تاريخ، فلسفو ۽ سياست

پليسبو [سائنسي فلسفو]

ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار رسول ميمڻ پاران سائنسي فلسفي تي لکيل ھڪ بھترين ڪتاب آھي. رسول ميمڻ لکي ٿو:
”ڪائنات پليسيبو جي ٿنڀن تي بيٺل اهڙو ٿيٽر آهي جنهن ۾ ڪردار عيوض ۾ ملندڙ داد جا منتظر آهن. آسرو زندگيءَ جي بقا جو سڀ کان وڏو سهارو آهي. دل مطمئن آهي ته ڪيل گناهه معاف آهن. ثوابن ۽ گناهن ۾ سمجهه جو فرق آهي.
عقيدو، عبادت، دعا، تعويذ، قرباني، توبهه، جادو، ٽوڻو، خيرات، زڪوات، ڦوڪ ۽ شوڪارو اهي سڀ پليسيبو آهن. پليسيبو حوصلو، همت ۽ سهارو آهي. “
  • 4.5/5.0
  • 61
  • 39
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رسول ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book پليسبو [سائنسي فلسفو]

ڪوڙي سائنس ۽ پليسيبو

ڪوڙي سائنس ۽ پليسيبو

(Pseudoscience and Placeo)

ڪوڙي سائنس ان کي چئبو آهي جنهن ۾ تجربي کان وڌيڪ گمان جو عمل دخل هجي.(1) سائنس ۽ ڪوڙي سائنس کي ائين ورهائي سگهجي ٿو ته ڪوڙي سائنس جو مدار فلسفي تي آهي ۽ حقيقي سائنس جو تجربي تي.(2) ڪوڙي سائنس جديد سائنس جو بنياد آهي. ڪوڙي سائنس جو فلسفو، صحت، ماحول، تعليم ۽ ايجادن تي اثرانداز رهيو آهي.(3)
ڪوڙي سائنس ۾ جن شين تي علم کان وڌيڪ عقيدي جو اثر رهيو آهي، اهي علم نجوم، ڪيميا ۽ آسيبن تي مشتمل آهن.(4)
ڪوڙي سائنس يوناني لفظ آهي جنهن ۾ سوڊو (Pseudo) معنا ڪوڙ آهي. ائين سوڊو سائنس معنا ڪوڙي سائنس(5) ڪوڙي سائنس هزارين سالن کان نافذ رهي، ان کي حقيقي سائنس کان اڻويهين صديءَ ۾ الڳ ڪيو ويو. سڀ کان پهريون جيڪو ان موضوع تي مقالو لکيو ويو اهو فرانس جي سائنسدان فرانڪوس ميلنڊي 1843ع ۾ لکيو.(6)
دماغي تجزيي (Phrenology) موجب مغز (Brain) دماغ (Mind) جو عضوو آهي ۽ عقل جو دارومدار مغز جي ماپ تي آهي. اهڙو خيال فرانز، جي، سفگال 1796ع ۾ پيش ڪيو. سندس عقل جي باري ۾ پيش ڪيل نظريو 1810ع کان 1840ع تائين يورپ ۾ مقبول رهيو.(7)

دماغي تجزيي جو نظريو هيو ته مغز مادو آهي جڏهن ته دماغ روح آهي.(8) سائنس جا ڪجهه اصول ٿيندا آهن جن ۾ مفروض (Hypothetic) کي ڪنهن حد تائين اها اهميت حاصل آهي ته ڇا سائنس جو اهڙو فرضي خيال اڳتي هلي تجربي سان حاصل ڪري سگهجي ٿو؟ سائنس جو تعلق تجربي سان آهي ۽ اهڙو تجربو جيڪو جيڪڏهن ٻيو به ڪري ته ساڳيو نتيجو نڪري.(9)
ويهين صديءَ جي وچ ڌاري ڪارل پراپر سچ ۽ ڪوڙ کي الڳ ڪرڻ لاءِ ڪوڙ جي پرک (Criterion of falsiability) جو تصور ڏنو. هن چيو ته ڪي متا ۽ اصول هجن جن وسيلي سچ ۽ ڪوڙ ۾ تفاوت ڪيو وڃي، ڏاند اڇو هجي ۽ ان کي ڪارو چيو وڃي ته اڇي ۽ ڪاري کي الڳ ڪرڻ لاءِ ثبوتن جي ضرورت پوندي. ائين ڪوڙي سائنس ۽ حقيقي سائنس جو به تفاوت ٿيڻ گهرجي، جنهن لاءِ تجربو شرط آهي. هن ائين به چيو ته “خدا جو وجود” ڪو چوي ٿو آهي ۽ ڪو چوي ٿو نه آهي. پر ان لاءِ ڪو اهڙو تجربو نه آهي جيڪو ثابت ڪري سگهي.(10)
اهو ڏکيو آهي ته ڪوڙي سائنس جي تاريخ کي حقيقي سائنس جي تاريخ کان الڳ ڪري سگهجي ڇو جو جديد سائنس جون ڪڙيون ڪوڙي سائنس سان جڙيل آهن، جنهن جو مثال ڪيمسٽري آهي. ڇو جو ان جو بڻ بنياد “الڪيميا” سان آهي جيڪا ڪوڙي سائنس جو حصو رهي آهي.(11)

