تاريخ، فلسفو ۽ سياست

نوسيبو

ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار رسول ميمڻ پاران سائنسي فلسفي تي لکيل ھڪ بھترين ڪتاب آھي. ممتاز بخاري ھڪ ھنڌ لکي ٿو:
”جيئن تہ رسول ميمڻ پيشور ڊاڪٽر رهيو آهي، ان ڪري زندگيءَ سان ٿيندڙ ڊاڪٽري واري فلسفي کي اپٽارڻ وارو فن وٽس ئي آهي، سندس ناول هجن يا ڪھاڻيون، اهي اڄ جي سنڌ سان لڳل ماضي ۽ حال جو نوحو بہ آهن تہ انهن ۾ حيات سان هجڻ ۽ رهڻ جي ڀرپور منطقي سوچ بہ سلهاڙيل آهي، رسول ميمڻ جون سموريون ڪهاڻيون خالي امڪان ۽ مڪان جي ڳالهه نہ ٿيون ڪن پر انهن ۾ توهان ”هجڻ“ واري فلسفي کي بہ پرجهي سگهو ٿا.“
  • 4.5/5.0
  • 2267
  • 508
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رسول ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نوسيبو

نرگسيت ۽ ناٿتا (Narcissism and Nocebo)

نرگسيت انساني اڪيلائيءَ جو ناٿتائي الميو آهي. هڪ نفسياني مرض آهي جنهن ۾ انسان کي پنهنجي وجود کانسواءِ ڪاشيءِ نظر نه ٿي اچي. ان کي محبوبا جو چهرو نه ٿو وڻي پر هو پنهنجي چهري جو عاشق آهي.(1)
سگمنڊ فرائيڊ جي سائڪو اينليٽڪ نظريي ان وقت شهرت ماڻي جڏهن 1914ع ۾ هن نرگسيت کي نفسياتي بيمارين جي لسٽ ۾ شامل ڪيو آهي. ان کي ميگالو مينيا يا (Narcissistic Personality disorder) اين، پي، ڊي، پڻ چيو وڃي ٿو. جنهن ۾ انسان پاڻ کي حد کان وڌيڪ اهميت ڏئي ٿو. پنهنجي ساراهه ٻڌڻ جي وڌيڪ توقع رکي ٿو ۽ ٻين جي جذبن کي سمجهڻ جي ڪوشش نه ٿو ڪري.
سگمنڊ فرائيڊ لفظ نرگسيت يوناني ڏند ڪٿا مان کنيو هيو. نرگسيت جو لفظ ان کان اڳ واضح وصف ۾ موجود نه هيو. سگمنڊ فرائيڊ نرگسيت جو پهريون دفعو نفسياتي ڇيد ڪري ان کي واضح ڪيو. تاريخ ۾ نرگسيت جا حوالا موجود آهن.(2)
روسو 1752ع ۾ پيرس ۾ نارڪيسس نالي ڊراموپيش ڪيو. روسو سياسي فلاسافر هيو جنهن فرانس ۾ جاڳرتا کي جنم ڏنو ۽ سندس خيالن فرانس جي عظيم انقلاب جي راهه هموار ڪئي. ان ڊرامي ۾ هن هڪ اهڙي شخص جو ڪردار پيش ڪيو جنهن لاءِ پاڻ کانسواءِ ڪنهن به شيءِ جي اهميت نه هئي.(3)
1898ع ۾ هيوڪ ايلس نالي هڪ انگريز نفسياتدان نارڪيسس جهڙو لفظ استعمال ڪيو. جنهن ۾ هڪ شخص پاڻ تي ان حد تائين عاشق آهي جو آئيني ۾ عڪس ڏسي مشتزني ڪري ٿو.
1899ع ۾ پال نيڪ پهريون نفسياتي ماهر هيو جنهن نارڪيسيزم جو لفظ اصلي حالت ۾ استعمال هيٺ آندو. ان اهڙي لفظ سان نفرت واري جنسي عمل (Sexual Perversion) جي تشريح ڪئي.(4)
نارڪيسس جي ڏند ڪٿا جو ذڪر نبلس اويڊس ناسو (43BC-17AD)جي شاعريءَ ۾ ملي ٿو. ان شاعر کي اويڊ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو.
اهو رومن شاعر هيو، تن ڏينهن آگسٽس جي حڪمراني هئي ۽ اهو ساڳيو وقت هيو جڏهن عيسا ڌرتيءَ تي آيو.(5)
اويڊ،ورجل ۽ هوريس جو همعصر هيو. نارڪيسس جو ڏند ڪٿائي قصو اويڊ جي پندرهن جلدن تي مشتمل ڪتاب ميٽامارفوسس ۾ ڏنل آهي.(6)
اهو قصو ائين آهي ته نارڪيسس جو تعلق يونان جي شهر بيوشيا سان هيو.
سندس پيءُ درياهن جو ديوتا ڪيفيسوس (Cephissus) هيو، ان هڪ لائروپ (Liriope) نالي ناچ ديوي (Nymph) سان زوري ڪئي، جنهن مان نارڪيسس ڄايو. يوناني ڏند ڪٿا ۾ ان جو نالو نارڪيسوس ڄاڻايل آهي، نارڪيسس سهڻي هجڻ ڪري هر ڪنهن جي نگاهن جو مرڪز هوندو هيو. اهو ئي سبب هيو جو هن پاڻ کي دنيا جو حسين ترين وجود محسوس ڪيو. ان وقت تائين نارڪيسس پاڻ کي ڪنهن عڪس ۾ نه ڏٺو هيو.
