فلسفو ۽ پليسيبو
(Philosophy and Placebo)
فلسفو يوناني لفظ آهي جنهن جي معنا آهي “ڏاهپ سان چاهه”(1) اهو وجود، ڄاڻ، سوچ ۽ سبب جو مطالعو آهي.(2)
اهو لفظ سڀ کان پهريون فيساغورث (570-495 BC) استعمال ڪيو آهي. سندس چوڻ آهي ته فلسفو بحثن، سوالن جوابن عقلي دليلن ۽ تنقيدي جائزن تي مشتمل آهي.(3) فلسفي ۾ هڙ حاصل ٿيندڙ بحثن جا بنيادي سوال اهي آهن ته ڇا اهو ممڪن آهي ته هر شيءِ متعلق ڄاڻ حاصل ڪري سگهجي ٿي ته اها ڪهڙي سبب ڪري آهي؟(4) حقيقت ڇا آهي؟ ڇا سٺي زندگي گذاري سگهجي ٿي؟ ڇا انسان کي ارادي جي آزادي آهي؟ حق ۽ ناحق ۾ فرق ڪيئن ڪجي؟(5) ارسطوءَ کان اڻويهين صديءَ تائين علم النجوم، مرض ۽ طبعات فلسفي جو حصو رهيون آهن.(6) سترهين صديءَ ۾ نيوٽن طبعات کي پڻ فلسفي ڪوٺيو آهي.(7-8) نفسيات، معاشيات، سياست ۽ سائنس پڻ فلسفي جي اثر هيٺ رهيا آهن. جيئن سوال آهي ته ڇا سونهن (Aesthetic) موضوعي (Subjective) آهي يا معروضي (Objective)؟
اولهه جو فلسفو سقراط کان به اڳ جو آهي. اهو موضوع ٿاليس (624-546ع) ۽ فيسا غورث وٽ نظر اچي ٿو.(9) سقراط اهڙي فلسفي جي زير اثر هيو. سقراط دعوا ڪري ٿو ته هن وٽ ڏاهپ نه آهي پر ڏاهپ جي جستجو آهي.(10) اولهه جو فلسفو ٽن عهدن جي لحاظ کان ٽن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو.
1. پراڻو يوناني ۽ رومن فلسفو
2. وچون عيسائي اثر وارو فلسفو
3. جديد فلسفو
1. پراڻو فلسفو: دنيا تي يوناني فلسفي جو راڄ رهيو آهي. ان فلسفي جو باني سقراط ۽ سندس شاگردن کي چيو وڃي ٿو. هن جي شاگرد افلاطون فلسفي جي تعليم لاءِ هڪ اڪيڊمي پڻ ٺاهي. يوناني فلسفي کي محفوظ ڪرڻ ۽ اڳتي وڌائڻ ۾ افلاطون جو وڏو هٿ آهي. ارسطو جيڪو هڪ ئي وقت سقراط ۽ افلاطون جو شاگرد هيو.(11) ان فلسفي تي گهرا اثر ڇڏيا. ارسطوءَ فلسفي جا اسڪول (Peripatetic School) کوليا. جن ۾ تياڳ (Cynicism) جنهن جو مقصد دنيا جي لذتن کي ٺڪرائي پاڻ کي فطرت سان جوڙڻ هيو. طريقت (Stoicism) جنهن جو مقصد دنيا ۾ ڪهڙي طريقي سٺي زندگي گذارجي. اهو يونان جي فلسفي زينو ٽي سو سال قبل مسيح پيش ڪيو آهي. اهو اخلاقيات جو فلسفو آهي جنهن موجب انسان ڪهڙي رستي تي هلي مستقل خوشي حاصل ڪري سگهي ٿو. اها خوشي اندر ۾ موجود آهي.(12) تشڪيڪ (Scepticism) شڪ جو فلسفو آهي. ان جو باني پرهو (Pyroho) (360-270 BC) آهي. شڪ جي فلسفي ۾ هيٺيون شڪون شامل آهن.
1. هر نظر ايندڙ شيءِ ۾ شڪ جي گنجائش پيدا ڪيو جيئن حقيقت جي ويجهو وڃي سگهو.
2. سچ ۽ علم جي ڪا پڪ نه آهي.
3. نامڪمل فيصلا ۽ ڇنڊ ڇاڻ، شڪ جي فلسفي جا بنيادي اصول آهن. شڪ جو فلسفو سوچن کي اڀاري ٿو. هر شيءِ ۾ راز سمايل آهي ۽ اهو راز، رازئي رهندو.
ارسطوءَ جي اسڪولن ۾ ايپيڪيورزم جي تعليم پڻ ڏني ويندي هئي. ايپيڪيورس يونان جو ماديت پرست فلسفي هيو جنهن 307 قبل مسيح ۾ مادي جو فلسفو بيان ڪيو. هو ديمقراطيس (460-370 BC) کان متاثر هيو. ديمقراطيس دنيا جو پهريون سائنسدان آهي جنهن ايٽمي نظريو پيش ڪيو.(13) ان جون ڪيتريون اڳڪٿيون پڻ مشهور آهن. ايپيڪيورس خوشيءَ جو فلسفو ڪائنات جي مطالعي مان ڳولهي ٿو. سندس چوڻ آهي ته دنيا جي ڄاڻ ۽ خواهش کي پورو ڪرڻ سان سرور (Ataraxia) ۽ خوف کان نجات ۽ سورن کان آزادي (Aponia) ملي ٿي.
اهڙن اسڪولن ۾ مابعد الطبعات جا نظريا سمجهايا ويندا هيا جن ۾ عنصرن جي ڄاڻ (Atomism) ۽ هيڪڙائي (Monoism) شامل هيا.
