شهادت جو فلسفو ۽ پليسيبو
(Martyrdam and Placebo)
انگريزي لفظ Martyrdam ۽ شهادت ۾ فرق آهي. شهادت منفرد آهي. ان جو فلسفو انفرادي ۽ مرتيي جي فلسفي کان الڳ آهي.(1)
Martyr يوناني ٻوليءَ جو لفظ آهي جنهن جي معنا صبر (Stem) آهي. اهو لفظ ان لاءِ مخصوص آهي ته جيڪو جهيلي (Persecute) ٿو ۽ کيس ان ڏوهه ۾ ماريو وڃي ٿو ته هن عقيدي جي وڪالت ڪئي، وڪالت کان روڪڻ باوجود نه مڙيو ۽ مروج قانون موجب جنهن جو هو مخالف هيو کيس موت جي سزا ڏني وئي. دنيا ۾ اهڙي سزا سڀ کان وڌيڪ مذهبن ۽ پوءِ سياست ۾ ڏني وئي آهي.
Martyr جي اصل معنا گواهه (Witness) آهي، جيڪا بائبل ۾ لکيل آهي. عيسائيت جي شروعاتي ڏينهن ۾ ڪيترن کي عقيدي جي گواهيءَ سبب جهيلڻو پيو. صبر ۽ پيڙا (Passion) کانپوءِ مصلوب ٿيڻو پيو.(2) عيسائي مذهب ۾ عيسيٰ پهريون شخص آهي جنهن کي سچ جي گواهيءَ سبب صليب تي چاڙهيو ويو.(3)
اسلام ۾ شهادت جو فلسفو شاهدي آهي، هڪ اهڙو شاهد جنهن حق ۽ انصاف جي شاهدي ڏني يا اهو جيڪو بي ڏوهي ماريو ويو. اهي جيئرا آهن ۽ مرڻ کانپوءِ به گواهه آهن، انهن ظلمن جا جيڪي ڌرتيءَ تي جاري آهن ڀل شهادت کانپوءِ اهي انهن خلاف عملي طور شريڪ ڇو نه هجن.(4) اسلامي فڪر ۾ مرد يا عورت جيڪو حق لاءِ وڙهندي ماريو ويو اهو شهيد آهي. جهاد ان کي چئبو آهي جيڪو جنگ جي ميدان يا ان کان ٻاهر حق ۽ سچ لاءِ وڙهيو وڃي. جنگ جي ميدان ۾ ڪيل جهاد عظيم آهي ۽ جنگ جي ميدان کان ٻاهر ڪثير.(5)
جهاد جدوجهد مان نڪتل آهي. اها جدوجهد جيڪا چڱائيءَ لاءِ ڪئي وڃي. اسلامي قانون موجب جهاد ويڙهه آهي جيڪا ڪفر خلاف ڪئي وڃي.(6) جڏهن ته اسلام جي اعتدال پسندن جو چوڻ آهي ته جهاد اهڙي ويڙهه آهي جيڪا پنهنجي بچاءَ ۾ ڪئي وڃي. صوفي خيال موجب جهاد پنهنجي نفس سان ويڙهه آهي.(7) قرآن ڪريم ۾ جهاد جو ذڪر هٿيارن يا هٿيارن کانسواءِ آهي.(8) چيو ويو آهي ته اهو خدا جي راهه ۾ هجڻ گهرجي. جهاد في سبيل الله، عالمن جهاد جي حدبندين بابت راءِ ڏني آهي ته ان متعلق ڪجهه قاعدا قانون هجڻ گهرجن.(9) انهن کي ڪو نقصان نه پهچايو وڃي جيڪي ويڙهه ۾ شريڪ نه آهن.(10) جديد دور ۾ جهاد پنهنجي معنا وڃائي ويٺو آهي ۽ سياسي راهه رويءَ تي هلي رهيو آهي. اڄڪلهه مسلمان، مسلمان سان وڙهي رهيو آهي ۽ جهاد ۾ حق ۽ سچ جي سڃاڻ نه رهي آهي.(11) جهاد متعلق ائين به چيو ويو آهي ته پنهنجن اعمالن سان جهاد، عظيم جهاد آهي جڏهن ته هٿيارن سان ڪثير جهاد آهي. ٻيا جهاد پڻ شامل آهن. جيئن قلم سان جهاد ۽ زبان سان جهاد.(12) هڪ تجزيي موجب دنيا جي مسلمان ۾ جهاد متعلق الڳ رايا آهن. اهي رايا هڪ ٻئي کان مختلف آهن. هرڪو ان جو مفهوم پنهنجي سوچ مطابق ڪڍي ٿو. جهاد ۽ جهاد وچ ۾ تصادم آهي. ماريندڙ به “الله اڪبر” جو نعرو هڻي ٿو. مرندڙ به“الله اڪبر” چوي ٿو. هڪ ٻئي کي ڪافر قرار ڏنو وڃي ٿو.(13)
