ڀورائي ۽ ناٿتا (Gullibity and Nocebo)
معاشري ۾ جيڪي ڀورائيءَ جو شڪار ٿين ٿا انهن ۾، ٻار، پوڙها ۽ اپاهج شامل آهن. ڀورائي ۽ نادانيءَ ۾ گهڻو فرق نه آهي، ڀورائيءَ ڪري ڪنهن کي بيوقوف بنائي ٺڳي سگهجي ٿو ۽ نادانيءَ ڪري ڪنهن جي شڪ (Skepticism) کي دور ڪري کيس عقيدي ۾ جڪڙي سگهجي ٿو.(2)
مشهور ڪهاڻي آهي ته ڪو شخص ڇيلو ڪلهن تي رکي ڳوٺ کان ان نيت سان نڪتو ته شهر وڃي ان کي وڪڻي اچان، ان رستي ويندڙ شخص کي ڏسي چئن ٺڳن سوچيو ته کيس ڪيئن ٺڳجي؟
جڏهن اهو شخص ڇيلو ڪلهن تي رکي وڃي رهيو هيو ته هڪ ٺڳ ان اڳيان اچي کيس چيو “ڀائو ڪتو ڪلهن تي رکي ڪيڏانهن پيو وڃين؟”
اهڙو سوال ٻڌي اهو شخص حيران ٿي ويو ۽ جواب ڏنائين “ميان اکين جو علاج ڪراءِ، هيءَ ڪتو نه ڇيلو آهي، وڃان ٿو شهر جيئن وڪڻي اچان.”
ڳالهه ٻڌي ٺڳ وراڻيو “ادا آهي ته ڪتو، باقي جيئن تون سمجهين؟”
ائين چئي اهو هليو ويو، شخص ڇيلو ڪلهن تي رکي ٿورو اڳتي هليو ته ٻيو ٺڳ سندس سامهون آيو ۽ چيائين “ادا، ڪتو ڪلهن تي رکي ڪيڏانهن پيو وڃين؟”
ٺڳ جي ڳالهه ٻڌي اهو شخص ٿورو سوچ ۾ پئجي ويو ۽ منهن ورائي ڇيلي کي ڏٺائين ته متان واقعي ئي ڪتو ته نه آهي ۽ پوءِ جواب ڏنائين “ميان ڪڏهن ڪتو ڏٺو ٿي يا نه؟ هيءُ ڇيلو آهي ڪتو نه.”
ٺڳ رستو ڏيندي کيس چيو “آهي ته ڪتو، اڳتي جيئن سمجهين.”
اهو شخص اڳتي هليو ويو ته سندس سامهون ٽيون ٺڳ آيو ۽ ايندي شرط چيائين “ادا ڪتو ڪلهن تي رکي ڪيڏانهن پيو وڃين؟”
ان ٽئين ٺڳ جي ڳالهه ٻڌي اهو شخص سوچ ۾ پئجي ويو ته آخر سڀ ڪوڙ ڇو ڳالهائيندا. آهي ته ڇيلو پر متان ڪتو نه هجي. اهو سوچي پريشانيءَ مان جواب ڏنائين “ڀائو اهو ڪتو نه ڇيلو آهي، وڃان ٿو وڪڻڻ.”
ٺڳ ويندي کيس ٽوڪ ڪئي “ملڪ ڪتن سان ڀريو پيو آهي ۽ تون هليو آهين ڪتو وڪڻڻ.”
اهو شخص اهڙيون ڳالهيون ٻڌي دل هاري ويٺو، اهو سوچيندي اڳتي وڌڻ لڳو ته آخر ڪهڙي ڳالهه آهي جو ڇيلو سڀني کي ڪتو ٿو نظر اچي، ضرور ڪا ڳالهه آهي، دنيا جو مٿو ته خراب نه ٿيو آهي، جو هروڀرو کيس ڇيلي کي ڪتو چوندا؟ اهو ضرور ڪتو آهي جيڪو هن ڳوٺ کان ڀل ۾ ڇيلو سمجهي ڪلهن تي کنيو آهي. ائين سوچي ئي رهيو هيو ته چوٿون ٺڳ سندس سامهون اچي بيٺو ۽ چيائين “ڀائو خير ته آهي، ڪتو ڪلهن تي کڻي ڳوٺ کان نڪتو آهين؟”
چوٿين ٺڳ جي ڳالهه ٻڌڻ شرط هن ڇيلو کڻي هيٺ اڇلايو ۽ اهو چوندي ڳوٺ واپس موٽيو ته “برابر سچ ٿو چوين، اهو ڪتو ڪلهن تي رکي شهر ۾ وڪڻان ها ته ماڻهو چريو چريو ڪن ها.”
ڇيلو اتي ڇڏي جڏهن اهو شخص ڳوٺ روانو ٿيو ته پويان چار ٺڳ ڇيلو کڻي شهر روانا ٿيا.
اها ڀورائي (Gullibility) آهي. اهو ته هڪ ڇيلو هيو پر ڀورائيءَ ڪري اسان جا ٻئي جهان ٺڳجي وڃن ٿا. جيڪڏهن گهري نظر سان ڏسبو ته ڪو به انسان سڌي يا اڻ سڌي طرح لاشعوري ڀورائپ جو شڪار آهي. جيڪڏهن ناداني (Credulity) کي ان سان ملائبو ته سمجهه ۾ ايندو، عقيدي جي ڪوڙين ۽ غير ضروري تشريحن ماڻهن جي مت منجهائي آهي. ناٿتائي (Nocebous) روين ڪري اسان ڪڏهن سچيءَ دل سان خدا کي تسليم ئي نه ڪيو آهي.
