ناٿتا (Nocebo)
نوسيبو لاشعور جو ردعمل آهي، جنهن ۾ عقيدو ۽ اميدون اسان جي ڀوڳنائن تي اثرانداز ٿين ٿيون ۽ پوءِ اهي ڀوڳنائون سماجي هجن يا معاشي، مونجهارو هجي يا بيماري، ان حد تائين جو هڪ سرجن جي ڪيل صحيح ۽ بروقت آپريشن جو نتيجو به توقع جي خلاف نڪري ٿو.(2)
ناٿتا (Nocebo) لاشعوري ردعمل آهي. جڏهن لاشعور حق ۽ سچ کي قبول نه ٿو ڪري ته پوءِ حق ۽ سچ معنا وڃائي ويهن ٿا. مسيحا مٽي ويڙهي مريض کي ڏئي ٿو ته “کاءُ، توکي شفا ملندي.” مريض جو عقيدو آهي ته مسيحا سچو، پهتل، پڙهيل ۽ ماهر آهي ته مٽي اثر انگيز ٿي پوندي پر جيڪي مسيحا کي ماهر سمجهڻ بجاءِ کيس هاڃيڪار هستي سمجهي ساڳي مٽي واپرائين ٿا ته شفا بجاءِ مرض ٻيڻو ٿي وڃي ٿو. ان جو پهريون مثال آٿتا ۽ پويون مثال ناٿتا آهي، ڳالهه توقع جي آهي. اوهان ڪهڙي توقع رکو ٿا. اها هاڪاري آهي يا ناڪاري؟ جيڪڏهن هاڪاري آهي ته پوءِ توهان جو عقيدو شفايابيءَ جو وسيلو بنجي وڃي ٿو، جيڪڏهن ناڪاري آهي ته پوءِ عقيدو هاڃيڪار صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿو.
چون ٿا شعور ئي آهي جيڪو انسانن کي ٻين جاندارن کان معتبر بنائي ٿو. انسان باشعور آهي، جڏهن ته جانور، پکي، ٻوٽا ۽ ٻيا جاندار باشعور نه آهن. جتي شعور جي حد کٽي ٿي اتان لاشعور جي حد شروع ٿئي ٿي. انسان شعوري طرح ضابطي هيٺ ۽ لاشعوري طور آزاد آهي. لاشعور موضوعي (Subjective) آهي، لامحدود ۽ ڇڙواڳ آهي. هڪ اهڙو گهوڙو آهي جنهن کي ادراڪ (Perception) جي واڳ پاتل آهي. ادارڪ لاشعور جي واٽ ٺاهي ٿو. ادراڪ اسان جي مطالعي، مشاهدي ۽ مباحثي جي راهه متعين ڪري ٿو. ان ۾ مورثي ذهانت ۽ سوچ جو عمل دخل آهي. تربيت، علم، عقيدو، ادراڪ کي رُخ ڏين ٿا.(3)
عرش ۽ فرش جي حوالي سان هڪ ملان ۽ مومن جي سوچ ۾ ڏينهن ۽ رات جو فرق آهي. ملان دنيا کي عارضي چئي ٿو ۽ مومن ان کي امرت جو روپ ڏئي ٿو.
اهو سوچن جو فرق آهي. توڪل سٺي توقع ۾ ظاهر ٿئي ٿي ۽ توقع سٺي نه هجي توڪل جو ڪو فائدو نه آهي.
بيشڪ انسان باشعور آهي ۽ شعور مونجهاري ۾ ڦاٿل آهي. هيولو (Chaos) سماويءَ (Cosmos) کي جنم ڏئي ٿو. ائين مونجهارو شعور کي روشن ڪري ٿو. جستجو ۽ تڙپ ٻن اکين سان ڏسندڙ نابين کي ٽئين اک عطا ڪري ٿي.
لاشعور جو اڻ کٽ صحرا جنهن ۾ ڀٽڪيل سوچون ڌرتتي پيرين اگهاڙي گهمي لاحاصل کي ڳولهين ٿيون. اهڙي ڪيفيت انسان کي مجنون بنائي وجهي ٿي. اهو ان جو اعتقاد ۽ خود صلاحڪاري (Autosuggestive) صلاحيت آهي ته اهڙي ڀٽڪڻ کي ڪيئن دڳ لائي ٿو. خود صلاحڪاري صلاحيت اهڙو لاشعور طريقو آهي جنهن ۾ انسان مراقبي (Meditation) سان پاڻ تي ننڊاکڙي (Hypnotic) ڪيفيت طاري ڪري پاڻ کي صلاحون ڏئي ٿو ته “اڙي نفس ماٺ ڪر.”
