هوميوپيٿي ۽ پليسيبو
(Homeopathy and Placebo)
هوميوپيٿي علاج جو طريقو 1796ع ۾ سموئل هينيمن (1843-1755ع) ايجاد ڪيو. سموئل جرمن طبيب هيو.(1) ان طريقي کي متبادل علاج جو نانءُ ڏنو وڃي ٿو. ان جي حڪمت اها آهي ته ساڳيو ساڳيي کي ٺيڪ ڪري ٿو (Like cures like). جيڪا جڙي ٻوٽي واپرائڻ کانپوءِ هڪ صحتمند شخص ۾ جنهن بيماريءَ جهڙيون علامتون پيدا ڪري، اها ساڳي جڙي ٻوٽي بيمار جي ساڳين علامتن جو علاج بنجي ٿي.(2) انڪري اهڙي علاج کي هوميو (Homeo) چوندا آهن. جنهن جو مطلب آهي “ساڳيو”
هنيمين وٽ علاج جو اهڙو خيال تڏهن آيو جڏهن هن سنڪونا (Cinchona) جڙي ٻوٽي کاڌي ته کيس جسم ۾ مليريا جهڙيون علامتون پيدا ٿيون. ان جڙي ٻوٽي کائڻ سان کيس بخار، سيءُ ۽ سنڌن جو سور محسوس ٿيو. ان ساڳي جڙي ٻوٽي مليريا جي مرض تي آزمائي ته اهي شفايات ٿيا. هن اندازو لڳايو ته صحتمند شخص ۾ بيمار جون علامتون پيدا ڪندڙ جڙي ٻوٽيون ساڳين علامتن واري بيماريءَ ۾ افاقو ڪن ٿيون.(3) هنيمن پوءِ اهڙيون جڙي ٻوٽيون ڳولهي لڌيون جيڪي مختلف بيمارين تي استعمال ڪيون ويون. اهي جڙي ٻوٽيون اصلي حالت ۾ نقصانڪار پئي ثابت ٿيون، تنهن ڪري مخصوص گار (Miasms) جو طريقو اپنايو ويو. ان طريقي موجب دوائن کي الڪوحل يا پاڻيءَ ۾ ان حد تائين ڇڊو ڪري استعمال ڪرايو ويندو آهي، جنهن مقدار ۾ اهي اثرانگيز هجن.(4)
تازو ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (WHO) وارننگ جاري ڪئي آهي ته مليريا ۽ ايڊز جو علاج هوميوپيٿيءَ سان نه ڪيو وڃي.(5) هوميوپيٿي علاج جو طريقو سائنسي نه آهي. اهڙي علاج جو جاري رهڻ جنهن علاج جي طريقي تي صحيح تحقيق نه ٿيل آهي پر اهو وهم يا گمان جي بنياد تي وجود ورتل آهي. سمجهه ۾ نه ايندڙ آهي.(6) اها علاج جي ڪڌائپ (Quackery) آهي. آسٽريليا جي نيشنل هيلٿ ۽ ميڊيڪل ريسرچ ڪونسل، برطانيا جي هائوس آف ڪامن جي سائنس ۽ ٽيڪنالوجي ڪميٽي ۽ سئزر لينڊ جي فيڊريل هيلٿ آفيس، ان نتيجي پهتيون آهن ته هوميوپيٿي علاج فائديمند نه آهي. انهن اهڙي علاج تي پابندي مڙهي آهي.(8-7)
هوميوپيٿن جو اندازو آهي ته اهڙو علاج چار سئو سال قبل مسيح هپوڪريٽس شروع ڪيو جڏهن مندرڪ نالي ٻوٽي جي پاڙ، مينيا (Mania) جي نفسياتي بيماريءَ ۾ استعمال ڪئي.(9)
سورهين عيسوي صديءَ ۾ پيراسيلسس (Paracelsus) چيو ته دوا جو گهٽ مقدار جيڪو بيماريءَ ۾ مبتلا ڪري ٿو، ساڳي دوا جو گهڻو مقدار ساڳي بيماريءَ جو علاج ٿئي ٿو.(10) هينيمن، پيراسيلسس کان متاثر ٿي هيوميوپيٿيءَ کي زور وٺايو.
