تاريخ، فلسفو ۽ سياست

نوسيبو

ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار رسول ميمڻ پاران سائنسي فلسفي تي لکيل ھڪ بھترين ڪتاب آھي. ممتاز بخاري ھڪ ھنڌ لکي ٿو:
”جيئن تہ رسول ميمڻ پيشور ڊاڪٽر رهيو آهي، ان ڪري زندگيءَ سان ٿيندڙ ڊاڪٽري واري فلسفي کي اپٽارڻ وارو فن وٽس ئي آهي، سندس ناول هجن يا ڪھاڻيون، اهي اڄ جي سنڌ سان لڳل ماضي ۽ حال جو نوحو بہ آهن تہ انهن ۾ حيات سان هجڻ ۽ رهڻ جي ڀرپور منطقي سوچ بہ سلهاڙيل آهي، رسول ميمڻ جون سموريون ڪهاڻيون خالي امڪان ۽ مڪان جي ڳالهه نہ ٿيون ڪن پر انهن ۾ توهان ”هجڻ“ واري فلسفي کي بہ پرجهي سگهو ٿا.“
  • 4.5/5.0
  • 2267
  • 508
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رسول ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نوسيبو

نراس ۽ ناٿتا (Pessimism and Nocebo)

نراس (Pessimism) اهڙو ادراڪ آهي جنهن ۾ ڪو ڪهڙي به صورتحال مان چڱائيءَ جي اميد نه رکي، اهو اهڙي توقع رکي ٿو ته هر حالت ۾ نفعو گهٽ، نقصان وڌيڪ ٿيندو.(1)
نراس ۾ ماڻهو زندگيءَ جا ناڪاري رخ ڏسي ٿو، جڏهن ته هاڪاري، حصا نظرانداز ڪري ٿو. جيئن پاڻيءَ سان اڌ ڀريل گلاس، جنهن ۾ سوال لڪيل آهي ته ڇا گلاس اڌ ڀريل آهي؟ يا گلاس اڌ خالي آهي؟(2)
اهو پاڻيءَ سان ڀريل گلاس آس ۽ نراس جي علامت آهي. اڌ خالي گلاس نراس (Pessimism) آهي ۽ اڌ ڀريل گلاس آس (Optimism) آهي. اها لٽمس (Litmus) ٽيسٽ آهي جنهن ۾ ڪنهن جو رويو اڌ خالي گلاس کي ظاهر ڪري ٿو ۽ ڪنهن جي پهچ اڌ ڀريل گلاس آهي.(3)
فلسفيانا نراس (Philosophical Pessimism) آس جي متضاد نراسي رويو سامهون آڻي ٿي. نراس جو ادراڪ رکندڙ فلسفي مذهب ۽ اخلاق جي مقرر معيارن (Standards) کي ٿڏي وجودي عدميت (Existential Nihilism) ڏي راغب ٿين ٿا.(4)
وجودي عدميت جي فلسفي ۾ زندگي بي معنا ۽ بي مقصد آهي. انفرادي يا اجتماعي طور انسان بي سبب آهي. هر شخص دنيا ۾ پنهنجي سڃاڻپ ڳولهي ٿو. اهو اڪيلو پيدا ٿيو آهي ۽ کيس پنهنجي وجود جي ڳولها کان روڪيو وڃي ٿو. اهو ڄاڻڻ چاهي ٿو ته دنيا ۾ اچڻ جو سبب ڪهڙو آهي؟ انسان پنهنجي سوچ ۾ آزاد آهي. عقيدي ۽ اخلاق جا مقرر معيار ان کي اهڙي عمل کان روڪين ٿا.
وجوديت (Existentialism) عدميت (Nihilism) جي فلسفي جو ٻيو رنگ آهي.
