تاريخ، فلسفو ۽ سياست

پليسبو [سائنسي فلسفو]

ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار رسول ميمڻ پاران سائنسي فلسفي تي لکيل ھڪ بھترين ڪتاب آھي. رسول ميمڻ لکي ٿو:
”ڪائنات پليسيبو جي ٿنڀن تي بيٺل اهڙو ٿيٽر آهي جنهن ۾ ڪردار عيوض ۾ ملندڙ داد جا منتظر آهن. آسرو زندگيءَ جي بقا جو سڀ کان وڏو سهارو آهي. دل مطمئن آهي ته ڪيل گناهه معاف آهن. ثوابن ۽ گناهن ۾ سمجهه جو فرق آهي.
عقيدو، عبادت، دعا، تعويذ، قرباني، توبهه، جادو، ٽوڻو، خيرات، زڪوات، ڦوڪ ۽ شوڪارو اهي سڀ پليسيبو آهن. پليسيبو حوصلو، همت ۽ سهارو آهي. “
  • 4.5/5.0
  • 61
  • 39
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رسول ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book پليسبو [سائنسي فلسفو]

آبحيات ۽ پليسيبو

آبحيات ۽ پليسيبو

(Elixir and placebo)


آبحيات الاڪيسر لفظ مان نڪتل آهي. يونان ۾ جيڪا دوا شفا ڏيندي هئي ان کي الاڪيسر (Elixir) چوندا هيا.(1)
ارسطوءَ روحاني هاضمي جو فلسفو پيش ڪيو، جنهن کي اَکائڻ (Concoction) چيو وڃي ٿو. ان فلسفي موجب جيئن ساڳي ڪنيءَ ۾ مختلف شيون باهه تي بچي راس ٿين ٿيون. ائين جسم اندر موجود مختلف مواد جسم جي گرميءَ تي پڄي راس ٿين ٿا. جسم جي گرمي اندر کي دوام ڏئي ٿي. جيڪڏهن جسم گرم رکجي ته اندر ڪڏهن فنا نه ٿو ٿئي.(2) اهڙو عمل چکائڻ (Decoction) جي ابتڙ آهي. جنهن ۾ مادي کي گرم ڪري ان مان عرق يا سَت (Extract) ڪڍيو وڃي ٿو. اهو ست مادي جو روح آهي. چکائڻ جي عمل ۾ جڙي ٻوٽيون گرم ڪري اڀرندڙ ٻاڦ کي ٿڌو ڪري ست حاصل ڪيو ويندو آهي.
ارسطوءَ جي فلسفي اکائڻ ۾ ست (Extract) اندر رهي ٿو ۽ جسم جي گرمائش سان ٻاهر نه ٿو نڪري، جسم مادو ۽ روح ست آهي. جسم گرم رهي روح کي ست جيان پاڻ ۾ محفوظ رکي ٿو. اهو انساني دوام جو پهريون نظريو هيو.(3)
چين ۾ ڪن شي هيانگ (Qin shi Huang) بادشاهه (220 BC) ڪيميا جي ماهر زوفوءَ (Xu Fu) کي آبحيات جي ڳولها لاءِ موڪليو هيو. زوفو دائو (Taoist) عقيدي جو قائل هيو. دائو عقيدو هڪجهڙائيءَ جو پيغام ڏئي ٿو. بادشاهه کيس پنج سوَ نوجوان ڇوڪرن ۽ پنج سوَ نوجوان ڇوڪرين جو وفد ڏنو ته اهي اوڀر وارن ملڪن ۽ سمنڊ جي ڪنارن تي وڃي آبحيات ڳولهي اچن. زوفو اهو وفد ساڻ ڪري ويو ته ڪڏهن نه موٽيو. اها ڳالهه مشهور آهي ته زوفوءَ چين جي اوڀر ۾ آبحيات ڳولهيندي جيان ڳولهي لڌو ۽ اتي ئي ترسي پيو.(4)
آڳاٽي چين ۾ اهڙو عقيدو هيو ته جيڪڏهن پائيدار ۽ مهانگا ڌاتو کاڌا وڃن ته اهي ڊگهي حياتي ڏين ٿا. سبب اهو هيو ته اهي ڌاتو جسم ۾ وڃي ڳرن نه ٿا، يا هضم نه ٿا ٿين، جنهن ڪري اهي جسم اندر رهي پنهنجي اثر سان حياتيءَ کي دوام بخشين ٿا. اهڙن مادن ۾ يشب (Jade) جيڪو سائي رنگ جو پٿر آهي. سنبار (Sinnabar) جيڪو پاري جو اهڙو قسم آهي، جنهن ۾ گندرف ملي کيس سِرَ رنگائون ڏيک ڏئي ٿو. ٽئين عيسوي صديءَ ۾ سون کي پاڻياٺ جو اهڙو روپ ڏنو ويو جو ان کي پي سگهبو هيو.(5) سنڌ ۾ هاڻي به ڪجهه حڪيم سون ۽ چانديءَ جا ڪک (Pills) ٺاهيندا آهن. سچا موتي پيسي انهن جو معجون ٺاهيو ويندو آهي.