لاشعوري ناٿتا (Unconscious nocebo) عقيدي ۽ ايمان جي مختلف وضاحتن تي مدار رکي ٿي. انسان سمجهه جي حد آڌار معاشرتي تشريهن متعلق فيصلا ڪري من ۾ سانڍي ٿو. هو پنهنجي سمجهه، تعليم، ترتيب ۽ ماحول مطابق انهن تشريهن مان ڪنهن هڪ کي برحق چئي پوئواري ڪري ٿو.(3)
چوندا آهن “ڪن لاءِ واڱڻ وائي ته ڪن لاءِ بصر بادي.” ائين ئي آهي، ڪن وٽ ناٿتا آٿتا ٿي پوي ٿي ۽ ڪن وٽ آٿتا ناٿتا ٿي پوي ٿي. انسان جو من ڇاڻيءَ جيان آهي، ڇاڻيءَ جي سوراخن مان سوچون ڇڻن ٿيون، اهو سوراخن جي ويڪر تي منحصر آهي، اسان جا رويا لاشعوري ناٿتا جي ترجماني ڪن ٿا. نه ڪنهن سچيءَ دل سان خدا کي قبوليو آهي، نه ڪنهن انسان کي، نه ڪنهن فطرت، ماحول ۽ ڌرتيءَ کي، سئيءَ جي چهنب تي سوين سوچون رقص ڪن ٿيون. ذاتي فڪر اجتماعي سوچ ۾ ڦيرائڻ لاءِ زور آزمائي ڪئي وڃي ٿي. ذاتي فڪر ڏيڍ سِرَ جو هوائي محل آهي جنهن ۾ خيالي ڇوٽڪارو ٻانهون کولي آڌرڀاءُ ڪري ٿو.
سياڻپ جي خوش فهميءَ کان وڌيڪ چريائپ آهي ئي ڪونه. سياڻپ جي انتها چريائپ آهي، ڏاهپ منزل جي آسانيءَ لاءِ ننڍا رستا (Short cuts) ڳولهي ٿي. ڪو سريع الاعتقاد شخص مرشد جي چوڻ تي اکيون ٻوٽي سڌي رستي تي هليو پئي، اڳيان کوهه هيو ان ۾ ڪري پيو. شڪائپ(Skepticism) ۾ اها گنجائش پيدا ڪري سگهجي ٿي ته ضروري نه آهي ته سڌي رستي تي هلجي. سڌي رستي تي اکيون کولي هلڻ گهرجي جيڪڏهن اڳيان کوهه آهي ته ان کان پاسو ڪجي.
ڪنهن جو دماغ صاف ڪرڻو هجي ته ان جا شڪ دور ڪيو. عقيدو دماغ جي ڀريل پيٽ ۾ ائين پيل هوندو آهي جو شڪ جي گنجائش نه هوندي آهي. ناٿتائي سوچ ۾ شڪ، پڪ ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو. سچ لعنت ملامت سان اهڙي انداز ۾ بيان ڪيو جو سچ منهن لڪائي ملڪ ڇڏي ڀڃي وڃي. ڪوڙ جي تشريح ائين ڪيو جو، ڪوڙ ڪنن کي هٿ هڻي توبا تائب ٿئي. انسان جي ڪيمسٽريءَ جا فارمولا مڪمل نه ٿيا آهن، اندر جي تجربيگاهه ۾ جاري تحقيق پنهنجي پڄاڻيءَ تي نه پهتي آهي. معاشرتي ردعمل تي هارمونز ۽ اينزائيمز هر هر ٻاهر نڪري پيا انسان کي ٺاهين ۽ ڊاهين.
ادراڪ (Perception) هر اک ۾ الڳ آهي، اهو ئي سبب آهي جو انسان ورهايل آهي. دنيا مذهبي ۽ سياسي نظرين ۾ ورهايل آهي. مذهب فرقن ۾ ورهايل آهي. نظريا مختلف فڪرن ۾ ورهائجي مونجهاري جو سبب بنيل آهن.
دماغ جي قبولڻ جي سگهه مختلف (Variable) آهي. ان جو مدار وراثتي خاصيت (Heredity) تي پڻ آهي، ٻار اگهاڙو نه ڄمندو آهي، ڇو جو چمڙي خدا جو ڏنل وڳو آهي. ان وڳي ۾ جسم اهڙي دستاويز جيان ويڙهيل آهي جنهن دستاويز ۾ انسان جو ڪردار لکيل آهي. ان ۾ حياتي، رويو، بيماري، موت ۽ سڀ درج ٿيل آهي. تعليم، تربيت ۽ ماحول جو ان تي اثر آهي پر سڀ ساهوارا جين (Gene) جا غلام آهن، جين کي پنهنجي خواهش موجب موڙي سگهجي ٿو، ان لاءِ لکين سالن جو عرصو درڪار ٿيندو. ان عرصي دوران ڪوڙ ۽ سچ جي ارتقا ڪهڙو رخ اختيار ڪندي ڪنهن کي خبر نه آهي. ٿي سگهي ٿو سونهن (Aesthetic) جا معيار بدلجي پون.