وجوديت اوڻويهين ۽ ويهين صديءَ ۾ يورپ جي گهڻن ليکڪن جو موضوع رهي آهي. وجوديت کي بيان ڪرڻ جي حوالي سان انهن جي لکڻين ۾ واضح فرق آهن پر انهن جي فلسفي جو گڏيل مقصد اهو ظاهر ڪري ٿو ته وجوديت انسان جي انفراديت آهي. اها انساني موضوع (Human Subject) آهي. اها فيصلاتي موضوع (Thinking Subject) نه آهي. انساني موضوع شخص کي انفراديت ڏئي ٿو. اهو وجود جي آزاديءَ جو اظهار آهي. جڏهن ته فيصلاتي موضوع، ٻين جي سوچ ۽ فيصلن جو پابند آهي. ائين اجتماعي عقيدا ۽ اخلاق هڪ وجوديءَ لاءِ بي معنا آهن.(5)
سورن ڪئرڪگارڊ (Soren Kierkegaard) (1855-1813ع) کي پهريون وجودي فلاسافر چيو وڃي ٿو. پر هن پنهنجين لکڻين ۾ ڪٿي به لفظ “وجوديت” استعمال نه ڪيو آهي، سندس چوڻ موجب فرد پنهنجي ڪردار ۽ سوچ ۾ آزاد آهي. ان مٿان اجتماعي نظريا، مذهب يا عقيدا مڙهي نه ٿا سگهن.(6) ٻئي جنگ عظيم جا ڏينهن وجودي فلسفي جو عروج آهن.
سارتر (1980-1905ع) وجوديت ۽ نچوڙ (Essence) کي الڳ بيان ڪيو آهي. وجوديت جي باري ۾ هو چوي ٿو، فرد صرف فرد آهي. اهو باشعور آهي انڪري پنهنجي عمل ۾ آزاد آهي، جڏهن ته نچوڙ (Essence) معاشري جا ڊمي شخص، ڏور تي نچندڙ اداڪار (Roles)، گسيل ڦٽيل (Stereotype)، مقرر وصفن (Definitions) ۽ قائم ڪيل ادراڪ (Preconceived) آهي.(7)
وجوديت معاشري ۾ قائم نچوڙن (Essence) کانپوءِ جنم وٺي ٿي. اها فرد کي ڄار ۾ ڏسڻ نه ٿي چاهي. گسيل ڦٽيل، مقرر وصفن ۽ قائم ڪيل ادراڪن جي مخالف آهي.
انسان پنهنجي انفرادي ڪردار سان جيڪا دنيا گهڙي ٿو، اهو ئي سچو نچوڙ، جوهر، يا سَتُ (Essence) آهي. جيئن ته هر انسان کي الڳ شعور (Consciousness) آهي انڪري اهو پنهنجي زندگيءَ کي پاڻ بامعنا بنائي سگهي ٿو. فطرت هر انسان کي باشعور بنايو آهي انڪري شعور تي شعور مڙهي نه ٿو سگهجي.(8) جيتوڻيڪ سارتر اهڙين سوچن کي وجوديت جو نانءُ ڏنو پر ساڳيا خيال هيڊگر ۽ ڪئرڪگارڊ وٽ پڻ ملن ٿا.
وجوديت ۽ عدميت (Nihilism) ۾ گهڻو فرق نه آهي. وجوديت، عدميت جي نراسائيءَ مان ڦٽيل آزاديءَ جو ڪرڻو آهي، عدميت دنيا جي حوالي سان انسان جو ناٿتائي (Nocebous) رجحان آهي، جڏهن ته وجوديت فڪري طور انسان کي نراسائيءَ جي اهڙي احساس مان ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش آهي. اها آٿتا (Placebo) آهي ته ڪنهن کي به عقيدي ۽ نظريي ۾ قيد ڪري اجتماعي استحصال نه ٿو ڪري سگجي.
عدميت زندگيءَ کي بي معنا ڪوٺي ٿي. ان جون مختلف شاخون آهن. وجودي عدميت کانسواءِ حڪمتي عدميت (Metaphysical Nehilism) جيڪا وجوديت بابت علمي ۽ فڪري بحث ڪري ٿي. ان موجب مابعدالطبعياتي طور وجود رکندڙ دنيا جهڙي ڪا به شيءِ ڪنهن ٻي هنڌ وجود نه ٿي رکي.(9) جيئن ٻئي دنيا جتي انسان جو حساب ڪتاب ٿيندو.
