انڌو اعتقاد ۽ ناٿتا (Credulity and Nocebo)
ايمان سچو هجي يا ڪوڙو، ان جي ڪا اهميت نه آهي، اهميت عقيدي کي آهي جنهن ۾ شڪائپ (Skepticism) جي گنجائش نه هجي.(2)
شڪائپ عقيدن تي سواليا نشان آهي. اها نيڪي ۽ بديءَ جي ڪردار (Morlity) ۽ مذهبن جي خدا جي وجود کي بحث هيٺ آڻي ٿي. ڄاڻ ۽ پڪ جي ڪا حد مقرر نه ٿي ڪري. سچ ۽ ڪوڙ جي تفاوت کي نئين نظر سان ڏسڻ جي گنجائش پيدا ڪري سوچ جا رستا کولي ٿي.(3)
فلسفيانا شڪائپ (Philosophical skepticism) موجب عقل ۽ ڄاڻ لاءِ عقيدو رڪاوٽ آهي. دنيا جو هر موضوع متضاد آهي ۽ ڪو به حتمي فيصلو يا حڪم قبول نه ٿو ڪري سگهي. اسان کي فطرت متعلق پوري ڄاڻ نه آهي ۽ گهڻن سوالن جا جواب اڌورا آهن. خدا تي سوچي سگهجي ٿو ته آخر اهو وجود رکي ٿو يا نه.(4)
مذهبي شڪائپ (Religious skepticism) موجب مذهب مباحثي کان پاڪ نه آهي. ان ۾ شڪ جي گنجائش آهي ته انسان کي جنت يا دوزخ حوالي ڪيو ويندو. کيس حورون ۽ باغ يا باهه ۽ ٿوهر نصيب ٿيندو، قيامت ايندي ۽ انسان جيئرا ٿيندا.(5)
سائنسي شڪائپ (Scientific skepticism) ۾ عقيدي ۽ ايمان کي سائنسي طور پرکڻ جي ضرورت پوي ٿي. عقيدو ۽ ايمان سچا ٿي سگهن ٿا پر ان پويان تجربي ۽ ثبوت جو هجڻ ضروري آهي. اهو سائنسي طريقن سان جاچي سگهجي ٿو. انهن متعلق اهڙي ڄاڻ ضروري آهي جنهن ۾ مشاهداتي ثبوت (Empirical evidence) هجي يعني اهڙي ڄاڻ جيڪا حواس، مشاهدي ۽ تجربي سان حاصل ڪيل هجي.(6)
شڪائپ انڌي اعتقاد جو ضد آهي. شڪائپ ۾ تنقيد (Criticism) کي اهميت حاصل آهي ۽ اها حڪم يا فيصلي خلاف بغاوت آهي.
شڪائپ (Skepticism) عيسا کان اڳ يونان ۾ ساڦسٽ فلاسافيءَ جي اسڪول آف ٿاٽ جو حصو رهي آهي.
گارجز (Gorgias) (485-380 BC) يوناني فلاسافر جيڪو سقراط کان پهريون هيو ۽ ساڦسٽ هيو. ان موجب ڪا به شيءِ وجود نه ٿي رکي جيسين اسان کي ان متعلق ڄاڻ نه آهي ۽ جيڪڏهن ڪا ڄاڻ رکون به ٿا ته اها ڄاڻ ايستائين ڪارگر نه آهي جيستائين اسان ان سان رابطي يا واسطي ۾ نه هجون.(7)
هڪ ٻيو ساڦسٽ ڪراٽالس (Cratylus) جيڪو يوناني فلاسافر هيو ۽ سندس حياتيءَ جي مدي جي پڪ نه آهي، شايد عيسا کان اڳ پنجين صديءَ وچ ڌاري هيو. ان کان جڏهن عقل جي باري ۾ پڇيو ويندو هيو ته آڱر کي نفيءَ ۾ لوڏيندو هيو ۽ ڳالهائيندو ڪجهه به نه هيو. جنهن جو مطلب هوندو هيو ته وضاحت ممڪن نه آهي ڇو جو معنائون وقت سان تبديل ٿين ٿيون.(8)
شڪائپ جا ٻه مشهور اسڪول آف ٿاٽ آهن.