ڪوجها سهڻا ٿي پون ۽ وقت جا سهڻا ڪوجها ٿي پون، جين کي مصنوعي رخ ڏئي سگهجي ٿو پر اهو غير فطري هوندو. جنس جي چونڊ (Sexual Selection) پاڻ مرحلا طي ڪري ٿي ۽ وڻڻ جي معيار مطابق سونهن جي چونڊ ڪري ٿي.(4)
گلاب سنگهڻ سان ڪنهن کي ڇڪ (نڇ) اچي ته ڇا ٿو چئي سگهجي، مصنوعي گلن مان خوشبوءِ اچي سگهي ٿي، نفسيات نفس تي لاڳو آهي پر صلاحيت (Ability) جي به حيثيت آهي. ڪمزور ارادن وارو نفسياتي مونجهارن جو شڪار ٿئي ٿو. جڏهن ته صلاحيتن سان مونجهارن کي قابو ڪري سگهجي ٿو. ماڻهو جتي به همت هاري ويهي ٿو اتي نفسياتي مونجهارا غالب اچي وڃن ٿا. ان حد تائين جو هر نفسياتي بيماري اندر ۾ موجود آهي. اهو ماڻهوءَ جي مزاحمتي سرشتي تي منحصر آهي ته ڪيتري حد تائين مقابلي جي سگهه رکي ٿو.
ڀورائيءَ ۾ ماڻهو هڪدم آڻ مڃي ٿو. ان جو پاڻ ۾ اعتماد نه آهي. ڪڏهن سياڻو پاڻ ڀورائپ جو شڪار ٿئي ٿو. منهنجو هر هفتي ڪراچيءَ کان ميرپورخاص اچڻ وڃڻ ٿيندو آهي، اتي هڪ ميڊيڪل ڪاليج ۾ استاد آهيان، شهر ميڊيڪل ڪاليج کان ٽي ڪلوميٽر پري آهي. ويران هنڌ تي هجڻ ڪري واپرائڻ جون شيون مڪمل طور مهيا نه آهن، ڪراچيءَ کان سبزيون ۽ ڦل وٺي ويندو آهيان. هڪ دفعي عمرڪوٽ واري بس ۾ سوار ٿيس ته ميرپورخاص وٽ لهي ويندس. بس باگڙين سان ڀريل هئي. ڪجهه لکيل پڙهيل ۽ سفيد پوش به سوار هيا پر اڪثريت غريب غربي جي هئي. مون وٽ سبزين سان ڀريل ٿيلهي هئي. مون اها ٿيلهي سيٽ جي سامهون مٿي ريڪ تي رکي جيئن نظرداريءَ هيٺ هجي. مون هڪ ٻه دفعو مٿي نهاريو ته اها پنهنجيءَ جاءِ تي نظر آئي. جڏهن منزل تي پهتس ته ٿيلهي کڻي هيٺ لٿس. ڪمري ۾ وڃي جيئن ٿيلهي کوليم ته ان مان ننڍي ٻار جا ڪپڙا، ٽي بيءَ جون دوائون ۽ ٻه رانديڪا نڪتا. حيران ٿي ويس ته اهو ڪيئن ٿيو؟ پوءِ سوچيم بس ۾ ويهڻ وقت ڪنهن باگڙيءَ اندازو لڳايو ته لکيل پڙهيل امير شخص آهي ضرور ٿيلهيءَ ۾ ڪا قيمتي شيءِ هوندي، ان ٻار جو سامان وجهي صفا منهنجي ٿيلهيءَ جهڙي ٿيلهي ٺاهي اتي رکي منهنجي ٿيلهي کڻي ويو. ان چالاڪي ته چڱي ڪئي پر ٻه ٽنگو ڦاٿو، جڏهن ان مون وار ٿيلهي کولي هوندي ته سبزي ڏسي ضرور پڇتايو هوندو. مون کي اهو سوچي ڏک ٿيو ته ٻار جا ڪپڙا، رانديڪا ۽ ٽي بيءَ جي دوائن کان سواءِ انهن کي ڪيڏي تڪليف آئي هوندي. ان سياڻپ ڪئي پر ڀورائپ جو شڪار ٿي ويو.
ائين سياڻو ڪانءُ به ٻه ٽنگو ڦاسندو آهي.
ڪنهن ڪانءَ جو مشهور قصو آهي ته ان ماني ٽڪر لڌو ۽ وڻ تي ويهي کائڻ لڳو، هڪ گدڙ جي نظر پئي ۽ گدڙ جي دل ۾ خيال آيو ته اهو ماني ٽڪر ڪانءَ کان ڪيئن حاصل ڪيان؟ اهو سوچي وڻ هيٺان آيو ۽ اچڻ شرط مٿي منهن ڪري ڪانءَ جي تعريف شروع ڪئي.
“واهه ڪانءَ ڇا ته تنهنجو رنگ آهي، سج جي روشنيءَ ۾ تنهنجا کنڀ ڪيئن ته چمڪي سهڻا ٿا لڳن.”
ڪانءُ تعريف ٻڌي خوش ٿيو ۽ مور جيان ٽڙڻ لڳو.