ارڙهين صديءَ جي آخر ۽ اوڻويهين صديءَ جي شروع ۾ علاج جا عجيب طريقا هيا. ماڻهن جو علاج جلاب سان ڪيو ويندو هيو. جيئن پيٽ صاف رهي ڇو جو هر بيماريءَ جي جڙ پيٽ کي سمجهيو ويندو هيو. جسم تي ڄورون، سڱيون يا ٻيا رت چوسڻ جا اوزار استعمال ڪري رت ڪڍي ڦٽو ڪيو ويندو هيو. ان سوچ سان ته ائين ڪرڻ سان گندو خون ٻاهر نڪرندو ۽ رت صاف ٿيندو. ڇو جو انسان چئن پاڻياٺن جو ٺهيل آهي ۽ انهن پاڻياٺن ۾ تناسب لازمي آهي. علاج جو اهڙو طريقو ٻه هزار سال پراڻو آهي ۽ دنيا جي ڪيترن ئي حصن ۾ هاڻي به ان تي عمل ڪيو وڃي ٿو.(11) سَوَڻُ (Venice Treacle) جنهن موجب بيماري ان جي ٽوڙ (Anidote) سان ڪري سگهجي ٿي. جيئن کنڊ جي ايجاد ٿيڻ کانپوءِ ان جي مٺاس کي زهر تي آزمايو ويو. ڪارن غلامن کي زهر ڏئي کنڊ کارائي وئي، ان لاءِ ته زهر ڪوڙو ۽ کنڊ مٺي آهي، سو زهر کي ضرور فائدو ڏيندو.(12) هڪ اهڙي ئي دوا چوهٺ جزن مان ٺاهي وئي جنهن ۾ نانگ جو گوشت، آفيم ۽ کونئر شامل هيا ان کي گهڻ مرض جو علاج چئي استعمال ڪيو ويو.(13) اهڙي قسم جو علاج ڪڏهن انسانن لاءِ موتمار پئي ثابت ٿيو، هوميوپيٿي گهڻن جزن واري فارمولا کي رد ڪري هڪ جزي واريون دوائون ٺاهيون ۽ چيو ته بيماريءَ جا ٻه سبب هوندا آهن. هڪ جسماني ٻيو روحاني(14) 2015ع ۾ آمريڪا جي فوڊ ۽ ڊرگ ايڊمنسٽريشن هوميوپيٿيءَ خلاف مقدمو هلايو. هوميوپيٿيءَ بابت دستاويز پيش ڪيا ويا. ان ۾ سائنسدانن، ڊاڪٽرن ۽ دوائن تي تحقيق ڪندڙن کانسواءِ گهڻن لکيل پڙهيل ماڻهن شرڪت ڪئي. انهن اهڙين دوائن کي پليسيبو قرار ڏنو. جنهن موجب ماڻهو پنهنجي ارادي (Will) سان چاڪ چڱو ڀلو ٿئي ٿو، نه ته اهي دوائون زهر آهن. آمريڪا جي ايسوسيئيشن آف پوائيزن ڪنٽرول سينٽر ڏهه هزار ٽي سئو يارهن ماڻهن جي اهڙي لسٽ پيش ڪئي جن هوميوپيٿي دوائون ورتيون ۽ انهن کي نقصان پهتو. اهڙن مريضن ۾ اٺ هزار ست سئو اٺاسي ٻار هيا جن جي عمر پنج يا پنجن سان کان گهٽ هئي. انهن مان ڪيترا دوا وٺڻ کانپوءِ گذاري ويا.(15)