(A) طبعاتي ڪوڙي سائنس (Physical Pseudoscience)
1. سياراتي سائنس: مايا تهذيب ۾ سيارن کي سامهون رکي حساب لڳايو ويو هيو ته ايڪٽيهه ڊسمبر 2012ع ۾ دنيا جو انت ٿيندو، ڇو جو ان تاريخ تي دنيا پنهنجا 5126 سالن جا ڦيرا پورا ڪري وٺندي، اهڙو تاثر مايا تهذيب جي عقيدي ۾ وڏي اهميت جو حامل هيو. مايا تهذيب جيڪا ميڪسيڪو، گوئيٽيمالا، بيلائيز، هونڊوراس ۽ السلواڊور تي مشتمل هئي. ان تهذيب جو ٻه هزار قبل مسيح کان ٻه سئو پنجاهه سال عيسا کانپوءِ، تائين وجود رهيو.(12)
2. پراڻا خلانورد: اهو تمام پراڻو خيال آهي ته ٻين سيارن کان خلانورد ڌرتيءَ تي ايندا رهيا آهن. انهن هتان جي ماڻهن سان ميل جهول رکيو آهي. اهڙي خيال ديوتائن (Dieties) جو تصور ڏنو ۽ مذهبن جي شروعات ٿي.(13)
3. سيارن جا لقاءَ: سيارن جا لقاءَ مذهبن ۽ نظرين تي اثرانداز ٿيندا رهيا آهن. بائيبل ۾ لکيل آهي ته خدا ڪائنات کي ڇهن ڏينهن ۾ مڪمل ڪيو ۽ ستين ڏينهن آرام ڪيو.(14) (Genesis I)
4. ڊوگان ۽ سائرس: ڊوگان نسل جا ماڻهو جيڪي آفريڪي کنڊ جي مالي ۽ نائجر ۾ رهن ٿا. انهن شاهدي ڏني آهي ته کين اڇي رنگ جي ننڍي قد واري مخلوق نظر آئي آهي. انهن اهڙي مخلوق کي سائرس جو نالو ڏنو پر جڏهن يورپ جا ڪجهه سائنسدان اتي ويا ته کين اها مخلوق نه ڏيکاري وئي.(15)
5. چنڊ تي مائي: چنڊ ۾ داڳن جي ترتيب سان ٺهندڙ شڪلين کي مختلف روپ ڏنا ويا. ڪن ڏسي چيو ته ڪا بزرگ عورت چرخي تي سٽ ڪَتي رهي آهي. ائين به چيو ويو ته ان ۾ ڪنهن فرشتي جو منهن آهي.
6. ڌرتيءَ جو مرڪزي ماڊل: ستارن جي پراڻي علم موجب ڪائنات ۾ ڌرتيءَ کي مرڪزي حيثيت حاصل آهي. چنڊ، سج ۽ تارا ڌرتيءَ چوڌاري گردش ڪن ٿا.(16) اهڙي خيال کي صدين تائين اهميت حاصل هئي ۽ اهو تعليم جو حصو رهيو.
7. چنڊ گرهڻ ۽ سج گرهڻ: اهڙن لقائن جو مشاهدو ڪري چيو ويو هيو ته انهن جو جسم ۽ روح تي اثر آهي. ڳورهاري عورتن کي انهن کان لڪايو ويندو هيو. چيو ويندو هيو ته پيدا ٿيندڙ ٻار ۾ پيدائشي نقص هوندا. (17) سنڌ ۾ اڃان اهڙو عقيدو آهي.
8. ڌرتيءَ جو تراڪڙو عقيدو: انٽرنيشنل فليٽ ارٿ سوسائٽي اڄ به ان نظريي تي قائم آهي ته ڌرتي گول نه، پر تراکڙي آهي، اها سوسائٽي هڪ انگريز سموئل شينٽن 1956ع ۾ ٺاهي هئي جيڪا خلامان ورتل ڌرتيءَ جي فوٽن ۽ ٻين ثبوتن کي مڃڻ لاءِ تيار نه آهي. جڏهن ته اها حقيقت آهي ته ڌرتي ڪائنات جو مرڪز نه آهي ۽ اها گول آهي. پر اهڙو خيال بائبل سان تصادم ۾ آهي.(18)
9. چنڊ تي لهڻ: ترقي يافتا ملڪن جون ڪجهه تنظيمون اڃان اهو مڃڻ لاءِ تيار نه آهن ته انسان چنڊ تي پهتو آهي. ناسا دوکي بازي ڪئي آهي. چنڊ تي انسان جون تصويرون ۽ فلم سڀ ڪوڙا ۽ هٿرادو آهي.(19)
10. نائيبيرو تصادم (Nibiru catacylm): سيارن جي علم سان لاڳاپيل نينسي ليڊر اها اڳ ڪٿي ڪئي هئي ته هڪ شهاب ثاقب جنهن جو نالو نائبرو آهي، اهو ڌرتيءَ سان ٽڪرائبو ۽ دنيا تباهه ٿي ويندي، ان اهڙي تصادم جون ڪجهه تاريخون به ڏنيون. هوءَ هر دفعي اهڙيون تاريخون وڌائيندي آهي. ان آخري تاريخ 2012ع ڏني هئي پر ڪو تصادم نه ٿيو.(20)

