تاريخ، فلسفو ۽ سياست

پليسبو [سائنسي فلسفو]

ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار رسول ميمڻ پاران سائنسي فلسفي تي لکيل ھڪ بھترين ڪتاب آھي. رسول ميمڻ لکي ٿو:
”ڪائنات پليسيبو جي ٿنڀن تي بيٺل اهڙو ٿيٽر آهي جنهن ۾ ڪردار عيوض ۾ ملندڙ داد جا منتظر آهن. آسرو زندگيءَ جي بقا جو سڀ کان وڏو سهارو آهي. دل مطمئن آهي ته ڪيل گناهه معاف آهن. ثوابن ۽ گناهن ۾ سمجهه جو فرق آهي.
عقيدو، عبادت، دعا، تعويذ، قرباني، توبهه، جادو، ٽوڻو، خيرات، زڪوات، ڦوڪ ۽ شوڪارو اهي سڀ پليسيبو آهن. پليسيبو حوصلو، همت ۽ سهارو آهي. “
  • 4.5/5.0
  • 61
  • 39
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رسول ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book پليسبو [سائنسي فلسفو]

مذهب ۽ پليسيبو

مذهب ۽ پليسيبو

(Religion and Placebo)

مذهب، ايمان ۽ عقيدو آهي جيڪو خدا سان ناتو جوڙي اهڙو معاشرو قائم ڪرڻ ۾ مددگار ٿئي ٿو جيڪو برائين کان پاڪ هجي ۽ جنهن وسيلي عبادت ۽ اخلاق سان خدا ۽ بندن کي راضي رکي سگهجي.(1)
دنيا ۾ هڪ هزار جي لڳ ڀڳ مذهب آهن.(2) دنيا جي آباديءَ جو اٽڪل چورياسي سيڪڙو ماڻهو پنجن مذهبن سان لاڳاپيل آهن. عيسائيت، اسلام، هندومت، ٻڌمت ۽ لوڪ مذهب(3) دنيا ۾ ڪيترائي ماڻهو ڪنهن به مذهب سان لاڳاپيل نه آهن. جن کي دهريو (Atheist) يا لا ادراڪي (Agnostic) چئجي ٿو. سائنس جي اثر کانپوءِ اهڙن ماڻهن جو تعداد ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي.(4)
خدا (Monotheism) يا خدائن (Polytheism) تائين رسد حاصل ڪرڻ جي جستجوءَ ۾ مذهب ماڻهن جو سهارو رهيو آهي. ڪائنات جي تخليق ۽ شعور جاڳڻ سان ساهوارو حيرت ۽ اسرار ۾ ڦاٿل رهندو آيو آهي. ان جو عقيدو/وحدانيت يا ڪثرانيت رهيو آهي. حضرت ابراهيم کان اڳ ڪثرانيت جو عقيدو دنيا تي غالب رهيو آهي. جڏهن ته ان کانپوءِ وحدانيت جو پيغام پهتو آهي. دنيا ۾ ميسوپوٽيميا جو خطو مذهبن جو مرڪز رهيو آهي. اهو خطو ٻن درياهن جي وچ ۾ آهي. جيڪي فرات (Euphrate) ۽ دجلا (Tigris) آهن. اهي ٻئي درياهه ترڪي ۽ آرمينيا جي جبلن مان نڪري اڳتي هلي پاڻ ۾ ملن ٿا ۽ هڪ ڌارا جي صورت ۾ ايراني نار ۾ ڇوڙ ڪن ٿا. جنهن کي “شط العرب” چئجي ٿو. انهن ٻنهي درياهن جي وچ ۾ مذهب ۽ تهذيبن جنم ورتو. ميسوپوٽيسيا ۾ هن وقت عراق، ڪويت، شام، اتر ايران ۽ ترڪيءَ جو اتر اوڀر وارو حصو شامل آهن. بابل ۽ نينوا جي تهذيبن اتي جنم ورتو. عيسا کان اٽڪل ساڍا ٽي هزار سال اڳ نمرود خدائيءَ جو اعلان ڪيو. نمرود، حام بن نوح جي پوٽي ڪوش جو پٽ هيو. هن دجلا درياهه ڪناري نينوا نالي شهر جو بنياد وڌو ۽ پنهنجي سلطنت قائم ڪئي. بائيبل ۾ نمرود کي شنار جو بادشاهه چيو ويو آهي. شنار کي آشوريا به چيو وڃي ٿو. جيڪو پوءِ بدلجي سريا ٿي پيو.(5)
نينوا شهر ۾ نمرود هڪ مينار ٺهرايو ۽ ان مينار جي اوچائيءَ تي بيهي پنهنجي خدائيءَ جو اعلان ڪيو. نمرود تاريخ جي صفحن تي پهريون شخص آهي جنهن خدا جي وجود جو انڪار ڪري پاڻ خدا سڏايو. هن عقيدن ۽ احڪامن کي پامال ڪري پاڻ کي طاقتور ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.(6)
نمرود جڏهن نينوا جو بادشاهه هيو ته حضرت ابراهيم جو ظهور ٿيو. حضرت ابراهيم خدا جي وحدت جو پيغام ڏنو جڏهن ته نمرود پاڻ خدائيءَ جو دعويدار هيو. نمرود ابراهيم کي باهه ۾ ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي پر باهه گل بنجي وئي.(7) ان واقعي کانپوءِ ابراهيم نينوا جو شهر ڇڏي يردن نديءَ جي ڪناري آيو. يردن ندي شام جي اولهه سرحد وٽ بحر روم جي ٻيٽن ڀرسان آهي. يردن نديءَ جي ڪناري ڪنعان جي قوم آباد هئي. ڪنعاني حام بن نوح جي نسل مان هيا. ابراهيم سان گڏ سندس ڀائٽو لوط به اتي آيو. لوط کي حڪم ٿيو ته هو سدوم (Sodom) شهر وڃي ماڻهن کي برائيءَ کان روڪي. سدوم جو شهر هم جنس پرستيءَ ڪري مشهور هيو. انگريزي لفظ سوڊومي (Sodomy) ان مان نڪتل آهي. ان شهر تي خدائي قهر نازل ٿيو ۽ اهو ٻڏي ويو. ان جاءِ کي بحرمردار (Dead sea) چون ٿا. بحرمردار، فلسطين ۽ اردن جي سرحدن وٽ موجود آهي.
ابراهيم کي ارشاد ٿيو ته هو واديءِ ذي زرع (حجاز) وڃي ۽ نيڪيءَ جي تاڪيد ڪري. حجاز جنهن کي هاڻي سعودي عرب چئجي ٿو ان کي واديءِ ذي زرع انڪري چيو ويو جو اهو رڻ پٽ هيو ۽ ڪا به زراعت نه ٿيندي هئي. اتي بي بي حاجرا مان کين اسماعيل عطا ٿيو. قربانيءَ جو واقعو پيش آيو ۽ ابراهيم، اسماعيل سان ملي ڪعبي جي اڏاوت ڪئي. ابراهيم ڪنعان موٽيو جتي بيبي سارا ۽ سندس وڏو پٽ اسحاق رهندا هيا.(8)
عيص ۽ يعقوب، اسحاق جا فرزند هيا. عيص ڪنعان جي اتر وارن جبلن کي پنهنجو گهر ٺاهيو. ان جي قوم ادوميءَ جي نالي سان سڏجي ٿي. ادومي جبلن ۾ غارون کوٽي رهندا هيا. جيئن اسان وٽ بلوچستان ۾ اهڙيون غارون آهن ائين ادومين جون غارون ڪنعان جي اتر ۾ اڃان محفوظ آهن.