هاڻي به ڳوٺن ۾ ڪتو ڪنهن کي چڪ پائيندو آهي ته زخم تي سائو مرچ ٻڌو ويندو آهي. مقصد اهو ٿي سگهي ٿو ته ڪوڙاڻ زهر جي اثر کي زائل ڪري ٿي، جنهن اثر ڪري ماڻهو ربيز (Rabies) بيماريءَ ۾ مبتلا ٿئي ٿو. ڪنهن وقت پير مڙي سجي ويندو هيو ته پان جو پتو گرم ڪري مٿان رکي ويڙهيندا هيا. چمڙيءَ جي بيماريءَ کان مڇيءَ جي ڏندن جو هار پارائيندا هيا. ننڍا هياسين ته بدوءَ نالي هڪ دوست کي چٽيءَ جي بيماري ٿي پئي، ڏس ڏنائونس ته “ڀنگياڻيءَ کي ڀاڪر پاءِ، اها بيماري ٺيڪ ٿي ويندي.” بدوءَ همت ڪئي، صبح سان سوير جيئن ڀنگياڻي گهٽيءَ ۾ ٻهارو ڏئي رهي هئي ته بدوءَ وڃي ڀاڪر پاتس. ڀنگياڻيءَ ٻه چار ٻهارا وهائي ڪڍيس، ماڻهو ڪريلن جي کل جو رس ڪڍي پيئندا آهن ته جيئن شگر جي مرض ۾ فائدو ٿئي، ڇو جو شگر مٺي ۽ ڪريلا ڪوڙا آهن. مون اهڙي رس پيئڻ کان پوءِ هڪ عورت کي مرندي ڏٺو آهي. ڪدو سنڌن جي سور کي فائدو ان ڪري ڏيندو آهي جو ڪدو گوشت جي مقابلي ۾ جسم اندر گهٽ توانائي پيدا ڪري ٿو. ڪدو کائڻ سان ٻاهرين توانائي گهٽجي وڃي ٿي جنهن ڪري اندرين توانائي استعمال ٿئي ٿي ۽ ائين اندرين توانائيءَ جي استعمال سان لحميات، چرٻي ۽ شگر جي حد هيٺ لهي ٿي. جنهن ڪري جسم جا عضوا هلڪا ٿين ٿا ۽ سور گهٽجي ٿو.
مونکي پنهنجو هڪ عزيز ياد آهي جيڪو گڙدي جي پٿريءَ لاءِ هوميوپيٿي جي دوا پاڻيءَ ۾ ملائي پيئندو هيو. کيس پاسي ۾ سور هوندو هيو، سندس رنگ ويو ٿي ڏينهون ڏينهن پيلو پوندو. ڪو فائدو نه ٿيس ۽ نيٺ آپريشن ڪرايائين. دراصل پٿريءَ جا قسم ٿين ٿا. يورڪ ايسڊ جون پٿريون نرم ٿين ٿيون ۽ اهي ڀُري پيشاب ۾ نڪرن ٿيون. جڏهن ته آڪسيليٽ جون پٿريون سخت ٿين ٿيون جن جو واحد حل آپريشن آهي.
بئريج روڊ تي هڪ پڪوڙائي هوندو هيو، جنهن وٽ مختلف قسم جا نانگ هوندا هيا، نانگ ڏنگيل ان وٽ کڻي ايندا هيا ۽ اهو زهر چوسيندو هيو. ان وٽ مڻيا هوندي هئي جيڪا ڏنگ واري جاءِ تي رکندو هيو. ان عقيدي موجب مڻيا زهر چوسي ويندي آهي. اهي سڀ غلط عقيدا آهن. دراصل ڏنگڻ کانپوءِ زهر جسم ۾ ائين ڦهلبو آهي جيئن ڪراچيءَ جي روڊن تي گٽر جو پاڻي، دير ئي نه لڳندي هر طرف ڦهلجي ويندو. زهر ڏنگ واري جاءِ تي بيهي جوڳيءَ جو انتظار نه ڪندو آهي ته اهو اچي چوسي ڪڍندو. اهڙي متاثر شخص کي اسپتال پهچائڻو آهي جتي سندس صحيح علاج ٿي سگهي. اهڙي ڪا به مڻيا موجود نه آهي جيڪا ڏنگ واري جاءِ تي رکجي ته اها زهر چوسي ويندي، اها ڏند ڪٿا آهي.