(B) ڌرتيءَ سان لاڳاپيل ڪوڙي سائنس
(Earth Psendoscience)
1. برموڊا ٽڪنڊو: برموڊا ٻيٽ پرٽوريڪو ۽ فلوريڊا جي وچ تي آهي. ايٽلانٽڪ سمنڊ ۾ اهو ٽڪنڊو ان ڪري مشهور آهي ته اتان لنگهيندڙ بحري ٻيڙا ۽ هوائي جهاز سمنڊ ۾ غرق ٿي وڃن ٿا. اهڙي اثر ڪري ان ٽڪنڊي متعلق ڪيتريون پراسرار ڳالهيون شامل آهن. هاڻي اها ڳالهه ثابت ٿي آهي ته اهو سڀ پاڻيءَ جي ڦيري ۽ پيدا ٿيندڙ ڪُنن ڪري وڌي ويل ڪشش ثقل (Gravity) ڪري آهي.(21)
2. ٻوڏ جو ارضياتي علم: مذهبن موجب ڌرتيءَ تي سڀ تبديليون مها ٻوڏ کانپوءِ آيون، تبديليون ارتقائي نه آهن پر هڪ مها ٻوڏ هر شيءِ ڌوئي صاف ڪري ڇڏي ۽ دنيا نئين صورت ۾ اجاگر ٿي. اهڙو اشارو حضرت نوح طرف آهي. جڏهن وڏي ٻوڏ آئي هئي ۽ ساهوارن جا نسل ٻيڙي تي سوار ٿيا هيا ۽ نوان نسل پيدا ٿيا.(22)
3. لاسنڪوئزم: اها هڪ تحريڪ هئي جيڪا جين (Genetics) ۽ زراعت جي سائنسي نظرين خلاف هئي. ان جو اڳواڻ ٽروفم لائسنڪو (Trofim Lysenko) هيو، جيڪو سوويت يونين ۾ انقلاب کانپوءِ اڪيڊمي آف ايگريڪلچر سائنس جو ڊائريڪٽر هيو. اها هڪ سياسي تحريڪ هئي جيڪا 1920ع کان هلي ۽ 1960ع ۾ پڄائيءَ تي پهتي. اها ان خلاف هئي ته زراعت ۾ سائنسي طريقا رائج ڪيا وڃن، سندس خيال موجب تخم جو حقيقت سان ڪو واسطو نه آهي. تخم ڪڏهن به مورثي طور منتقل نه ٿا ٿين. هو ڊارون جي ارتقائي نظريي جو مخالف هيو.
اها حيرت جي ڳالهه آهي ته ڪميونزم جنهن جو بنياد ارتقا آهي، ان ۾ سندس رجعت پرستيءَ وارو ڪردار ڪيئن هيو، چئي نه ٿو سگهي؟