آمريڪا جي ميڊيڪل هيريٽيج ڊڪشنري، وجودي عدميت کي شڪائپ (Skeptism) جي انتها ڪوٺي ٿي. ان موجب هيءُ جوڙيل جڳ انسان جي عنديت (Solipsism) سان لاڳاپيل آهي.(10)
عنديت (Solipsism) جيڪو لاطيني لفظ آهي. ان جو ڇيد ڪبو ته Solu معنا اڪيلو ۽ ipse معنا پاڻ آهي.(11)
جنهن جو مطلب آهي، صرف اها پڪ آهي ته اڪيلو دماغ وجود رکي ٿو. فرد کي دماغ کان ٻاهر ڪنهن به شيءِ جي پڪ نه آهي. فرد پنهنجي ادراڪ، شعور، فيصلي، زبان، ياداشت سان پاڻ تائين محدود آهي، پاڻ کان ٻاهر شعور، ادراڪ يا دماغ سان لاڳاپيل ٻيا وجدان (Cognitions) وجود نه ٿا رکن. شڪائپ (Skeptism) تحت ان جي وضاحت ائين ڪري سگهجي ٿي ته “مان صرف انساني سلوڪ (Behaviours) ڏسان ٿو، مون کي ٻئي جي دماغي وجدان سان حاصل ڪيل ادراڪ يا شعور جي ڪهڙي خبر؟ انڪري زندگيءَ جا تجربا ذاتي ۽ بيان کان ٻاهر (Ineffable) آهن. پاڻ کان ٻاهر ٻيو وجود تمثيل (Analogy) آهي يا ٻئي وجود جي احساس جو تجربو اهڙي ادراڪ سان آهي جنهن کي اسان مشابهتي روين، زباني اشارن سان محسوس ڪريون ٿا.
اهو ڊيڪارٽ جي ان جملي ۾ سمايل آهي ته “مان سوچيان ٿو انڪري آهيان.” اهو عنديت (Solipsism) جو مثال آهي. فرد منفرد آهي. هو پنهنجي وجود جو پاڻ مالڪ آهي. ٻيا وجود تمثيل آهن، اهي ان لحاظ کان مشابهتي آهن جو ادراڪ انهن کي روين ۽ چرپر سان محسوس ڪري ٿو. هر ڪنهن جو وجدان پنهنجو آهي (12)
علمياتي عدميت (Epistemological Nihilism)، شڪائپ (Skepticism) ڪوڙ ثابت ٿئي ٿي يا اهڙي صورت آهي جنهن ۾ هر شيءِ ڪوڙ ثابت ٿئي ٿي يا ائين چئجي ته سچ ثابت نه ٿي ٿئي. اها سوال اٿاري ٿي ته ڇا علم يا ڄاڻ ان قابل آهي جو ان کي پهرين صف ۾ آڻجي؟
ڇڙائپي عدميت (Mereological Nihilism) ۾ ڪو به معروض (Object) مڪمل حالت ۾ وجود نه ٿو رکي. گريڪ ٻوليءَ ۾ Mere، ڇڙائپ، محظ يا فقط کي ظاهر ڪري ٿو. صرف سادا حصا ڌيان ۾ آهن جڏهن ته عمدا حصا وجود نه ٿا رکن. ڪا به شيءِ، ڪنهن به شيءِ جو مناسب حصو نه آهي. ڇڙائپ (Mereness) وجودي کوٽ آهي. وجود هڪ حصو آهي، اهو نامڪمل آهي. ان جو ادراڪ هڪ حصي تائين محدود آهي. بال جيڪو ٻن گولن جو ٺهيل آهي، اهو هڪ پاسي کان اڌ ئي نظر اچي ٿو. ڌرتيءَ جي سوراخ ۾ رهندڙ ماڪوڙي جو وجود ان جي ڌيان ۾ آندل پنهنجي دنيا آهي. انسان ازل کان “فقط” آهي. ڇڙائپ جو احساس ناٿتائي (Nocebous) ادراڪ آهي.