گدڙ وري چيس “تنهنجون اکيون موتين جيان صاف ۽ شفاف آهن.”
ڪانءَ کي گدڙ جي ڳالهه تي فخر محسوس ٿيو. گدڙ ڏٺو ته سندس لفظن جو جادو ڪم ڪري رهيو آهي.
“او سهڻا ڪانءَ.” گدڙ وري چيو “گهڻا ڏينهن ٿي ويا آهن تنهنجي ٻولي نه ٻڌي آهي، ٻول ته تنهنجو مٺڙو آواز ٻڌي ڪن ٺرن.”
ڪانءُ گدڙ جي چوڻ ۾ اچي ويو ۽ ڪان ڪان ڪرڻ لئي جيئن چهنب کوليائين ته ماني ٽڪر وات مان ڇڏائجي هيٺ اچي ڪريس. گدڙ نه ڪئي هَم نه تَم، ماني ٽڪر وات ۾ وجهي کائي ويو.(5)
عام شخص ڪانءَ جيئن ڀورو آهي ۽ هڪ استحصالي گدڙ جيئن مڪار، ڏاهپ جا دعويدار به مبلغ جي پرچار تي منزل جو رخ مٽائين ٿا.
جيئن ته ناٿتا لاشعوري عمل آهي جيڪو شعور تي اثر انداز ٿئي ٿو، ماڻهو بظاهر پر اعتماد آهي پر انڪري ڀورو آهي جو کيس ڀورائيءَ ڪري انڌو اعتقاد اهڙو اعتماد ڏئي ٿو. اهو حق کي ناحق ۽ ناحق کي حق سمجهي ٿو. استحصالي طبقو مذهب جي سهاري ٻئي دنيا جي سڻڀي ٽڪر ۾ هن دنيا جو اڻڀو ٽڪر به کسي وٺي ٿو.
نظرياتي جنگ ناٿتائي جنگ آهي، جيڪي نظريا هڪ وٽ قابل قبول آهن، اهي ٻئي وٽ ناقابل قبول آهن، اهو اندر جو ناٿتائي ردعمل آهي، انسان ورهايل آهي، ڌرتيءَ جو وجود نقشن جي لڪيرن سان چيريل آهي.
جيڪڏهن مذهبي حوالي سان ڏسبو ته انسان جي ابتدا ڀورائيءَ سان ٿي آهي. آدم حوا جي چوڻ ۾ اچي ڪڻڪ کاڌي، آدم ڀورو هيو.(6) اهو شيطان معرفت حوا هٿان ورغلايو ويو. آدم جي ڀورائي انسان ۾ مورثي موجود آهي. اهو اڄ به هڪ ملان جي چوڻ تي روشن خيال شخص کي قتل ڪري ٿو. هڪ مذهبي انتهاپسند ڳالهين ۾ اچي بم ٻڌي ڌماڪو ڪري ٿو، ڇو جو کيس ٻڌايل آهي ته مرڻ کانپوءِ جنت جي در تي سندس حورون استقبال ڪنديون. ڌرتيءَ تي ڪو ڪانءُ آهي ۽ ڪو گدڙ. ڪانءَ لڙ مچائين ٿا. گدڙ اونائين ٿا. ڪيترائي گدڙن هٿان ڀورائپ جي ور چڙهي گمراهه ٿين ٿا.
ناٿتائي اثر ڪري انسان، انسان کي قبول نه ڪيو آهي، ڪفر جي فتوا سڀني کي ڪافر قرار ڏنو آهي. انقلاب ترقي ڪري الميي مان اڀري مزاح جو روپ ڌاري مذاق ٿي پيو آهي. سچ پويان سئو سِرَ قربان ٿي وڃن ٿا، ڪهڙو سچ؟ اهو سچ جيڪو سڀاڻي افسوس مان هٿ مهٽي ڪوڙ ٿي پوندو. ڌرتيءَ تي انسان کان وڌيڪ جانور آزاد آهن، ڇو جو جانور اجتماعي ڌڻ ۾ هوندي نظرين ۽ عقيدن جي پرچارکان پري آهن. جانور دنيا جي عظيم قوم هجن ها، جيڪڏهن انسانن جي تسلط کان آزاد هجن ها.
فطرت انسان کي بي وس ۽ ڪمزور تراشيو آهي، ارتقائي موافقت (Adaptation) آهي ئي انڪري ته انسان پنهنجيون ڪمزوريون دور ڪري سگهي. اهو پناهه جي ڳولها ۾ رنگ بدلائي (Camouflage) ماحول سان مطابقت ڪري ٿو.(7) ماحول جي تبديلي ساهواري اندر ناٿتائي ردعمل هيٺ ارتقائي منزلون طي ڪري ٿي. هر انسان ڀورائيءَ جي حدن ۾ جيئي ٿو، انڪري ماحول جي هر تبديلي قبول ڪري ان جهڙو ٿي پوي ٿو. ٻه مورثا (Allele) هڪ ورغلايل آدم جو آهي ۽ ٻيو ورغلائيندڙ حوا جو آهي. انهن جي ميلاپ مان پيدا ٿيندڙ ڪروموسمز جسم جي جوڙجڪ ڪن ٿا. انڪري ورغلايل ۽ ورغلائيندڙ ٻئي اسان جي وجود جا حصا آهن.