جيڪو شخص جهاد ڪري ٿو ان کي مجاهد چيو وڃي ٿو. انگريزي ٻولي ۾ جهاد کي مقدس جنگ (Holywar) چيو وڃي ٿو. ٿي سگهي ٿو ان لفظ جو ترجمو غلط آهي.(14)
آخر قرآن ڪريم جي موجودگيءَ ۾ اهڙا تضاد ڇو آهن. قرآن پنهنجي اصلي صورت ۾ موجود آهن. ان ۾ بائيبل يا توريت جيئن وقت جي تقاضائن کي ڏسي ڪي ترميمون نه ڪيون ويون آهن. قرآن ڪريم جي سلامتيءَ جو ذمو خود خدا کنيو آهي. دراصل اسين خدا کان وڌيڪ پاڻ کي مڃيون ٿا. عقيدو پٿر تي ليڪ کان وڌيڪ اڻمٽ هوندو آهي. اسان جو عقيدو سمنڊ جي واريءَ تي ليڪ آهي. جيڪا هر لهر سان مٽجي وڃي ٿي ۽ اسين نئين لڪير پايون ٿا. جڏهن خدا موجود آهي ۽ اسين ڄاڻون ٿا ته فيصلي جي قوت ان وٽ آهي، ڇو جو قيامت ڏينهن اهو انصاف ڪندو، ڏوهيءَ کي سزا ڏيندو ۽ نيڪ کي جزا، خدا جي اهڙي فيصلي کي اسان پنهنجن هٿن ۾ کنيو آهي. جڏهن ڪو جهاد جي نالي ۾ پنهنجي ئي ڪنهن ڀاءُ کي ماري ٿو ته يقين ڪيو ته ان جو خدا ۾ ايمان نه آهي. اهو پاڻ خدائيءَ جو دعويدار آهي ۽ ان جو خيال آهي ته کيس فيصلي جي قوت آهي ۽ ڪنهن کي جهنم رسيد ڪري سگهي ٿو.
دنيا ڪڏهن به جنگ کان پاڪ نه رهي آهي. جڏهن هابيل ۽ قابيل جي ويڙهه ٿي ته ڌرتيءَ تي لهندي شرط آدم جي اولاد پنهنجا فيصلا پاڻ ڪرڻ شروع ڪيا. ويڙهه جي انتها ڪٿي نه آهي. ڏٺو وڃي ته، نه ڪو ڪفر جي وصف تي متفق آهي ۽ نه ڪو حق کي سڃاڻي ٿو. عقل جي هٿ ۾ بندوق آهي ۽ عقل انڌو آهي. اهو کٻي اک بند ڪري نشانو هڻي يا سڄي اک بند ڪري، ان سان ڪو فرق نه ٿو پوي.
هڪ مزاحيا خاڪو ٻڌائيندو هلان ته ڪنهن وقت ڳوٺ وڃڻ ٿيندو هيو، اتي هزاريءَ نالي هڪ بزرگ دلچسپ قصا ٻڌائيندو هيو، ان هڪ قصو ٻڌايو “نورالدين ۽ شمس الدين جي ڀت تي ويڙهه” ڪنهن ٻڌايو ته ڀت جي ديڳ ٿي پچي. جيڪا نوران ٿي پچائي. ڀت پچندو ته نوران هٿن سان کارائيندي. نوران جا نقش ڪنهن حور کان گهٽ نه هيا. هر ڪنهن کي حسرت جاڳي ته ڇو نه مٺو ڀت نوران جي هٿن سان کائجي. بقول هزاريءَ جي ته مسجد جي ملان چيو ته نوران جو ڀت اهو کائيندو جيڪو اوڻٽيهه جي اونداهه ۾ ان کي ڳولهي لهندو. سو شمس الدين ڪجهه ماڻهو ساڻ ڪري اوڻٽيهه جي اونداهه ۾ ديڳ کي ويجهو ٿيڻ لاءِ گهر کان نڪتو. رستي ۾ ڪجهه ماڻهن ان کي روڪيو. اوندهه يا جهالت ايڏي هئي جو ماڻهن کي هڪ ٻئي جا منهن نظر نه پئي آيا. مزاڪرو ٿيو ته “نوران جو ڀت اهو کائيندو جنهن کي وات هوندو.” ٻئي چيو ته “نه اهو کائيندو جنهن کي اکيون هونديون.”
پهرين چيو ته “جيڪڏهن وات نه هوندو ته ڪيئن کائيندو؟”
ٻئي چيو “اکيون نه هونديون ته نوران کي ڪيئن ڏسندو؟”
اچي ويڙهه لڳي، اوندهه ۾ ڪا خبر نه ٿي پئي ته ڪير مئو؟ ڪير بچيو؟ نيٺ اسر ٿيو، سج اڀريو ته ڏٺائون اهي پاڻ ۾ ڀائر هيا، شمس الدين ڏٺو ته سندس سامهون نورالدين هيو ۽ نورالدين ڏٺو ته سندس سامهون شمس الدين هيو.
لک شابس سج کي جيڪو اڀريو ۽ ڀائرن کي سڃاڻپ ڏنائين.
هڪ اهڙي ئي سج جو انتظار آهي، ڇو جو اوندهه ۾ ويڙهه جاري آهي ۽ ڀاءُ ڀاءُ سان وڙهي رهيو آهي.