“اي اندر تون ايڏو خراب نه آهين جيڏو پاڻ کي سمجهين ٿو.”
“مان چڱو ڀلو آهيان، اجايو پاڻ کي بيمار ٿو سمجهان.”
“اهو گناهه نه هيو جيڪو مون ڪيو، نه ڪيان ها ته سوءُ ثوابن کان محروم ٿي وڃان ها.”
لاشعور نفسات جو موجد آهي. لاشعور اهڙو خزانو آهي، جتي تصور جا هيرا موتي، سون خزانا، خوشيون ڏک، بيماريون شفائون، ڀوڳنائون ۽ سڦلتائون، علامتي انداز ۾ موجود آهن. جيڪي اندر آهي سو ٻاهر آهي. جيڪي هيٺ آهي سو مٿي آهي. لاشعور ۾ هر شيءِ موجود آهي. لاشعور مورثي (Hereditary) آهي. ان مليل وراثت ۾ هڪ جيئري وجود اندر ڪيترائي فنا ٿي ويل وجود سمايل آهن.(4)
مورثو (Allele) ڪروموسوم ۾ متبادل خاصيت (Trait) ميلاپ جي صورت ۾ جنم وٺندڙ جاندار اندر ظاهر ٿيندڙ سڃاڻ، طبيعت، ذهانت، نفسيات، ڦڙتي، سستي، صحت، بيماري ۽ گهڻو ڪجهه پاڻ سان گڏ کڻي شامل ٿئي ٿو.(5)
ساهوارو گند ۾ پيل ذرو آهي، جنهن کي فطرت هر هر ڇاڻي ٿي. ڇڻي هيٺ ڪري ٿو. خراب ٿئي ٿو، وري ڇڻي ٿو ۽ ڇڻي ڇڻي هر جنم ۾ صاف ٿي وري خراب ٿئي ٿو. شل فطرت (Nature) خراب نه ٿئي، ساهواري جو خير آهي، ڇڻي ڇڻي پيا نروار ٿينداسين. فطرت خراب ٿي ته ان کي ڪير ڇاڻيندو؟ مئل ماءُ ڪهڙا ٻار ڄڻيندي؟
هٿ اکري حڪمت (Doctrine of signatures) موجب ڪائنات انسانن جو عڪس آهي. معروض (Object) انسان جي ڪنهن نه ڪنهن عضوي جي ڪاپي آهي. مٿي کان پيرن تائين عرش ۽ فرش انسان جي قد کان وڏو نه آهي. ان جو مٿو روشني (Emphyrical)، سينو پاڪ ۽ صاف هوا سان ڀريل (Etherical) ۽ پيٽ، باهه، پاڻي، هوا (Elementary) آهي. ٻيا عضوا، ڌرتيءَ تي گلن، ميون، پنن ۽ ٻين شين جي مشابهت سان موجود آهن.(6)
خدا جڏهن ڌرتي ٺاهي ته ان تي آٽو گراف ڏٺو. آٽو گراف جون لڪيرون ارتقائي منزلون طي ڪري انسان جو خاڪو ٿي پيون. ائين چئي سگهجي ٿو ته انسان خدا جو آٽو گراف آهي. ان جو اهڙو دستخط آهي جنهن جي وچڙيل لڪيرن جي ڳجهه ۾ انسان جو نانءُ لکيل آهي.
ڏٺو وڃي ته آٿتا ۽ ناٿتا ٻئي انسان جون نفسياتي حالتون آهن. نفسيات غير سائنسي لفظ آهي، جيڪو ذهني مونجهارن لاءِ استعمال ٿئي ٿو. نفس جو واسطو شعور يا لاشعور سان نه آهي ۽ نه ئي نفس روح آهي، ڇو جو مذهبي طور نفس انسان سان گڏ دفن ٿئي ٿو ۽ روح بقادار آهي. نفس انسان جي انا ۽ خواهش آهي. نفس دنياداري ۽ جسماني تسڪين آهي. نفس کي ڪتي سان تشبيهه ڏني وئي آهي. بکايل ڪتو ڳڀو کائي شانت ٿئي ٿو. انسان پنهنجي انا جي تسڪين ۽ خواهش جي تڪميل ٿيڻ تي مطمئن ٿئي ٿو.