حضرت يعقوب کي اسرائيل جو لقب مليل هيو، کيس ٻارنهن پٽ هيا، جن مان يوسف سڀ کان ننڍو هيو، ڀائرن حسد مان يوسف کي مصر ڏانهن ويندڙ هڪ قافلي کي وڪيو. يوسف مصر ۾ ڏکيا ڏينهن گذاريا ۽ نيٺ فرعون جي درٻار ۾ خاص وزير ٿيو. هن پيغام موڪلي پنهنجي ڀائرن ۽ پيءُ کي مصر اچڻ لاءِ چيو. جڏهن اهي آيا ته ڀائرن يوسف کان معافي ورتي ۽ پوءِ اتي ئي رهي پيا.(9)
تورات جا ٻه جلد نينوا بابت لکيل آهن.(10) هيروڊوٽس موجب نينوا جو آخري بادشاهه سراقس هيو. اهو عياش ۽ ميڪش هيو. اهو ايڏو ته عياش هيو جو هر قسم جي عياشيءَ جو سامان ان لاءِ بي معنا هيو. کيس ڪو نئين عياشيءَ جو رستو ڪڍي ڏيندو هيو ته ان کي انعامن ۽ اڪرامن سان نوازيندو هيو. هن جو سلطنت جي امور سان ڪو تعلق نه هيو. سڄو ڏينهن حرم ۾ پيو هوندو هيو. هن مٿان عورتن جو ايڏو اثر ٿيو جو عورتن جهڙيون حرڪتون ڪندو هيو. ان حد تائين جو عورتن جهڙا ڪپڙا پائيندو هيو. سٽ ڪتيندو هيو. ڪپڙا سبندو هيو ۽ ڀرت ڀريندو هيو. هو بت پرست هيو.
بابل وارن نينوا تي حملو ڪيو، ان کان اڳ جو اهي قابض ٿين، سراقس نينوا کي باهه ڏئي ساڙائي ڇڏيو، جنهن ۾ هو حرم سميت دفن ٿي ويو. اهڙا کنڊر هاڻي به دجلا ڪناري موجود آهن.
اڍائي هزار سال قبل مسيح نينوا جي تباهيءَ کانپوءِ بابل جي شهر عروج ورتو. اهو فرات ڪناري آباد هيو. ان چوڌاري ڏنل ڀت ايڏي ته ٿلهي هئي جو ڀت مٿان هڪ مهل ٽي رٿ گڏ هلي سگهندا هيا. شهر ۾ هڪ وسيع مندر هيو جنهن ۾ “بعل” نالي بت هيو. هڪ عاليشان محل هيو، هٿرادو جبل هيا، باغ باغيچا، ترڻ جا تلاءَ ۽ هر قسم جي عياشيءَ جو سامان هيو. تورات ۾ ان کي شهرن جو سرتاج چيو ويو آهي. اتي دولت جا انبار ۽ طاقت جو نشو هيو.(11)
عيسا کان چار هزار سال اڳ جڏهن مهاٻوڏ آئي هئي ۽ نوح ٻيڙو تيار ڪيو ته پاڻي لهڻ کانپوءِ اهو ٻيڙو جودي جبل جنهن کي انگريزيءَ ۾ “ارارات” چيو وڃي ٿو، اتي اچي ٽڪيو، جودي جبل هڪ ٻرندڙ جبل آهي، جيڪو هاڻي به موجود آهي. اهو جبل آرمينيا، روس ۽ ترڪي جي سرحدن جي ميلاپ وٽ آهي.
