ۾ ڪارا انسان قربان ڪيا ويندا هيا ۽ هاڻي ڪارن ٻڪرن جي قربانيءَ تي زور آهي. هٿ سان ڪيل عملن کان وڌيڪ هٿ تي پاتل لڪيرن ۾ ايمان آهي. اسين ٻڪر ڪهين مطمئن ٿيون ٿا ته قرباني اسان کي آفتن کان آجو ڪندي. اهڙي عمل سان خاميون دور ڪرڻ بجاءِ انهن جو ازالو توهم سان ڪيون ٿا ۽ اهڙو عمل اسان کي اندروني تسڪين ۽ اطمئنان ڏئي ٿو ته جيڪو ڪيون ٿا ان مان چڱائي ٿيندي. اهو پليسيبو آهي.
دل چوي ٿي توهان کي هڪ ملڪ ۽ ان جي جهازن جي ڳالهه ٻڌايان، هڪ ملڪ هيو جنهن جا جهاز هر چوٿين ڏينهن جبلن ۾ ڪري تباهه ٿيندا هيا. ڪيترا مسافر موت جي ور چڙهي ويا. ڊائريڪٽرن هر دفعي گڏجاڻي ڪئي ۽ اهو فيصلو ڪيو ته جهاز بلڪل ٺيڪ آهن. دراصل جهازن کي نظر لڳي آهي جنهن ڪري اهي تباهه ٿين ٿا. طريقو اهو تجويز ڪيو ويو ته ڪارن ٻڪرن جو صدقو ڪيو وڃي جيئن جهاز حادثن کان بچي سگهن.
جام ڪارا ٻڪرا ڪٺا ويا پر حالت ساڳي رهي جتي چوٿين ڏينهن جهاز تباهه ٿيندو هيو اتي هڪ ڏينهن ڇڏي ٻي ڏينهن جهاز تباهه ٿيڻ لڳو. نيٺ وقت آيو جو جهاز هلڻ کان معزوري واري ويٺا ۽ ائرپورٽ تي بيهجي ويا. هڪ غير ملڪي ماهر کين پيغام موڪيلو ته “ڇو خانو خراب ٿيو اٿوَ، حياتين جي ڪڍ پيا آهيو. ڪارا ٻڪر ڇا ڪندا جهازن کي! ڪو مستري ڏسو ۽ انهن جي مرمت ڪرايو.”
نيٺ فيصلو ٿيو ته ڪارن ٻڪرن جي قربانيءَ تي جيڪو خرچ ٿئي ٿو ان خرچ کي ڪنهن مستريءَ مٿان قربان ڪيو ويندو. آخر رني پني هڪ اهڙو مستري هٿ ڪيائون جيڪو تمام قابل ۽ نالي وارو هيو. مستري آيو ۽ ان بيٺل جهازن جو جائزو ورتو. پوءِ ٿيلهي مان هٿوڙو ڪڍي جهازن کي هڪ هڪ هٿوڙو هنيو. اهي ائين هلڻ لڳا ڄڻ نوان هجن. سڀ ڊائريڪٽر حيران ٿي ويا ته هٿوڙي جي هڪ ڌڪ سان جهاز هلڻ شروع ڪيو! سوچيائون ته مستري ته محنت ڪئي ڪونه آهي، پڪ سان پئسا گهٽ وٺندو، پڇيائونس “تنهنجي محنت جا گهڻا پئسا ٿيا”
مستريءَ چيو “ڏهه لک”
اهو ٻڌي سڀني جون وايون بتال ٿي ويون. عرض ڪيائونس ته “هنيو ته هڪ هڪ هٿوڙو ٿي، ايڏا پئسا ڇو؟”
مستريءَ مٿو کنهيندي چيو “برابر هڪ هڪ هٿوڙو هنيو اٿم، هٿوڙي هڻڻ جا صرف پنج سئو روپيا ۽ هٿوڙو ڪٿي هڻجي باقي پئسا ان جا.”
سو اهميت هٿوڙي کي نه آهي، هٿوڙي جي استعمال کي آهي.


References:

1. Vyse , stuart A ( 2000 ).
“Believing in magic . The psychology of superstitions”.
Oxford , English , oxford university press . p. 19 – 22.
2. “ Superstition ”.
Retrieved 2015.
3. “ Orig , a standing still over or by a thing , hence , amazing , wonder , dread esp. of devine or supernatural ”
Chartton T , Lewis , Charles short , A Latin dictionary.
4. “Oxford Latin dictionary”.
Oxford England : Oxford university press – 1982.
5. Paul veyne
“ comment on history of the superstitions ”.
Paris : Le seuil 1970.
6. Arthur M. Wilson .
“Diderot : The testing years 1713 – 1759”.
New York oxford university press – 1957 , p.14.
7. Skinner B,F ( 1948 ) .
“ Superstitions in the pigeon ”.
Journal of experimental psychology – 38 ( 2 ) : 168 – 172.
8. Staddon , J.E and simmelhag V.L ( 1971 )
“ The superstitions experiment : A re – examination of its implications for the principle of adaptive behaviour ”.
Psychological Review 78 (1):3- 43.
9. Risen , Jane L .
“ Believing what we do not believe : Acquiescience to superstitions beliefs and other powerful intuitions”.
Psychological review 123 (2) : 182 -207.
10. Hamerman , Eric J ; Morwedge carry K (2015)
“ Reliance on luck identifying which achievement goals elicit superstitious behavior ”
psychology Bulletin . 41 ( 3 ) : 323 – 335.
11. Wilson , Helen , Judy et al.
“Encylopedia of the enlightment”.
New York . Facts on file-p.577.
12. Matt Ffytche
“ The foundation of the unconscious : schelling , Freud and the birth of modern psyche ”. Cambridge university press , 2011.
13. Bergstrand , Curtis R , Sinski , Jennifer Blevins ( 2010 ) .
“Swinging in America : . Love , Sex and marriage in the 21st century”.
Santa Barbara calf : Praeger / ABC – CLIO.