نارڪيسس بيوشيا جي جهنگ ۾ شڪار ڪري رهيو هيو ته ايڪو (Echo) نالي هڪ پهاڙن جي ديوي ان تي عاشق ٿي پئي. ايڪو جيڪا ناچ ديوي (Nymph) پڻ هئي ڪڏهن اها زيوس ديوتا جي داسي رهي هئي. ان جي ڪرتوتن ڪري زيوس ديوتا جي زال هيرا کيس بددعا ڏني هئي ته اها سڄي زندگي پنهنجو ڳالهايل جملو ورجهائيندي رهندي. ان بددعا ڪري ايڪو ڪڏهن به نارڪيسس سان ڳالهائي نه سگهي، هڪ دفعي نارڪيسس ڪنهن کي پاڻ پويان ايندي محسوس ڪيو ۽ سوال ڪيو ته “ڪير آهي؟”
ايڪو به جواب ڏنو. “ڪير آهي؟”
ايڪو هڪ دفعي نارڪيسس کي ڀاڪر وڌو پر نارڪيسس جيڪو پنهنجي وجود جي ڄار ۾ ڦاٿل هيو ان نفرت مان کيس ڌڪو ڏئي پري ڪيو. نفرت جو اهڙو اظهار ڏسي ايڪو جهنگ اندر اڪيلائين جو موت مري وئي پر هن جو ورجهاءُ پڙاڏي جي صورت ۾ موجود رهيو.
جڏهن اها خبر نيميسس (Nemesis) ديويءَ کي پئي ته ان نارڪيسس کي ايڪو کان نفرت جي ڏوهه ۾ سزا ڏيڻ جو پهه ڪيو. نيميسس اهڙن شخصن کي سزا ڏيڻ جي ديوي آهي جيڪي خودپرست، خوشفهم، حد کان وڌيڪ پراعتماد ۽ مغرور آهن. اهڙي شخصيت جنهن ۾ اهي صفتون هجن ان کي يونانيءَ ۾ هبرس (Hubris) چيو وڃي ٿو.
نيميسس ڪنهن طريقي سان نارڪيسس کي هڪ تلاءَ تي وٺي آئي. نارڪيسس جڏهن پهريون دفعو پنهنجو عڪس تلاءَ جي پاڻيءَ ۾ ڏٺو ته پاڻ تي عاشق ٿي پيو. هو ڪيترا ڏينهن تلاءَ تي ويهي پاڻ کي ڏسندو رهيو ۽ جڏهن ڏٺائين ته ان جو عڪس کيس رخ نه ڏئي رهيو آهي ته هڪ ڏينهن مايوس ٿي ان آپگهات ڪيو. اتي سندس وجود مان هڪ گُل پيدا ٿيو. نارڪيسس گلن کي ڊيفوڊلز چيو وڃي ٿو. اهڙو گل نرگس جي گلن سان پڻ ملندڙ جلندڙ آهي.(7)
نارسيسيزم احساس ڪمتريءَ جي انتها آهي ۽ اهڙو احساس ناٿتائي رويي ۾ احساس برتريءَ ۾ بدلجي ظاهر ٿئي ٿو. نارسسٽ اندر جو هيڻو انسان آهي، سندس غرور ۽ هٺ ان احساس جو ناٿتائي ردعمل آهي. اندر ۾ لڪيل خوف کيس خودپرست بنائي ٿو. اهو لاشعوري خوف واري حالت ۾ رهي ناٿتائي بخيل ٿي پوي ٿي.
نارسيسٽ جي عادتن ۽ نشانين جي باري ۾ هاچڪس (Hotchkiss) ان جون ست صفتون ٻڌايون آهن.(8)
1. شرم، جيڪو چڀندڙ سماجي احساس آهي، جيڪو پاڻ ۽ پنهنجي حيثيت کي ٻين سان ڀيٽڻ سبب پيدا ٿئي ٿو. نارسيسٽ جي غير فطري روين ۾ شرم لڪيل حالت ۾ موجود رهي ٿو ۽ اهي شرم جو اظهار فطري طريقي ظاهر ڪرڻ کان قاصر آهن.
2. سوچن جي ساحري (Magical thinking)، ان کي نفسيات ۾ خام خيالي چئجي ٿو. نارسسٽ پاڻ کي سدائين برحق سمجهن ٿا ۽ نفسياتي طور اهڙن غير منطقي خيالن ۾ رهن ٿا جيڪي انهن جي ڊپريشن ۽ خوف ۾ اضافو ڪن ٿا.
3. خود پرستيءَ (Arrogance) سبب انهن جي اندر جو خالي پڻو کين ڦوڪي وڏو ڪري ٿو. اهي پاڻ کي مغرور ثابت ڪن ٿا ۽ ٻين کي حقير سمجهن ٿا.
4. حاسد (Envy) ٿين ٿا، ٻئي جون ڪاميابيون ڏسي سڙن ٿا ۽ انهن کي گهٽائي پيش ڪن ٿا.
5. استحقاق (Entitlement) جي خوشفهميءَ ۾ پنهنجو پاڻ کي مڙهين ٿا. اها اميد رکن ٿا ته ٻيا کين تسليم ڪن.
6. استحصال (Exploitation) ڪندي ٻين جي جذبن جو خيال نه ٿا ڪن، انسانن جي تذليل ڪن ٿا. پنهنجي مفاد جو سوچين ٿا.
7. ذاتي حدبنديون (Personal Boundries) روين جون اهي چوديوارون آهن، جن اندر اهي ذاتي حملن کان محفوظ رهن ٿا ۽ ٻين جي حدبندين جو ڪو خيال نه ٿا ڪن.