آدم جو نسل جيڪو نوح جو اولاد آهي اهو دجلا ۽ فرات جي ڪناري آباد ٿيو، انهن مان ئي مختلف قبيلا ٺهيا ۽ تهذيبن جنم ورتو. جيڪي فرات ڪناري آباد هيا انهن کي بني سام چيو وڃي ٿو، اهي توحيد پرست هيا ۽ حضرت نوح جي پيغام تي عمل پيرا رهيا، کين هيبرو يا عبرانيءَ جي لقب سان ياد ڪيو وڃي ٿو.(12)
مصر، تاريخ ۾ حام بن نوح جي پٽ مصرائيم جي نالي پويان آهي. مصر جو ملڪ نيل نديءَ ڪناري ڦهليل آهي، مصر، علم، فن ۽ عمارتسازيءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ رهي آهي. مصر جا اهرام جيڪي فرعونن جا مقبرا آهن اهي ڪاريگريءَ جو ڪمال آهن. فرعون جيڪي بت پرست هيا ۽ انهن جو عقيدو هيو ته ماڻهو مري جيئرو ٿئي ٿو. مرڻ کانپوءِ روح جسم ۾ موٽي زندگي ڏئي ٿو. اهڙي مذهبي عقيدي موجب اهي مرڻ کانپوءِ جسم محفوظ ڪندا هيا. جسم کي اهڙا مصالحا هڻندا هيا جو اهي ڳرڻ کان محفوظ رهندا هيا. مصالحن هڻڻ کانپوءِ ململ جون پٽيون ويڙهيندا هيا جيئن جسم کي سٺي طريقي محفوظ ڪري سگهجي. اهرام ۾ دفنائڻ کان اڳ اتي ضرورت جي استعمال جون شيون، مال خزانا ۽ ڪڏهن جيئرن ڪنيزن کي پڻ دفنايو ويندو هيو جيئن جيئري ٿيڻ کانپوءِ فرعون کي تڪليف نه ٿئي.
ابو لهول جو مجسمو جنهن جو ڌڙ شينهن جو ۽ منڊي ماڻهوءَ جي آهي. مصر جا ماڻهو ان جي عبادت ڪندا هيا ۽ اتي ٻَليون چاڙهيندا هيا. انهن وٽ جيڪي نيڪي ۽ بديءَ جا ديوتا هيا. ڪارا ڏاند جن جي جسم تي خاص نشان هوندا هيا، اسائرس ديوتا ڏانهن منسوب ڪري انهن جي پرستش ڪندا هيا، اسائرس نيڪيءَ جو ديوتا هيو، جڏهن ته ڪارو ٽائيفون بديءَ جو ديوتا هيو. ڪتن، ٻلين، واڳن ۽ پکين کي پوڄيو ويندو هيو.(13)
جڏهن اتي حضرت يعقوب جي ٻارهن پٽن جي اولاد وڌي ته وحدانيت جي پيغام فرعونن کي پريشان ڪري ڇڏيو، انهن تي ظلم ۽ ستم ٿيا. نيٺ عيسا کان اٽڪل ٻه هزار سال اڳ موسيٰ نبي جيڪو ساڳي قوم مان هيو بني اسرائيل کي ساڻ ڪري مصر مان نڪتو.
قلزم رڻ ۾ جتي سينا جا جبل آهن. اتي ڪوهه طور تي موسيٰ مٿان ڏهه احڪام نازل ٿيا. انهن ۾ بني اسرائيل لاءِ وحدت جو پيغام ۽ بت پرستيءَ کان منع ٿيل آهي.(14) بني اسرائيل خدا جي اهڙي حڪم کي ٺڪرائي ڇڏيو. مصر مان نڪرڻ کانپوءِ سزا طور اهي پنهنجي منزل تي پهچي نه سگهيا. چاليهه سال “تيا” جي رڻ پٽ ۾ رلندا رهيا، پوءِ توبا تائب ٿيا ۽ “من وصلوا” نازل ٿيو. ان عرصي دوران حضرت موسيٰ گذاري ويو. ان جي پوئلڳ يوشع بن نون قوم جي رهنمائي ڪئي ۽ اهي ڪنعان جي سر زمين تي پهتا. انهن ڪنعانين جي ڪيترن ئي قبيلن کي بي دخل ڪري جلاوطن ڪيو. ڪنعان جي زمين وسيع ۽ بني اسرائيل جي آدمشماري کان وڌيڪ هئي. انهن ڪجهه ڪنعاني قومن کي آزادي ڏني ته ڀل اتي رهن. جن کي آزادي ڏني وئي انهن ۾ هڪڙا فلسطيني هيا جيڪي ڪنعان جي اتر ۾ رهندا هيا ۽ ٻيا زدوني هيا جيڪي سمنڊ ڪناري لبنان ۾ آباد هيا.