(C) توانائي (Energy)
1. مفت توانائي: اهڙي توانائي جيڪا مفت ۾ پيدا ڪئي وڃي ۽ اها مسلسل هجي. اهڙي توانائيءَ جو پهريون دعويدار هيرالڊ، اي پٿوف آهي. هو 1936ع ۾ آمريڪا ۾ ڄايو ۽ انجنيئر هيو. مفت توانائيءَ جو تصور Thermodynamics جي خلاف آهي. ٿرموڊئنيمڪس موجب توانائي هڪ صورت مان ٻئي صورت ۾ تبديل ٿئي ٿي. نه اها پيدا ڪري سگهجي ٿي نه تباهه ٿئي ٿي. توانائيءَ جو وسيلو توانائي آهي.(23)
2. پاڻيءَ تي هلندڙ ڪار: دعوا ڪئي وڃي ٿي ته انهن ۾ ٻارڻ (Fuel) جي بجاءِ پاڻي استعمال ڪجي ته اهي هلي سگهن ٿيون. دنيا ۾ اهڙا ڪيترائي شخص آهن جن اها دعوا ڪئي ته کين اهڙو فارمولا آهي جو پاڻيءَ کي ٻارڻ طور استعمال ڪري سگهجي ٿو.(24) سنڌ ۾ به هڪ اهڙو واقعو ٿي گذريو آهي جنهن ۾ هڪ شخص ٽانڪيءَ ۾ پاڻي وجهي ڪار هلائي ڏيکاري، ان جي اهڙي عمل گهڻن کي متاثر ڪيو. هڪ وزير کيس اسلام آباد ۾ سهولتون پڻ ڏنيون ته اهو وڌيڪ تحقيق ڪري جيئن ڪار کي هوا سان هلائي سگهجي. ان گهڻن معزز ماڻهن کي چريو ڪيو.
3. گاسليٽ جا ڪک: ڪن اها دعوا ڪئي ته کين اهڙا ڪک (Pills) آهن جن کي پاڻيءَ ۾ ڳاڙڻ سان اهو پاڻي گاسليٽ ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو.(25)
4. هانگ ڪانگ ميجڪ پاڻياٺ: 1938ع ۾ هڪ چيني ڊرائيور دعوا ڪئي ته هن اهڙي پاڻياٺ ٺاهي آهي جنهن کي پاڻيءَ ۾ وڌو وڃي ته اهو پيٽرول ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو. 1994ع ۾ چين اندر وڌندڙ ڪوڙي سائنس کي ختم ڪرڻ لاءِ قانون پاس ڪيو ويو ته اهڙن دعويدارن کي عدالت جو منهن ڏسڻو پوندو.(26)
5. هائڊرونس: رينڊل ملز دعوا ڪئي ته هن هائڊرونس (Hydrions) نالي اهڙو ذرو ڳولهي لڌو آهي جيڪو پاڻيءَ ۾ موجود ٿئي ٿو. ان مان توانائي خارج ٿئي ٿي.(27)