2. وچين دور جو فلسفو: اهو فلسفو پنجينءَ کان سورهين عيسوي صدي روم جي سلطنت جي زوال کانپوءِ شروع ٿئي ٿو. اهو وقت هيو جڏهن مسيحيت عروج طرف وڃي رهي هئي. مسيحيت يهوديت سان ملي يورپ ۾ مذهبن جي نئن خيالن کي جنم ڏنو. ساڳي وقت يوناني ۽ رومن فلسفي جا اثر پڻ برقرار رهيا. تنهن وقت ساڳيا سوال بحث هيٺ هوندا هيا ته خدا جو وجود ڇا آهي؟ عقيدي ۽ سبب جي حيثيت ڪهڙي آهي. مابعدالطبعات ۽ گناهن جي وصف؟ اهي سڀ اهڙا سوال هيا جيڪي ان وقت زير بحث رهيا. سينٽ آگسٽن، ٿامس ايڪيوناس ۽ راجر بيڪن ان دور جا فسلفي آهن جن پراڻي فلسفي کي عيسيائيت سان ملائي نئون روپ ڏنو. ان وقت عقيدي ۽ ايمان کي ترجيح ڏني وئي. ماڻهن جي عقيدي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اڪيڊميون (Scholastic) کوليون ويون. وچين دور ۾ اهي اڪيڊميون يورپ اندر يارهين عيسوي صديءَ کان سترهين عيسوي صديءَ تائين قائم رهيون.(14) پهريان ادارا جن کي يونيورسٽيءَ جو نالو ڏنو ويو اهي يارهين ۽ ٻارهين عيسوي صديءَ ۾ اٽلي، برطانيا، اسپين ۽ فرانس ۾ کوليان ويا. انهن ۾ آرٽ، قانون، طب ۽ مذهب جي تعليم ڏني ويندي هئي.(15) ان دور ۾ فلسفو ڄڻ عيسائيت جي تبليغ جو ذريعو بنجي پيو. ٿامس ايڪيوناس جو “سوماٿيولاجيڪا” اهڙي ئي قسم جو ڪتاب آهي، ٿامس ايڪيوناس جو “سوما” فلسفو يورپ ۽ دنيا ۾ وڏي حيثيت رکي ٿو.(16)
فسلفي جو ٽيون دور: (1650-1355ع) جنهن کي جاڳرتا (Renaissance) چيو وڃي ٿو. ان ۾ يونان ۽ روم جي فلسفي سان گڏ انسانيت (Humanism) تي گهڻو زور آهي. اهو فلسفو جديد دور جو آهي. جديد دور جي شروعاتي ڏينهن ۾ ٿامس هوبس ۽ ريني ڊيڪارٽ (1650-1596ع) جا نالا قابل ذڪر آهن. ريني ڊيڪارٽ جيڪو فرانس ۾ پيدا ٿيو ۽ زندگيءَ جا ويهه سال هالينڊ ۾ گذاريائين. ان پاڻ کان پوءِ ايندڙ فلسفين تي گهرا اثر ڇڏيا آهن.(17) هو پاڻ جن فلسفين کان متاثر ٿيو اهي ارسطو، افلاطون، ارشميدس، الغزالي، ابن سينا، اڪيوناس، اسٽوائڪ ۽ وائٽي هيا. هن جن فلسفين کي متاثر ڪيو انهن ۾ اسپنوزا، جان لاڪ، اسزاڪ نيوٽن، امانل ڪانٽ ۽ ايڊمنڊ هزل شامل آهن. هن تشڪيڪ (Skepticism) جي فلسفي کي بدلائي ڇڏيو. ائين چيو ته شڪ حقيقت تائين نه ٿو پهچي سگهي پر حقيقت شڪ جو بنياد بنجي ٿي. جيئن ڪو نقشي ٺاهيندڙ (Architect) ڪنهن جاءِ جو نقشو ٺاهي ٿو. ان ۾ زمين جنهن تي جاءِ ٺهندي اها شڪ جو بنياد آهي ۽ جاءِ جيڪا ٺهندي اها حقيقت آهي.(18)
جديد فلسفي جي وچين دور ۾ اسپنوزا، جان لاڪ، برڪلي، هيوم ۽ ڪانٽ شامل آهن. جيڪي مذهبي ڇڪتاڻ مان ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ڪندي نظر اچن ٿا. اوڻويهين صدي روشن خياليءَ (Enlightment) جي جدوجهد جي صدي آهي. انهن ۾ هيگل جنهن جرمنيءَ ۾ نئون فڪر ڏنو. ڪئرڪ گارڊ جنهن وجوديت جي فلسفي جو بنياد وڌو. نٽشي جنهن عيسائيت خلاف فلسفايانا مهم هلائي، ڪارل مارڪس جنهن ڪميونزم جو نظريو ڏنو، شامل آهن.
