تاريخ، فلسفو ۽ سياست

نوسيبو

ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار رسول ميمڻ پاران سائنسي فلسفي تي لکيل ھڪ بھترين ڪتاب آھي. ممتاز بخاري ھڪ ھنڌ لکي ٿو:
”جيئن تہ رسول ميمڻ پيشور ڊاڪٽر رهيو آهي، ان ڪري زندگيءَ سان ٿيندڙ ڊاڪٽري واري فلسفي کي اپٽارڻ وارو فن وٽس ئي آهي، سندس ناول هجن يا ڪھاڻيون، اهي اڄ جي سنڌ سان لڳل ماضي ۽ حال جو نوحو بہ آهن تہ انهن ۾ حيات سان هجڻ ۽ رهڻ جي ڀرپور منطقي سوچ بہ سلهاڙيل آهي، رسول ميمڻ جون سموريون ڪهاڻيون خالي امڪان ۽ مڪان جي ڳالهه نہ ٿيون ڪن پر انهن ۾ توهان ”هجڻ“ واري فلسفي کي بہ پرجهي سگهو ٿا.“
  • 4.5/5.0
  • 2267
  • 508
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رسول ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نوسيبو

مغالطو ۽ ناٿتا (Fallacy and Nocebo)

لاطيني محاورو آهي “پوءِ ٿيو، ان ڪري اڳ ٿيو.”
(Post hoc ergo proper hoc)
روز سج اڀرڻ کان اڳ جهنگ ۾ گدڙ اونائين ٿا. سج نڪري ئي انڪري ٿو جو گدڙ اونائين ٿا. جيڪڏهن گدڙ نه اونائين ته سج نه نڪري، سج نڪرڻ جو سبب گدڙن جي اونائڻ آهي.(1)
مشهور قصو آهي ته ڪو شخص ميلو گهمڻ ويو. ميلي ۾ گهمندي کيس خبر نه پئي ته سندس ڪلهي تي رکيل پوتڙو گم ٿي ويو. ميليءَ جي مستيءَ مان نڪري ڪلهي تي هٿ هڻي ڏٺائين، سندس پوتڙو نه هيو. وٺي هاءِ گهوڙا ڪيائين ته “هي ميلو لڳو ئي انڪري هيو جو سندس پوتڙو گم ٿئي.”
معاشري ۾ ڪي شخص چنڊا لکيا ويندا آهن. ڪنهن جو ڪم نه ٿيندو آهي ته اهو ڏوهه چنڊي کي ڏيندو آهي. “جيڪڏهن نيراني ان جي شڪل نه ڏسان ها ته ڪم ضرور ٿئي ها.”
نئين واپارين کي ڌنڌي ۾ کوٽ پوندي آهي ته هڪ ٻئي تي چنڊائيءَ جا الزام هڻندا آهن. “جيڪڏهن توسان ڀاڱي ڀائيواري نه ڪيان ها ته اڄ سڃائيءَ جو منهن نه ڏسان ها.”
ڪنهن بادشاهه جو ڪو ڪم نه ٿيو ته ڪاوڙ مان سپاهين کي حڪم ڏنو “ان فقير کي پڪڙي منهنجي سامهون پيش ڪيو، جنهن منحوس جو منهن مون صبح محلات جي در وٽ ڏٺو هيو. جيڪڏهن ان چنڊي جو منهن نه ڏسان ها ته اهو ڪم ضرور ضرور ٿئي ها.”
سپاهي ويا ۽ فقير کي پڪڙي آيا جنهن صبح سان بادشاهه جي محل ٻاهران سين هنئي هئي.
سپاهين فقير کي جڪڙي بادشاهه سامهون پيش ڪيو. فقير حيران ۽ پريشان بادشاهه سامهون پهتو ته ان عرض ڪيو. “قبلا هن فقير جو ڏوهه ڪهڙو آهي جو ذوالجلال ايڏو جلال ۾ اچي ويو آهي؟”
بادشاهه ٻڌايس ته “اڄ صبح محل جي در تي تنهنجو منهن ڏٺم، سڄو ڏينهن گذري ويو هڪ خاص ڪم نه ٿيو.”
فقير عرض ڪيو ته “سائين ان ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه؟”
بادشاهه آپي کان نڪري ويو ۽ چيائين “سڄو ڏوهه تنهنجي منحوس منهن جو آهي جيڪو نه ڏسان ها ته خاص ڪم ضرور ٿئي ها.”