1. پرهو جي شڪائپ (Pyrrhonian skepticism)
2. اڪيڊمڪ شڪائپ (Academic skepticism)
پرهو (Pyrrho) (360-270 BC) يونان جي تاريخ ۾ مڃيل سڀ کان پهريون فلاسافر آهي. اهو ديمقراطس (Democritis) گوتم ٻڌ، پروٽاگورس ۽ سقراط کان متاثر هيو. ايپيڪيورس ۽ جاڳرتا جي ڏينهن جو فلسفي ڊيوڊ هيوم ۽ ٻيا ان کان متاثر هيا.(9)
پرهو جي فلسفي جو بنياد سُڌِ (Acatalepsy) آهي، جنهن موجب جيئن ته ڄاڻ جي حد مقرر نه آهي، انڪري اهو ممڪن نه آهي ته شين کي سمجهي سگهجي. اهڙو فڪر اسٽيواڪ برخلاف آهي.(10) جنهن جو بنياد ٻُڌِ (Catalepsy) آهي. ان عقيدي جي باني زينوءَ موجب دنيا کي ائين قبول ڪرڻو آهي. جيڪو وقت وهي رهيو آهي اهو ئي سچ آهي ۽ زندگي حقيقت. بحث ۾ وقت وڃائڻ کان چڱو آهي ته فطرت کي جيئن جو تيئن قبول ڪجي. مونجهارا ڏک جو سبب آهن. دنيا ۾ فرحت ماڻيو ۽ خوشي حاصل ڪيو. ٻئي دنيا آهي يا نه؟ ڪنهن به شڪ کانسواءِ هن دنيا کي قبول ڪري دلي سڪون حاصل ڪريو.(11)
پرهو جي فلسفي جو بنياد سُڌِ (Acatalepsy) جي وضاحت ائين ڪري سگهجي ٿي ته معروض (Object) تجريد (Abstract) آهي ۽ تجريد پنهنجين علامتن سان هر دفعي نئين ڏيک ۾ ظاهر ٿئي ٿي. اهي علامتون وجود، حالتن، پيغامن ۽ ادراڪ تي پڻ لاڳو آهن.
اڪيڊمڪ شڪائپ جا باني ٻه فلاسافر هيا. (12)
1. آرسيلس (Arcesilaus) (316-241 BC)
2. ڪارنيڊز (Carneades) (214-129 BC)
اهي ٻئي افلاطون جي قائم ڪيل اڪيڊميءَ جا سربراهه هيا. انهن جي فڪر موجب ڄاڻ مڪمل نه آهي انڪري حاصل ٿيل ڄاڻ اڌوري آهي ۽ اها ڪڏهن مڪمل ٿيڻي نه آهي. سندن چوڻ هيو ته عقيدا نافذ نه ڪيا وڃن جيئن ملڪ سڪون ۾ هجي.
ڀوري (Gullible) ۽ نادان (Credulous) ۾ فرق اهو به آهي ته، ڀورا آسانيءَ سان راءِ مٽائي ويندا آهن، پر نادان پنهنجيءَ راءِ تي گهڻو ڪري قائم هوندا آهن.(13)
ناٿتا (Nocebo) شڪائپ (Skepticism) جي پيداوار آهي. جڏهن ته آٿتا (Placebo) عقيدي مان جنم وٺي ٿي.
سُڌِي (Acatalepsy) عقيدي کي متضاد بنائي ٿي. انڌي اعتقاد کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. سوچن کي رستو ڏئي ٿي. سُڌي فلسفو شڪائپ جو تت (Conclusion) آهي. سُڌِ ان ارتقائي عمل جي گواهي آهي جيڪو ارتقائي عمل ڪائنات جي هر ذري تي لاڳو آهي. ڪنهن به شيءِ جي ڪا به وصف مڪمل نه آهي. ڦير ڦار جاري آهي. مذهب، ايمان، عقيدو، سچ، ڪوڙ، ڪائنات، ساهوارا، ڌاتو ۽ لقاءَ وقت سان گڏ پاڻ مٽائين ٿا. سُڌي هر شيءِ بحث هيٺ آڻي ٿي. جڏهن ته عقيدو ٻُڌي آهي جنهن ۾ بحث جي گنجائش نه هوندي آهي.
ناٿتائي تصور ۾ انسان ڪائنات کي ائين قبول نه ٿو ڪري جيئن ڏسجي ٿي. ناٿتا عقيدي جو ڀيانڪ روپ آهي. ناٿتا، بي چيني، ولوڙ ۽ ذهني خلفشار آهي. ڪنهن کي گلن جي ٽوڪريءَ مان بدبوءِ اچي ۽ ڪنهن کي خوشبوءِ. ڪنهن کي مڇيءَ جي ٽوڪريءَ مان خوشبوءِ اچي ۽ ڪنهن کي بدبوءِ.