سنڌ جو مشهور لوڪ داستان “ليلا چنيسر” جنهن ۾ ليلا ڪونئروءَ جي چوڻ ۾ اچي هڪ هار عيوض چنيسر کي ڪونئروءَ حوالي ڪري ٿي. ان ڀورائپ ڪري هار پويان لعل وڃايو.
انسان به ائين عملي دنيا ۾ ٺڳجي وڃي ٿو. جنت جي آسري دنيا کي دوزخ بنائي ٿو. اٻوجهائپ ڪري ناٿتا جي زيراثر ٻئي دنيا جي آسري هن دنيا کي پنهنجو ڪرڻ کان ڪيٻائي ٿو. ان کي خبر نه آهي ته چئن ڏينهن جي زندگي ڪيڏي اهميت رکي ٿي. هڪ پوپٽ کان پڇو، جنهن جي زندگيءَ جا چار ڏينهن انسان جي عمر کان املهه آهن.
ڪو ڪوتاهي ڪندو آهي ته سنڌيءَ ۾ ان کي بادشاهه چوندا آهن.
“هيءَ ڇا ڪري ڇڏيئي؟ يار صفا ڪو بادشاهه آهين.”
بادشاهن جي ڀورائيءَ جا قصا مشهور آهن، پر هتي ان بادشاهه جو قصو ٿو ٻڌايان جنهن سان جٺ ٿي.
ڪو بادشاهه نت نيون پوشاڪون پائڻ جو شوقين هيو. ان وٽ ٻه ٺڳ آيا ۽ عرض ڪيائون “اسين نانگالينڊ جا رهاڪو آهيون، اتي آهن ته سڀ نانگا پر انهن جون پوشاڪون مشهور آهن، اوهان وٽ اها آس رکي آيا آهيون ته اهڙي پوشاڪ ايجاد ڪيون، جنهن پوشاڪ کان دنيا جو ڪو به شخص فيضياب نه ٿيو هجي.”
بادشاهه ڳالهه ٻڌي خوش ٿيو ۽ چيائين
“پوشاڪ هتي ٺاهيندو يا گهران ٺاهي کڻي ايندءُ؟”
ٻنهي ٺڳن هڪ آواز ۾ ڳالهائيندي چيو “حضور، هتي ٺاهينداسين، گهران ٺاهي کڻي اينداسين ته رستي ۾ ميري ٿي ويندي، ڇو جو نانگا لينڊ هتان ايڏو ته پري آهي جيئن قميص جي هڪ بٽڻ کان ٻئي بٽڻ جو فاصلو”
بادشاهه حيران ٿي ويو.
“اهو وري ڪهڙو فاصلو آهي؟” سوال ڪيائين.
“قيمتي ۽ ناياب قميصن جي بٽڻن جا فاصلا ڌرتيءَ ۽ آسمان جي وٿيءَ جيترا هوندا آهن. انڪري جو املهه شين جو ڪو اگهه نه هوندو آهي انڪري ناياب شين جا فاصلا اڻ کٽ هوندا آهن.”
بادشاهه کليو ۽ خوش ٿي، کين اجازت ڏني ته محل اندر ڪنڊ واري ڪمري ۾ ويهي ڪم ڪن. بادشاهه اشرفين جي ٿيلهي انهن حوالي ڪئي ۽ آسرو ڏنو ته باقي رقم پوشاڪ ٺهڻ کانپوءِ انعام طور ڏني ويندي. انهن ڪمري نما ڪارخاني ۾ ڪم شروع ڪيو ۽ ٻئي هوا ۾ هٿ هڻي پيا هيڏي هوڏي ڪندا هيا. ڪنهن کي ڪجهه نظر نه ايندو هيو ته ڇا ٿا ٺاهين، ڪجهه سمجهه ۾ نه ايندو هيو ته ڇا ٿا ڪن؟ ڪو انهن کان پڇندو هيو ته “ڇا ٿا ٺاهيو، ڇا ٿا ڪيو؟”
اهي جواب ڏيندا هيا “اهڙو شفاف ڪپڙو ٿا ٺاهيون جيڪو نظر نه ايندو، اهو اهڙو فن آهي جنهن جو قدر عقل وارن کي هوندو، اکين وارن انڌن کي ڪجهه نظر نه ايندو.”
بادشاهه محل ۾ ويهي حال احوال ٻڌندو هيو ته “ناگالينڊ جا ڪاريگر هن لاءِ ڪا خاص پوشاڪ پيا ٺاهين، جيڪا ڏاهن کي ڏسڻ ۾ ايندي. باقي اکين وارا انڌا ان کان محروم هوندا.”
نيٺ وقت آيو ۽ پوشاڪ ٺهي تيار ٿي، اها کڻي محل ۾ پهتا ۽ بادشاهه سلامت کي عرض ڪيائون “حضور اهڙي نرم ۽ شفاف پوشاڪ تيار ڪئي آهي جو پائڻ کانپوءِ سڀ تعريف ڪندا.”
شهر ۾ اعلان ڪيو ويو ته آچر ڏينهن عبادت کان اڳ بادشاهه سلامت نانگالينڊ جي عظيم ڪاريگرن پاران تيار ڪيل پوشاڪ پائي، گهوڙي تي چڙهي هڪ جلوس جي صورت ۾ قوم کي ديدار ڪرائيندو.