زدوني رومي سمنڊ (Mediteranian) جي ڪناري هاڻوڪن شام، لبنان ۽ اردن جي ملڪن جا رهندڙ هيا، زدوني عظيم الشان قوم هيا ۽ پئسي وارا هيا، اهي واپار ڪندا هيا. زدون ۽ طائر وڏا بندرگاهه هيا. تاريخ ۾ ان قوم کي فينيشين (Phoenician) سڏيو ويو آهي.(15) ڏند ڪٿائي فينڪس (Phoenx) پکيءَ کي ان قوم جي حوالي سان نانءَ ڏنل آهي. اهو اهڙو امر پکي آهي جيڪو مري نه ٿو. باهه جو ٺهيل آهي ۽ رک ٿي وري باهه ٿئي ٿو.
زدوني جن شين جي تجارت ڪندا هيا انهن ۾ زيتون جو تيل، سپين مان ٺهيل رنگ، ساڳ جي ڪاٺي، جن عيوض هو ٻين ملڪن کان اناج ۽ ململ وٺندا هيا. انهن وڏا ٻيڙا ايجاد ڪيا جيڪي آفريڪا مان عاج ۽ ايشيا مان سون ۽ ململ کڻي ايندا هيا. زدوني بت پرست هيا، انهن جي سڀ کان وڏي بت جو نالو “بعل” هيو. اهي آسماني ستارن جي شبيهن ۾ ديوتا جو چهرو ڏسندا هيا. “منجلا” ديويءَ کي زحل ستاري پويان ٺاهيو ويو هيو. منجلا جي هٿن ۾ تئو هوندو هيو. هيٺان باهه ٻرندي هئي. مائرون پنهنجا کير پياڪ ٻار ان تئي تي رکي ٻَلي چاڙهينديون هيون. ٻار سڙي خاڪ ٿي ويندا هيا. “اشورٿ” ديويءَ کي چنڊ جي ديوي چوندا هيا. ٻيو ديوتا جنهن کي “تموز” چيو ويندو هيو اشورٿ جو عاشق هيو. زدوني عورتون انهن اڳيان اگهاڙيون ٿي نچنديون هيون ۽ کاڌي پيتي جو سامان رکنديون هيون. سرءُ جي موسم ۾ تموز ديوتا جو موت ٿيندو هيو ۽ عورتون وار ڪٽائي روڃ راڙو ڪنديون هيون. بهار جي مند ۾ تموز وري جيئرو ٿي پوندو هيو ۽ عورتون نچنديون ڳائينديون هيون.(16)
بني اسرائيل تي زدوني قوم جو اثر ٿيڻ لڳو. انهن جي وحدانيت تي برا اثر پوڻ لڳا. بني اسرائيل تي بت پرستيءَ جو اثر ان وقت به ٿيو هيو جڏهن موسيٰ جي اڳواڻيءَ ۾ مصر کان ايندي هڪ سامريءَ جي چوڻ تي انهن “سون جو گابو” ٺاهيو هيو ۽ ان جي عبادت ڪئي هئي. ڪنعان ۾ اچڻ کانپوءِ زدوني تهذيب جا انهن تي اثر پوڻ شروع ٿيا. بني اسرائيل جا ڪيترا قبيلا بت پرست ٿي ويا. اٽڪل پوڻا ٽي هزار سال قبل مسيح حضرت سليمان تحت نشين ٿيو. ان مسجد اقصيٰ ٺاهي. راهه تان ڀٽڪيل بني اسرائيل کي وري واٽ تي آندو. انهن مٿان بت پرستيءَ جي اثر کي ختم ڪرڻ لاءِ زدون ۽ طائر تي قبضو ڪيو. پورو فينيشيا حضرت سليمان جي حڪومت ۾ شامل ٿي ويو. انهن جي حڪومت جون سرحدون ميسو پوٽيميا کان اڳتي مصر ۽ روم تان ڦهليل هيون. بي بي سبا سندن راڻي هئي. سليمان متعلق ڪيترائي قصا ۽ لوڪ ڪهاڻيون مشهور آهن. سليمان جي وفات کانپوءِ بني اسرائيل متحد نه رهيو ۽ وري وکرجي ويو. ننڍين ننڍين رياستن ۾ تبديل ٿي ويو ۽ وحدانيت جو عقيدو ڪمزور ٿي ويو.(17) مصر جي فرعون سيسو سطريس جنهن کي شيشاڪ به چيو وڃي ٿو بني اسرائيل تي حملو ڪري پنهنجي قبضي هيٺ آندو. شيشاڪ متعلق چيو وڃي ٿو ته اهو وقت جو وڏو فاتح هيو. ان جي رٿ کي گهوڙن جي جاءِ تي اهي بادشاهه ڇڪيندا هيا جن کي هن جنگ ۾ شڪست ڏني هئي. اهو انهن شڪست کاڌل بادشاهن کي زنجيرن سان رٿ ۾ جوڙيندو هيو ۽ چهبڪ هٿ ۾ کڻي گهوڙن جيان هڪليندو هيو.