زينو جي اسٽيواڪ فڪر جي ٻڌي (Catalepsy) نه ڪو عقيدو آهي ۽ نه ئي ڪنهن عقيدي جو پرچار. اها عقيدي ۽ عقيدن جي بحث کان مٿائين آهي. سچ ۽ ڪوڙ جي وچ تان به هڪ رستو لنگهي ٿو. دائري جي سڀني نقطن جو مرڪز، دائري جو مرڪزي نقطو آهي. اهميت دائمي خوشي حاصل ڪرڻ آهي. زندگيءَ جو هر لمحو قيمتي آهي. جيڪي گذريو وري نه ملڻو آهي. جيئرا رهو ۽ خوش رهو. جيڪو گذري ٿو غنيمت آهي.
اهڙي سوچ راحت ڏيندڙ ضرورت آهي. ٻُڌي آٿتا آهي، جيڪڏهن ان کي قبول ڪيو وڃي ته؟ نه ته آٿتا عقيدي جي پيداوار آهي ۽ عقيدو جڏهن مذهب جي انتها کي پهچي ته شهادت ۽ آپگهات ۾ مڇ يا ڏاڙهيءَ جي وار جيترو به فرق نه ٿو رهي.
ڪڏهن آٿتا ناٿتا ٿي پوي ٿي ۽ ڪڏهن ناٿتا آٿتا. ڪن لاءِ اها آٿتا (Placebo) آهي ته سچ جي واٽ ۾ مرڻ شهادت آهي ۽ اهو سوچي ناٿتا (Nocebo) آهي ته سچ ثابت نه ٿيو آهي. انڪري اها شهادت نه، آپگهات آهي. جنگ جي ميدان ۾ سڀ مئل پنهنجين ڌرين پاران شهيد قرار ڏنا وڃن ٿا. آٿتا ۽ ناٿتا اسان جي سوچن جا مقام آهن. اسان جي عقيدي، ايمان، سمجهه، ناسمجهه، ڀورائي، ناداني، ٻُڌي، سُڌي ۽ ادراڪ جا اهڃاڻ آهن.
هڪڙن مفڪرن جي عمر ان ۾ گذري آهي ته سندن فڪر ۾ جيڪو سچ آهي اهو ڪوڙ نه آهي ۽ ٻين مفڪرن جي عمر ان ۾ گذري آهي ته جيڪو ڪوڙ آهي اهو سچ نه آهي. ڇو جو وصف مڪمل نه آهي انڪري سچ کي ڪوڙ ۽ ڪوڙ کي سچ ثابت ڪري سگهجي ٿو.
ٻه صورتون آهن ماڻهو هٿيار رکي يا هٿيار ڦٽا ڪري. هٿيار رکندو ته وقت تي وڙهندو ۽ ويڙهه جو ڪو انت نه آهي. هٿيارن مان مراد سوچون ۽ مباحثا آهن. هٿيار ڦٽا ڪرڻ ٻڌي (Catalepsy) آهي ۽ هٿيار رکڻ سُڌي (Acatalepsy) آهي.
ڪائنات جو ابتدائي خول (Viod) مونجهاري (Chaos) مان نڪري اڃان ڪائنات (Cosmos) نه ٿيو آهي، مونجهاري واري صورتحال برقرار آهي. انسان سان انسان جي جنگ ڪڏهن ختم ٿيڻي نه آهي. جنگ ارتقائي عمل آهي. وجود جي بقا جي فطري جدوجهد آهي. انسان امن جي مفاهمت (Adaptation) ۾ بي امن ٿي پوي ٿو. حق ۽ ناحق، نابين جون ٻه اکيون آهن ۽ نابين ٿاڦوڙا هڻي ٽئين اک ڳولهي ٿو. اک ڳولهبي نه آهي. پر اک ڳولهي لهندي آهي. ڪائنات ته پري جي ڳالهه آهي، اسين هڪ ٻئي کي به ڳولهي نه سگهيا آهيون.
جانورن جيان انسان به ساڳيو نه آهي. جيڪو ڏاڍو آهي اهو شينهن آهي. جيڪو ڪمزور آهي اهو ڦاڙهو آهي ۽ جيڪو گيدي آهي اهو گدڙ آهي. اهو فطرت جو اصول آهي ته ساهوارو ساهواري کي کائي جيئرو رهي ٿو. ڪي گوشت کائين ٿا، ڪي گوشت ۽ گاهه ۽ ڪي گاهه کائين ٿا. ڇا گاهه ۾ ساهه نه آهي؟ جيئري رهڻ لاءِ مارڻ ضروري آهي. ٻوٽا ساهوارن جو سڀ کان سڌريل نسل آهن. اهي مٽي کائين ٿا ۽ گل ڏين ٿا. گهڻو ڪري حملا آور نه ٿا ٿين ۽ ڪنڊن سان پنهنجو بچاءُ ڪن ٿا.