وچ اوڀر جي فلسفي ۾ مصر کي اهميت حاصل آهي. مصر مان مليل پراڻين لوحن ۾ جن تي اخلاقي فلسفو اڪريل آهي، انهن کي سباط (Sebayt) چيو وڃي ٿو. اهي فرعونن جي وقت جون آهن. سباط جو مطلب سکڻ يا علم پرائڻ آهي.(19)
بابل جي علم نجوم ڪائنات کي سمجهڻ ۾ مدد ڪئي ۽ ان يوناني فسلفي تي اثر ڇڏيا. اسلام کان اڳ ايران ۾ زرتشت، دوبدو (Dualism) جي فڪر تحت نيڪيءَ ۽ بديءَ جي مقابلي جو فلسفو ڏنو. اسلامي جي سونهري دور يورپ کي متاثر ڪيو آهي. “علم الڪلام” جيڪو اسلامي تقريري طريقيڪار جو فلسفو هيو. ان جي تخليقڪارن کي متڪلام چيو ويندو هيو. اهي فلسفي اسلام جو ٻين نظرين کان بچاءُ ڪندا هيا. جيئن لفظ گاڊ (God)، ڇا ان ۾ خدا جو تصور سمائجي سگهي ٿو؟(20)
“الفلسفي” اسلام ۾ علم جي الڳ شاخ هئي جنهن جي ڄاڻوءَ کي “الفلسفا” چوندا هيا. اهڙو فلسفو ارسطو ۽ افلاطون جي نظرين تي قائم ٿيل نئن خيالن (Neoplatonism) تي مشتمل هيو.(21)
اهڙن فلسفن ۾ يعقوب بن الاسحاق الصباح الڪندي (873-801ع) ابن سينا (1037-980)، ابن رشد (1198-1126ع) شامل هيا ۽ ٻيا جن ۾ الغزالي (1111-1058ع) پڻ شامل هيو. مسلم فڪر ۾ اهڙن نظرين جا مخالف هيا.(22) ابن خلدون (1406-1332ع) جنهن کي سوشيالاجيءَ جي جديد خيالن جو باني تصور ڪيو وڃي ٿو، کيس فلسفي ۾ به اهميت حاصل آهي.(23)
ايران ۾ نورُ (Illumination) جو فلسفو جيڪو شهاب الدين سهروردي يارهين عيسوي صدي ۾ ڏنو. جنهن کي حڪمت الاشراق چيو وڃي ٿو. ان فلسفي ۾ نور، ڪائنات جي هر حصي ۾ لقاءَ رونما ڪري ٿو. هر شيءِ ۾ نور واضح ڪري ٿو. ان جو اثر غيب ۽ عيب ٻنهي تي آهي. غيب جيڪو نظر نه اچي ٿو. عيب جيڪو نظر اچي ٿو.(24) ايران ۾ اڀرندڙ فلسفي جي ٻين خيالن ۾ صوفيزم ۽ حڪمت المتعالي (Transcedent) جنهن فلسفي جو باني “ملان صدرا” آهي. سندس اهڙو فلسفو اڄ به گهڻن نظرين جو بنياد آهي.(25)
حڪمت المتعالي فلسفي جا ٻه نقطا آهن. حڪمت ۽ مطالعو. حڪمت ڏاهپ کي ظاهر ڪري ٿي جڏهن ته مطالعو مشاهدو آهي ته ڪائنات ڪيئن وجود رکي ٿي. اهو وجود، وجوديت (Existentalism) جو بنيادي فلسفو آهي. جنهن يورپ ۾ وجودي فلاسافرن تي اثر ڇڏيا.(26)
چين ۾ فلسفي جو بنياد ٽن بنيادي نظرين تي آهي.
1. ڪنفيوشس (551-479 BC) جو فلسفو: اهو زائو مملڪت جي سونهري دور ۾ هيو. ان فلسفي جو بنياد مذهب، انسانيت، زندگي گذارڻ جا طريقا ۽ حڪومت ڪرڻ جا گر آهن. ڪنفيوشس جي فلسفي ۾ روحاني خيال گهٽ ملن ٿا.(27)
2. قانوني قاعدو (Legalism) وارنگ (500 BC) جي عهد ۾ اهڙا قاعدا ۽ قانون ٺاهيا ويا جيڪي ڪامورا شاهيءَ جي حق ۾ هيا. انهن جو بنياد فلسفي تي رکيو ويو. ان نظريي کي “Fa-Ja” پڻ چيو وڃي ٿو. فا (Fa) معنا طريقو. جيا معنا ڏاهپ(28)
3. ڊائوزم (Daoism): جنهن کي ٽائوزم پن چيو وڃي ٿو. ڊائو چيني ٻوليءَ ۾ رستي يا راهه کي چئبو آهي. ڊائوزم زندگيءَ جي الهامي ڄاڻ آهي. ڊائو ڪنهن نظر ايندڙ شيءِ جو نالو نه آهي پر ان کي محسوس ڪري سگهجي ٿو. “لائوزي” جنهن کي ان جو مبلغ سمجهيو وڃي ٿو. ان موجب ڊائو “انام لافاني” آهي. ڊائوزم وجود کي محسوس ڪرڻ جو فلسفو آهي.(29) ڊائوزم جا ٽي نقطا آهن. ڪفايت پسندي (Frugality) همدردي (Compassion) ۽ عاجزي (Humility).(30)
دنيا فلسفي جي ارتقائي مشاهدي تي مدار رکي ٿي. مشاهدو لقائن کي ظاهر ڪري ٿو. مشاهدي جي وسعت وقت سان وسيع ٿي آهي. ان وسعت ۾ سائنس ۽ تجربي جو هٿ آهي. انسان جي حواسن جي حد پنهنجي دائري ۾ ڪم ڪري ٿي. حواسن کي وڌائڻ لاءِ اوزارن جي ضرورت پوي ٿي. انسان اهڙي خواهش ۾ ننڍا اوزار ٺاهيا جيڪي روز مرهه ۾ مددگار ٿيا. ڪائنات رازدار ۽ پراسرار رهي آهي. پراسراريت، تجسس ۽ مونجهاري جو سبب بنجي ٿي. راز کي کولڻ لاءِ ماڻهن وس ڪيا آهن. ڏاڍي ڏکي پيرولي آهي. هرڪو پنهنجي حساب سان پيرولي ڀڃڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پر ڪنهن ڀڳي نه آهي.
مون کي جيڪب آباد واري جيڪب جي گهڙي ياد اچي ٿي جنهن جو ڪانٽو ڪڏهن نه چريو. چنڊ جو اثر نه آهي يا جيڪب آباد جو زير زمين پاڻي سڪي ويو آهي؟ انسان عقل استعمال ڪري اوزار ٺاهي فطرت جي ويجهو وڃڻ چاهي ٿو. ان جي لقائن کي مفروضي سائنس سان جوڙي ڪري ڏيکارڻ جو دعويدار ٿئي ٿو. اوڻويهين صديءَ کان اڳ جي تاريخ مفروضي انجنئرنگ سان ڀري پئي آهي.