نفسيات جو تعلق ذهن سان آهي ۽ لفظ نفسيات ذهني ڪيفيت جي ترجماني ڪري ٿو. دنيا جي آباديءَ جو اسي سيڪڙو شعوري طور صحتمند ۽ لاشعوري بيمار آهي. لاشعور شخصيت جو ٻيو روپ آهي. روين جو انحصار لاشعوري ردعمل تي منحصر آهي.
حسرتناڪيون (Nostalgia) ڪڏهن فنا نه ٿيون ٿين پر اهي لاشعور ۾ تخم جيان منتقل ٿين ٿيون. هڪ جيئري انسان جي لاشعور ۾ گذاري ويل وڏڙن جون ڪئي يادون ۽ حسرتناڪيون منتقل ٿي محفوظ ٿين ٿيون. اسان جي روين ۾ فنا ٿي ويل ڪردار پنهنجو رول نڀائين ٿا.(7)
جيڪڏهن متبادل لفظ نه آهي ته مروج لفظ “نفسيات” کي استعمال ڪندي چئي سگهجي ٿو ته ناٿتا اهڙو نفسياتي ردعمل آهي جيڪو جسم کي متاثر ڪري ٿو. ياد ۽ سوچون گهاڻي مان پيسجي نڪرندڙ تيل جيان آهن. ناٿتا جسم ۾ ڪيميائي تبديليون آڻي ٿي ۽ ان جي اثر کان هارمون ۽ اينزائيمز خارج ٿين ٿا جيڪي طبعي سرشتن کي متاثر ڪن ٿا.
ايڪٽيهه ڪيسن تي ڪيل تحقيق موجب نوسيبو ردعمل ڪري جيڪي علامتون ظاهر ٿيون انهن ۾ اوڪارا، معدي جو سور، ريح جي تڪليف، ڊپريشن، اوجاڳو، بک نه لڳڻ، نامردي، رت جي دٻاءَ جو گهٽ هجڻ شامل هيا.(8)
دنيا جنت به آهي ته دوزخ به، توهان ان کي جيئن قبول ڪيو، پر مون کان پڇو ته دنيا جنت ۽ دوزخ کان مٿاهين آهي. دنيا کي دنيا ڪري قبول ڪنداسين ته دوزخ جي باهه ٿڌي ٿي ويندي ۽ جنت ڌرتيءَ ۾ سمائجي ويندي. خبر نه آهي اسين ڪهڙي جنت جا متلاشي آهيون، هڪ نراس (Pessimistic) اڳيان دنيا ڊيڄاريندڙ روپ ڌاري آپگهات تي مجبور ڪري ٿي ۽ هڪ ڪٽر مذهبيءَ کي جنت جي ڳولها آپگهاتي ڌماڪي تي راضي ڪري ٿي. عقيدو ڦاٽل گيدو (کيسو) آهي. ميڙي چونڊي وجهه، دل مطمئن آهي ته سڀ محفوظ آهي پر هيٺ ڪري مٽيءَ ۾ ملي ٿو. پرديدار ملان ستر حورون سنهي لباس ۾ ڏسڻ جو خواهشمند آهي.
جنت آٿتا آهي ۽ دوزخ ناٿتا، اهو سڀ اندر جو ردعمل آهي. اها ڪرتوتن جي توقع آهي. روين جو فرق آهي. مورثن (Alleles) جو ميلاپ آهي. ڪروموسومز جو وجودي ظهور آهي.
انسان اندر صدين جون رڙيون کيس جاڳائي جيئرو رکن ٿيون. هڪ موجود ۾ وجودن جون رڙيون انهن جون آهن جن جون زبانون فنا ٿي چڪيون آهن. انهن رڙين ۾ هڪ صدا آهي. هڪ آهه آهي، هڪ سڏ آهي، ڪجهه التجائون آهن، سڀ ٽجوڙيون يادن سان ڀريل آهن. اسين ماضيءَ جا امير، حال جا سخي ۽ مستقبل جا فقير آهيون.
ناٿتا جا ناموافق اثر (Side Effects) ڪهڙي معنا رکن ٿا؟ جڏهن آٿتا ۽ ناٿتا دوانما دوائون (Dummy medicines) آهن ته پوءِ اهي جسم کي متاثر ڪيئن ڪن ٿيون؟ ساڳي دوانما دوا افاقو ڪري ٿي ۽ ساڳيءَ سان ناموافق اثر ظاهر ٿين ٿا. اهو سڀ عقيدو آهي. جهڙي نيت تهڙي مراد. مسيحا جو عمل پنهنجي جاءِ پر مسيحا جي ذات پنهنجي حيثيت رکي ٿي. خاڪ جي ڪهڙي اهميت؟ اهميت خاڪ تجويز ڪرڻ واري آهي جو خاڪ شفا جو درجو ماڻي ٿي.