جيئن کوهه جي ڏيڏر جي دنيا کوهه آهي، ائين کوهه کان ٻاهر وسيع ڪائنات جو ادراڪ اها گواهي ڏئي ٿو ته ڪو به وجود کوهه کان ٻاهر نه آهي.
اخلاقي عدميت (Moral Nihilism) جنهن کي سماجي عدميت (Ethical Nihilism) پڻ چيو وڃي ٿو. اها ماورائي اخلاقيات (Meta-ethics) آهي جيڪا اخلاقيات جي ٽن شاخن مان هڪ آهي.
عام اخلاقيات (Normative ethics) جو مثال هڪ سوال ۾ سمايل ۾ جواب آهي ته “مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي” اهڙي سوال کان پوءِ فرد ڳولهي ٿو ته چڱي يا خراب شيءِ ڪهڙي آهي پر ماورائي اخلاقيات ۾ اهو سوال ڪري ٿو ته “چڱائي ڇا آهي؟” ۽ اسين اهو ٻڌائي سگهون ٿا ته خراب شين مان ڇا چڱو آهي.
اخلاقي عدميت موجب فرد اندر فطري طور ڪا به شيءِ اخلاقي يا غير اخلاقي قدر نه ٿي رکي. ڪنهن کي قتل ڪرڻ يا نه ڪرڻ اخلاقي طور فطرت عطا نه ٿي ڪري.(13)
تاثرائپ (Expressivism) پڻ اخلاقي عدميت جي صورت آهي. جڏهن ڪو تاثر ڏئي ٿو ته ڪا شيءِ غير اخلاقي آهي ته اهو ائين نه ٿو چوي، ڇا غلط آهي ۽ ڇا صحيح آهي. تاثرائپ ۾ سچ ۽ ڪوڙ بجاءِ تاثر يا احساس کي اهميت آهي ڇو جو اخلاقيات سچ ۽ ڪوڙ جا فيصلا نه ٿي ڪري، ان لاءِ اهڙا فيصلا تاثر يا احساس سان ٿين ٿا. تشدد جي مخالفت ۾ ان کي نندڻ اهميت رکي ٿو. ان سان تشدد نفرت انگيز تاثر ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو.(14)
سياسي عدميت (Political Nihilism) ۾ روس جي عدمي جدوجهد کي اهميت آهي. اهڙي جدوجهد هارين جي غلاميءَ خلاف هئي جيڪا 1860ع ۾ هلائي وئي. جنهن جي نتيجي ۾ زار شهنشاهي سلسلي جي اليڪزينڊر II، جنهن جي بادشاهي 1855ع کان 1881ع، ان جي قتل تائين محدود رهي. ان 1861ع ۾ هارين جي آزاديءَ جو اعلان ڪيو جنهن کي تاريخ ۾ هارين جي آجپي (Emancipation of Russion surfs) جو اصلاحي قانون چيو وڃي ٿو. ان قانون تحت ٽيويهه لک هاري (Surfs) آزاد ٿيا. ان کان اڳ هاري قانوني طور زميندار جا غلام (Surfdom) هيا. انهن کي ڪو به اجورو نه ڏنو ويندو هيو. اهي اجازت کانسواءِ شادي ڪري نه سگهندا هيا، کين گهمڻ ڦرڻ نه ڏنو ويندو هيو. اهڙي قانوني اصلاح جي نافذ ٿيڻ واري ڏينهن الڪيزينڊ II کي قتل ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ عدمين بغاوت ڪئي ۽ روس ۾ وڳوڙ ٿيا.(15)
عدميت (Nihilism) لفظ جو سڀ کان پهريون جرمن فلاسافر فريڊرڪ هينرخ جيڪبي (1818-1743ع) استعمال ڪيو.(16) پر ان لفظ کي شهرت 1862ع ۾ ملي جڏهن روس جي عظيم ليکڪ ايوان ترگنيف ان کي پنهنجي ناول “پيءُ ۽ پٽ” ۾ استعمال ڪيو. ان ناول جو هيرو يوجين بزاروف پاڻ کي عدمي (Nihilist) سڏائي ٿو.(17)
وجودي عدميت جي تاريخ ڪارينيڪس (Cyrenaics) جي اسڪول آف ٿاٽ کان شروع ٿئي ٿو، جيڪو اريئسٽپس (Aristippus) عيسا کان اڳ چوٿين صديءَ ۾ قائم ڪيو. انهن انفرادي وجود کي اهميت ڏني ۽ چيو جيڪي ڪجهه آهي اهو انسان جو اندر آهي. ايپيڪيورس جو فلسفو انهن وٽ عروج تي نظر اچي ٿو. ايپيڪيورس چيو “دنيا ۾ وجود جي معراج ان جي ذاتي خوشي، سانت ۽ سڪون (Ataraxia) ۽ خوف کان نجات (Aponia) ۾ آهي.(18)
شيڪسپيئر جي ڊرامن ۾ عدمي اشارا موجود آهن، شوينهار، ڪئرڪگارڊ ۽ نٽشي اهڙن خيالن کي اڳتي وڌايو آهي.