سڀ کان پهريون ڪائنات جي ڪنوار جو ديدار ڪندڙ گليليو آهي. اهڙو ديدار کيس مهانگو پيو. عشق ۾ عاشق سر ڏيندا آهن پر گليليو معافي وٺي سر بچائي ويو.
فلسفو مشاهدي جي راهه بدلائي ٿو. فلسفو نديءَ ڪناري مٽي ڇاڻي سون حاصل ڪرڻ جي جستجو آهي. فلسفي مٽي ڇاڻن ٿا ۽ هڙ حاصل ٿيل شيءِ کي سون جو نالو ڏين ٿا. اهڙو سون ٻئي پارکوءَ وٽ سون جي حيثيت حاصل نه ٿو ڪري.
سقراط کان مارڪس تائين فلسفو ويس مٽائيندو اهڙي نظام ۾ داخل ٿئي ٿو. جنهن نظام پويان لکين ماڻهو جان ڏين ٿا ۽ نظام پويان قائم ٿيل رياستون هڪ صديءَ جو بار به نه سهندي ڊهي پون ٿيون. اهڙو نظام وڌيڪ ترميمون گهري ٿو. ترميمن تي ڪجهه مملڪتون ساهه کڻي وري پراڻيون راهون ڳولهين ٿيون.
مان شاگرديءَ وقت ڪميونسٽ نظريي جو حامي هيس. سوچيندو هيس هڪ ننڍڙي ۽ گمنام ڪارڪن جي حيثيت ۾ ان پويان جان جي بازي لڳائيندس. نظام جي ڊهڻ کانپوءِ ڪافي عرصو ڊپريشن ۾ رهيس. راهه مان راهه نڪري ٿي. رڳو راهون ئي راهون آهن. منزل ڪٿي آهي؟ پراڻي ڳالهه بجاءِ ماڻهو نئي ڳالهه غور سان ٻڌي ٿو. ڳالهيون به ڪپڙن جيان ميريون ۽ پراڻيون ٿي ڦاٽي وڃن ٿيون. نئين ڳالهه نئون وڳو آهي.
ڏٺو وڃي ته فلسفو ورجهاءُ آهي. اهڙو ادراڪ آهي جيڪو لقاءَ کي مختلف طريقي سان بيان ڪري ٿو. ڪائنات ماءُ جي روپ ۾ پيءُ جو نانءُ پڇي ٿي ۽ پٽ چوي ٿو مان پيءُ آهيان. سٽ ويڙهجي نه ٿو، منجهي ٿو. مون پنهنجي دوست موهن بسنتاڻيءَ کان سوال ڪيو “ماڻهو مرڻ کانپوءِ ڪاڏي ويندو؟” چيائين “ماڻهو مٽ ۾ پيل پاڻي آهي، مٽ سمنڊ ۾ تري ٿو. مٽ ڀڄندو ۽ پاڻي پاڻيءَ سان ملي ويندو.” ڪيڏو دل لڀائيندڙ خيال آهي. فلسفو ائين ماڻهن کي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ سيني ۾ سانڍيل سوالن جا اهڙا جواب ڏئي ٿو جيڪي آٿت يا پليسيبو آهن.
فلسفو انساني ڏاهپ ۽ مذهب خدائي ڏاهپ آهن. جيڪي منجهيل (Agnostic) آهن، انهن ۾ مذهبي فلسفيانا (Religico-philosophica) خيال راحت جو سبب بنجن ٿا. اها راحت پليسيبو آهي.
آخر ۾ هڪ ڪهاڻي ياد اچي ٿي. ان ڪهاڻيءَ جو مقصد صرف توهان جو ٿڪ لاهڻ ۽ مزاج تبديل ڪرڻ آهي.
ڪهاڻي: “ڳالهه به ايتري”
اها اونهاري جي رات هئي. ٻوسٽ هيو. کنڀڙيون ته سانوڻ ۾ ٿينديون آهن پر اهو الائي ڪهڙو جيت هيو جيڪو کارڪ جي کوکڙيءَ جيترو هيو ۽ پنهنجا ڳاڙهسرا پر هڻندو اچي هن اڳيان ڪريو. هو ان وقت دالي ۾ ويٺل هيو. بجلي نه هجڻ ڪري چارجر جي روشنيءَ ۾ واضع نه ڏسي رهيو هيو. هن هلڪي روشنيءَ ۾ ڏٺو، اهو ڳاڙهسرو جيت هيٺ فرش تي گهمي رهيو هيو. ان هر هر پر اُڀا ڪري اڏامڻ جا سانڀاها پئي ڪيا. ان کان اڳ جو جيت اڏامي وڃي، هن پادر لاٿو ۽ جيت مٿان وسائڻ شروع ڪيو. هن محسوس ڪيو جيت مري چڪو آهي. اهو هڪ هنڌ ساڪت پيل هيو. ان ۾ ڪا به چرپر نه هئي، هو مطمئن ٿي ويو.
ٿوري دير کانپوءِ ڏٺائين جيت چري رهيو آهي، اهو ڏسي وري پادر لاهي جيت مٿان وسائڻ شروع ڪري ڏنائين. جيت جي حرڪت صفا بند ٿي وئي، اهو هڪ هنڌ ڄمي ويو. سوچيائين هاڻي جيت صفا مري چڪو آهي. هو ڏسي ئي رهيو هيو ته گهڙيءَ کانپوءِ وري جيت ۾ چرپر شروع ٿي وئي ۽ اهو هلڻ لڳو.
