اڏند غاليچو ۽ پليسيبو
(Flying carpet and Placebo)
الف ليلا ۾ ان جو ذڪر ملي ٿو. شهزادو حسن جيڪو اندومان جي سلطان جو وڏو پٽ آهي، اهو وجيا نگر جو سفر ڪري ٿو ۽ اتان اڏند غاليچو خريد ڪري ٿو.(1)
وجيا نگر جنهن کي فتح ڳڙ به چئي سگهجي ٿو. اهو ڏکڻ هندستان ۾ هيو جنهن جا کنڊر اڄ به موجود آهن. الف ليلان ۾ ائين لکيل آهي ته “اڏند غاليچو خريد ڪرڻ کانپوءِ شهزادو سوچڻ لڳو ته، اهو کيس اک ڇنڀ ۾ پنهنجي منزل تي پهچائيندو ۽ سالن جا فاصلا گهڙين ۾ طي ٿي ويندا. اهڙا فاصلا جن کي طئي ڪرڻ ڏکيو هيو.(2)
حضرت سليمان جو اڏند غاليچو مشهور آهي.(3) جيڪو ريشم جو ٺهيل هيو ۽ پاسن کان سون جون جهليون لڳل هيون. اهو سٺ ميل ڊگهو ۽ سٺ ميل ويڪرو هيو. جڏهن حضرت سليمان ان تي ويهندو هيو ته اهو هوا ۾ ايڏو تيز اڏامندو هيو جو هو دمشق ۾ ناشتو ڪندو هيو ۽ رات جي ماني ميڊيا ۾ کائيندو هيو.(4)
ميڊيا ايران جي اتر اولهه ۾ قديم شهر هيو، جتي جا رهواسي ميڊي سڏبا هيا، اهي زرتشت جا پوئلڳ هيا.
هوا حضرت سليمان جي اشاري جي منتظر هوندي هئي. هو هوا کي جيڏانهن اشارو ڪندو هيو. اڏند غاليچو اوڏانهن اڏامڻ لڳندو هيو. هڪ دفعي اڏند غاليچي کي هوا جو جهٽڪو آيو ۽ چاليهه هزار ماڻهو ڪري فوت ٿي ويا.(5) اڏند غاليچي تي پکين جو ولر ڇانوَ ڪندو هيو.
شيخ محمد ابن يحيٰ الجواهر لکي ٿو ته شيخ عبدالقادر جيلاني دجلا نديءَ (Tigris) جي پاڻيءَ تي پنڌ ڪندو هيو. هڪ دفعي پاڻيءَ مٿان سجدي ۾ هيو ته اوچتو ڇانوَ ٿي وئي. مٿان هڪ اڏند غاليچو لنگهيو، جيڪو حضرت سليمان جو هيو. (بصات سليماني)(6) دجلا ندي عراق، شام ۽ ترڪيءَ مان لنگهي ايراني نار ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.
روس جي لوڪ ڪهاڻين ۾ اهڙي اڏند غاليچي جو ذڪر ملي ٿو. جيئن چريو ايوان (Evan the fool). جنهن ۾ “بابا ياگا” هن کي ڪجهه جادوئي سوکڙيون ڏئي ٿو. جن ۾ اڏند غاليچو، روشنيءَ جو گولو جيڪو کيس رستو ڏيکاري ٿو ۽ ڪپڙي ٽڪر جيڪو وقت پوڻ تي درياهه مٿان پل ٿي پوي ٿو.(7)
مارڪ ٽوِن جي ڪتاب “ڪيپٽن اسٽار فيلڊ جو جنت جو دورو” ۾ پڻ اهڙي اڏند غاليچي جو ذڪر آهي.
ڪتاب “الف ليلة وليلة” هڪ هزار هڪ راتيون، اسلام جي عروج وارن ڏينهن ۾ ترتيب ڏنو ويو. اهو عربي زبان ۾ هيو جيڪو پوءِ انگريزيءَ ۾ عرب جون راتيون (Arabian nights) جي نانءُ سان ترجمو ڪري 1706ع) ۾ شايع ٿيو.(8 )
ان ۾ گهڻو ڪري بنو عباس جي خلافت واري دور جون ڪهاڻيون آهن. جڏهن هارون رشيد جي حڪومت هئي. گهڻن جو خيال آهي ته اهو هڪ قديم ڪتاب آهي جيڪو اسلام کان اڳ جو آهي ۽ فارس (ايران) ۾ لکيو ويو. فارس ۾ تڏهن اهو ڪتاب “هزار افسان” جي نالي سان موجود هيو.(9)
ان ۾ ڪهاڻين جا مک ڪردار شهريار ۽ شهرزاد آهن. شهريار ساساني بادشاهه هيو. ساساني عهد جو مدو 224ع کان 651ع تائين آهي. ساساني شهنشاهيت جنهن کي ايران شاهر (Eranshahar) به چيو وڃي ٿو.(10) ان جو پايو اردشير وڌو. اهي پارسي هيا ۽ باهه جي پوڄا ڪندا هيا. ان مملڪت ۾ ايران، عراق، حجاز، شام، مصر، وچ ايشيا، ترڪي، يمن ۽ سنڌ شامل هيا.(11)
