تاريخ، فلسفو ۽ سياست

پليسبو [سائنسي فلسفو]

ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار رسول ميمڻ پاران سائنسي فلسفي تي لکيل ھڪ بھترين ڪتاب آھي. رسول ميمڻ لکي ٿو:
”ڪائنات پليسيبو جي ٿنڀن تي بيٺل اهڙو ٿيٽر آهي جنهن ۾ ڪردار عيوض ۾ ملندڙ داد جا منتظر آهن. آسرو زندگيءَ جي بقا جو سڀ کان وڏو سهارو آهي. دل مطمئن آهي ته ڪيل گناهه معاف آهن. ثوابن ۽ گناهن ۾ سمجهه جو فرق آهي.
عقيدو، عبادت، دعا، تعويذ، قرباني، توبهه، جادو، ٽوڻو، خيرات، زڪوات، ڦوڪ ۽ شوڪارو اهي سڀ پليسيبو آهن. پليسيبو حوصلو، همت ۽ سهارو آهي. “
  • 4.5/5.0
  • 61
  • 39
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رسول ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book پليسبو [سائنسي فلسفو]

جعلي جراحي ۽ پليسيبو

جعلي جراحي ۽ پليسيبو

(Sham Surgery and Placebo)

جعلي جراح پليسيبو آهي.(1) اهڙي جراحي صرف مريض کي مطمئن ڪرڻ لاءِ هوندي آهي. ڪڏهن گلوڪوس جي ٿيلهي يا پاڻيءَ واري سُئيءَ سان مريض فائدو محسوس ڪندو آهي.(2) سن 1939ع ۾ فيچي (Fieschi) کٻي پاسي ٿڻ ۾ ڌاڳو ويڙهي دل جي بيمارين جو علاج ڪندو هيو.(3)
ايڪيو پنڪچر جنهن ۾ سنهيون سئيون جسم جي مختلف هنڌن تي هڻي علاج ڪيو ويندو آهي.(4) اهڙو علاج چين ۾ ٿئي ٿو جنهن جو سائنسي بنياد نه آهي.(5) ائين به ٿئي ته سئين ذريعي سور جو علاج ڪڏهن پاڻ سور جو سبب ٿي پوي ٿو، پر جي اهي سور ۾ گهٽتائي آڻين ٿيون ته اهو پليسيبو جو اثر آهي.(6) ائين به ٿيو آهي ته سئين سان ماڻهوءَ کي انفيڪشن ۽ ٻيون بيماريون ٿين ٿيون.(7) ان علاج جي فلسفي موجب ساهواري ۾ زندگيءَ جي طاقتور توانائي (Life force energy) ٿئي ٿي جنهن کي Chi يا gi چيو وڃي ٿو. سنهين سئين جو ان تي اثر آهي.(8) علاج جو اهڙو طريقو چين ۾ عيسا کان سوَ سال پهريون کان رائج آهي.(9) نه صرف اهو طريقو پر اهڙا سوين طريقا دنيا ۾ موجود رهيا آهن ۽ موجود رهندا پيا اچن.
سنڌ ۾ ڀوپا جيڪي ڪڏهن جراح به ليکبا هيا، اهي اهڙي جراحي ڪندا هيا. اڌ رنگي جو علاج ائين ٿيندو هيو جو ڀوپا متاثر پاسي مان گوشت ڪڍي تارازيءَ ۾ توري دفنائيندا هيا.
منهنجي والد صاحب جون اکيون ڪڏهن ٺيڪ نه ٿيون، ان ٻڌايو ته جڏهن ننڍو هيس ته کيس اکين جو آرزو ٿي پيو. ڏاڏي گهڻا وس ڪيا، ٺيڪ نه ٿيو، نيٺ ڀوپا گهرايا ويا جن وٽ تيز ڌار اوزار هوندا هيا. اهي اکيون ڇليندا هيا.
والد صاحب جي واتان اهڙي ڳالهه ٻڌي ننڍي هوندي مان روئي پيو هيس ۽ هاڻي به روئڻ پيو اچي. منهنجي والد جي نظر ڪڏهن ٺيڪ نه ٿي.
ڪجهه باگڙي عورتون هيون جيڪي جراحيءَ جو ڪم ڪنديون هيون. انهن وٽ سنها سڱ هوندا هيا، سڱ ۾ سوراخ هوندو هيو، اهي جسم جي مختلف حصن تي سڱ چاڙهي سُوٽ ڏئي رت ڇڪينديون هيون. اهڙي علاج کي “سڱيون چاڙهڻ” چوندا هيا. ساڳي طريقي سان سڱين بجاءِ ڄورن استعمال ٿينديون هيون. ڄورون ڍنڍن يا تلائن ۾ ناسي رنگ جا جيت هونديون آهن، جيڪي جسم کي چنبڙي رت چوسينديون آهن. اهو عقيدو آهي ته جسم ۾ خراب رت ڪٺو ٿي وڃي ٿو جنهن کي ڪڍرائڻ ضروري آهي. سائنسي طرح اهو غلط آهي ڇو جو پوري جسم ۾ ساڳيو رت ٿئي ٿو، سڱين يا ڄورن کي ڪا اهڙي شڪتي نه آهي جو اهي خراب رت جي چونڊ ڪري ان کي ٻاهر ڪڍي ڦٽو ڪن. مختلف بيمارين جا جراثيم رت کي متاثر ڪن ٿا ۽ اهي جراثيم ڪنهن مخصوص جاءِ تي هجڻ بجاءِ رت ۾ هر هنڌ ڦهليل ٿين ٿا. اهڙين بيمارين جو علاج جراثيم ڪش (Antibiotics) دوائن کانسواءِ ٻيو نه آهي.
ننڍي هوندي اسان ٻارن کي جڏهن اکين جي سوزش ٿيندي هئي ته پاڙي جي هڪ بزرگ عورت سمهڻ کان اڳ روز رات جو اکين ۾ کنڊ وجهي مٿان مٽيءَ جا پها ٻڌي هلي ويندي هئي ۽ اهڙو وقت ايندو هيو جو اسين شفاياب ٿيندا هياسين. دراصل اکين جي اهڙي سوزش وائرس ڪري هوندي هئي جيڪا وقت گذرڻ سان پنهنجو پاڻ ٺيڪ ٿي ويندي هئي. وائرس گهڻو ڪري جسم جي مدافعت (Immunity) کان پوءِ ٺيڪ ٿي ويندي آهي. هاڻي سوچيان ٿو اکين ۾ کنڊ وجهڻ وارو عمل ٺيڪ نه هوندو هيو ڇو وائرس کانسواءِ ٻيا جراثيم کنڊ تي ڦهلجن ٿا. منهنجو پليسيبو ۾ انڪري عقيدو آهي جو هاڻي چوان ٿو شڪر آهي مالڪ جو قسمت سٺي هئي نه ته مائيءَ پنهنجي پاران گهٽايو ڪين هيو، پر ان جو ڏوهه به نه هيو ڇو جو ويچاريءَ کي ڄاڻ نه هئي، بس پناهه جو هر ٿاڪ پليسيبو آهي.
ڪڏهن بجلي نه هوندي هئي ٻارن کي داڻا ۽ ڦرڙيون هونديون هيون. پاڙي جو حجم ٽڪا ڏئي روڳ ڪڍي ڦٽن ۾ مٽي ڀريندو هيو. ڏاڏي کي ڳلي ۾ سوزش ٿيندي هئي ته اهو پاڙي جي هڪ حاجاڻيءَ کان ڪاڪڙو کڻائيندو هيو. حاجاڻي نم جي ڪاٺيءَ تي پوپو وڙهي سائي ڦودني ۾ ٻوڙي کيس وات کولرائي ڪاڪڙي ۾ هڻندي هئي ۽ چوندي هئي.
“پريا مڙس ڪاڪڙو کڻاءِ.”
ائين چار پنج دفعا ورجهائيندي هئي ۽ ڪجهه ڏينهن کانپوءِ سندس ڳلي جي سوزش گهٽجي ويندي هئي. اهي ٽڪا پنجا (Remedies) علاج جو بهانو هوندا هيا، ڇو جو غريباڻي ماحول ۾ ٻيو ڪو وسيلو نه هوندو هيو ۽ اهو به ضروري هوندو هيو ته علاج ڪرايو وڃي نه ته بيماري ڪيئن ٺيڪ ٿيندي.
مذهبي عقيدي موجب حياتي لکيل آهي، جيڪڏهن پڙهيل هجي ها ته ڪهڙو نه سٺو، پر پڙهيل تڏهن هجي ها جڏهن لکيل هجي ها مان موضوع کي دلچسپ بنائڻ لاءِ اهو سڀ مزاح طور چوان ٿو. هتي حياتيءَ جي لکيل هجڻ جو منهن اوڀر طرف ۽ پڙهيل هجڻ جو منهن اولهه طرف آهي. هيءُ اهو لکيل پڙهيل نه آهي جيڪو اسڪولن ۾ لکيو پڙهايو وڃي ٿو. هيءُ اهو لکيل پڙهيل آهي جيڪو قسمت جو لکيل ۽ ڪنهن عامل جو پڙهيل آهي. جيڪو پاڻي، شربت يا کير ٿي سگهي ٿو. عامل جو پڙهيل پاڻي گهڻن پڙهيلن کان وڌيڪ اثر انگيز ٿي سگهي ٿو جيڪڏهن توهان جو عقيدو آهي. شوڪاري سان ٻه شيون اڏامنديون آهن. هڪ سور ٻيو ڌوڙ، سائل کي هڻ ته سور، مٽيءَ کي هڻ ته ڌوڙ.