بيشڪ سچا شهيد اهي آهن جن حق کي سڃاتو ۽ ناحق ماريا ويا. هلندڙ ويڙهه نورالدين ۽ شمس الدين جي ويڙهه آهي. جيڪا مزاح نه الميو آهي. اڳي هرڪو ڏيڍ سِرَ جي مسجد ٺاهيندو هيو. هاڻي اڌ سر جي مسجد اڏجي ٿي. شهادت ۽ جهاد جا مقصد ساڳيا نه رهيا آهن. اسان جو خدا ۾ ايمان نه رهيو آهي. ڇو جو خدا جا فيصلا اسين پاڻ ڪري رهيا آهيون. سڀ خدا جي ذات تي ڇڏڻ گهرجي. ان جي نالي ۾ بي قصور انسانن جو خون وهائڻ ڪٿان جو انصاف آهي؟ پليسيبو ڪڏهن اهڙو هٿيار ٿي پوي ٿو جيڪو تلوار، توپ يا بندوق جو روپ ڌاري ٿو ۽ ڪڏهن اهو گناهگار جي هٿ ۾ جهليل تسبيح ۾ تبديل ٿي پوي ٿو.
هڪ ملان نوجوان کي جنت جو نقشو ڏيکاري مائل ڪري ٿو ته هو جيڪو ڪم ڪري رهيو آهي اهو حق، سچ ۽ خدا جي راهه ۾ آهي. هو شهيد ٿي جنت ۾ ويندو، جتي حورون، باغات ۽ ماکيءَ جون نديون هونديون. اهو سڀ پليسيبو آهي. جيڪو ڪڏهن خوفناڪ روپ اختيار ڪري ٿو.
گذريل پنجاهه سالن ۾ مسلمانن هٿان جيترا مسلمان شهيد ٿيا آهن ايترا تاريخ ۾ ڪنهن ٻئي مذهب هٿان شهيد نه ٿيا آهن. ڇا شهيد ڪندڙ ۽ شهيد ٿيندڙ ٻئي جنت ۾ ويندا؟ خدا ۾ ڪير يقين نه ٿو ڪري؟ ڪهڙو مذهب آهي جنهن جو بنياد خدا نه آهي؟ خود دهريو لاشعوري طور خدا کان ڊنل هوندو آهي. خدا انسانن جو مرڪز آهي. واحد ملان آهي جيڪو خدا جو دشمن آهي. ان خدا جو تصور بگاڙي ڇڏيو آهي. هو پاڻ کي خدا جو وارث ٿو سڏائي. خدا کي پنهنجي بگڙيل عقيدي سان انسانن تي نافذ ٿو ڪرڻ چاهي. جڏهن ته خدا ۽ انسان جي وچ ۾ تعلق ذاتي آهي. اهو اجتماعي نه آهي.
پليسيبو منتر آهي، جيڪڏهن توهان وٽ لفظن جا ذخيرا ۽ لفظن جي استعمال جو ڏانءُ آهي ته ڪنهن مٿان هٿ ڦيري شوڪاريو ۽ آڱر جو اشارو ڏئي راهه رسايو. اهو ان راهه تي سڌو ويندو ڀل سندس رستي ۾ کوهه ئي کوٽيل ڇو نه هجي.
References:
1. A . Ezzati ( 1986 ).
“ The concept of Martyrdom in Islam ”.
Tehran university.
2. Alison A , Trites ,
“The new testament Concept of witness”
ISBN . O – 521 – 609384 – 8.
3. Eusebios.
“Early Christians”
church history . 5 , p. 1-2.
4. Mohammad Saeed . Abdul Rehman ,
“Islam : Questions and answers. Jurisprudence and Islamic rulings. General and transactions – Teil” ,
MSA publication limited 2004 , p. 18.
5. John L . Esposite . ( 2014 ) .
“Jihad”
The oxford dictionary of Islam . Oxford university press.
6. “What is Islamic philosophy”?
Roy Jackson , page 173.
7. Wael B . Hallaq ( 2009 ).
“Sharia : Theory , practice , transformation”
Cambridge university press . p. 334 – 338.
8. Peter , Rudolph ( 2015 ) .
“Islam and colonialism : The doctrine of Jihad in modern history”.
De Gruyter Mouton – p.124.
9. Al. Dawoody Ahmed ( 2011 )
“The Islamic Law of war : Justifications and regulations”.
Palgrave Macmillan . p – 56.
10. William , M . watt ,
“Islamic concept of the holy war , in : Thomas P . Murphy The holy war”
( Ohio state university press 1974 ) p. 143.
11. Gerhard Bowering . Patricia crone . ( 2013 )
“ Jihad ”
The Princeton encyclopedia of Islamic political thought. Princeton university press.
12. Bernard Lewis ( 2001 ).
“ Jihad VS Crusade ”
opinion journal . com. Retrieved 2016.
13. Blankinship , Khalid yaha ( 2011 ).
“ Parity of muslim and western concept of Just war ”.
The muslim world. 101 (3) : 416.
14. Rudolph Peters .
“Jihad in medieval and modern Islam”
( Brill , 1977 ) . p – 3.