(D) طبعات (Physics)
1. آٽو ڊائنيمڪس: 1940ع ۾ ريڪارڊو ڪريزان آٽو ڊائنيمڪس جو نظريو پيش ڪيو، جيڪو آئنساٽين جي نظريي خلاف هيو، اهڙي ڪوڙي دعوا کي رد ڪري پابندي مڙهي وئي.(28)
2. آئنسٽائن، ڪارٽن، ايوان نظريو: 2003ع کان 2005ع تائين ميرن ڊبليو ايوان جا اهڙا تحقيقي مقالا شايع ٿيا جن ۾ هن گڏيل نظريو پيش ڪيو. ان ۾ آئنسٽائن جو نظريو پڻ ملايو ويو، جنهن موجب جنرل رليٽوٽي (General Relativety) ڪيونٽم مڪينيزم (Quantum mechanism) ۽ اليڪٽرو مڪينزم (Electromechanism) کي پاڻ ۾ ملائي اهڙا اوزار ٺاهي سگهجن ٿا. جيڪي ڪنهن به توانائي کانسواءِ هڪ مسلسل توانائي پيدا ڪري سگهندا. اهو خودبخود پيدا ٿيندڙ توانائيءَ جو تصور هيو جنهن تي عملي طور ڪاميابي حاصل ٿي نه سگهي.(29)
3. اليڪٽرو گريوٽي: 1920ع ۾ ٿامس برائون ڪشش ثقل مخالف (Antigravity) توانائيءَ جو تصور ڏنو، جيڪا مادي تي اثر انداز ٿي ان کي ڌرتيءَ جي ڇڪ کان آزاد ڪرائي سگهي ٿي.(30)
جڏهن ڳالهه جي پڪ نه هجي ته خدشا جنم وٺندا آهن. ڪوڙي سائنس جو بنياد به اهڙو ئي مفروضو آهي. انسان کي ڏاهي سڏائڻ جو شوق تڏهن کان آهي. جڏهن هن وقت جي جاهل کان به گهٽ ڄاڻ رکندڙ هيو. انسان جو مٿو ماپي سندس ذهن جو اندازو لڳايو ويندو هيو. وڏي مٿي وارا عاقل ۽ ننڍي مٿي وارا جاهل هيا. مغز جي ماپ عقل جي ماپ هوندي هئي. هر اهو شخص جيڪو ڳالهه سٺي طريقي بيان ڪندو هيو. اهو فلسفي، حڪيم ۽ سائنسدان هيو. ماڻهن جو اهڙن مفروضن ۾ ويساهه عقيدت ۽ مجبوري هئي.
هڪ مفروضي سائنسدان لاءِ ان کان وڌيڪ ڪهڙو پليسيبو ٿي سگهي ٿو ته اهو پنهنجي ڪيل دعوا سبب معاشري ۾ معزز ٿي ويو. مايا تهذيب جنهن جو مذهب ستارن جو علم هيو، انهن هزارين سال ستارن جي عبادت ۽ انهن جي چرپر تي اڳڪٿيون ڪيون، کين اعتماد هيو ته هو جيڪي ڪجهه ڪري رهيا آهن اهو سچ آهي ۽ سچ جي راهه تي هلڻ جو تصور کين اطمينان ڏيندڙ هيو ته زندگي سڦلتا ماڻي سٺي انجام تي پهچي ٿي. جيڪو وقت ثابت ڪيو ته غلط هيو پر ان وقت مايا تهذيب جو پليسيبو هيو.
مذهبن ۾ ڌرتيءَ جي تراکڙي (Flat) هجڻ جو تصور يا مفروضي سائنس ۾ ڌرتيءَ کي ڪائنات جو مرڪز سمجهڻ. هزارين سالن کان سائنس جو حصو رهيا. درسگاهن ۾ ان وقت جي شاگردن ڇا پرايو هوندو؟ ڄاڻ پليسيبو جي تاثير کي ٽوڙي نه ٿي پر پليسيبو جو رخ تبديل ڪري ٿي. انسان جيڪڏهن پليسيبو جي اثر کان ٻاهر نڪري ته ان مڇي جيان تڙپي مري جنهن کي ڄار مان ٻاهر ڪڍي اڇلائبو آهي.
سج گرهڻ، چنڊ گرهڻ: انهن جا پراڻا سائنسي نظريا، ديوتائن جي سزا جا لقاءَ شعاعون جيڪي ڳورهاريءَ کي متاثر ڪن ٿيون ۽ چپ چيريل ٻار پيدا ٿين ٿا. هڪ ڳورهاريءَ جو چنڊ يا سج گرهڻ ۾ شعاعن کان پاڻ بچائڻ کيس مطمئن ڪري ٿو ته هن ٻار لاءِ سٺو قدم کنيو. ماءُ جو مطمئن ٿيڻ پليسيبو آهي.
مفروضي سائنس جون اهي دعوائون ته توانائي مفت حاصل ڪري سگهجي ٿي. پاڻيءَ تي ڪار هلائي سگهجي ٿي. هائڊرونس ذرو جيڪو پاڻيءَ ۾ آهي ان مان بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي. اهڙو خيال کلائڻ لاءِ ڪافي آهي. اهڙي پليسيبو جي سحر ۾ ڪيڏا.........؟؟؟؟؟؟