احمق (Stupid) جنهن جي معنا، ڪنهن ۾ ڏاهپ، سمجهه، سُڌ ۽ سڃاڻ جي گهٽتائي هجي. اهو لفظ لاطيني ٻوليءَ جي لفظ (Stupor) مان نڪتل آهي. جنهن جو مقصد بي سُڌائپ آهي. شعور جي گهٽتائي ان حد تائين هجي جو کيس ماحول جي ڪا به شيءِ متاثر نه ڪري، ايڏي بي حسي جو صرف سور جي شدت محسوس ڪري. اهڙي حالت جنهن ۾ ڪو تاڻيو چپ ڪيو ويٺو هجي ۽ ان جون اکيون صرف چوگرد ڦهليل شين کي ڏسنديون هجن.(14)
فلسفي ۾ احمق وسيع خيالن ۾ استعمال ٿئي ٿو. ان لفظ جي دائري ۾ ٻيا لفظ به اچن ٿا جيئن ڳهيلو (Idiot) بيوقوف (Fool). غبي (Moron).
بيوقوف (Fool) ان کي چيو وڃي ٿو جنهن کي سماجي اصولن جي خبر نه هجي. ان جي ڪردار ڪري سماج کي نقصان پهچي جنهن ڪري ڏوهه، نفرت، سماجي ڏکيائون ۽ حادثا برپا ٿي پون.
ڳهيلو (Idiot) ظاهري طرح ناسمجهه، اندر جو معصوم ۽ پنهنجي نندا پاڻ ڪندڙ هوندو آهي. حضرت عيسا کي ڳهيلو ڪوٺيو ويو آهي. ادب ۾ اهو لفظ گهڻو استعمال ٿيل آهي. جيئن دوستو فسڪيءَ جو ناول “ايڊيٽ”. ٻيا ڪتاب جن ۾ ايڊيٽ هر هر استعمال ٿيل آهي، انهن ۾ وليم فاڪنر جو سائونڊ ايڊ فيوري. ڊفينڊو مارئر جو ريبيڪا. وليم ورڊ سورٿ جو ايڊيٽ بواءِ. وليم شيڪسپيئر جو ڪنگ لئر شامل آهن. نٽشي پنهنجي ڪتاب، اينٽي ڪرائيسٽ ۾ عيسا کي ايڊيٽ چيو آهي. پر گهڻو ڪري ادب ۾ اهڙي ڪردار کي ايماندار، همدرد ۽ بااعتماد چيو ويو آهي.
غبي (Moron) نفسياتي طور گهٽ ذهن هوندا آهن. اهڙو لفظ ڪنهن جي توهين ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندو آهي. غبي عمر جي لحاظ کان گهٽ ذهين هوندا آهن.
اهي سڀ احمق جي دائري ۾ اچن ٿا. معاشي تاريخدان، ڪاريو ماريا ڪپولا پنهنجي مشهور مقالي “احمقيت جا بنيادي قائدا” ۾ چئي ٿو “جن کي احمق چيو وڃي ٿو، اهي ڏاهن کان به ڏاها آهن. اهي ڪنهن به مافيا يا صنعتي فسادين کان وڌيڪ هاڃيڪار آهن. اهي ڪنهن به فڪر، نظريي، رهنماءَ يا دستور کان بغير ڪم ڪن ٿا.(15)
هر منجهيل ڳالهه ناٿتائي فڪر ۾ نروار ٿئي ٿي. هر لقاءُ کوٽ آهي. کوٽ مان مطلب ڌاڳن جو اهڙو منجهيل ڇڳو، جيڪو ڇڏائجي نه سگهي ۽ جيڪڏهن ڇڏائجي ته ڌاڳو ٽٽي پوي.
دماغ کي پنهنجا آنڊا آهن. سوچون هضم نه ٿيون ٿين ته اهي مغز جي سور ۾ ظاهر ٿين ٿيون، پيٽ جي آنڊن جيان دماغ تي به وائي باديءَ جو اثر آهي.
جيڪر فطرت پاران ڏنل ٻن اکين ۾ هر اک الڳ نظارو ڏسي ها. هڪ اک منظر ڏسي ها ۽ ٻي پس منظر ڏسي سگهي ها. پوءِ اسان جي مرضي هجي ها ڪهڙي اک کوليون ۽ ڪهڙي بند ڪيون. سمجهه جو پاڇو ذهن جي آئيني سان موٽ کائي ناداني ۽ بيوقوفيءَ جو عڪس ٺاهي ٿو. انسان ناٿتائي رويي ۾ بيوقوف، نفرت ۽ حادثن جو شڪار ٿي وڃي ٿو. اهو ڳهيلو ٿي منجهيل، کُٽيل، ضمير جو ڏوهي ۽ ذهني مفلوج ٿي پوي ٿو. اهو نفسياتي طور ڪريل، گهٽ ذهن ۽ غبي ٿي پوي ٿو.