مصر ۾ هڪ فرعون جي اهرام اندر اهڙا نقش مليا آهن جن ۾ ڪجهه غلامن جون شڪليون بني اسرائيل جي ماڻهن سان ملندڙ آهن، ٿي سگهي ٿو اهو اهرام شيشاڪ فرعون جو هجي.(18)
يوشع بن نون جي ڏينهن ۾ جلا وطن ڪيل فنيشن قوم روم جي سسلي ٻيٽ سامهون ميڊيٽرينين جي ڪناري آفريڪا ۾ آباد ٿيا. جن اتي “ڪارٿيج” جو بنياد وڌو، جيڪو پوءِ عظيم الشان سلطنت ۾ تبديل ٿي ويو. ڪن جو چوڻ آهي ته ديدو (Dido) جنهن کي ايلسا پڻ چيو ويو آهي. اها پنهنجي ڀاءُ جي ظلمن کان تنگ ٿي زدون مان اتي آئي ۽ هڪ ڍڳيءَ جي چمڙي جي ٽڪرن برابر هڪ قبيلي کان زمين خريد ڪري ڪارٿيج جو بنياد وڌو، رومي شاعر ورجل، ايلسا ۽ اينياس جو قصو بيان ڪيو آهي جيڪو اينيڊ (Aneid) ۾ ڏنل آهي.(19)
اهي سڀ ڳالهيون ثابت ڪن ٿيون ته ڪارٿيج جو بنياد رکندڙ جلاوطن فينيشين زدوني هيا. ڪارٿيج وارا به بت پرست ۽ واپاري هيا. ڪارٿيج ان جاءِ تي هيو جتي هاڻي تيونس جو ملڪ آهي. هني بال جو تعلق ان قوم سان هيو جنهن روم کي ٽوٽا چٻايا ۽ ملڪ جو بچاءُ ڪندي جان ڏني.(20)
انسان فطري بت پرست آهي، پوءِ اهي ڪعبي جا بت هجن، ڪنعان جا هجن يا ڪارٿج جا! وحدانيت جي دعويدارن وس ڪيا آهن پر توهم انسان جي اندر ۾ سمايل آهي. توحيد جي هندومت کان گوتم ۽ زرتشت جي تعليمات تائين، انسان ڪو خدائي حڪم نه هوندي ڌرتيءَ تي هر تسليم ٿيل طاقتور شيءِ جا بت ٺاهي ان جي پرستش ڪئي آهي. عيسيٰ وحدانيت جو پيغمبر آهي پر سندس بت جي عبادت ڪئي وڃي ٿي. يهودين مسجد اقصيٰ جي بنيادن ۾ هيڪل سليمانيءَ جي ڀت ڳولهي لڌي آهي. انهن کي ڄڻ وڏو خزانو هٿ لڳو آهي. مٿي تي ننڍيون ٽوپيون پائي سڄو ڏينهن ڀت سامهون بيٺا آهن. سنڌ ۾ شاعرن جي گهڻائيءَ ڪري ڪنهن کي ٻڌڻ وارو نه ملندو آهي ته اهو ڀت آڏو شعر پڙهي دل خوش ڪندو آهي. يهودي به سمجهن ٿا ته ٻڌڻ وارو نه آهي ان ڪري هر عبادت ڀت آڏو ڪن ٿا. رومي مذهب ۾ ايڏا ديوتا هيا جيڏي روم جي آدمشماري به نه هئي. آسمان ۾ ڦهليل ستارن جي ترتيب ۾ نظر ايندڙ خيالي عڪس انهن جا ديوتا هيا. روز هڪ نئون وهم (Illusion) هڪ نئين ديوتا کي جنم ڏيندو هيو. هندومت جيان انهن جا مذهبي ڪردار به ڏند ڪٿائي هيا. پارسي باهه جي عبادت ڪن ٿا ۽ ملسمان وحدت جا دعويدار هوندي ٻاهتر فرقن ۾ ورهايل آهن. شيعا، سني، تفرقو لکين انسانن جي جان وٺي چڪو آهي.
