ڊوريان گري سينڊروم ۽ ناٿتا (Dorian Gray Synrome and Nocebo)
ڊوريان گري سينڊروم ٽن نفسياتي حالتن تي مشتمل آهي.(2)
1. نارسيسيزم – Narcissim
2. جسم جي بگاڙ جو خوف – Dysmorphophobia
3. پوروڇوٽ جنسون – Paraphillias
جسم جي بگاڙ جو خوف (Dysmorphophobia) هڪ عجيب نفسياتي بيماري آهي. اها دل تان نه لهندڙ اهڙن وسوسن (Obsessions) مان جنم وٺي ٿي ته منهنجي جسم جي حصي تي وقت حملو ڪيو آهي ۽ ڏينهون ڏينهن ان ۾ بگاڙ ايندو وڃي ٿو. ان لاءِ ضروري آهي ته اهڙا اپاءَ وٺان جيئن اهو سلسلو رڪجي وڃي ۽ جسم جي سونهن مرجهائڻ کان بچي وڃي. اهڙي وهم ۾ ڦاٿل شخص هر وقت ان باري ۾ سوچيندو رهندو آهي. جسم جي بگاڙ جي خوف کي شدت جي لحاظ کان پنجن ڏاڪن ۾ ورهايو ويو آهي. ان جو پنهنجو ڏاڪو پنهنجي انتها تي پهتل ٿئي ٿو ۽ ان کي شدت سان مڙهيل وسوسو (Obsessive compulsive spectrum) چئجي ٿو.(3) جنهن ۾ موٽائپ ۽ وزن وڌي وڃڻ جي سوچ کان متاثر ٿيل کاڌو پيتو ڇڏي ڏئي ٿو. ان خوشفهميءَ ۾ جلاب وٺي ٿو ته سندس پيٽ اندر ٿيندو، زوريءَ الٽيون ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. اهڙي حالت کي اينوريڪسيانرووزا (Anorexia Nervousa) چيو وڃي ٿو.(4)
اينوريڪسيا نرووزا دنيا جي آدمشاريءَ ۾ مختلف بيمارين ڪري 24 سيڪڙو آهي. اهڙي حالت گهڻو ڪري نوجوانيءَ ۾ ٿئي ٿي. مرد ۽ عورتون ساڳي تناسب ۾ متاثر ٿين ٿا. متاثر شخص پاڻ کي ٻين سان ڀيٽي ٿو ۽ ان وسوسي کان ته سندس بيهڪ ۾ خامي آهي ماڻهن سان گهڻو ميل ميلاپ نه ٿو رکي. جيڪي خاميون سندس وهم ۾ آهن انهن کي لڪائڻ لاءِ هيلا هلائي ٿو. اهڙا شخص تعليمي ۽ پيشاورانا ڪارڪردگيءَ م پوئتي رهجي وڃن ٿا. سماجي اڪيلائيءَ جو شڪار ٿين ٿا. آپگهات بابت سوچين ٿا ۽ آپگهات ڪن ٿا. ان بيماريءَ جون ڪجهه علامتون اهي آهن ته انهن جي ڌيان جو مرڪز گهڻو ڪري چهرو، وار، پيٽ، سٿر ۽ ٻنڍڻ (Hips) ٿين ٿا. گهڻا پنهنجي چمڙيءَ لاءِ فڪرمند ٿين ٿا ۽ چمڙي جي ماهرن سان لهه وچڙ ۾ اچن ٿا. اهي آرائشي جراحي (Cosmetic Surgery) ڪرائين ٿا. اهو سڀ ڪرائڻ باوجود به ذهني طور مطمئن نه ٿا ٿين. ٻئي پاسي پنهنجو علاج پاڻ ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا جنهن ۾ چمڙي ڇلي داغن کي دور ڪرڻ جي ڪوشش اهڙا داغ جيڪي بظاهر نظر نه ٿا اچن، اهي معاشري کان اهڙن وسوسن ڪري ڪٽجي وڃن ٿا ته ماڻهو چور نظرن سان سندن جسماني خامين ڏانهن ڏسن ٿا.