پوءِ بادشاهه جلاد کي حڪم ڏنو ته “هن جي منڍي لاهه”
جلاد جيئن ڪات سڌو ڪري هن ڏانهن وڌيو ته فقير بادشاهه کي چيو “سائين منهنجي منهن ڏسڻ سان اوهان جو خاص ڪم نه ٿيو، پر مون کان وڌيڪ چنڊا ته توهان آهيو جو صبح توهان جو منهن ڏسڻ سان مون کي موت جي سزا پئي اچي.”
“پوءِ ٿيو، انڪري اڳ ٿيو.” منطقي مغالطو يا خام خيالي (Logical fallacy) آهي. پوءِ انڪري ٿيو جو اڳ ٿيو. پوءِ ٿيڻ جو سبب پڪ سان اڳ هيو.(2)
منطق (Logic) سوچن جو آهستي آهستي مسئلي جي تهه تائين پهچڻ ۽ ان جي حل طرف وٺي وڃڻ آهي. منطق فلسفي ۽ سائنس جي اصولن کي حل ڪرڻ جو بنياد فراهم ڪري ٿو. منطق هڪ سوچيندڙ جو اهڙو ادراڪ آهي ته الجهليل ڪيئن سلجهائي سگهي ٿو.(3)
منطق ۾ مغالطو (Fallacy) اهڙو خيال آهي جيڪو مثالن سان سچ ثابت ڪري ٿو جڏهن ته اهو سچ نه آهي.
منطقي طور (Logically) اهو ائين ٿيندو جو “مينهن وسي پيو انڪري جهڙ ضرور هوندو.”
اهو مشاهدو آهي جيڪو منطق (Logic) جي رهنمائي ڪري ٿو. سبب جهڙ آهي. جهڙ آهي ته مينهن آهي. مينهن جهڙ جو سبب نه آهي. پر جهڙ مينهن جو سبب آهي.(4)
منطقي مغالطي (Logical fallacy) ۾ اهو ائين ٿي پوندو ته مينهن جو سبب جهڙ نه آهي، مينهن وسيو انڪري جهڙو هيو.(5)
پڪ جو ٻواٽو (Confirmation bias) عقيدي يا الهام جي اهڙي صورت آهي جتي ادراڪ منجهيل شين کي جوڙي راهه ڪڍي ٿو. ضروري نه آهي ته اها راهه صحيح هجي پر اها ڪوشش آهي جيڪا صحيح ٿي به سگهي ٿي.(6) ان کي دلي سوچ (Apophenia) به چئجي ٿو. دراصل دل کي پنهنجو دماغ آهي. دل جو سوچڻ اتان شروع ٿئي ٿو جڏهن مغز جواب ڏئي وڃي ٿو. مغز جي مفلوج ٿيڻ جو سبب ان جي ادراڪ جي حد آهي جيڪا ليڪ ٽپڻ ان جي وس ۾ نه آهي. دل جو ادراڪ سڀ ليڪون لتاڙي وڃي ٿو.(7) ٻه واٽي تي مغز منجهي پوي ٿو ۽ دل جا قدم ڪڏهن نه ٿا رڪجن. دل جي سوچ ۾ جنت هوندي آهي. جنت ملي ته واهه نه ته سڌو دوزخ ۾.
مونکي ياد آهي جڏهن ننڍو هوندو هيس ته ڏاڏي ڏي ٽفن ۾ منجهند جي ماني وجهي کڻي ويندو هيس. هڪ دفعي اتي هڪ ڪاٺياواڙي وچ بازار ۾ ڪٽيل واڱڻ هٿن ۾ جهلي بيٺو هيو، سندس سامهون ماڻهن جو هجوم هيو. ڪاٺياواڙي ٻڌائي رهيو هيو ته “ادا مون واري زال منجهند جي ماني تيار ڪرڻ لاءِ جيئن ئي واڱڻ ڪٽيو ته اهو ڏسي حيران ٿي وئي، واڱڻ جي ٻجن جي ترتيب ۾ “الله” لکيل هيو. اسان گهر وارن اهو ڏسي سبحان الله ڪئي ۽ ساڳيو واڱڻ کڻي اوهان اڳيان حاضر ٿيو آهيان ته اهو معجزو توهان به ڏسو، ڪيئن نه واڱڻ اندر ٻجن جي ترتيب ۾ الله لکيل آهي.”