دهريي عدميت (Atheistic Nihilism) تحريڪ 1940ع ۾ ادب کي متاثر ڪيو. سارتر جو ڪتاب “وجود ۽ اڻ هوند” ڪاميو جو “سسيفس جي ڏند ڪٿا” ان جا مثال آهن. ٻيا جن ۾ هيڊگر، ڊريڊا جيڪو ساختيات پڃاڻان (Post Structurlism) جو وڏو فرانسيسي اديب آهي ۽ ارنسٽ بيڪر جنهن پنهنجي ڪتاب موت جو انڪار (Denial of death) تي پلرز پرائيز حاصل ڪيو، انهن اديبن جي لکڻين جو موضوع عدميت آهي.(19)
عدميت نراسائيءَ جي انتها آهي ۽ اهڙي ئي عدميت مان نراس روپ مٽائي آس ٿي پوي ٿي. ناٿتا (Nocebo) دراصل وجود ڳولهڻ آهي. فرد جي اڪيلائي ان کي نمايان ڪري ٿي، ان کي ظاهر ڪري ٿي. انفراديت هجوم ۾ وڃائجي منفرد نه ٿي رهي. اهميت انفراديت کي آهي ۽ائين وجود ناٿتائي روين مان گذري آٿتا لاءِ تڙپي ٿو.
نراس (Pessimism) جو لفظ فلسفي ۾ پراڻو نه آهي، اهو ڪيٿولڪ چرچ جي پادرين (Jesuits) والٽيئر خلاف استعمال ڪيو. 1759ع ۾ والٽيئر جو ناول “ڪينڊٽ آردي آپٽيسٽ” شايع ٿيو.
لاطيني زبان ۾ پيسيمس معنا بدترين (Worst) ۽ آپٽيمس معنا بهتر (Better) آهي.
والٽيئر جي ڪتاب تي سخت تنقيد ٿي، ڪن ان کي بهتر چيو پر پادرين ان کي بدترين ڪوٺيو ۽ چيو ته ان ۾ آس نه، پر نراس آهي ۽ ائين پهريون دفعو لفظ پيسيميزم پادرين هٿان استعمال ٿيو.(20)
نراس جو فلسفو دنيا کي بي ذائقي چوي ٿو، نراس حقيقت کان پري ۽ اهڙين اميدن ۾ ڦاٿل آهي، جن ۾ ماڻهو نظرين، ترقي ۽ مذهبي عقيدن جي خواهش رکي ٿو. جوشيا فواڊئنسٽنگ موجب “وقت ٻوجهه آهي، تاريخ طنز (Ironic) آهي. آزادي ۽ خوشيءَ جو هڪ ٻئي سان جوڙ نه آهي ۽ انساني وجود بي معنا (Absurd) آهي. انسان جو ذاتي شعور ان جي وقتي شعور سان ڳنڍيل آهي جنهن ڪري سندس ڀوڳنا جسماني سور کان وڌيڪ عذابناڪ آهي.