اها حيرت جهڙي ڳالهه هئي، هن غور سان ڏٺو، اهو شايد سخت کل وارو اڏامندڙ ڳاڙهو ٽنڊڻ هيو جنهن تي ڌڪن جو اثر نه ٿي رهيو هيو. هن کي ڪاوڙ وٺي وئي ۽ وري پادر لاهي جيت مٿان وسائڻ شروع ڪيائين. جيت مٿان ايڏا ته زور سان پادر وهائي ڪڍيائين جو جيت ٻه اڌ ٿي ويو. هن محسوس ڪيو هاڻي جيت بلڪل مري چڪو آهي ڇو جو اهو ٻه ٽڪر ٿي چڪو هيو. پر ٿوري دير کانپوءِ جڏهن هن جي نظر جيت تي پئي ته ان جا الڳ ٿيل ٻه ٽڪر حرڪت ڪري رهيا هيا. هو وائڙن جيان انهن کي ڏسڻ لڳو. جيت جا ٻئي ٽڪر حرڪت ڪندا اڳتي وڌيا ۽ پريان فرش ۾ ٿيل سوراخ اندر گم ٿي ويا.
هن زندگيءَ ۾ اهڙو لقاءُ نه ڏٺو هيو. هن جو معجزن ۾ ايمان نه هيو. هو هر شيءِ کي ٺوس حقيقت تي پرکڻ وارو ماڻهو هيو. اهو لقاءُ ڪنهن معجزي کان گهٽ نه هيو. هو منجهي پيو ۽ ان واقعي جو ذڪر معاشري جي مختلف ماڻهن سان ڪيو. جيئن ڄاڻي سگهي ته آخر اهو ڇا هيو؟ سچ هيو؟ ڪوڙ هيو؟ ڪو وهم هيو؟ گمان هيو؟ هڪ جيت جيڪو هن جي پادر جي ڌڪن سان ٻه اڌ ٿي ويو، پوءِ به چرندو هلندو فرش جي سوراخ ۾ اندر هليو ويو. اهو سوچي هو هڪ حياتيات جي ماهر وٽ ويو ۽ ماهر مسئلو ٻڌڻ کانپوءِ چيو:
“دنيا ۾ ڪي اهڙا جيت آهن جيڪي ٻه اڌ ٿيڻ کانپوءِ به چرپر ڪري سگهندا آهن، جيئن نانگ، سپاريون ۽ ڪرڙيءَ جو ڪٽيل پڇ وغيره”
هن کيس يقين ڏياريو ته اهو جيت نانگ، سپاري يا ڪرڙيءَ جو ڪٽيل پڇ نه هيو پر هڪ عام ڳاڙهو ٽنڊڻ هيو. جنهن کي هن ڪٽي ناس ڪيو. پوءِ هن حياتيات جي ماهر کان سوال ڪيو.
“ڇا ڳاڙها ٽنڊڻ به ٻه اڌ ٿي چرپر ڪندا آهن؟”
حياتيات جو ماهر منجهي پيو ۽ جواب ڏنائين:
“اهڙا ڪي به ڳاڙها ٽنڊڻ نه آهن جيڪي چرپر ڪندا هجن.”
ماهر جي ڳالهه ٻڌي هو پريشان ٿي ويو ۽ سوچيائين پڪ سان اهو ڪو معجزو هيو جيڪو کيس خدا ڏيکارڻ پئي چاهيو. ڇو جو هن جو خدا ۾ يقين گهٽ هيو. هو هلندو هڪ مولويءَ وٽ آيو. مولويءَ کيس ويهاري شوڪاريل پاڻي پياريو. هن مولويءَ کي سموري حال کان واقف ڪيو. مولويءَ آڱريون ڦڻيءَ جيان ڏاڙهيءَ ۾ ڦيريون ۽ پوءِ چيو:
“رب پاڪ دنيا ۾ اهڙا لقاءَ ڏيکاريندو آهي جيئن بندا غيب تي ايمان آڻين. اهو اشارو آهي ته تون اڻ ڏٺل تي ايمان آڻي روزا، نماز ۽ ٻين احڪامن تي عمل ڪري سگهين، رب توکي معجزو ڏيکاري قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ڪي نظر نه ايندڙ قوتون آهن جيڪي انساني عقل کان مٿاهيون آهن. تون توبهه تائب ٿيءُ. قدرت توکي ڇوٽڪاري جو رستو ڏيکاريو آهي.”
مولوي صاحب جي ڳالهين سندس دل تي اثر ڪيو. پر وري سوچيائين اهي نظر نه ايندڙ قوتون جِنَ به ته ٿي سگهن ٿا. اهو سوچي هو هلندو هڪ ڀوپي وٽ آيو. ڀوپو کوپڙي ۽ هڏا رکي لوبان جي دونهي ۾ منتر پڙهي رهيو هيو. ان کيس سامهون ويهاري حال احوال ورتو. هن ڀوپي اڳيان سڄي ماجرا بيان ڪئي ۽ ڀوپي اکيون بند ڪري وري کوليون ته اهي ڳاڙهن ٽنڊڻن جهڙيون هيون. ان جلال ۾ چيو:
“سڀ ڪارو جادو آهي، اهو جيت نه جنُ هيو، تنهنجي گهر ۾ جنن جو واسو آهي. جِنَ هر شيءِ جو روپ ڌاري سگهن ٿا. اهي جِنَ تنهنجي گهر اندر فرش جي سوراخن ۾ رهن ٿا.”
اهڙي ڳالهه ٻڌي هو وٺي ڀڳو ۽ ڀڄندو هڪ عالم وٽ آيو جنهن جو وڏو مذهبي مطالعو هيو. ان مسئلو ٻڌو ۽ کيس انتهائي مختصر جواب ڏنائين.
“حياتي ۽ موت جو مالڪ رب آهي. جيڪڏهن ڪنهن جي حياتيءَ جا ڏينهن لکيل آهن ته پوءِ ان کي ڪير به ماري نه ٿو سگهي. جيت جي حياتي هئي ۽ بچي ويو.”
هو عالم جي جواب مان مطمئن نه ٿيو ۽ هلندو هڪ سائنسدان وٽ آيو. سائنسدان کي هن جي ڳالهه تي يقين ئي نه پئي آيو.