سڀني ڏٺو ۽ مون به ڏٺو.
اها دماغ جي نه پر دل جي سوچ هئي، سڀني سبحان الله چيو ۽ جزاڪ الله جا نعرا هنيا، ڪاٺياواڙي خوشيءَ ۾ نه ٿي ماپيو.
جيڪڏهن دماغ سان سوچيون ها ته ائين چئون ها. “ڪاڏي واڱڻ، ڪاڏي الله.” دراصل محبت ۾ هر شيءِ محبوب جهڙي ٿي پوي ٿي. دل جو دماغ انڪري منفرد آهي ته اهو سوچيندو نه آهي. دل جو عقل (Pareidolia) اڻ ڏٺل چهرا ڏسي ٿو ۽ اڻ ٻڌل آواز ڪنائي ٿو.(8) عاشق تي صحرا جي گرميءَ جو انڪري اثر نه آهي ته هو تصور ۾ محبوب جي اکين مان وسندڙ مينهن ۾ ويٺل آهي. وڇڙيل ۽ انتظار ڪندڙ هر آواز کي قدمن جو آواز سمجهي ٿو. ڪتو ڊانول هجي ته ان جي گگ ڳڙندي آهي پر ماڻهو بکايل هجي ته ان جا ڳوڙها گگ جيان ڳڙندا آهن. ماءُ مئل ٻار جو روئڻ ٻڌندي آهي. روزگار اهڙو جهنگلي جانور آهي جنهن جي ڊڪ هرڻ کي مات ڏئي ٿي.
ٻيگهي (Gramblers fallcy) دلي تعين (Apophenia) جو اهڙو مثال آهي جتي ڪو پڪ جي ٻه واٽي (Confirmational bias) تي اچي ادراڪ سان بروقت صحيح فيصلو ڪري ٿو. اهي فيصلا خوشنصيبي (Luck) جي صورت ۾ ظاهر ٿين ٿا.(9) جيئن هڪ جوئاريءَ جو ادراڪ، جوئا ۾ ڪن جي قسمت سٺي ظاهر ٿيندي آهي ۽ ڪي هارائي اٿندا آهن. مون به ڪڏهن جوئا کيڏي هئي پر سدائين هارائيندو هيس. تاش جي پتن متعلق پڪ جي ٻه واٽي تي اچي ادراڪ جو هر فيصلو غلط ثابت ٿيندو هيو. جڏهن هارائيندو هيس ته منهنجو هڪ سئوٽ هر دفعي کٽيل سان کيڏندو هيو ۽ سئوٽ جو ادراڪ اهڙو ته بروقت ۽ متعين (Determinant) هوندو هيو جو سندس دلي تعين (Apophenia) درست فيصلو ڪندو هيو. ائين لڳندو هيو جيئن کيس مخالف جي هٿ ۾ جهليل تاش جو هر پتو صاف نظر ايندو هجي. اهو کٽيل کي هارائي مون کي هارايل پئسا واپس ڪندو هيو. کٽڻ جي اهڙي سلسلي کي جيڪو مسلسل هجي، جوئاري ٻيگهي ڪوٺيندا آهن. اصل ۾ اهو کٽيندڙ جو مغالطو هوندو آهي جيڪو کيس ٻه واٽي جي شڪ کي پڪ ۾ ظاهر ٿي پوڻ سبب خوشقسمتي ثابت ٿيندو آهي.
وڦلڻ (Freudian slip) لاشعور ۽ اندر ۾ هلندڙ سوچن جي تسلسل وچ ۾ تصادم جي صورت ۾ نروار ٿئي ٿو، ڪو لاشعور ۾ هلندڙ سوچن جي ڌارا ۽ اندر ۾ هلندڙ لاشعوري سوچن جي ٻه واٽي تي منجهي وڦلي وڃي ٿو. وڦلڻ، ڳالهائڻ، يادن، لکڻ يا جسماني ردعمل کان ظاهر ٿئي ٿو.(10)
مون کي هڪ مولوي ياد آهي جيڪو نڪاح پڙهائڻ آيو. حق مهر ٻڌائڻ وقت چئي ويو “پنج سونا تول” ان جي لاشعور ۾ “پنج تولا سون” هيو پر لاشعور ان جي شعور کي اجازت نه ڏني ۽ اهو وڦلي ويو.
