تاريخ، فلسفو ۽ سياست

نوسيبو

ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار رسول ميمڻ پاران سائنسي فلسفي تي لکيل ھڪ بھترين ڪتاب آھي. ممتاز بخاري ھڪ ھنڌ لکي ٿو:
”جيئن تہ رسول ميمڻ پيشور ڊاڪٽر رهيو آهي، ان ڪري زندگيءَ سان ٿيندڙ ڊاڪٽري واري فلسفي کي اپٽارڻ وارو فن وٽس ئي آهي، سندس ناول هجن يا ڪھاڻيون، اهي اڄ جي سنڌ سان لڳل ماضي ۽ حال جو نوحو بہ آهن تہ انهن ۾ حيات سان هجڻ ۽ رهڻ جي ڀرپور منطقي سوچ بہ سلهاڙيل آهي، رسول ميمڻ جون سموريون ڪهاڻيون خالي امڪان ۽ مڪان جي ڳالهه نہ ٿيون ڪن پر انهن ۾ توهان ”هجڻ“ واري فلسفي کي بہ پرجهي سگهو ٿا.“
  • 4.5/5.0
  • 2267
  • 508
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رسول ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نوسيبو

ڊاڪٽر ربنواز پوڙهو ڪيئن ٿيو؟

پئٿالاجسٽ ڊاڪٽر ربنواز اسپتال جي ڪوريڊور مان لنگهي ليبارٽري ءَ تائين پهتو ته سندس پويان نرس الوينا ٿڌي آهه ڀري ڪنهن کي چيو “سڀ وڏيون مڇيون ڄار ۾ ڦاسايم سواءِ هن هڪ ڊاڪٽر جي.”
هن جي ڳالهه تي سندس ڀرسان بيٺل اسپتال جي پراڻي نرس ٽهڪ ڏئي کلي.
“مون کي اڄ ڏينهن تائين ڊاڪٽر ربنواز جي جوانيءَ جو راز معلوم نه ٿي سگهيو. گذريل پنجويهن سالن کان مان هن کي ڏسندي پئي اچان، پر هن جي هاٺي ڪاٺيءَ ۾ ڪو فرق نه آيو. هن جو چهرو ائين ئي آهي جيئن اڄ کان پنجويهه سال پهريون.” پراڻي نرس حيرت مان چيو ۽ پوءِ نرسن جو ٽولو ٽهڪ ڏيندو وارڊ ڏانهن روانو ٿي ويو.
ڊاڪٽر ربنواز اسپتال جي ليبارٽريءَ ۾ پهچي پاڻ کي ڪرسيءَ تي ڇڏي ڏنو. هن ڪوٽ جي کيسي مان پرس ڪڍي ڪنهن پراڻي تصوير کي ڏٺو. ڪاري اڇي تصوير جيڪا ڄڻ سندس روح جهڙي اڇي ڪاري دونهي مان ٺهي ڪاغذ تي پنهنجو پاڇو وجهي رهي هئي. اڇو ڪارو دونهون جيڪو بخارن جيئن هن جي دماغ مان مٿي بلند ٿي رهيو هيو ۽ ان دونهي ۾ اهو عڪس واضح طور موجود هيو. هڪ حسين خوبصورت منهن واري ڇوڪري جنهن جي چمڪندڙ چپن تي هڪ خوبصورت مرڪ محسوس ٿي رهي هئي. هڪ جوان ۽ حسين چهرو جنهن تي وقت بيٺل پاڻيءَ جيان ساڪت هيو. اتي ڌرتيءَ جي گردش بند هئي ۽ ڦرندڙ موسمن جو وڻن ۽ دريائن تي ڇڏيل ڪو به نشان نه هيو. هن جي تصور اندر قيد خاني ۾ بند هن جي محبوبا جو چهرو جيڪو سدا جوان هيو ۽ ان تي ڪڏهن وقت جون ريکائون نه پيون. ڊاڪٽر ربنواز پراڻي فوٽوءَ تي نظر ڦيري مرڪي پرس بند ڪري کيسي ۾ وڌي ۽ پوءِ هو پنهنجي ڪم ۾ مشغول ٿي ويو.
گهڙي گذري ته ڊاڪٽر آصف سندس آفيس ۾ آيو. ڪمزور اڇي ڪاري ڏاڙهيءَ وارو اکين جي بيمارين جو ماهر ڊاڪٽر جنهن جون اکيون ٻين جون بيمار اکيون ڏسي ڄڻ ڏک مان لڙڪيل ۽ ننڍيون ٿي ويون هيون، هن محسوس ڪيو، هر ماڻهوءَ مٿان وقت ساڳي رفتار سان نه ٿو لنگهي. ڪي گردش جي تکي چڪر ۾ ڦاٿل آهن ۽ ڪي گردش جي هلڪي ڦيري ۾ سڪون ۽ آٿت سان اکيون ٻوٽي مزو ماڻي رهيا آهن. ڊاڪٽر آصف هن جو دوست ۽ هاءِ اسڪول جي زماني جو ساٿي هيو. هو گڏ پڙهيا ۽ ساڳي اسپتال ۾ گذريل پنجويهن سالن کان گڏجي سروس ڪيائون پر وقت ساڳي رفتار سان ٻنهي تي اثرانداز نه ٿيو.