“ڀلا اهو ڪيئن ممڪن آهي ته مئل جيت هر هر جيئرو ٿي پوي. ضرور تنهنجي دماغ ۾ خلل آهي. سائنس ٺوس ۽ حقيقي شين ۾ يقين رکي ٿي. سائنس ۾ وهم ۽ گمان جي ڪا به گنجائش نه آهي. تون ڪنهن ڊاڪٽر کان اکيون چيڪ ڪراءِ يا ڪنهن نفسيات جي ماهر سان صلاح ڪر.”
هن سائنسدان جي ڳالهين تي عمل ڪيو ۽ هڪ ڊاڪٽر کان اکيون چيڪ ڪرايون. هن جون اکيون بلڪل ٺيڪ هيون. هو هڪ ماهر نفسيات وٽ ويو. ماهر نفسيات هن کي Obsessional Psychosis جو مريض قرار ڏنو ۽ کيس ٻڌايو ته
“اهڙا لقاءَ شيزو فرينيا جي مريضن سان ٿيندا آهن. ڪيترائي خوفناڪ خيال ڊيڄاريندڙ جانورن ۽ جيتن جي روپ ۾ هن اڳيان نروار ٿيندا آهن.”
نفسيات جي ماهر جي تشخيص ٻڌي کيس يقين ٿي ويو ته هو هڪ نفسياتي مريض آهي. هو پگهر ۾ شل ٿي ويو. پوءِ سنجيدگيءَ سان سوچيائين، هن محسوس ڪيو اهو وهم يا گمان نه هيو پر حقيقت هئي. هن اهو جيت پنهنجين اکين سان ڏٺو هيو. اهو سوچي هو هڪ صوفيءَ وٽ ويو. صوفيءَ هن کي چيو:
“ڪائنات جي هر شيءِ ۾ رب موجود آهي. ان جيت ۾ به رب موجود هيو.”
هن کي صوفيءَ جي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ٿيڙ کائيندو اٿيو ۽ هو هڪ اديب وٽ آيو. اديب کيس ٻڌايو ته “علامتن جي دنيا ۾ جتي ايبسٽريڪٽ عام آهي. ڪيوبيزم اسٽرڪچرلزم ۾ تبديل ٿي رهيو آهي اتي سرئلزم جي اهميت وڌي وئي آهي. اها سڀ پوسٽ ماڊرنزم جي سحرانگيزي حقيقت نگاري آهي. تشيهن جي زير اثر ان سحرانگيز جيت وجود برقرار رکيو آهي ۽ تون پراسراريت جي ور چڙهي ويو آهين.”
اديب جي وضاحت سندس ڪن وٽان تير جيان گسي وئي، هو هلندو مندر جي مهراج وٽ آيو ۽ مسئلو بيان ڪيائين، مهراج هن کي ٻڌايو ته
“نرواڻ هڪ حقيقت آهي. جيڪڏهن ڪو چڱايون ڪندو ته چڱيءَ شيءِ ۾ ظاهر ٿيندو. جڏهن ڪو مدايون ڪندو ته بڇڙيءَ شيءِ ۾ ظاهر ٿيندو. ان جيت ۾ ڪنهن نٺر ۽ مڪار شخص جو روح هوندو. جيڪو پادرن لڳڻ کانپوءِ به جيئرو رهيو.”
هو مهراج جي مندر مان نڪري اهڙي هنڌ ويو جتي چار فلاسافر ويٺل هيا. هن انهن اڳيان پنهنجو مسئلو بيان ڪيو. انهن مسئلو غور سان ٻڌو ۽ پوءِ بحث ڪيو.
پهرين فلاسافر چيو: “سقراط زهر جو پيالو ان ڪري پيتو جو هن سچ ڳالهايو هيو. هن چيو هيو ديوتائون تبديل ٿي چڪا آهن. اهو جيت به ضرور ڪنهن ديوتا جو تبديل ٿيل روپ هوندو.”
ٻئي فلاسافر چيو “افلاطون جو فلسفو حقيقتن کي ويجهو آهي، ان چيو هيو ته جوتي بابت موچيءَ کان وڌيڪ ڪير ڄاڻي سگهي ٿو. سو منهنجو خيال آهي ته ان پادر جي چڪاس ڪنهن موچيءَ کان ڪرائجي جيڪو جيت مٿان هر هر وسيو ۽ جيت جيئرو رهيو.”
ٽئين فلاسافر چيو “تون غلط آهين، افلاطون جو فلسفو ائين نه آهي جيئن تون بيان ڪري رهيو آهين، ڀلا ارسطوءَ آخر ڇو مابعدالطبعات تي زور ڏنو آهي؟ ضرور اهو جيت Metaphysical لقائن جو ظهور آهي. ڪا به شيءِ فنا نه ٿي ٿئي ۽ اها روپ مٽائي ٿي. جيت به روپ مٽايو ۽ فنا نه ٿيو.”
چوٿين فلاسافر چيو “ڊيڪارٽ جو مشهور قول آهي Cognito Ergo Sum مان سوچيان ٿو انڪري آهيان. جسم ۽ ذهن جو گهرو تعلق آهي. جيڪي موجودات آهن اهي حواسن جو فريب آهن. جيت جي چرپر تي شڪ ڪنداسين ته خبر پوندي شڪ ڪرڻ لاءِ وجود جي ضرورت آهي۽ اها چرپر اسان جي وجود جي جدوجهد آهي.”
وري پهرين فلاسافر ڳالهايو “جان لاڪ موجب پهريون حواس دماغ تائين معلومات موڪلين ٿا. دماغ معلومات سڄاڻي ٿو. پوءِ دماغ ياداشت واري خاني ڏانهن موڪلي ٿو. اتي معلومات، خيال يا تصور جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿي. انڪري ٿي سگهي ٿو هن جو ذهن ڪنهن وهم ۾ مبتلا ٿي موت بابت سوچيندو هجي ۽ هڪ جيت جي صورت ۾ موت کيس حياتيءَ جيئن نظر آيو هجي.”