جيڪڏهن ڪنهن دوا ۾ آفيم مليل آهي ته ان جو اثر کنگهه، سور ۽ دستن تي هوندو.(16) پر ان جا خراب اثر (Side effects) فائدي کان وڌيڪ نقصانڪار آهن. هوميوپيٿيءَ ۾ اهڙي قسم جي منشيات پڻ شامل آهي. صدين کان ٿوم کي هر مرض جو ڇوٽڪارو سمجهيو وڃي.(17) هاڻي به ڪچي ٿوم چٻاڙي وڃي ٿي. ان مقصد سان ته اها دل جي بيماري ۽ بلڊ پريشر کي فائدو ڏيندي ڇو جو ٿوم چرٻي رجائي ٿي. جسم ۽ ڪنيءَ ۾ فرق آهي. جسم ۾ جيئرو گوشت ۽ ڪنيءَ ۾ مئل گوشت هوندو آهي. ٿوم جو ان کانسواءِ ڪو فائدو نه آهي ته اها کاڌي کي ڳرڻ ۾ مدد ۽ ذائقو ڏي ٿي.
ننڍي هوندي وڏي کنگهه ٿي پئي. بابا سائين شڪارپور جي ڪنهن مزار تي وٺي ويو. ان اتي وهنجاريو ۽ خاڪ شفا کارائي هئي. پاڻي ايڏو ٿڌو هيو جو کنگهه وڌي وئي. پيرن تي پيٽي ۽ پيٽيءَ ڀرسان ڪونر هوندو آهي. پيٽيءَ ۾ پئسا ۽ ڪونر ۾ خاڪ شفا هوندي آهي. پيٽيءَ کي تالو لڳل هوندو آهي. خاڪ شفا کليل هوندي آهي. ماڻهو خاڪ شفا کڻندا آهن ۽ پيٽيءَ ۾ پئسا وجهندا آهن. پيٽي ڀرجي ويندي آهي ۽ ڪونر خالي ٿي ويندو آهي. مجاور به خوش، سائل به خوش.
انسان حيلا هلائي ٿو. هو وس آهر وس ڪري ٿو. روئي ٿو، رڙي ٿو. واٽ جو ڏس اهڙي رهبر کان پڇي ٿو جيڪو رهبر ان واٽ کان واقف ئي نه آهي. نانگ کي پڪڙي ٿو، ان نيت سان ته کيس ڏنگ کان بچائيندو. بي وس انسان ڇا ٿو ڪري سگهي؟ خاص ڪري ان معاشري ۾ جتي تعليم جو معيار نه آهي. کيس دنيا ۾ ايندڙ تبديلين جي خبر نه آهي. انڌو عقيدو جاهل جي نظرن سان نوبنو ٿئي ٿو. انسان کي تسڪين گهرجي. دلجاءِ ڏيو ته هاڻي هو چڱو ڀلو ۽ تازو توانو پيو ڏسجي ته مريض جي منهن ۾ پاءُ رت وڌي ويندو. ڪوڙي تعريف نه ڪجو ڇو جو هڪ دفعي مون سعودي عرب ۾. نوڪريءَ دوران ڀرسان واري ڪمري ۾ رهندڙ گجرات انڊيا جي هڪ ڀٽ جي تعريف ڪئي هئي. اهو ڀٽ ريڊيالوجسٽ هيو. جيئن اسان تياري ڪري اسپتال وڃڻ لاءِ وين جي انتظار ۾ ٻيٺا هياسين ته مون ڀٽ کي ڏسي چيو “واهه اڄ ته ڏاڍو سمارٽ پيو نظر اچين.” ڀٽ ائين خوش ٿيو ڄڻ مان مصر جي ڪلو پيٽرا جي تعريف ڪئي هجي. پوءِ روز هو وين ۾ چڙهڻ مهل وار ٺاهي هر هر مون ڏي ڏسندو هيو ته جيئن وري سندس تعريف ڪيان.