ٿوري دير کان پوءِ هو جڏهن چانهن پي رهيا هيا ته ڊاڪٽر ربنواز محسوس ڪيو، چپن تائين ڪوپ آڻيندي سندس سامهون ويٺل دوست جا هٿ ڪنهن پوڙهي جيان ڏڪي رهيا هيا.
“مونکي اڄ ڏينهن تائين تنهنجي جوانيءَ جو راز معلوم نه ٿي سگهيو.” ڊاڪٽر آصف ڳالهايو ته سندس آواز هٿ ۾ جهليل ڪوپ جيان لرزڻ لڳو.
هن جي ڳالهه تي ڊاڪٽر ربنواز مرڪيو، سندس خوبصورت چهري تي ڀريل ڳل ڪنهن نوجوان عورت جي ڇاتين جيئن اڀا ٿي بيهي رهيا. هن جي ڳالهه تي ڊاڪٽر ربنواز خاموش رهيو ۽ مرڪي چانهن جي ڪپ کي مزي سان چپن تائين ائين آڻيندو رهيو جيئن هو تصور ۾ ڪنهن جي خوبصورت منهن تي پنهنجا چپ رکندو هجي.
“شايد مان وقت کان پهريون پوڙهو ٿي ويس.” ڊاڪٽر آصف وري ڳالهائيندي چيو. “جواني جيڪا مون وٽ مهمان ٿي لنگهي وئي شايد تو وٽ اها ترسي واپسيءَ جا سڀ رستا وڃائي ويٺي.” هن جي ڳالهه تي ڊاڪٽر ربنواز کان ٽهڪ نڪري ويو.
“سچ چوين ٿو دوست” ڊاڪٽر ربنواز چيو. “جواني منهن جي محبوب جيان آهي، هڪ سچي محبوب جيان جيڪا ڪڏهن به مونسان بي وفائي نه ڪندي.”
پنجاهه سالن جو ڊاڪٽر ربنواز جنهن جي مٿي جو هڪ وار به اڇو نه ٿيو هيو، اهو هر ڪنهن لاءِ حيرت جو سبب هيو. سندس نوجوانن جيان خوبصورت منهن ۽ ڊگهي قد تي ڀريل ۽ ٺهندڙ خوبصورت هاٺي هر ڪنهن کي اهو سوچڻ تي مجبور ڪندي هئي ته ڇا واقعي ئي هو هڪ پنجاهه سالن جو شخص آهي. هو اسپتال جي ڪوريڊور مان لنگهيندو هيو ته نوجوان نرسن جون اکيون هن جي بوٽن پويان بانبڙا پائينديون گڏ هلنديون هيون، پر ڊاڪٽر ربنواز جنهن جي منهن تي هڪ اهڙي مرڪ هوندي هئي، جيئن هن سڀ فتح ڪري ورتو هجي. هن جي هلڻ جي لوڏ ۾ هڪ اعتماد ۽ انا سمايل هوندي هئي.
ڊاڪٽر ربنواز شام جو گهر پهتو ته سندس خالي گهر ۽ ڪتابن هن جو استقبال ڪيو. ڪتاب جيڪي هن کي ڏسي جيئرا ٿي پوندا هيا. اکيون مهٽي شيلفن ۾ جاڳي پوندا هيا. ٽيبل ۽ پلنگ تي وکريل ڪتاب اوٻاسي ڏئي اکيون مهٽيندا هيا. هو گهر ۾ گهڙيو ته ڪتابن جي ورقن مان هزارين آواز ورقن جي چپن مان ڀڻ ڀڻ ڪندا رهيا. هن گهر ۾ گهمي ڄڻ پيار مان انهن جي مٿي تي هٿ ڦيريو ته اهي وري هڪ ڊگهي اوٻاسي ڏئي ليٽي پيا. هن ڪپڙا بدلايا ۽ وري هڪ دفعو هن پرس کولي ان اڇي ڪاري فوٽوءَ تي نظر ڦيري. هڪ نوجوان خوبصورت چهرو جنهن کي ڏسي هن جي چپن تي مرڪ ائين ڊوڙي وئي جيئن ڌرتتيءَ ۾ اگهاڙي وڻ هيٺان رکيل پاڻيءَ جي دلي مٿان جهڙ وري آيو هجي. هو مرڪندو رهيو. هڪ جوان مرڪ جيڪا وقت جي رڪيل مرڪ هئي. اهي نيڻ جن ۾ آسمان تري رهيو هيو. اهي زلف جن مان هير گهلي رهي هئي. چپ جيڪي اڃان نرم ۽ جيئرا هيا. ڊاڪٽر ربنواز پنهنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون هو ان اڇي ڪاري فوٽوءَ ۾ جذب ٿي ويو.