چين ۾ حڪمت تي باقاعدي لکيل ڪتاب حڪيم سن سمائو (Sun Simiao) (682-581ع) جو ملي ٿو. جنهن ڪتاب جو نالو “ڊائجنگ يائوجو” آهي. ان حڪيم کي تنهن وقت حڪمت جو بادشاهه سڏيو ويندو هيو. سندس حڪمت جي ڪتاب ۾ آبحيات ٺاهڻ جو فارمولا ڏنل آهي. ان جي ٺاهڻ لاءِ جيڪي دوائون استعمال ٿين ٿيون تن ۾، پارو، گندرف ۽ سنکيو شامل آهن. حقيقت ۾ جيڪي سڀ زهر آهن.(6) جيا جنگ (Jia Jing) بادشاهه (1567-1507ع) آبحيات جي حسرت ۾ پارو کائي مئو هيو. برطانوي تاريخدان جوزف ندام تحقيق کانپوءِ هڪ لسٽ تيار ڪئي آهي، جنهن ۾ چين جي انهن بادشاهن جا نالا آهن جيڪي زهر کي آبحيات سمجهي مئا.(7)
هندستان ۾ آبحيات کي امرت سڏيو وڃي ٿو. ان جو ذڪر ويڄن (Vedas) ۾ آهي. آبحيات بابت اهڙو ذڪر چين جي نظر کان مختلف نه آهي.(8) سنسڪرت ۾ لکيل ڪتاب ارٿشاستر (Arthashastra) جيڪو عيسا کان چار سوَ سال اڳ لکيو ويو، ان ۾ حڪمت، معاشيات ۽ عسڪري موضوعن تي بحث ٿيل آهي. ڪوٽليا جنهن کي وشگپتا پڻ چيو وڃي ٿو. اهو ان ڪتاب جي لکندڙن مان هڪ آهي. ڪوٽليا، چندرگپت موريا جو استاد هيو.(9) هندستان ۾ سون ٺاهڻ جي مقابلي ۾ آبحيات ٺاهڻ تي گهڻو زور هيو، پوءِ اهو دوائن جي صورت ۾ ظاهر ٿيو جيڪي مريض کي وقتي فائدو پهچائينديون هيون.(10)
يورپ ۾ آبحيات جو موجد سينٽ جرمين کي چيو وڃي ٿو. ان متعلق اهو خيال هوندو هيو ته سندس عمر سوين سال آهي. هو ٿيوسافسٽ هيو. سندس متعلق گهڻيون ڳالهيون مشهور آهن. ٿيوسافسٽن جي عقيدي موجب مرڻ کانپوءِ سينٽ جرمين جيئرو هيو. هو انهن ماڻهن ۾ شامل هيو جيڪي کيس دفنائي رهيا هيا، ڇو جو سرِ فرانسس بيڪن، سينٽ جرمين جي روپ ۾ آبحيات پي جيئرو رهيو. سينٽ جرمين روپ بدلائي سرفرانسس بيڪن ٿي رهيو. ٿيوسوفيڪل خيالن موجب انسان جوڻ بدلائي دنيا ۾ موٽي ٿو. “هولي برادر” جو لفظ سينٽ جرمين پويان استعمال ٿئي ٿو.(11)
يورپ ۾ رواج هيو ته پيئڻ جون شيون گهڙيال ۾ اندر رکي ڇڏيندا هيا، سندن خيال هيو ته وقت انهن ۾ جذب ٿي عمر پيدا ڪري ٿو.
نوڪولس فليمل (1418-1330ع) کي پڻ آبحيات جي تصور جي تخليقڪارن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. هو فرانس ۾ ڄايو ۽ مرڻ کانپوءِ آبحيات جي باري ۾ مشهور ٿيو.(12)
آبحيات ۽ نان زندگي (Bread of life) جي جدوجهد ڄڻ پاڻ بچائڻ جي ڊوڙ آهي. نان زندگيءَ جو تصور پڻ رهيو آهي. اهڙو رزق جيڪو کائي انسان امر ٿئي ٿو. جيڪڏهن نانِ زندگي ملي، جنهن کي کائي مٿان آبحيات پئجي ته ان کان وڌيڪ ڪهڙي عياشي؟ ماضي ۾ فلسفي ۽ مذهب جو مفهوم انساني عذابن کي گهٽائڻ، سندن وهمن کي مها وهمن سان قيد ڪرڻ، مها وهم جيڪو سچ جو روپ ڌاري سڀني وهمن کي پاڻ ۾ سمائي سگهي. انسان موت کي ڪهڙو منهن ڏئي سگهي ٿو ڇو جو موت کي منهن آهي ئي ڪونه! وجود انسان کي آهي. موت وجود نه ٿو رکي. انسان حقيقت ۽ موت احساس آهي. ماڻهو مري ٿو، مرڻ واري کي موت جي ڪهڙي خبر؟ موت جيئرن لاءِ آهي جن ماڻهوءَ کي مرندي ڏٺو. موت ۽ ننڊ کي خواب الڳ ڪن ٿا. موت خوابن بنا ننڊ ۽ ننڊ ۾ خواب زندگي آهن. خواب زندگيءَ جي حقيقت ۽ موت ڪجهه نه آهي. موت جو احساس ائين آهي جيئن ڄمڻ کان اڳ جو تصور. جيئرو سوچي ٿو، ڄمڻ کان اڳ مان ڪٿي هيس؟ هڪ اهڙو تصور جيڪو مرڻ کانپوءِ جي تصور کي جنم ڏئي ٿو.