References:
1. Tenery R – Rekansty H, Providence RI, Redric FA Jr- et al ( 2002 ).
“Surgical Placebo controls”.
Annals of surgery 235 (2): 303-7
2. Stolberg SG ( 1999 ).
“ Sham surgery returns as research tools”
The New York times. Retrieved May 1 , 2009.
3. Cobb LA , Thomas GL , Dillard DH , Merendino KA , Bruce RA ( 1959 ).
“ A evaluation of internal – mammary artery ligation by double blind technic ”.
New England Journal of Medicine.260(22): 1115-8.
4. Cheng.X (1987 ). Chinese acupuncture and Moxibustion ( Ist ed.). Forign language press.
5. Needham J. Lu GD ( 2002 ). Celestial lancets:
“ A history and rationale of acupuncture and moxa”.
Routledge.
6. Singh S , Ernst E , ( 2008 ) .
“ Trick or treatment : Alternative medicine on trial ”
London : Bantam.
7. Madsen , M.V . Gotzsche , P.C ( 2009 )
“ Acupunture treatment for pain. Systemic review of randomised clinical trials with acupuncture , placebo acupuncture and no acupuncture groups” .
BMJ . 338 : a 3115.
8. Wiseman N , Ellis A ( 1996 ).
“ Fundamentals of Chinese medicine ”.
Paradigm publications.
9. Barnes , L L ( 2005 ).
“ Needles , Herbs , Gods , and Ghosts. China , Healing and the west to 1848 ”.
Harvard university press.