فلسفيانا نراسيءَ ۾ وقت سان ٿيندڙ ترقيءَ جا اثر سٺا نه، پر خراب آهن، نراسي دانشور، سائنسي ترقيءَ کي بهتر چوڻ بجاءِ ان تي طنز ڪري ٿو، جيئن روسو جو فلسفو آهي، جيڪو جاڳرتا (Reanissance) تي تنقيد ڪري ٿو . اهو ماحول کي فطري حالت ۾ ڏسڻ جو خواهشمند آهي.
نراسين جو چوڻ آهي ته “زندگي، ماڻهو ۽ حياتيءَ وچ ۾ طلاق آهي.” ڪن جو چوڻ آهي ته نراس، آس جا رستا کولي ٿي. سوپنهار جيڪو ڌرمي مذهبن کان متاثر هيو، سندس چوڻ موجب، “نه آهيان، نه هيس.” ريني ڊيڪارٽ آس جي اميد ۾ چوي ٿو “زندگي سٺي هجي ها جيڪڏهن المين بابت اسان ۾ جذباتي رويا نه اڀرن ها.” اها جانور جي خاصيت آهي، جنهن کان انسان محروم آهي. ڪاميو زندگيءَ جي بي معنگيءَ کي خودڪشيءَ تي ختم ڪري ٿو.(21)
ذراڪومو لپرڊي (Griacomo Leopardi) (1837-1798ع) اهڙو اديب آهي، جنهن کي اٽليءَ کان ٻاهر گهٽ ماڻهو سڃاڻن ٿا. اهو وقت جو وڏو اديب هيو جنهن شوپنهار ۽ نٽشي جهڙن اديبن کي متاثر ڪيو، سندس لکڻين ۾ مزاح آهي. هن وٽ مَثل (Aphorism)، تمثيل (Parable) ۽ حڪايتون (Fable) آهن. سندس چوڻ موجب زندگي الوحي مذاق ۽ غلطي آهي، جيئن ته شعور سچ نه لڌو آهي پر ڳولهي ٿو، انڪري زندگي مزيدار آهي. اهي پاڻ سان دوکو ڪن ٿا، جيڪي چون ٿا انهن علم وسيلي سچ ڳولهيو آهي.
ڳولهڻ لاءِ ولوڙڻ ضروري آهي، سندس قول آهي “جنهن وٽ ٽهڪ ڏيڻ جي همت آهي اهو ئي زندگيءَ جو مالڪ آهي بنسبت انهن جي جيڪي مرڻ کي ترجيح ڏين ٿا.”(22)
ٽيڪنيڪل نراس موجب سائنسي ترقي انساني تباهيءَ جو پيغام آهي. اها صنعتي انقلاب کان پوءِ شروع ٿي. اوڻويهين صديءَ ۾ هٿ جو پورهيو ڪري ڪپڙو ٺاهيندڙ ڪورين جن کي لڊائيٽس (Luddites) چيو وڃي ٿو، انهن احتجاج ڪندي ڪپڙو اڻندڙ مشينين کي تباهه ڪيو. انهن ڄاتو پئي ته هڪ ڏينهن مشينون ماڻهوءَ جي جاءِ والارينديون ۽ هٿ جو پورهيو ختم ٿي وڃڻ ڪري بي روزگاري وڌي ويندي.
مون کي سکر جو محمد بخش ميمڻ ياد آهي. جڏهن ننڍو هوندو هيس ته ان جي ڪپڙي اڻڻ جو ڪارخانو هوندو هيو جنهن ۾ اٺ کڏيون هونديون هيون جن تي ڪاريگر ڪپڙو اڻندا هيا، پوءِ لومز (Lomes) آيون جيڪي بجليءَ تي پاڻ مرادو (Automatic) هلنديون هيون. انهن جي اچڻ جي ڪري هٿ جي پورهيي تي هلندڙ ننڍا ڪارخانا بند ٿي ويا. مون محمد بخش ميمڻ کي غربت جي حالت ۾ سکر جي روڊن تي پريشان گهمندي ڏٺو ۽ ڪسمپرسيءَ ۾ گذاري ويو.