شرم انسان جو اهڙو فطري رويو آهي جيڪو انا (Ego) جون حدبنديون ٽوڙي ٿو. شرم حيثيت جو احساس آهي ۽ بي شرمي ان جو ناٿتائي ردعمل آهي. انسان پاڻ ۽ پنهنجي حيثيت کي ڀيٽي، شرم، پڇتاءُ، ڏک يا درد جي صورت محسوس ڪري ٿو. انسان جي حيثيت سندس لاشعور ۾ موجود هوندي آهي. اها خاصيت (Trait) آهي ته هو پنهنجي حيثيت کي ڪيئن محسوس ڪري ٿو. ڪي وڏي حيثيت رکندي به انا (Ego) کان آزاد آهن ۽ ڪي گهٽ حيثيت رکندي به پاڻ پڏائين ٿا.
انسان جي طبيعت سندس مورثيت ۽ سماجي روين جو ردعمل آهي. خودپرستي هڪ انسان جي خالي پڻي جو احساس آهي، اهميت جو ناٿتائي رويو آهي. ٻين جي ڪاميابين کي گهٽائي پيش ڪرڻ ۽ ائين چوڻ ته انهن جون ڪاميابيون دراصل ناڪاميون آهن، اهڙو حسد ناٿتائي احساس وسيلي انهن جي نارسسٽ طبيعت کي مطمئن ڪري ٿو.
ڏٺو وڃي ته دنيا جي هر انسان ۾ ٿوريون گهڻيون نارسسٽ خصلتون موجود آهن. ڪي اهڙا آهن جن ۾ اهي چريائپ جي حدن کي ڇهن ٿيون.
ادب ۾ نارسيسزم جو ذڪر موجود آهي. اسٽينٿال جو ناول “ڳاڙهو ۽ ڪارو” تاريخي ۽ نفسياتي ناول آهي جيڪو 1830ع ۾ شايع ٿيو. اهو نيپولين جي وقت جو آهي جڏهن فرانس انقلاب کانپوءِ ڪَرَ کڻي رهيو هيو. ان ناول ۾ جولين سوريل جيڪو هڪ ڊکڻ جو پٽ آهي اهو ترقي ڪري وڏو عهدو ماڻي ٿو ۽ هڪ عورت ميٿلڊي لامول جي محبت ۾ گرفتار ٿئي ٿو. اها عورت نارسسٽ آهي ۽ ان کي پنهنجو پاڻ کانسواءِ ڪجهه نه ٿو وڻي.(9)
پورچوگيز زبان ۾ لکيل ناول الڪيمسٽ 1988ع ۾ شايع ٿيو، اهو پائلو ڪولهو جو لکيل آهي ۽ ستر زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي.(10) اهو هڪ علامتي ناول آهي جنهن ۾ الڪيمسٽ، هڪ اسپيني ڌنار سانٽياگو سان مصر جي اهرامن تائين سفر ڪري ٿو. سفر جو سبب سانٽياگو جو اهو خواب آهي جيڪو هو هر رات ڏسي ٿو، ان ۾ کيس خدا پاران بشارت ٿئي ٿي. اهو اهڙو خواب هڪ روماني (Romani) عامل عورت کي بيان ڪري ٿو جيڪا کيس ان جي تعبير ٻڌائي ٿي ته هو مصر جي اهرامن جو سفر ڪري جتي پوريل خزانو هن جو منتظر آهي.(11)
جيئن پهرين ذڪر ڪري آيا آهيون ته روماني جن ۾ ٻين سان گڏ سنڌ جا باگڙي ۽ جت به شامل آهن اهي خانا بدوش قبيلن جي صورت ۾ دنيا جي مختلف حصن ۾ ڦهليل آهن.(12) اهڙن خانا بدوشن تي ٿيل تازي تحقيق ۽ ڊي، اين، اي جي جين (Gene) تجزيي موجب اهي دلت آهن ۽ انهن مان سنٽي (Sinti) وچ يورپ جا خانا بدوش آهن، ٿي سگهي ٿو اهي سنڌيءَ مان سنٽي ٿي پيا هجن.(13)
پائلو ڪولهو جي ناول ۾ الڪيمسٽ کي قافلي وارن کان هڪ ڪتاب ملي ٿو جنهن ۾ نارڪيسوس جو قصو آهي.
مشهور شاعر رلڪيءَ جي نظمن ۾ نارڪيسوس جو ڪردار ڪيترن ئي هنڌن تي علامتي طور موجود آهي. سيمس هينيءَ جو هڪ نظم “پرسنل هيليڪون” نارڪيسس بابت آهي. وليم فاڪنر جي ناول پناهگاهه (Sanctuary) ۾ نارڪيسا جو ڪردار آهي. ان ناول ۾ نارڪيسا هڪ مغرور عورت ڏيکاريل آهي.
هرمن هيس جو ناول “نارڪيسا ۽ گولڊ منڊ” 1930ع ۾ شايع ٿيو.
عالمي ادب ۾ اهڙا ٻيا به ڪتاب آهن جن ۾ نارسيسزم روين کي چٽيو ويو آهي. (14) انهن ۾ انسان جو نفسياتي ڪردار پيش ڪيل آهي. نارسيسزم کي ناٿتائي انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ڪردار پاڻ کي منفرد ڪندي انفرادي اڪيلائين جو شڪار ٿئي ٿو.
نارسيسزم نفسياتي سينڊروم آهي. سينڊروم (Syndrome) اهڙي صورتحال آهي جنهن ۾ گهڻين بيمارين جون علامتون هڪ ئي وقت بيماريءَ کي ظاهر ڪن ٿيون. اهڙو مثال گهرو ٽِڪو (Darktriad) ۽ ڊوريان گري سينڊروم (Dorian Gray Syndrome) آهن.