جيترو علم ويڙهيل آهي، حقيقت اوتري کليل آهي. اسين علم وسيلي پاڻ کي سهارو ڏيون ٿا. حقيقت کي سهاري جي ضرورت نه آهي. انڪري جو حقيقت کليل ۽ عيان آهي. ان جو اهڙو روپ نه وڻندڙ ۽ قبول ڪرڻ لائق نه آهي، ڇو جو من کي آٿت ڏيڻ لاءِ لفظن جي ضرورت پوي ٿي. مئل کان جيئري کي پليسيبو جي ضرورت پوي ٿي. بادشاهه، وزير، عالم، امڙ، ابو، ٻار ٻچو مري ويو، بس ڳالهه ختم! ڪيڏو نه ڏکوئيندڙ تصور آهي. پر جڏهن چون ته ڪو مري نه ٿو، اهو جيئرو آهي. اهو سوچي ڪيڏو آٿت ملي ٿو.
آبحيات ٺاهي موت کي مات ڏيڻ انسانن جي حسرت رهي آهي. ڪيترا بادشاهه زهر کي آبحيات سمجهي فنا ٿي ويا، پر آبحيات ٺاهڻ جي جستجو ڪڏهن ختم نه ٿي. ان کي ڇا چئجي؟ ڏاهپ جي چريائپ؟ موت جي حڪمت؟ اوندهه جو فلسفو؟ يا انڌي سائنس؟
مسڪين ماڻهو ڏند ڪٿائون ٻڌي دل خوش ڪندا هيا. آبحيات کي حاصل ڪرڻ جون ڏند ڪٿائون. جبل جهاڳي، ديون سان مقابلا، پهچ کان پري رکيل آبحيات جو ڪوزو. ترڪيب سان شهزادي جو حاصل ڪيل آبحيات جيڪو پوڙهي مرندڙ بادشاهه کي حياتي ڏئي ٿو.
“سبحان الله” سڀ مسڪين ٻڌي چوندا هيا، ماضيءَ جي اونڌائين راتين ۾ ٻرندڙ قصا، ڪهاڻيون، داستان گوئيءَ جو وڻندڙ انداز. بلند آواز ۽ آواز مان پرواز ڪندڙ لافاني ڪردار، حورون، جن، ڀوت، جادوگر، بادشاهه، راڻيون، شهزادا، انهن جا عشق ۽ حسن جي کليل پڌر ۾ لڳندڙ ٿڌي هوا جهڙي وصف. “فنا... فنا... فنا” وڻ تي ويٺل اوجاڳي جي ماريل پکيءَ جو آواز. آبحيات جا قصا ٻڌائيندڙ داستان گو مري ويا. ڏاڏا احمد زوار ٻيڙي ڇڪي ڳالهه ٻڌائيندو هيو. هر جملي کانپوءِ هوا ۾ ڇڏيل هن جي ٻاڦ جي دونهي ۾ شڪليون ٺهنديون هيون. ڪردارن جا عڪس. مان اڄ به انهن ٻيڙين جو دونهون محسوس ڪريان ٿو. جڏهن تصور ۾ اهو دونهون نڪ ۾ ويندو آهي ته ڪردار جيئرا ٿي پوندا آهن ۽ مان ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪندو آهيان.
امڙ ننڍي هوندي ڳالهه ٻڌائيندي هئي، سياري جو سوڙ پائي سڀ ان کي ٻڌندا هياسين، سکر جهڙي شهر ۾ تن ڏينهن بجلي نه هئي. ڪمري ۾ هڪ هٿ بتي ٻرندي هئي. جنهن جي هيڊي روشنيءَ ۾ اٿندي ويهندي ڀتين تي وڏا پاڇا ٺهندا هيا. امڙ ڳالهه ٻڌائيندي هئي. چوني لڳل ڀتين جا چاپڙ لٿل هوندا هيا. مان انهن لٿل چاپڙن ۾ عڪس ڏسندو هيس، جيڪي امڙ جي ٻڌايل ڳالهه جي ڪردارن جهڙا هوندا هيا.
ڀل سوَن جا ڳنڍا هجن پر هٿ خالي آهن. رستو ڪوڙ آهي. سچ رستو نه آهي، ڇو جو سچ هر رستي جي منزل آهي ۽ اسين ڪوڙ جي رستي تي هلي سچ ڳولهيون ٿا. سچ ته اهو آهي، سچ آهي ئي ڪونه، جيڪي آهي بس پليسيبو آهي.