آچر جو ڏينهن آيو ته گرجا جو گهنڊ وڃايو ويو ۽ ٺڳن بادشاهه کي ننگو ڪري هٿن جي اشارن سان نظر نه ايندڙ پوشاڪ پارائي گهوڙي تي ويهاري شهر جو گشت ڪرايو ته “واهه، واهه” ٿي وئي.
سڀني کي خبر هئي ته بادشاهه کي انتهائي نفيس ۽ شفاف لباس پارايو ويو آهي، جيڪو نانگا لينڊ جي مشهور ڪاريگرن تيار ڪيو آهي. بادشاهه نانگو هوندي به مطمئن هيو ته کيس قيمتي لباس پاتل آهي ۽ رايا ان خوشفهميءَ ۾ هئي ته نانگالينڊ جا معتبر ڪاريگر ايڏا ڪوڙا نه ٿا ٿي سگهن.
شهر ۾ بادشاهه جي پوشاڪ جي نفاست ۽ ڪاريگريءَ جي تعريف ٿيڻ لڳي، سڀني تاڙيون وڄائي بادشاهه جو استقبال ڪيو. ٺڳ دل ۾ کڳيون هڻڻ لڳا ته واهه جو تير نشاني تي لڳو آهي. انهن ته لباس ٺاهيو ئي ڪين هيو، بس ڪاريگري ڏيکارڻ لاءِ ڪارخاني ۾ ويهي هوا ۾ هٿ پئي هلايا. هتي ته بادشاهه ۽ قوم، ٻنهي جو منهن اڇو لڳو پيو آهي، ٺڳ ائين سوچي ئي رهيا هيا ته ماءُ جي هنج ۾ کنيل هڪڙي ننڍڙي ناسمجهه ٻار چيو “امان بادشاهه ته اگهاڙو آهي.”
ماءُ ڌڌڪ ڏئي ٻار کي ماٺ ڪرائي “بس ڪر آڱوٺي جيترا، توکي ڪهڙي خبر ته بادشاهن جون پوشاڪون ڪيئن هونديون آهن.”(8)
تعريف کي داد جا زيور پارايا وڃن ته اها وڌيڪ اثرانگيز ٿي پوندي آهي. اسم کان وڌيڪ صفت کي اهميت آهي. انسان پنهنجي ذات ۾ جذباتي آهي ۽ جذباتپڻو ڀورائپ آهي. جذباتي انسان جذباتي ڳالهه ٻڌي متاثر ٿئي ٿو. قومون جذبات ۾ اچي بين وڄائيندڙ پويان ڪوئن جيان قطار ۾ هلي پاڻيءَ ۾ ٻڏنديون آهن.
دنيا کي گهري نظر سان هڪ ٻار ئي ڏسندو آهي ڇو جو ان جي مشاهدي ۾ هر شيءِ نئين هوندي آهي، عمر ۾ مشاهدي سان گهڻا رنگ ڦٽي وڃن ٿا.
دنيا انسان سان گڏ پيدا ٿئي ٿي، گڏ جوان ٿئي ٿي ۽ پوڙهي ٿي انسان گڏ دفن ٿئي ٿي. يوناني ڏند ڪٿا ۾ سيمسن جهڙي سورهه کي ڊيلائلا جو عشق ئي اٻوجهه بنائي سگهي ٿو. سيمسن جنهن جي وارن جي چوٽيءَ ۾ سندس جسم جي لافاني سگهه سمايل هئي، ان کي ڪو به زير ڪري نه سگهيو، ڊيلائلا کيس عشق جي ڄار ۾ ڦاسائي اها چوٽي ڪٽي وڌي ته بي وس ٿي ويو، کيس اکيون ڪڍي انڌو ڪري قيد ڪيو ويو.(9)
عشق سحر آهي جيڪو لڳي ته رڻ رلائي ڇڏي، سهڻيءَ جو ڪچي گهڙي تي درياهه پار ڪرڻ ڀورائيءَ جي حد آهي. دوکو عشق جي ناٿتائي صورت آهي. لڳي دماغ تي ۽ دل ۾ محسوس ٿئي، اهو طبيعت جو ناٿتائي ردعمل آهي. سهڻيءَ سان گهڙي دغا نه ڪئي، دغا عشق ڪئي، سيمسن انڌو نه ٿئي ها جيڪڏهن ڊيلائلا دوکو نه ڪري ها.
ٻه ٻلا جيڪي پاڻ ۾ ڀائر هيا، انهن پنير ٽڪر لڌو ۽ اچي وڙهيا، هڪ چئي “مان کائيندس” ٻيو چئي “نه مان کائيندس.” هڪ ٻئي کي چنبا هڻي، رهنڊون پائي ڳاڙهو ڪيائون، سامت ۾ آيا ته صلاح ڪيائون “ڇو نه ڀولي وٽ هلون، جنهن وٽ تارازي آهي، ان کان تورائي اڌ اڌ ڪري هڪ جيترو کائون.”