لڊائيٽ تحريڪ (1816-1811ع) انگلينڊ جي نوٽنگم شهر ۾ شروع ٿي جنهن ۾ مل مالڪن ڪورين تي سڌيون گوليون هلايون، ڪيترا ماريا ويا، نيٺ فوج جي مداخلت تي اها تحريڪ پنهنجي انجام تي پهتي.(23)
رومانوي نراس جي تحريڪ پڻ ٽيڪنالاجيءَ خلاف هئي. وليم ورڊس ورٿ ۽ وليم بليڪ، جيڪي فطرت جا شاعر آهن، انهن چيو ته ٽيڪنولاجي ماحولياتي سونهن کي خراب ڪري وجهندي.
نراسيت انسان جو دنياوي روين ڏانهن ناٿتائي (Nocebous) رجحان آهي. آس ۽ نراس ساهه جي تند ۾ ٻڌل ٻه پاسا آهن. انسانن جي اڪثريت دنيا ۾ خوش نه آهي. سلوڪ (Behaviour) ارتقائي مخالف (Antievolution) آهي. انسان ماحول سان مطابقت (Adaptation) رکي سگهي ٿو، سلوڪن سان رکي نه ٿو سگهي. ذلت هر حال ۾ برداشت جي قابل نه آهي. ڪاميو جي ناٿتائي فلسفي هيٺ خودڪشيءَ کي ترجيح ڏيو يا ذيا ڪومو لپرڊيءَ جيان هر شيءِ کي ٽهڪن ۾ اڏاري ڇڏيو.
اهو ناٿتائي خيال ته زندگي ماڻهو ۽ حياتيءَ وچ ۾ طلاق آهي، نراس جي اهڙي حد آهي جيڪا حياتي ۽ ماڻهوءَ وچ ۾ ڊگهي لڪير ڪڍي ٿي. زندگي عدت جا ڏينهن پورا ڪرڻ آهي. ڪن لاءِ آس، نراس آهي ته ڪن لاءِ نراس، آس.
ڪيٿولڪ پادرين (Jesuit) والٽيئر خلاف اها فتوا ڏني ته سندس لکيل ڪتاب آس نه، نراس آهي. ان ڳالهه جي گواهي ڏني ته ڪا به راءِ حتمي (Conclusive) نه آهي. ساڳيو ميوو سڀني لاءِ وڻندڙ نه آهي. وجودي فلسفي تحت انسان آزاد آهي ته وڻندڙ يا اڻ وڻندڙ ذائقي جو اظهار ڪري. ڪو به ذائقي جي تعريف ڪري ان کي وڻندڙ بنائي نه ٿو سگهي. ذائقو حواس (Sense) آهي. نظرين جي ڄار ۾ ڦاٿل يورپ ٻئي جنگ عظيم جا ناٿتائي اثر ٽن نسلن تائين محسوس ڪيا. اوڀر جي صورتحال ٽن نسلن کان ناٿتائي اثر قبول ڪندي پئي اچي. يورپ ڏي هجرت ڪندڙ ڪيترائي ٻيڙا، شام، عراق، لبيا ۽ يمن کان ميڊيٽرينين سمنڊ ۾ ٻڏي چڪا آهن.
عدميت (Nihilism) ڪڏهن فنا نه ٿيندي ڇو جو ظلم کي بقا آهي. جهالت جو عروج ڪڏهن زوال طرف نه ويو آهي. جهالت وڏي حڪمت آهي. حڪمت خواب آهي ۽ جهالت تعبير، شيطان کي فرشتو ڪوٺي سگهجي ٿو ڇو جو هيو. آٿتا (Placebo) جي اميد ۾ ناٿتا (Nocebo) انسان جو نصيب آهي.