قلم جو وڦلڻ به ائين آهي جو مان هڪ دفعي فيض احمد فيض تي مقالو لکندي، لکي ويٺس ته “فيض کي چار سال ڦاسيءَ جي سزا آئي.” دراصل مون لکڻ پئي چاهيو ته فيض کي چار سال قيد جي سزا آئي، پر انهن ڏينهن ۾ ڀٽي صاحب کي ڦاسي آئي هئي ۽ منهنجي لاشعور ۾ سزا ڦاسيءَ کانسواءِ ڪا به نه هئي. ڀٽي صاحب جي صدمي منهنجي قلم کي وڦلائي ڇڏيو.
ٻاتائپ (Spoonerism) وڦلڻ نه پر ڳالهائڻ جي خامي آهي. اهڙي خامي جنهن ۾ لفظ هڪجهڙائي (Consonance) حرف علت (Vovels) يا استقاقن (Morphones) ۾ چڙي پون.(11)
ڪراچيءَ ۾ ڪنهن نوجوان، هڪڙي ٻاتي کان خيرات گهري، ٻاتي چيس “ٽماٽر کاءُ”
نوجوان حيران ٿي ويو ته ٽماٽر ڪيئن کاوان، پئسا هوندا ته کائيندس، ٻاتي ڀرسان بيٺل هڪ ٻئي سمجهايس ته چوي ٿو “ڪما ڪر کاءُ”
حرفي علتن تي مون کي پنهنجو استاد مظهر علي شاهه ياد اچي ٿو. اهو هڪ بهترين استاد هيو جيڪو سکر هاءِ اسڪول ۾ سنڌي پڙهائيندو هيو. سنڌيءَ جا علتي حرف ان اهڙي ته آسان طريقي سمجهايا جو اڄ به ياد آهن. اهو بورڊ تي لکندو هيو. “ي، ت، س، م، ن، و، ا” سنڌي ست حرفي علت آهن ۽ پوءِ چوندو هيو “يتسمنوا” اهو لفظ اهڙو ته ذهن ۾ ويهجي ويو جو وسرڻ جهڙو نه آهي.
باقي لفظن جي هيرا ڦيريءَ ۾ منجهائڻ لاءِ سنڌيءَ ۾ جملا جام آهن، جيڪي گهڻو ڪري فحش آهن، هڪ سادو جملو ياد آهي جنهن کي هر هر ورجهائڻ سان زبان وڦلي ويندي يا ماڻهو ٻاتو ٿي اچار ڦيرائي وجهندو. جيئن “ڪچا پاپڙ، پڪا پاپڙ” هر هر ورجهائڻ سان “چاچڙ” ٿي پوندو. انڪري پڪ سان منهنجا دوست چاچڙ ناراض نه ٿيندا ڇو جو شاگرديءَ جي زماني ۾ جڏهن هاسٽل ۾ رهندو هيس ته چار چاچڙ جيڪي هاڻي وڏا ڊاڪٽر آهن، منهنجا دوست هيا ۽ ان وقت اهي سڀ چاچڙ، پاپڙ وڏي شوق سان کائيندا هيا پر خدا خانو خراب ڪري ان شيخ جو جنهن اهڙي حرڪت ڪئي جو پاپڙن وڪڻڻ وارو ڇوڪرو هاسٽل ڇڏي ڀڃي ويو. اهو شيخ صاحب تازو ڪراچيءَ جي هڪ صحت واري وڏي اداري مان ڏاڙهي رکائي رٽائرڊ ٿيو آهي.
تجنيس حرفي (Alliteration) شاعري، ادب ۽ گفتگوءَ جو اهڙو انداز آهي جنهن ۾ جملي اندر لفظن جي پهرين اکر ۾ ورجهايو ويندڙ ساڳيو آواز سمايل هوندو آهي. سنڌي ۽ ٻين زبانن ۾ اهو ٻوليءَ ۾ استعمال ٿيندڙ قديم سمايل هوندو آهي. يورپ ۾ اهو پندرهين عيسوي صديءَ ۾ شاعري ۽ ادب ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو.(12)
لاطيني زبان ۾ لفظ ايليٽريشن، لٽيرا (Littera) مان نڪتل آهي جيڪو پندرهين عيسوي صديءَ ۾ اٽليءَ جي مزاح نگار گيواني پونٽانو استعمال ڪيو.(13) جان هيرس (1846-1756ع) ٻارن لاءِ هڪ نظم لکيو جيڪو تجنيس حرفيءَ جو مثال آهي.(14)
Peter piper piked a peck of pickled peppers,
A peck of pickled peppers peter pipper picked,
If peter piper picked a peck of pickled peppers,
Where is the peck of picked peppers peter piper picked.