References:

1. Symington , Neville (1993).
“Narcissism: A new theory”.
H. Karnac Ltd.p. 6-7.
2. Freud Sigmund.1914.
“On Narcissism : An introduction”.
3. Darnton , Robert.
“Readers response to Rousseau. The fabrication or romantic sensitivity”.
4. Lowen , Alexander (1997).
“Narcissism”
Denial of the true self. New York –p-45.
5. William S, Anderson (1998).
“Ovid’s metamorphosis”.
Book 1-5 Norman: university of Oklahoma press.
6. Translation by A.D Melville ;
“Metamorphosis”,
introduction and notes by E,J , Kenney. Oxford university press 2008.
7. “The Myth of Narcissus”.(PDF).
8. Hotchkiss , sandy & Masterson , James , F.
“Why is it always about you?”
The seven deadly sins of Narcissim (2003).
9. Stendhal C,K , scott. Moncrief.
“The red and black”,
trans. 1926-p- xvi.
10. Paulo Coelho in database –
world cat. Retrieved 20 Dec :2016.
11. “The Alchemist”
(PDF). Good reads. Retrieved 20 Dec:2016.
12. sushma swarj . (PDF)
“Romas are India’s children”:
India.com. 12 Feb: 2016.
13. Nelson , Dean (2012).
“Sinti”.
European Roma descended from Indian , untouchable genetic study shows. Telegraph.co.uk. Retrieved 15 Dec:2017.
14. Curk , Polona
“Narcissism”.
A critical reader (PDF). London-Karnac Books.P-129.

*