References
1. Frietsch , ute (2015).
“The boundries of science / Pseudoscience”.
European history on line (EGO). Retrieved 15 April 2017.
2. Hanson , sven ove. (2008).
“Science and Pseudoscience”
Standford encyclopedia of philosophy.
3. Imre Lakatos.
“Science and pseudoscience”.
Department of philosophy , logic and scientific method , 1973.
4. Hurd PD (1998).
“Scientific Literacy: New minds for a changing world”.
science education. 82(3):407-416.
5. “On line Etymology Dictionary. pseudo”.
Douglas Harper. 2015.
6. Magendie , F (1843).
“An elementary treatised on human physiology”.
John Revere (5th ed:) New York Harper p.150.
7. Graham , Patrick. (2001).
“Phrenology revealing the mysteries of the mind”
Richmond Hill , Ont American home treasures.
8. Simpson –D. (2005).
“Phrenology and the Neuroscience: contributions of F.J Gall and J.G spurzheim”.
ANZ. Journal of surgery oxford. Volume. 75.6;p.475.
9. Miraglia , Biagio G – (2014).
“A new classification of mental illness based on brain functions”.
Mental and Neuroscience,7(2):635-7.
10. Thornton , Stephen. (2015).
“Karl popper professes to be anti-conventionalist and his commitment to the correspondence theory of truth places him firmly within the realist’s camp”
zalta , Edward N, ed: karl popper 1-1-2015.
11. Gould . Stephen Jay ( 1997).
“Non over lapings magisteria”.
Natural history.
12. Hummels , Cameron (2009).
“April 27th: will be the world end in 2012”.
Comsoquest. Org. Retrieved 22 September 2009.
13. Shermer, Michael . (2002).
“The Skeptic encyclopedia of pseudoscience”.
16 December 2013.
14. Edwin , Sherman R (2004).
“Bible code Bombshell: compelling scientific evidence that God authorised the bible”.
Green forest. New leaf press. p.95-109.
15. Fraknoi , Andrew (2009).
“Ancient Astronauts and Erich von Daniken”
Astronomical pseudoscience: A skeptical Resource list. Astronomical society of the pecific. Retrieved 2 Nov 2011.
16. Gandz , Solomon (1953).
“The distribution of land and sea on the earth surface according to Hebrew sources”.
American academy of Jewish research . 22:23-53.
17. Pollak , Melissa (2000).
“Chapter 8: science and technology: public attitude and public understanding”.
National science foundation.
18. David Adam (2010).
“The earth is flat? What plannet is he on ?”.
The Guardian. Archived from the original on 2013.
19. Aaronovitch , David (2010).
“The role of conspiracy theory in shaping modern history”
(1st American ed) New York.
20. Hynek J , Allen (1972).
“The UFO Experience”.
A Scientific Inquiry.p.5 Henry Regenery company.
21. “Frequently asked questions:Bermuda traingle fact sheet”.
US department of defense , 1998.
22. Aune , David E (2003)
“Cosmology”.
New testament and early Christian literature , westminister John knox press.
23. Robert L. Park.
“voodoo science”.
Oxford university press. USA.
24. Narciso , Dean (2007)
“The Car that ran on water”
The Columbus Dispatch Retrieved 2008.
25. Ball , Philip (2007)
“Burning water and other myths”.
Nature News (2008).
26. WU Xianghong (2005).
“Paranormal in china”
Skeptical Briefs news letter.(2008)
27. Gerard wynn (2000)
“Sweet dreams are made of geoengineering”.
28. Carezani Recardo (1997)
“Nucleus- Nucleus collision and Autodynamics”
Physics assay.10(2):193-197.
29. Evans , Myron W (2005).
“Generally covariant unified field theory. Abramis”.
30. Thompson , clive (2003).
“An antigravity underground”.
Wired magazine.