وري ٻئي فلاسافر ڳالهايو “پر برڪلي چوي ٿو ته مادي شين جو وجود نه آهي، صرف تصور آهي، دنيا مادي نه تصوراتي آهي جيڪا دماغ اندر موجود آهي. سو جيت ٻاهر نه هيو پر هن جي دماغ اندر موجود هيو.”
وري ٽئين فلاسافر ڳالهايو “جيڪڏهن اهو مسئلو ڪانٽ جي نظريي موجب حل ڪريون ته پوءِ ائين چئبو، عڪس دماغ ۾ حواسن ذريعي پهچن ٿا. دماغ ۾ مختلف سانچا آهن ۽ عڪس سانچن ۾ ڍلجي مختلف شڪلين ۾ ظاهر ٿين ٿا. انڪري ٿي سگهي ٿو هن شخص جي ذهن ۾ مختلف حواس جيت جو روپ ڌاري ٻاهر نڪرندا هجن.
وري چوٿين فلاسافر ڳالهايو “ اهو ئي سبب آهي جو روسو چوي ٿو “فطرت ڏانهن واپس هلو” ڇو جو جيڪڏهن اسان فطرت کي ويجها ٿينداسين ته گهرن کان نڪري جهنگن ۾ رهنداسين ۽ جهنگ ۾ جيتن کي رهڻ جو به اوتروئي حق آهي جيترو انسانن کي، جيتن مارڻ جي ضرورت نه پوندي ۽ اهڙا مسئلا پيدا نه ٿيندا.”
وري پهرين فلاسافر ڳالهايو “والٽئر ان ڪري ته روسو جي مخالفت ڪئي آهي. جيڪڏهن فطرت ڏي موٽنداسين ته رات جو ڪٿي سمهنداسين. جهنگ ۾ رهڻ ڪري جيت اسان جي سوراخن ۾ هليا ويندا.”
وري ٻئي فلاسافر ڳالهايو “هلو ڀلا هيگل جي جدليات تي ٿا اچون، جنهن چيو ته سچ ۾ تضاد آهي، هر اثبات ۾ نفي موجود آهي. سو تضادن تي سوچيندي اهو جيت رحم لائق نه آهي جنهن مٿان تشدد ٿيو پر انسان رحم لائق آهي جنهن جيت مٿان تشدد ڪيو. ڇو جو Antithesis جي زير اثر اهو جيت جيئرو رهيو ۽ انسان لاءِ وڏو مسئلو پيدا ڪري وڌو.”
وري ٽئين فلاسافر ڳالهايو “پر مارڪس جو چيو آهي ته مادو ذهن جي پيداوار نه پر ذهن مادي جي پيداوار آهي. سو اهو جيت به ضرور مادي جي پيداوار آهي. جيڪڏهن ذهن کي استعمال نه ڪجي ته پوءِ اهو واجب آهي ته جيتن کي به جيئڻ جو ايترو حق آهي جيترو انسانن کي، اهو جيت سوچ آهي ۽ نظريا ڪڏهن فنا نه ٿيندا آهن.”
وري چوٿين فلاسافر ڳالهايو “نٽشي واهه جي ڳالهه ڪئي آهي، هن چيو خدا مري چڪو آهي هاڻي سپرمين حڪومت ڪندو. سو اهو جيت سپرمين جي علامت آهي، جيڪو مرڻو نه آهي.”
وري پهرين فلاسافر ڳالهايو “ڪيئر ڪيگارڊ جيئرو هجي ها ته ضرور ان جيت کي ڏسي ڊڄي وڃي ها. کيس جيت ماري گناهه جو احساس ٿي ها ۽ وڌيڪ احساس ڪمتريءَ ۾ مبتلا ٿي محبوبا کي ڏسي پريان ڀڄي وڃي ها. هو وجوديت جو باني انڪري آهي جو ان ڪڏهن جيتن کي مرندي نه ڏٺو.”
وري پهرين فلاسافر ڳالهايو “سارتر کي لک شابس آهي، جنهن وجوديت جي فلسفي کي اجاگر ڪيو ۽ چيو جيت جو وجود انڪري آهي جو دراصل نه آهي. جيڪڏهن جيت جو وجود نه آهي ته پوءِ پادرن لڳڻ کانپوءِ اهو ڪو ٻيو هيو جيڪو مري ويو ۽ جيت جيئرو هيو.”
وري ٻئي فلاسافر ڳالهايو “برگسان ڊارون کي ان باري ۾ سٺا جواب ڏنا آهن، ڊارون ٺلهيون نسرتائي Evolutionary ڳالهيون ڪيون آهن. برگسان ڊارون کان انڪري عظيم آهي جو ان چيو قوت حيات مادي جسم ۾ قيد آهي، سو قوت حيات ان جيت ۾ موجود هئي جنهن کيس جيئڻ جو حوصلو ڏنو.”
فلاسافرن جون ڳالهيون ٻڌي هن جو مٿو چڪرائڻ لڳو، انهن جو بحث جاري هيو ته هو وچ بحث مان نڪري آيو ۽ مايوسيءَ مان قدم کڻندو هڪ باغ ۾ اچي ويٺو، هو اداس هيو، باغ ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڏسي رهيو هيو ته هن وٽ هڪ مالهي آيو ۽ اچي سلام ڪيائين ۽ چيو
“سائين ڏاڍا اداس ۽ پريشان پيا ڏسجو، خير ته آهي؟”
هن مالهيءَ کي ڏٺو ۽ سوچيائين جيڪر ان سان دل جو حال اوري، ٿي سگهي ٿو ان وٽ ڪو اهڙو جواب هجي جو ٻڌي هو مطمئن ٿي سگهي. پوءِ سوچيائين، اهو هڪ اڻ پڙهيل شخص آهي. ان کي اهڙن مسئلن جي ڪهڙي خبر جن جي وڏن ڏاهن کي ڄاڻ نه آهي. اهو سوچي مالهيءَ کي جواب ڏنائين “ڪا ڳالهه نه آهي ٿڪيل آهيان.”