مذهبي بنيادن تي قائم ٿيل حڪومتون خدا جي پيغام کي بچائڻ لاءِ پاڻ بچائي رهيون آهن. توهم پرستي مسلمانن ۾ رهندي آئي آهي. پير پرستيءَ ڳوٺاڻن کي ڀينگو ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن خدا شهرڳ جي ويجهو آهي ته پوءِ مرشد ۽ معرفت جي ڪهڙي ضرورت؟ ڪڏهن ٺوڳي عالم بدڪارين کي نيڪيءَ جو روپ ڏئي خدا ڏانهن منسوب ڪن ٿا. مذهب واپار ٿي پيو آهي. مذهب جيڪو امن ۽ امان جو پيغام کڻي آيو هيو ان پويان اڄ ڏينهن تائين لکين انسان قتل ٿي چڪا آهن. مذهب جي فلسفي موجب دنيا ۾ جيڪي مال ۽ دولت ڪٺو ڪن ٿا انهن جو خدا ۾ ايمان نه آهي. مذهب جا مڃيندڙ مفلس، غريب ۽ بي پهچ ماڻهو آهن. جن جو سهارو خدا کان وڌيڪ ٻيو نه آهي. غريب سان بي واجبي ٿئي ٿي ته اهو خدا جو در کڙڪائي ٿو. خدا ۽ قانون ۾ غريب ۽ امير جو تفاوت آهي. دنيا جي آدمشماريءَ ۾ غريبن جو تعداد تمام گهڻو آهي، ائين خدا ۾ دنيا جي گهڻائي يقين رکي ٿي. جيڪڏهن غريب کان خدا کسيو وڃي ته هن کان ٻئي جهان کسجي ويندا. غريب جو ايمان آهي ته هِن دنيا ۾ نه، هُن دنيا ۾ کيس انصاف ملندو. خدا ۾ يقين هن جو پليسيبو آهي. مذهب کيس يقين ڏياري ٿو ته ڀوڳنائن جا در آسائشن تي کلن ٿا.
وجودي فلسفي تحت مذهب جي حيثيت ڪهڙي به هجي پر هر انسان عقيدي ۾ ذاتي طور آزاد آهي. هڪ غريب جنهن وٽ تعليم نه آهي. ان جي شعور جي وسعت ان حد تائين محدود آهي جيڪا مذهب جي ٻڌايل اصولن تي کٽي ٿي. ان کي آزادي حاصل آهي ته ڏکن سان ڀريل زندگيءَ کي سهل بنائڻ لاءِ خدا کي پنهنجي حياتيءَ جو حصو بنائي، دنيا اهڙي جاءِ آهي جتي نفرتن جو مينهن مسلسل وسندو رهي ٿو. اسين پناهگاهون ڳولهيون ٿا. ڪو خدا جي پاڇي ۾ پناهه وٺي ٿو، ڪو ڪتابن ۾ ۽ ڪو عشق ۾.