مير خان پاٻوڙيءَ جو مشهور لوڪ داستان آهي ته ڪو گدڙ نيروليءَ جي ڪن ۾ ڪري نيرو ٿي پيو. جڏهن جهنگ ۾ ويو ته کيس ڏسي سڀ جانور ڊڄي ويا ته هيءَ ڪهڙي بلا آهي جيڪا اڳ ڏٺي نه آهي سو کيس سورمو سمجهي مير خان پاٻوڙيءَ جو لقب ڏنائون. ڪن جانورن شينهن وٽ به اهڙي تعريف ڪئي جو شينهن متاثر ٿيو ۽ مير خان پاٻوڙيءَ کان ڊڄڻ لڳو. هڪ دفعي جڏهن مينهن وسيو ته پاڻيءَ ۾ ڌوپجي گدڙ جو رنگ لهي ويو. سڀني کي خبر پئي مير خان پاٻوڙي هڪ گدڙ آهي.
اهڙو رنگ گهڻن کي چڙهيل آهي. اهو رنگ گهڻن لاءِ پليسيبو آهي ته اهي چڱا مڙس آهن. باقي آهي ائين ته ڦڪيون فرق ڪن، جڏهن امر ٿئي انهن کي. ڦڪيون بهانو آهي. پليسيبو آهي.
References:
1. Hahnemann , Samuel ( 1833 ).
“The homeopathic medical doctrine” or “Organon of the healing art”.
Dubin : W.F wakeman p.48 - 49.
2. Smith K ( 2012 ).
“ Homeopathy is unscientific and unethical ”
Bioethics . 26 (9) : 508 - 512.
3. Robert W. Ullman ; Judyth Reichenberg. ullman ( 1994 ).
“ The patients guide to homeopathy medicine ”.
Picnic point press. p. 1-2.
4. Hahnemann S ( 1921 ).
“ The organon of the healing Art”
( 6th ed ). Aphorism. 128.
5. Mashta O ( 2009 ).
“ Who warns against using homeopathy to treat serious disease”
BMJ. 339:3447-3447.
6. Paul S. Boyer.
“The oxford companion of united states history”.
Retrieved 2013.
7. Musgrave . I ( 2014 ).
“ No evidence homeopathy is effective. NHMRC review”.
The conversation. 2015.
8. “ Swiss make new years regulations ”
SWI swissinfo . ch . ( 2015 ).
9. Hemenway , Henry Bixby ( 1894 ).
“ Modern Homeopathy and Medical Science ”.
JAMA: The journal of American Medical Association. XXII ( II ) : 367.
10. “Paracelcus ( German – Swiss physician )”
Britannica online Encyclopedia Britannica retrieved 2009.
11. “ Blood letting ”.
British science museum . 2009.
12. “Phlebotomy ( book )”.
Bonnie K. Davis ( 2001 ).
13. Hodgson B ( 2001 ).
“In the arms of Morpheus : The tragic history of morphine”
Laudanum and patent medicine : Firefly books. p. 18.
14. w. steven pray ( 2003 ).
“ A history of non prescription product regulation ”.
psychology press.p.192.
15. Nowry J ; et al ( 2013 ) .
“ 2012 annual report of the American association of poison control centres ”.
Clinical toxicology informa . 51 ( 10 ) : 949 – 1229.
16. “Homeopathic drugs : No better than placebo”?.
Washington post. December 21 , 2015.
17. “ Dynamization and dilution. Complementary and alternative medicine ”.
Creighton university department of pharmacology 2002.