مالهي وڃڻ لڳو ته ان کي پويان سڏ ڪيائين.
“اتي بيهه، توکان هڪ مسئلو پڇڻو آهي.”
مالي موٽيو ۽ سندس سامهون ويٺو، هن کيس جيت جي پوري وارتا بيان ڪئي. مالهي ٻڌي کليو ۽ چيائين
“سائين ڳالهه ڪهڙي ٿا ڪريو؟ دراصل اهو جيت پهرين ڌڪ سان مري چڪو هيو. مرڻ کانپوءِ اتي ڪويليون گڏ ٿيون، جيڪي سنهيون هجڻ ڪري چارجر جي نامناسب روشنيءَ ۾ اوهان کي نظر نه آيون. ڪويلين گڏجي جيت کي سوراخ طرف گهليو، توهان سمجهيو جيت جيئرو آهي، ان کي پادر هنيا، سڀ ڪويليون مري ويون، گهڙيءَ کانپوءِ ٻيون ڪويليون آيون، انهن جيت کي سوراخ طرف گهليو ۽ اوهان وري سوچيو جيت چري رهيو آهي. آخر پادر هڻي اوهان جيت کي ٻه اڌ ڪري ڇڏيو ۽ ان جا ٻئي ٽڪر ڪويليون فرش جي سوراخ ۾ گهلي ويون. مان هڪ مالهي آهيان ۽ مون اڳيان روز اهڙا لقاءَ پيا ٿيندا آهن.”
مالهيءَ جي ڳالهه ٻڌي سندس ڪن کُلي ويا. اکيون ويڪريون ٿي ويون ۽ پنهنجي منهن ڀُڻڪيو.
“ڳالهه به ايتري!”
References:
1. “Home : Oxford English dictionary”
Oed.com.
2. Jenny Teichmann and Katherine C. Evans ;
“Philosophy : A beginners guide”
( Black well publishing 1999 ) P.I .
3. Adler . Mortimer J (2000) .
“How to think about the great ideas. From the great book of western civilization”.
chicage Illinois open court.
4. Greco , John , ed ( 2011 ).
“The oxford hand book of skepticism”.
Oxford university press.
5. Glymour , Clark ( 2015 ). Chapter I – 6 –
“Thinking things through : An introduction to philosophical issues and achievements”
( 2nd ed.). A bradford book.
6. Lindberg . 2007 . p. 3
7. Briggle , Robert Frodeman and Adam.
“when philosophy lost its way”
Opinionator. Retrieved . 25 April 2016.
8. Shapin , Steven ( 1998 ).
“ The scientific revolution”.
University of Chicago,press.
9. Hegel , George Wilhelm Friedrich ; Brown Robert F. ( 2006 ).
“Lectures on the history of philosophy : Greek philosophy”
clarendon press. P.33.
10. “Plato’s symposium”.
www.perseus.tufts.edu.p.201. Retrieved 2016.
11. “Process and reality”.p.39.
12. “Stoicism”
standford encyclopedia of philosophy.
13. “Democritus”
standford encyclopedia of philosophy.
14. Steven P. Marone ,
“ Medieval philosophy in context. On the difference between scholastic and Medieval monastic postures towards learning”.
New York , Fordham university press.1970.
15. de-Ridder- symoens.1992.p.47-55.
16. Aquinas , Thomas (2000). Mary T. clark , ed.
“An Aquinas reader: Selections from the writings of Thomas Aquinas”.
Fordham university press.
17. Watson , Richard A (2012).
“Rene Descartes”.
Encyclopedia Bratannica Retrieved 31 March 2012.
18. Copenhaver , Rebecca.
“Forms of skepticism”.
Archived from the original on 8 Jan 2005.
19. Lichtheim , Miriam.
“Ancient Egytian literature. volume II . The new kingdom”.
University of California press.1976.
20. Fakhry , Majid ( 1983 ).
“A history of Islamic philosophy”
( 2nd - ed ). New York : Columbia university press. P . 17 - 19.
21. Remes , Pauline ( 2008 ).
“ Neoplatonism”
Acumen Publishing. Page. I.
22. “Ghazali – Al”.
The Columbia encyclopedia. Retrieved – 17 December 2012.
23. “ The reknowed arab sociologist , historian , Ibn khuldun. First interpreted arab history in terms , badu versus hadar conflicts and struggles for power”.
Ib khaldun , M. Talbi. The encyclopedia of Islam. Vol. III , ed – B , Lewis , V.L. Manage C . Pelat , J. Schacht
(Brill – 1986).
24. Henry Corbin.
“The man of light in Iranian Sufism”.
Omega publication. New York. 1994.
25. Kamal , Muhammad (2006) ,
“ Mulla Sadra’s transcendent philosophy”.
Ashgate publishing limited. p. 9 and 39.
26. Razavi , Mehdi Amin ( 1997 ).
“Suhrawardi and the school of Illumination”.
27. Benjamin Elman , John Duncan and Herman. Ooms ed.
“Rethinking Confucianism: Past and present in china , Japan , Korea and Vietnam”.
Los Angels: uclA. Asia pacific monograph series. 2002.
28. Pines Yuri
“ Legalism in chines philosophy”.
Winter edition. 2014.
29. Catherine Despeux.
“ women in Daoism”.
Kohn , livia , ed ( 2000 ). Daoism hand Book . leiden: Brill. p. 403 - 404.
30. Chad Hansen.
“ Taoism”:
standford encyclopedia of philosophy. Metaphysics research laboratory. CSLI , standford university. Retrieved 10-1-2008.