ناٿتا (Nocebo) دوستو فسڪيءَ کان ايڊيٽ ناول لکرائي ٿي ۽ ويلم فاڪنر کان سائونڊ ۽ فيوري.
انسان جيترو حساس ٿيندو اوترو معاشرتي مفلوج ٿيندو. نرڄوءَ تي موسمن جو اثر نه آهي. انسان ڪمزور ۽ هيڻو آهي. حالتن کي منهن نه ٿو ڏئي سگهي. اهو عقيدي جي ڄار ۾ ڦاسي آٿتا (Placebo) جي ور چڙهي اهڙي ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿئي ٿو جنهن کي ونجهه نه آهن، سڙهه آهن ۽ سڙهه بندي جو نه، هوا جو حڪم مڃين ٿا. هوا جي مرضي آهي، ٻوڙي، تاري يا ڪناري لڳائي.
ناٿتا (Nocebo) سُڌي آهي ۽ جڏهن بندو سُڌ رکندو ته رستا پڇائيندو. هو ان کي ڳولهيندو جيڪو سندس ڪلهن تي ويٺل آهي. اهو جستجوءَ جي ريگستان ۾ رلي ڪپڙا ڦاڙي مجنون ٿي پوندو. ليلا ڪاري رات آهي ۽ رات راهون نه ڏيکاريندي آهي. رات روشنيءَ جو انت ۽ سسوجهري جو احساس آهي. سوجهري جو احساس شخص کي انڌو ڪري ٿو. ناٿتا تياڳ آهي. ساهواري جو فطري موت ناٿتائي عمل آهي. هر ساهوارو لقائن جي ڦيرڦار ۽ مرڪزيت جي تناسب جي غير مرڪزيت ۾ مايوس ٿي موت قبولي ٿو. دنيا جٺادار (Stable) نه آهي. جيڪڏهن جٽادار هجي ها ته حياتيءَ کي بقا هجي ها. يقين ڪيو روز اڀرندڙ سج ساڳيو نه آهي. سج پنهنجي نواڻ سان اڀري ٿو. اڄ جو سج، ڪلهه دفن ٿي ويل سج جو تخم (Gene) آهي.
References:
1. “Credulity”:
Meaning of credulity in longman dictionary of contemporary english. Retrieved 2017-11-28.
2. Goepp & kay (1984)
P.198.
3. Le Morvan , P.(2011)
“Healthy skepticism and practical wisdom”.
Logos & Episteme: 2(1):87-102 (PDF).
4. Popkin , Richard Henry (2003).
“The history of skepticism from Savonarola to Bayle”.
Popkin , Richard Henry 1923. (Rev. and expanded ed:). Oxford university press.
5. “Skeptical Theism: New assay”.
Scott Aikin & Alyssa Lowery (2017) International Journal for study of skepticism.7(3):207-11.
6. Russell , Bertrand (1928).
“on the value of skepticism”.
The will to doubt. Positive Atheism. Retrieved.2007-05-27.
7. Caston , victor.
“Gorgias on thought and its objects”.
Presocratic philosophy: 2002:p.205.
8. “The new cratylus”:
Notes on the craft of poetry. Melbourne oxford university press-1979.
9. “Sextus Empiricus. Outlines of Pyrrhonism”.
Trans . RG Bury. Harvard university press. Cambridge Massachusettes 1933.p25-27.
10. Bett , Richard (1994)
“What did pyrrho think about the nature of the Divine and the good”?.
Phronesis . 39:303-37.
11. Sharples , RW (1996).
“Stoics , Epicureans and skeptics”
Philosophy. New York. Routledge.p-91-92.
12. Text from , public domain : chishlom , Hug (1911).
“Arcesilaus and carneades”.
Encyclopedia Britannica (11th ed:) Cambridge university press.
13. Herbert Newton casson P.Eckler (1901).
“The crime of credulity”.
p-15.
14. Steven J Bartlett (2005)
“Moral intelligence and the pathology of human stupidity”.
C,C-Thomas.
15. Cipolla , Carlo Maria (1987).
“The basic Laws of human stupidity”.
Whole earth – Review. Retrieved 28 July 2013.
*