عقيدت کي اکيون نه هونديون آهن. ايمان آٿتا آهي ۽ عقيدي جي نفي ناٿتا. عقيدي جو نه هجڻ به عقيدو آهي. ڇو جو اکين وارا به انڌا آهن.
سائنسي طور اسين جيڪو ڪجهه ڏسون ٿا اهو معروض (Object) جو چار سيڪڙو آهي. باقي ڊارڪ ميٽر آهي. جيڪو معروض نه آهي پر اليڪٽرو ميگنيٽڪ فيلڊ تي اثر ڪري ان جي موجودگيءَ جو ثبوت ملي ٿو.(9)
اهو به عقيدي ۾ شامل آهي ته خدا نه آهي! سائنسي طور اهڙو تجربو سامهون نه آيو آهي جيڪو خدا جي نفي ثابت ڪري، ڇو جو سچ اڃان ارتقائي منزلن ۾ آهي جيسين اهو ڪو حتمي هيت (Definitave form) وٺي، سچ ۽ ڪوڙ جي وٿي ويڪري ڪري نه ٿي سگهجي. خدا جو مڃڻ يا نه مڃڻ، ٻئي عقيدي جي دائري ۾ اچن ٿا.
هڪ مريض جو ويساهه آهي ته ڏنل دوا اثر نه ڪندي. اهڙي ويساهه ڪري دوا اثر وڃائي ويهي ٿي ۽ ڪڏهن دوانما جنهن جو نه فائدو آهي ۽ نه نقصان، اها مسيحا ۽ ان جي علاج ۾ عقيدو نه هجڻ ڪري اوڪارن، الٽين، پيٽ جي سور، ڊپريشن، نامردي ۽ رت جي گهٽ دٻاءَ جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿي. جسم ۾ هارمونز، اينزائيمز ۽ ٻين رتوبتن جي خارج ٿيڻ جي تند دماغ سان ڳنڍيل آهي. جيئن بکايل جا ڳوڙها بک جي شدت کان گگ جيان ڳڙندا آهن. لنگهن اڳيان هجوم ۾ بيٺل ڪنهن ليمي چٽيندڙ ٻار کي ڏسي لنگهي کان وات ۾ ڀرجي آيل پاڻيءَ سبب پوپلي نه وڄندي آهي يا ڳورهاري کي کٽاڻ ڏسي هاضمي جون رتوبتون خارج ٿينديون آهن. ائين جيڪڏهن دوانما دوا کي علامت بنائي ڪائنات جي هر شيءِ تي لاڳو ڪيو وڃي ته ان جو ناٿتائي اثر نفرت ۽ بيزاريءَ کانسواءِ ڪجهه نه هوندو. ناٿتا جي تاثر جي تند به دماغ سان ڳنڍيل آهي. ان جي اثر کان اهڙيون رتوبتون خارج ٿين ٿيون جن جا ناموافق اثر، نفرت، آدم بيزاري (Paranoiea)، نااميدي، مايوسي ۽ آپگهات کانسواءِ ڪجهه نه هوندا.(10)
اهو سچ آهي ته ماڻهو پنهنجو ڪردار ماءُ جي پيٽ مان کڻي اچي ٿو، پر تعليم اهڙو قلم آهي جنهن جي مس تربيت جيان اکرن جو روپ ڌاري ڪارآمد ڪتاب ۾ تبديل ٿي پوي ٿي.
جڏهن ننڍو هوندو هيس ته استاد گل حسن مثال ڏيندو هيو. “ٻار مڇ جو وار. جيڏانهن ورائيس تيڏانهن وري.”
ان وقت مڇون رکڻ فيشن هوندو هيو. معتبر ماڻهو ڪلف لڳل ڪپڙا پائي، مڇون وٽي، سيم جي جتيءَ سان بئريج روڊ تي گهمندا هيا. هاڻي رڳو ڏاڙهيون ئي ڏاڙهيون آهن. ٻارن کي ڪهڙو مثال ڏجي، ڇو جو ڏاڙهي ۽ مڇ ۾ اسلام ۽ ڪفر جو فرق آهي. جنهن کي مڇون نه آهن، ڏاڙهي آهي، اهو پڪو مسلمان. جنهن کي ڏاڙهي نه آهي مڇون آهن، اهو دين جي سرٽيفڪيٽ کان محروم آهي ۽ جنهن کي ڏاڙهي ۽ مڇون ٻئي نه آهن، اهو مشرڪ آهي.