جيڪڏهن ڪنهن ۾ جسماني خامي ٿي پوي ته اهو ان کي لڪائڻ لاءِ ڪيموفلاز طريقو استعمال ڪري ٿو جيئن داغن کي آرائشي رنگن سان لڪائڻ، ڪپڙي سان ڍڪڻ يا اهڙو لباس پائڻ جيئن اهي ڍڪجي وڃن. اهڙا شخص هر هر پاڻ کي آئيني ۾ ڏسن ٿا ۽ ماڻهن کان پڇي پڪ ڪن ٿا ته سندن نقص نظر ته نه اچي ٿو؟ ڪڏهن اهي آئيني ڏسڻ کان پاسو ڪن ٿا. حد کان وڌيڪ هارسينگار ڪن ٿا ۽ ٿورو کائين ٿا. اهڙي دٻاءَ (Stress) سبب اهي شگر جا مريض ٿي پون ٿا.(5)
ڊوريان گري سينڊروم آسڪروائلڊ جي ناول “پڪچر آف ڊوريان گري” تان ورتل آهي. اهو ناول 1810ع ۾ شايع ٿيو.
ناول جو اختصار ائين آهي ته هڪ انتهائي خوبصورت جوان جنهن جو نالو ڊويان گري آهي. اهو آرٽسٽ آهي ۽ پنهنجي قد آدم تصوير ٺاهي ٿو. تصوير ڏسي خواهش ظاهر ڪري ٿو ته وقت هن بجاءِ سندس تصوير تي اثرانداز ٿيندو ۽ هو سدائين جوان رهندو. پر تصوير وقت سان پوڙهي ٿي ويندي. هن جي اهڙي خواهش پوري ٿئي ٿي ۽ اهو جوانيءَ ۾ ئي موت جي حوالي ٿي وڃي ٿو.(6)
جسماني بگاڙ جو خوف (Dysmorphophobia) فطرت سان متفق نه ٿيڻ جو ناٿتائي اثر آهي. انسان فطرت جي ارتقائي گهاڻي مان ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. وقت کي روڪڻ ڪنهن جي وس ۾ نه آهي. جڏهن صبح آهي ته سانجهي ٿيڻي آهي. جڏهن رات آهي ته ڏينهن کي ضرور نروار ٿيڻو آهي. اهو به سچ آهي ته انسان پنهنجي وس ۾ نه آهي. ان ۾ فطرت جيئن موجود آهي ائين نڪري نروار ٿئي ٿو. جيڪڏهن فطري طور انسان جي ارتقائي اوسر جو جائزو ورتو وڃي ته ان ۾ سندس ڪيل گناهن جو ڪٿي به ڏوهه ثابت نه ٿو ٿئي. فطرت جون ارتقائي منزلون ان کي گذارين ٿيون ۽ هر رويي جو ظاهر ٿيڻ فطرت آهي. عمر انسان جي سوچن ۾ ٿئي ٿو. پوڙهائپ، عمر ۽ وقت جو ناٿتائي احساس آهي.
آسڪروائلڊ جي ناول “پڪچر آف ڊوريان گري” هڪ حسرت جي ڪهاڻي آهي. ڊوريان گري جو تصوير سامهون بيهي ان خواهش جو اظهار ته هو سدائين جوان رهندو ۽ وقت سان سندس تصوير پوڙهي ٿي ويندي. هن جي غير فطري ناٿتائي خواهش آهي. جنهن جو ڊرامائي انداز سندس جوانيءَ ۾ موت آهي. هتي مان پنهنجي ڪهاڻي “ڊاڪٽر ربنواز پوڙهو ڪيئن ٿيو” ڏئي رهيو آهيان. جنهن ۾ عمر ڪردار جي سوچ ۾ رهي ٿي. سندس محبوبا جو چهرو آٿتا (Placebo) آهي جيڪو کيس جوان رکي ٿو ۽ ساڳي محبوبا جو چهرو کيس ناٿتائي (Nocebous) سوچ مان پوڙهو ڪري وجهي ٿو.
References:
1. Euler S, Brahler B.et al –(2005).
“Das Dorian Gray syndrome : smart aging”.
Psychosozial (26):73-89.
2. Uwe Gieler et al.
“Clinical management of psychodermatology”
(2008). P-46-47.
3. Bjornsson AS, ER, Philips KA (2010).
“Body dysmorphic disorder”.
Dialogues clinical Neurosci ; - 12(2):221-32.
4. Arcelus. J. GL : Mitchell , A (2014)
“Prevalence of eating disorders amongst dancers: a systemic review and meta-analysis”. Eupropean eating disorders review. 22(2): 92-101.
5. Espie J. Eisler I (2015).
“Focus on anorexia nervosa : modern psychological treatment and guidelines for adolescent patients”.
Adolesc health Med Ther (6):9-16.
6. Wilde , Oscar (1969).
“The picture of Dorian Gray”.
(PDF). Magnum Books.
*