اهو سوچي پنير کڻي ڀولي وٽ پهتا. ڀولو تارازي کڻي آيو. پنير کي ٻه اڌ ڪري هڪ اڌ هڪ پڙ ۾ وڌائين، ٻيو ٻئي پڙ ۾ وڌائين. هڪ پڙ هيٺ ٿي ويو ۽ ٻيو پڙ مٿي. جيڪو پڙ هيٺ ٿي ويو ان مان پنير ٽڪر ڪڍي کائي ويو ۽ چيائين ته “جيئن وزن برابر ٿئي.” پر وري ٻئي پاسي وارو پڙ هيٺ ٿي ويو ۽ جنهن مان مائو کاڌائين اهو پڙ مٿي ٿي ويو. وري ان مان ذرو ڪڍي کاڌائين ته جيئن وزن برابر ٿئي.
ائين ويو ٻنهي پاسن کان پنير کائيندو ۽ نيٺ پنير کائجي ختم ٿي ويو پر وزن ڪڏهن برابر نه ٿيو. ٻئي ٻلا هڪ ٻئي جو منهن ڏسي چپ ڪري ويهي رهيا ۽ ٻنهي ٻلن کي ڀورو بنائي ڀولو تارازي ڇنڊي هليو ويو.
سڀ انصاف ڪندڙ جي حوالي ٿي وڃي ٿو ۽ اسين ٻلن جيان وڙهندا رهون ٿا. ظلم انصاف جي پيداوار آهي ۽ انصاف مفادن جو لکيل اهڙو دستاويز آهي جيڪو منصف کي فائدو ڏئي ٿو. تاريخ ۾ انصاف سيهي (Lead) جي ڌاتوءَ جيئن رهيو آهي. رجائي ڪنهن به قالب ۾ وجهو، ان جهڙو ٿي پوندو. ان جي ضرورت آهر وصف ٺاهي تسلط جو هٿيار بنايو ويو آهي.
ڀولو هر وقت جو منصف آهي جنهن جي تارازيءَ جا پڙ ڪڏهن به متوازن نه ٿيا آهن. عام رواجي رويا اهڙي عمل جو ناٿتائي ردعمل آهن. نفرت ڪينو، آدم بيزاري ۽ بغاوت اتان ئي جنم وٺن ٿا.
“پنهوڪيو” جيڪا اٽليءَ جي لوڪ ڪهاڻي آهي، ان ۾ جپيٽو نالي هڪ واڍي ڪٽيل وڻ جو ٿڙ لڌو ۽ اهو سوچي گهر کڻي آيو ته ان مان هڪ پتلي ٺاهي تماشو ڏيکاريندو ۽ پئسا ڪمائي گذر سفر ڪندو. جپيٽو تمام غريب شخص هيو ۽ کيس اولاد نه هئي.
جپيٽو ڪاٺ مان هڪ پتلي ٺاهي. جڏهن پتليءَ جا پير گهڙي رهيو هيو ته پتليءَ کيس لت وهائي ڪڍي ۽ پري وڃي ڪريو. جپيٽو محسوس ڪيو ته اها پتلي جيئري آهي ۽ ڳالهائي سگهي ٿي. جپيٽو خوش ٿيو ته جنهن اولاد جي خواهش هئي اها پوري ٿي. ان پتليءَ کي پنهو ڪيو جو نانءُ ڏنو ۽ سوچيائين ته ڇو نه ان کي ڪنهن اسڪول ۾ داخل ڪرايان. جپيٽو وٽ ايترا پئسا نه هيا جو اهو پنهوڪيو لاءِ ڪتاب وٺي سگهي. ان پنهنجو ڪوٽ وڪڻي پنهوڪيو کي پئسا ڏنا ته ڪتاب وٺي اسڪول وڃي.
پنهوڪيو جڏهن پئسا وٺي ڪتاب وٺڻ پئي ويو ته هڪ هنڌ سرڪس لڳل هئي. ان ۾ مختلف تماشا ڏيکاريا پئي ويا. هو سرڪس جي در وٽ بيٺو هيو ته جوڪر کيس ورغلايو ۽ چيو ته “هو ٽڪيٽ وٺي سرڪس ڏسي، اندر ڏاڍو مزو آهي.” پنهوڪيو ڀورائپ ڪري ان جي ڳالهين ۾ اچي ويو ۽ ٽڪيٽ وٺي اندر ويو. اتي پتلين جو تماشو ٿي رهيو هيو. هن پاڻ جهڙين پتلين کي نچندي ڏٺو ته حيران ٿي ويو. پتليون نچائيندڙ جي نظر جڏهن پنهوڪيو تي پئي ته کيس عجب ٿيو ڇو جو پنهوڪيو هڪ ڳالهائيندڙ پتلي هيو. ان پنهوڪيو کي پڪڙي اهو سوچي قيد ڪيو ته کيس تماشي ۾ نچائي وڌيڪ پئسا ڪمائيندو.
پهوڪيو قيد ۾ بند هيو ته هڪ پري نروار ٿي ۽ ان کيس آزاد ڪرائي پئسا ڏنا ته هو ڪتاب وٺي اسڪول وڃي. اهو جڏهن پئسا کڻي ڪتاب وٺڻ وڃي رهيو هيو ته رستي ۾ هڪ گدڙ مليو. گدڙ پڇيس “اڙي سهڻا ڇوڪر تون ڪيڏانهن ٿو وڃين؟”
هن چيو “ته پئسا کڻي ڪتاب وٺڻ ٿو وڃان جيئن اسڪول ۾ پڙهي سگهان” اها ڳالهه ٻڌي گدڙ چيو “تنهنجي عمر پڙهڻ جي نه پر کيڏڻ ۽ کائڻ جي آهي. ڪتاب پڙهي ڇا ڪندين! مونکي پئسا ڏي ته توکي اهڙي ٻيٽ جي ٽڪيٽ ٿو ڏيان جتي مزو ئي مزو آهي. چاڪليٽ، ٽافيون، مزيدار کاڌا، جهولا ۽ باغ آهن. تون ٽڪيٽ وٺي ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي ۽ جلدي اوڏانهن هليو وڃ.”