اهي ڪٽرپڻي جون ڳالهيون آهن جيڪي ثابت ڪن ٿيون ته ماڻهو سڌريو نه آهي. جيئن مان ٻين کي اڻ سڌريل چوان ٿو تيئن ٻيا مونکي چئي سگهن ٿا. اسان جي سڌرڻ ۾ شايد ڪي ڪوتاهيون رهجي ويون آهن. جيڪي مون لاءِ ڪوتاهيون آهن، اهي ٻين لئي سڌارا آهن، جيڪي ٻين جا سڌارا آهن، اهي مون لاءِ ڪوتاهيون آهن، اسين مٽيءَ جا ٺهيل نه آهيون، ميڻ جا ٺهيل آهيون، گرمي سرديءَ جو اثر ڏنگو ڦڏو ڪري ڇڏي ٿو. گرمي سردي ٻاهر نه آهي پر اندر آهي. اسان جي سوچن ۾ پڙهيل ڪتابن جا ورق سڙن ٿا يا مشاهدي جا نرگسي گلن ڦٽن ٿا ۽ نرگس جي اک نظر جو دوکو آهي. هر اک، اک نه آهي پر اکنما آهي، دوا، دوا نه آهي، دوا، دوانما آهي.
ڪائنات انساني وجود نما هٿ اکري حڪمت (Doctrine of signature) ٿي انسان کي چڙائي ٿي. ڪائنات انسان جي ڪلهي تي ويٺل چٻرو آهي.
جهڙي اميد تهڙا آسرا، درد جي اميد رکي راحت جو آسرو ڪيئن ڪري سگهجي ٿو. سور جي توقع ناسور جو سبب آهي.
ناٿتا صرف نفسياتي ردعمل نه آهي پر اهو طبعاتي (Physiological) نقاءَ جي صورت ۾ پڻ اثر انداز ٿئي ٿو. ان جي ردعمل ۾ جسم اندر (Cholecystokinins) خارج ٿين ٿيون. CCK-4 رتوبت نڪري جسم کي خوف ۽ افراتفريءَ ۾ مبتلا ڪري وجهي ٿي.(11)
اهو سائنسي طور ثابت ٿيل آهي، ناٿتا (Nocebo) ۾ غيرفائديمند هارمونزم نڪري، فائديمند رتوبتن کي زائل ڪن ٿا.(12)
References:
1. Harper , Douglas
“Nocebo”.
On line etymology dictionary. Charlton T. Lewis and Charles short. A Latin dictionary on perseus project.
2. Kennedy (1961) ,
p.204.
3. J.J Fins , ND. Schiff , and KM foley (2007)
“Late recovery from the minimally conscious state: ethical and policy implications”.
Neurology. 68(4):304-307.
4. Bundzen Pv , et al ( April 2002 )
“Altered states of consciousness: review of experimental data obtained with a multiple techniques approach”.
J Altern complement Med. 8 (2): 153-65.
5. “Allele meaning in Cambridge English dictionary”.
Cambridge. org. Retrieved 29 oct: 2017.
6. Simon , Matt ( 14 Aug:2014 ).
“Fantastically wrong: The strange history of using organ shaped plants to treat disease”.
Wired conde Nast. Retrieved 7 March 2018.
7. Schindler , Robert M ; Holbrook Morris B ( 2003-04-01)
“Nostalgia for early experience as a determinant of consumer preference”.
Psychology and Marketing.20 (4) : 275-302.
8. Hauser W. Hansen E. Enck P (2012).
“Nocebo phenomena in medicine , their relevance in everyday clinical practice”.
Dtsch Arztebl Int. 8 (8):459-65.
9. Trimble , v (1987)
“Existence and nature of dark matter in the universe”.
Annual review of astronomy and astrophysics. 25:425-72.
10. Beauregard , Mario (2012).
“Brain wars. The scientific battle over the existence of the mind and the proof , that will change the way we live our lives”.
Canada: Harper Collins.
11. Beneditti F , Lanotte M, et al ( June 2007)
“When words are painful. Unraveling the mechanism of the nocebo effect”
Neuroscience , 147(2):260-71.
12. Barsky , Arthur J. (6 Feb: 2002)
“Non-specific Medication side effects and Nocebo phenomenon”.
JAMA.287(5):622-28.
*