شهريار جو ڀاءُ زال جي دَغا بازيءَ جو شڪار ٿيو. شهريار جو عورت ذات تان ايمان کڄي ويو. هن پنهنجي زال کي قتل ڪرائي ڇڏيو. هن عورتن کان ان جو انتقام ائين ورتو جو هر رات هڪ ڪنواريءَ سان شادي ڪندو هيو ۽ صبح سان مارائي ڇڏيندو هيو، سندس مقصد هيو ته نڪاح ۾ آيل ڪنهن به عورت کي جيئن بيوفائيءَ جو موقعو نه ملي. مملڪت جو وڏو وزير جنهن جي فرضن ۾ اهو ڪم شامل هيو ته کيس روز رات جو هڪ ڪنواريءَ جو بندوبست ڪري ڏي. وڌيڪ عورتن جي نه ملڻ تي پريشان ٿي ويو. ان کي خبر هئي ته جيڪڏهن وقت تي شهريار کي عورت نه ملي ته کيس قتل ڪرائي ڇڏيندو. وزير پريشان ويٺو هيو ته سندس ڌيءَ شهرزاد پريشاني سمجهي ويجهو آئي ۽ عرض ڪيائين ته “هو پريشان نه ٿئي. اڄ رات شهريار وٽ هوءَ پاڻ پيش ٿيندي.” هڪ وڏي بحث کانپوءِ سندس پيءُ اجازت ڏني. جڏهن ان جي شادي ٿي ته شاديءَ رات ان شهريار کي قصو ٻڌايو. شهريار سڄي رات اهو قصو غور سان ٻڌو. شهرزاد کي قصي ٻڌائڻ جو ڏانءُ هيو. هن سج اڀرڻ تائين قصو ٻڌائي اهڙي هنڌ انت ڪيو جو قصي جو تجسس رهجي ويو. شهريار کيس چيو ته قصو جلد ختم ڪر جيئن کيس مارائي سگهي پر شهرزاد انجام ڪيو ته قصو هوءَ ايندڙ رات اڳتي وڌائيندي. ائين شهريار کي ٻئي رات جو انتظار ڪرڻو پيو. ٻئي رات به ائين نئي شروع ڪيل قصي جو انت صبح تائين نه ٿي سگهيو ۽ وري تجسس رهجي ويو. آخر اهڙيءَ ريت هزار راتيون گذري ويون ۽ قصا ختم نه ٿيا.(12)
انهن قصن ۾ جنن، ديون، پرين، ڪوهه ڪاف، اڏند عاليچي، پيار، الميي ۽ مزاح جا قصا شامل آهن.(13)
الف ليلا ۾ ادبي زبان استعمال ٿيل آهي. ان ۾ ڊرامائي انداز به آهي ته تجسس به ۽ ڪٿي جذباتي قصا آهن. انهن داستانن ۾ آبحيات ۽ اڏند غاليچن جو ذڪر آهي. دوزخ، جنت، ستارن ۽ سيارن جي دنيا جون ڳالهيون آهن. جن ڀوت، جل پريون ۽ ڳالهائيندڙ وڻن جو ذڪر آهي.(14)
اهڙن قصن کي عباسي خليفن سان جوڙيو ويو پر ڏٺو وڃي ته ان ڪتاب جا اصل قصا ساساني دور جا آهن. جن ۾ وقت به وقت واڌارو ڪيو ويو. الف ليلا جي خاص ڳالهه اها آهي ته ان ۾ هڪ قصي مان ٻيو قصو نڪري ٿو. انهن ڪهاڻين جي آخر ۾ شهريار شهرزاد کي قتل نه ٿو ڪري پر کيس راڻيءَ جو درجو ڏئي ٿو.(15)
References:
1. Brewers dictionary of phrase and fable , p.305.1894.
2. Burton , Richards
“ The thousand nights and a night ”.
volume 13 , 1885.
3. Retold for children by sulamith Ish . Kishor .
“The carpet of Solomon” :
A Hebrew legend 1966.
4. The Jewish Encyclopedia , s.v . solomon .
“ Solomon’s carpet “.
5. The Jewish encyclopedia . ibid.
6. Qala’id-al-Jawahir . Book – 6.
7. Siniavski Andrai et al .
“ Ivan the fool ”
Russian folk belief . Glas series. Glas new Russian writing . p.415.
8. See illustration of little page of Grub-st Edition in yamanaka and Nisho p.225.
9. Marzolpha ( 2007 ).
“ Arabian Nights ”.
Encyclopedia of Islam . I , Leiden , Brill.
10. CTESIPHON
“Encyclopedia Iranica ”
Iranicaonline . org . retrieved , 2013.
11. Will Durant .
“Age of faith”
( simon an Schuster 1950 ). 150 ; Repaying its debt , sasanian art exported it forms and motives eastward into India , Turkestan , and china. Westward into Syria , Asia minor , constantinopole , Balkans , Egypt and spain.
12. David Pinault .
“ Story telling techniques in the Arabian nights”.
( Brill publishers 1992 ).
13. Dwight Reynold ,
“ A thousand and on nights : a history of the text and its reception ”.
Cambridge history of Arabic literature Vo1 6 . ( cup 2006).
14. Eva sallis .
“ Scheherzade through the looking glasses” :
The meta morphosis of the thousand and one nights ( 1999 ).
15. Yamanaka . Yuriko and Nishio , Tetsuo ( ed ) .
“ The Arabian nights and Orientalism – Perspective from east and west ”.
( I.B. Tauris 2006 ).