تجنيس حرفي سنڌي ڪلاسيڪل ۽ جديد شاعريءَ جو بنيادي فن آهي. شاهه لطيف کان شيخ اياز تائين اها ڏسڻ ۾ اچي ٿي. تجنيس حرفي لکت کي رواني ۽ ترنم ڏئي ٿي. منهنجي مطالعي ۾ سنڌي شاعريءَ کانپوءِ اها فرانسيسي علامت نگار شاعرن وٽ پنهنجي عروج تي نظر اچي ٿي. پال ورلن ۽ ملارميءَ جي علامتي شاعري فرانسيسي اصلوب ۾ اهڙي روانيءَ سان ڀريل آهي.
سنڌي زبان ۾ تجنيس حرفيءَ سان ڀرپور جملو مون فرسٽ ايئر ۾ پنهنجي استاد فاضل شيخ کان ٻڌو هيو. استاد فاضل شيخ تن ڏينهن گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سکر ۾ پروفيسر هيو. ان اهو جملو سنڌي شاعريءَ تي ليڪچر ڏيندي ٻڌايو هيو، جيڪو مون کي ياد آهي.
“واڻيو واڙيءَ وارو ونگا واڱڻ وڪڻي واڙيءَ واري وٽ وٺي واپس وري ويو.”
تجنيس حرفيءَ تي لکڻ جو مقصد هيو ته اهڙي اصلوب سان ٻوليءَ ۾ پڪ جي ٻه واٽي (Confirmational bias) جو انت اچي وڃي ٿو. رواني، رڌم، ساز ۽ ترنم سوچن جي مغالطي تي غالب اچي وڃن ٿا.
سوچن جو مغالطو انساني فڪر جي اهڙي ڇڙ واڳي آهي جتي حيقت ناٿتا (Nocebo) جو روپ ڌاري توهمن جي صورت اختيار ڪري ٿي.
“پوءِ ٿيو، انڪري اڳ ٿيو.” پوءِ جو سبب اڳ آهي. گدڙ نه اونائين ته سج نه نڪري. همراهه جو پوتڙو گم ٿي ويو ڇو جو ميلو لڳو. بادشاهه جو خاص ڪم ٿئي جيڪڏهن فقير جو منهن نه ڏسي. فقير کي موت جي سزا نه اچي جيڪڏهن بادشاهه جو منهن نه ڏسي.
انسان پنهنجو منهن لڪائڻ لاءِ آئيني جي پٺ ڏسي ٿو. وقت جي آئيني ۾ چهرو بگڙجي ناٿتائي ٿي پيو آهي. مغالطو “ها” ۽ “نه” جي وچ تي بيٺل ڪانٽو آهي. آٿتا ۽ ناٿتا جي ٻه واٽي تي زبان ڪنهن کي پڪاريندي وڦلي وڃي ٿي. سڏ هڪ کي ڪجي ٿو وراڻي ٻئي جي ٻڌجي ٿي. سوال خدا کان ڪجي ٿو، جواب شيطان ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. سبب تدبير کان پڇجي ٿو. تقدير بي سبب ڳالهائي ٿي. انسان، پوءِ ٿيو (Post hoc) جي مايوس رويي ۾ پنهنجي بيءَ وسيءَ کي جواز (Justify) بنائي ٿو.