پنهوڪيو ان جي ڳالهين ۾ اچي ويو ۽ پئسا ڏئي ٽڪيٽ وٺي سمنڊ ڪناري ٻيڙيءَ جو انتظار ڪرڻ لڳو پر اتي ڪا به ٻيڙي نه آئي ۽ هو روئڻ لڳو.
ايتري ۾ ساڳي پري ظاهر ٿي ۽ پنهوڪيو کان پڇيائين “هن پئسا ڪاڏي ڪيا؟” پنهوڪيو ڪوڙ ڳالهايو ۽ چيو ته “اهي ڪِري پيا.”
هن جيئن ڪوڙ ڳالهايو ته سندس نڪ ڊگهو ٿي ويو. پري سمجهي وئي ته پنهوڪيو ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي، ان کيس نصيحت ڪئي ته “هو ڪوڙ ڪڏهن نه ڳالهائي نه ته سندس نڪ ڊگهو ٿي ويندو.”
پريءَ ان کي پئسا ڏنا ۽ پنهوڪيو خوش ٿي نچندو ڪتاب وٺڻ ويو ته وري ڪنهن ٻئي کان ٺڳجي ويو ۽ ائين پنهوڪيو اهڙو ڪردار آهي جيڪو پنهنجي ڀورائپ ۽ سادگيءَ ڪري سولائيءَ سان ورغلائي ٺڳجي وڃي ٿو. اهو ڪوڙ ڳالهائي ٿو ته سندس نڪ ڊگهو ٿي وڃي ٿو. آخر گهڻن لاهن چاڙهن کانپوءِ اهو سمنڊ ۾ ٻڏندڙ جپيٽو کي ٻاهر نڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿو ۽ پاڻ ڪاٺ جو هجڻ سبب ٻڏڻ کان محفوظ رهي ٿو. جپيٽو پنهوڪيو کي ڀاڪر پائي چميون ڏئي ٿو ته پري کيس جادوءَ سان پتليءَ مان انسان ٺاهي ٿي. پوءِ اهو پنهنجي پيءَ جپيٽو سان زندگيءَ جا ڏينهن گذاري ٿو.(10)
اهڙا ڪئي قصا ڪتابن ۾ ڀريا پيا آهن، جن ۾ معصوميت جو فائدو وٺي ماڻهوءَ کي ڀورائپ ڪري کيس لفظن جي ڄار ۾ ڦاسايو وڃي ٿو. انسان پنهنجي ادراڪ سان لاشعوري طور پسند يا ناپسند موضوعن ۽ معروضن جي چونڊ ڪري ٿو. اها ان جي ذاتي پهچ (Approach) آهي. پهچ جو معيار هر انسان جو الڳ آهي. اها ڳالهه ثابت ٿيل آهي ته انسان ذهانت جي ڪهڙي به حد کي پهتل ڇو نه هجي پر اهو لاشعوري ڀورو (Gullible) آهي.(11)
دنيا کي درگذر سمجهيو وڃي ٿو. چانڊوڪيءَ کي چئن ڏينهن جي چيو وڃي ٿو. اها اسان جي ڀورائپ، اڻڄاڻائي ۽ ناٿتائي (Nocebous) ردعمل آهي.
References:
1. Greenspan , Stephen (2009). Annals of gullibility ;
“why we get duped and how to avoid it”.
Praeger publishers.
2. Sofronoff , kate ; Dark Elizabeth ; stone Valerie (23 march 2011).
“Social vulnerability and bullying in children with Asperger syndrome”
Autism (PDF).
3. Kihistrom JF (1987).
“The cognitive unconsciousness”.
Science. 237:1445-52.
4. Hartfield , Matthew , P.D keightley (2012).
“current hypothesis for the evolution of sex and recombination”.
(PDF)- integrative zoology. 7:192-209.
5. “The sycophantic fox and the gullible Raven”.
(Fables for the frivolous) by Gay wetmore carryl.
6. “Book of Genesis”.
Greenspan (2009) , pp-13-22.
7. Osorio , Daniel , cuthill , innes C.
“camoufalge and perceptual organization in the animal kingdom”.
(PDF). Retrieved 25 oct: 2013.
8. Robbins , Hollis (2003).
“The emperor’s new critique”.
New literary history. 34(4). Retrieved March Ist -2013.
9. Mobley , Gregory (2006).
“Samson and the liminal Hero in the Ancient near east”.
New York city and London : T&T clark.p-5-12.
10. Geoffrey brook-Transl:
“Pinocchio”
New York books-2008.
11. Yamagishi: Toshio , et al ( April 1999).
“Trust , gullibility and social intelligence”.
(PDF). Asian journal of social psychology 2(1):145-161.
*