References:

1. Roger D. Woodard ( 2008 ) .
“ Greek dialects ”
The ancient Languages of Europe . Cambridge university press . p.51.
2. Stephen Toulmin ; June Goodfield ( 1982 ).
“The architecture of matter”,
university of Chicago press , p.87.
3. Grassberger P.
“ On the critical behaviour of the general epidemic process and dynamic percolation ” Mathematical Biosciences.
4. Ren changhong et al .
“ Rise and fall of Qin dynasty”.
Asiapac Books PTE ltd. 2000.p.172-5.
5. Ong , siew chey. Marshall Cavendish ( 2006 ).
“China condensed 5000 years of history and culture”.
p.17.
6. Nathan sivin,
“Chinese alchemy”
Preliminary studies (Cambridge Harvard university press 1968).
7. The Cambridge history of china . vol . 7 :
“The Ming dynasty”
P.1368 – 1644 part I. “ The prince of Ning treason ”. by Frederick w. Mote and Denis twitchett.
8. Rathakrishanan and Moore ( 1957 ).
“ Vedas and upanisads ”
Sanskrit literature p.29-39.
9. Roger Boesche ( 2002 ).
“ The first great political realist : Kautilya and his Arthashastra ”.
Lexington books . p. 7.
10. Joseph Spengler ( 1971 ).
“Indian economic thought”.
Duke university press p. 72 – 73.
11. “ The count of ST , Germain ”.
Johan Franco , Musical quarterly ( 1950 ) XXXVI ( 4 ) : 540 – 550.
12. Dixon Laurinda ( 1994 ).
“Nicolas Flamel” .
His exposition of the Hieroglyphical Figures ( 1624 ). Garland Publishing.