انسان جو اصل نانءُ مايوس آهي ڇو جو مايوسيءَ جي تهه تي پهچي نجات جا رستا ڳولهي ٿو. جيڪو مايوس نه آهي، اهو انسان نه آهي، ڇو ته آٿتا (Placebo) فطرت ۾ آهي ۽ انسان ناٿتا (Nocebo) جي حدن کي ڇهندي آٿتا جا طريقا ڳولهي ٿو. ڪائنات جي هر شيءِ آٿت آهي ۽ نامڪمل انسان ناٿتا جون منزلون طي ڪري ٿو. اهو ڪٿي به مڪمل ٿي نه سگهندو ڇو جو آٿتا رڃ آهي، سڪون ۽ امن جو اولڙو آهي. پاڇو آهي وجود نه آهي، ليڪ آهي نوڪ نه آهي، تجسس آهي، ديد نه آهي، عڪس آهي آئينو نه آهي، هو مان آهيان ۽ مان هو آهي.
“پوءِ ٿيو، انڪري اڳ ٿيو.” جو مغالطو شاعريءَ ۾ افسانوي تاثر ڏيڻ لاءِ پڻ استعمال ڪيو وڃي ٿو. ڪنهن شاعر چيو ته:
چنڊ نڪرندو آهي
اڱڻ ۾ سمهيل ناريءَ کي ڏسڻ لئي
ٽڪ ٻڌي ڏسندو آهي
ان جو خوبصورت چهرو
۽ رات ڊگهي ٿي ويندي آهي
سج نڪرندو آهي
پنهنجي روشنيءَ ۾
رقاصا ڏسڻ لئي
اهو ناچ ڏسي ڄمي ويندو آهي
۽ ڏينهن اڻ کٽ ٿي ويندو آهي
چنڊ ۽ سج جي اڀرڻ جو سبب
دنيا جي رنگيني آهي
پوسٽ ماڊرنزم ۾ سحرانگيز حقيقت نگاري ۽ سرئلزم ۾ مغالطا علامتي روپ ڌاري ادب جو حصو ٿي پون ٿا. سحرانگيزي انهن جو روپ بدلائي وجهي ٿي ۽ سرئلزم پنهنجي خوابناڪ فن وسيلي انهن کي پراسرار بنائي پڙهندڙن لاءِ تجسس جو سبب بنجي ٿي.(15) هتي پنهنجي هڪ ڪهاڻي “روڊ ماسٽر پيش ڪري رهيو آهيان، جيڪا “پوءِ ٿيو، انڪري اڳ ٿيو” جو مثال آهي.




References:

1. Damer , T Edward (1995).
“Attacking faulty reasoning”:
A practical guide to fallacy free arguments (3rd –ed) Belmont , CA: wadsworth publishing p.131.
2. Pirie , Madsen (2006).
“How to win every argument”.
The use and abuse of logic. A&C Black p.46- retrieved 10 September 2015.
3. Kisor kumar chakarbarti (June 1976).
“Some comparisons between Ferege’s Logic and Navya-Nyaya Logic”.
Philosophy and phenomenological research. International phenomenological society.36(4):554-563.
4. Joseph E. Brenner (3 August 2008).
“Logic in Reality”.
Springer.p.28-30. Retrieved 9 April 2012.
5. Zegarelli , Mark (2010).
“Logic for dummies”.
John wiley & sons,p-30.
6. Nickerson , Raymond, S (June 1998).
“Confirmation bias : A ubiquitous phenomenon in many guises”.
Review of general psychology , 2(2):175-220.
7. Hubscher , Sandral (4 November 2007)
“Apophenia : Definition and analysis”.
Digital Bits skeptic. Digital Bit network. LLC. Archived on 21 – Jan: 2013.
8. Chalup , Stephen K, Kenny Hong et al (2010).
“Simulating pareidolia of faces for architectural image analysis”.
Brain 26.(91):100.
9. Barron , Greg, Leider Stephen (13 Oct: 2009).
“The role of experience in the gambe fallacy”.
(PDF). Journal of behavioural decision making.
10. Motley, M.T (1985).
“Slips of the tongue”
Scientific American , 253 : 116-127.
11. “Spoonerism , message lost in translation”
Toledo blade. 3 November 1980.
12. “Alliteration”.
University of Tennesse Knoxville (PDF). Retrieved 2013-09-10).
13. “Definition of alliteration , litrary devise”
(PDF). Retrieved 2013-09-27.
14. The earliest version of this tongue twisted was published in peter piper’s practical principles of plain and perfect pronunciation
by John Harris (1756-1846) in London in 1813.
15. Slemon , Stephen
“ Magical realism as post colonial discourse”.
Canadian literature. (1988)-p-9-24.

*