جان ملٽن (1674-1608ع) انگلينڊ جو مشهور شاعر آهي. هو اوليور ڪرامويل جي ڏينهن ۾ برطانيا جي دولت مشترڪا جو ڪامورو هيو. ان جو مشهور ڪتاب وڃايل جنت (Paradise Lost) آهي، جيڪو 1667ع ۾ شايع ٿيو ۽ ٻارهن جلدن تي مشتمل آهي. سندس هڪ نظم “ڪاري جهڙ جي چمڪندڙ ڪناري.” (Silver lining of sable cloud) آهي. ڪارو جهڙ نراس جي نشاني آهي، جڏهن ته ڪاري جهڙ جي چمڪندڙ ڪناري آس جو پيغام آهي. هر ڪاري جهڙ کي پويان سج جي ڪرڻن ڪري چمڪندڙ ڪناري هوندي آهي.(24)
روشن ڏينهن،
ڪارو ڪڪر، نراس نشاني،
پر ان جي
چانديءَ ڌارا آس ته آهي.
ڪاري رات
ڪيڏو دوکو،
نرانس نه آهي، آس نه آهي.



References:

1. Bennett , Oliver –
“cultural pessimism”.
Endinburg university press. 2001.
2. Sher , S. Mckenzie , C.R.M (2006) –
“Information leakage from logically equivalent frames”.
(PDF). Cognition. 101(3):467-94.
3. Stephanie stokes oliver (2001-11-27).
“seven soulful secrets for finding your purpose and minding your mission”.
Crown publishing group. pp – 106.
4. Alan pratt (April 23-2001).
“Nihilism”
International Encylopedia of philosophy. Embry-Riddle university. Retrieved February 4-2012.
5. Flynn , Thomas (2006).
“Existentialism. A very short introduction”.
New York : Oxford university press Inc.P-11.
6. Jon Bartley stewart .
“Kierkegaard and Existentialism”.
Ashgate publishing limited-2011 , p.204.
7. Siegel , Liliane (1990)
“In the shadow of Sartre”.
Collins (London).p.182.
8. Ann Fulton ,
“Apostles of Sartre”
Existentialism in America. 1945-1963. (Evanston , IL , Northwestern university press , 1999) 7.
9. Brassier , Ray (2007)
“Nihil unbound : Enlightment and Extinction”
New York : Palgrave Macmillan.
10. Khashaba , D.R (28 July 2002).
“Subjectivism and solipsism”.
Philosophy of pathway (37).
11. Wood , Ledger (1962)
“Solipsism in Runes”.
Dictionary of philosophy. Totowa , NJ : Littlefield , Adams and company.p.295.
12. Thornton , Stephen P. (24 october 2004).
“solipsism and the problems of other minds”.
In fleser , James ; Dowen , Bradley – Internet Encyclopendia of philosophy.
13. Parvez Manzoor , S (2003).
“ Modernity and Nihilism. Secular history and loss of meaning”.
Retrieved at December 2 , 2009.
14. Horgan , Terry and Timmons , Mark (2006).
“Cognitivist Expressivism”
p.255.98.
15. Pushkarev , sergei G (April 1968)
“The Russian peasants reaction to the Emancipation of 1861”.
Russain review. Hoboken , NJ: wiley – Black well . 27(2):199-214.
16. Carl von pranti (1881)
“Jacobi Friedrich Heinrich”.
13 Leipzig: Duncker & Humblot , p-577-84.
17. Turgenev , Ivan (1941).
“Father and sons , smoke and nine short stories”
Greystone press.
18. Lampe , Kurt (2014).
“The birth of Hedonism: The cyreniac philosophers and pleasure as a way of life”.
Princeton university press.
19. Jacques Derrida.
“Structure , sign and play in the discourse of the human science”.
20. The week
“The Jesuits : Gods marines”
New York 23 march 2013. Retrieved 19 June 2017.
21. Todd , oliver (2000).
“Albert camus: A life”.
Carroll & Graf p-249-50.
22. Oliphant , Margaret (1865).
“Giacomo Leopardi”
Blackwood’s Magazine volume – 98 , p.459 -80.
23. Conniff , Richard.
“What the Luddites realy fought against”.
Smithsonianmag. Com. Retrieved 18 June 2013.
24. John G. Demaray.(1966)
“Milton’s cosmos: the squel to a Masque of circle”
Huntington Library quarterly volume 29, p-245-54.

*