مُتوا مذهب جو دوڪاندار آهي، امير مذهب خريد ڪري ٿو ۽ غريب عمل ڪري ٿو. ڪڏهن ڪليسيا جا پادري پاڪستان جي بحريا ٽائون وانگر قسطن تي جنت جا پلاٽ وڪڻندا هيا، اهي سندون ڏيندا هيا ته جنت جي فلاڻي بلاڪ ۾ فلاڻو نمبر پلاٽ تنهنجي نالي، هڪ قيامت کان ٻي قيامت تائين ليز آهي. هاڻي به پاڪستان ۾ پير پئسا وٺي جنت جو پروانو ڏين ٿا. ڪيئن به هجي مذهب عقيدو هجي يا واپار. جنت جو رستو هجي يا دنياداريءَ جو. ملان جو فلسفو هجي يا صوفيءَ جو راڳ. هر ڪنهن لاءِ اطمينان جو سبب آهي ته هو ان معرفت جيڪي ڪجهه ڪري رهيو آهي اهو رب کي راضي ڪري رهيو آهي. مذهب جي حقيقت ڇا به هجي؟ اهو ڄاڻڻ کانسواءِ مذهب پليسيبو آهي، آسرو آهي، اميد آهي.



References:

1. Al – Hallaj , Mansur ( 1913 ).
“Kitab al Tawasin”
( ed. Louis massignon ) . Paris.
2. James , Paul and Mandaville , Peter ( 2010 ).
“Globalization and culture. Vol 2 . Globalizing religions”
London : sage publications.
3. Religiously unaffiliated.
“The global religious Landscape”.
Pew research centre. Religion and public life . 2012.
4. “The global religious Landscape”.
Retrieved 18 Dec: 2012.
5. Kugel James ( 1998 ).
“Traditions of the Bible”.
p.230.
6. “The kitab.i.Iqan”
Bahai , reference Library.p.41-80. Retrieved 2014.
7. Effendi, shoghi.
“The Dawn-breakers”.
Bahai – Library.com.Bahai publishing Trust.p.94. Retrieved 2016.
8. “Abrahams farewell to Ishmael”.
George segal. Miami Art Museum. Accessed 10 Sept: 2014.
9. Boguslawski. Alexandar.
“The holy trinity”.
Rolins.edu.Retrieved 2014.
10. Shaye J.D. Cohen (1999).
“The beginning of Jewishness: Boundries , varieties , uncertainties”.
Berkelely : university of california press ; p.7.
11. Waterfield , Robin ( trans. ) and Dewald , Carolyn ( ed ). ( 1998 ).
“The histories by Herodotus”.
University of oxford press.
12. Lewis , Jack Pearl.
“A study of the interpretation of Noah and the flood in Jewish and Christian literature”. Brill . 1968.p.14.
13. Shaw , Garry J.
“The pharaoh , life at court and on campaign”.
Thames and Hudson. 2012,p.21-77.
14. St Augustine.
“The city of God”.
Book XVIII. Chapter 8. Who were kings when moses was born and what God began to be worshipped then.
15. Aubet , Maria Engenia ( 2001 ).
“The Phoenician and the west politics , colonies and trade”.
Cambridge university press.
16. Zalloua , Pierre A. et al ( 2008 ).
“Identifying Genetic. Traces of history expansions. Phoenician foot prints in the Mediterranian”.
A.J of human Genetics 83 (5): 633-642.
17. Williamson H.G.M (1976).
“The accession of Solomon in the books of chronicles”.
Vetus Testamentum.26(3):351-361.
18. Sagrillo , Troy Leiland (2012).
“Shishak’s army”:
2 chronicles 12:2-3. from an Egyptological perspective.
19. C.F , Marlowes.
“Dido , Queen of carthage (1590)”:
Middle English still used the lattin form carthago.eg John Trevisa. Polychronicon (1387). 1.169: That woman Dido that founded carthago was comlynge.
20. Lancel ,
“Carthage”
( Paris 1992 , Oxford 1997 ) at p.152 – 172.