هن ڏٺو 1974ع جو زمانو آهي. لاڙڪاڻي جي ميڊيڪل ڪاليج ۾ هو پنهنجي محبوبا سان گڏ هڪ جلوس جي اڳين صف ۾ نعرا هڻندو اڳتي وڌي ٿو. سندس محبوبا جو چهرو پنهنجي تکن نقشن سان گڏ هن جي تصور ۾ موجود آهي. ان جو چهرو جيڪو جوش ۾ ڳاڙهو ٿي چڪو آهي ۽ سندس چهري جي ڳاڙهاڻ ان کي انفراديت بخشي ٿي. اهو اهڙو واضح آهي جيئن وقت جي ڌوڙ ان کي ڪڏهن به ڌنڌلڪو نه ڪري سگهندي. جلوس ميڊيڪل ڪاليج جي ٻاهرين ڀت وٽ پهتو آهي ته اتي بيهي ڪجهه دوستن هن کي روڊ جي پاسي پيل وڏي پٿر تي چاڙهيو آهي ۽ هن جوش مان ڳالهائڻ شروع ڪيو آهي. “اسلامي سوشلزم جو نعرو ائين آهي جيئن ڪنهن جانور جو ڌڙ شينهن جو ۽ منڍي ٻڪريءَ جي هجي. هن قوم جو ڇوٽڪارو اهڙي قوپرست سوشلزم ۾ آهي جيڪا قوم کي بيدار ڪري سرمائيداري ۽ جاگيرداريءَ جو خاتمو آڻي هڪ برابريءَ وارو سماج پيدا ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي.”
هو جوش ۾ ڳالهائي رهيو آهي ۽ سامهون هن جي محبوبا ٻين سان گڏ تاڙيون وڄائي رهي آهي. ان جو جوش ۾ ڀريل چهرو سندس سامهون آهي. اهو جو ان رت سان ڀريل چهرو جيڪو هميشه هن جي اکين ۾ اندر لهي هن جي چهري ۾ سمائجي ويو آهي. هن جي محبوبا جيڪا سدائين سندس ڪلهي ڀرسان هلندي رهي ۽ پوءِ ان ڏينهن جڏهن هو تقرير ڪري رهيو هيو ته پوليس جون گاڏيون اتي پهچي ويون. پوليس وارا گاڏين مان تيزيءَ سان لهي هنن جي جلوس کي چوڌاري ورائي ويا. ٿوري دير ۾ ڳوڙها گيس جو دونهون ڌماڪن سان گڏ هر طرف ڦهلجي ويو. جلوس ۾ ڀاڄ پئي ۽ هن ڏٺو سندس محبوبا جو منهن هن جي ٻانهن ۾ ويڙهيل هيو پر هوءَ بيٺي رهي. ان وقت جي ايس پيءَ جا هٿ هن پنهنجي گريبان ۾ محسوس ڪيا. هو گهليندو هن کي وچ روڊ تي ڇڪي آيو. سپاهين هن کي ڳورن بوٽن سان ڄنگهن ۾ لتون هنيون.
هن محسوس ڪيو سندس پيرن تائين رت رسجي رهيو آهي ۽ پوءِ هن کي ڪجهه ياد نه رهيو سواءِ هڪ چهري جي جيڪو ڳوڙها گيس ۾ ڪنهن چنڊ جيان ائين بيٺو هيو جيئن اهو جهڙ مان نظر ايندو هجي.
جڏهن هو هوش ۾ آيو ته اسپتال جي شاگرد وارڊ ۾ بستري تي سور کان ڪنجهي رهيو هيو. سندس رڳ ۾ گلوڪوز جي ٿيلهي هلي رهي هئي ۽ ڄنگهون ڪنهن مصر جي مميءَ جيان پٽين ۾ ويڙهيل هيون. هن ڏٺو سندس ڀرسان هوءَ آلين اکين سان بيٺل هئي. هن مرڪي ان جي اکين ۾ نهاريندي چيو هيو. “ڇا اڃان ڳوڙها گيس جو اثر گهٽ نه ٿيو آهي؟”
هن جي ان مذاق تي سندس محبوبا جي چهري تي رونق اچي وئي ۽ ان پنهنجي رئي جي پلاند سان ڳوڙها اگهندي چيو هيو. “ڳوڙها گيس ايترو نه روئاريو جيڏو تنهنجن زخمن... ربنواز هي ماڻهو نه وحشي آهن، هنن وٽ اقتدار کانسواءِ ڪنهن به شيءِ جو قدر نه آهي.”
پوءِ هوءَ ڳالهائيندي رهي ۽ هو هن جي چهري کي ڏسندو رهيو. هن جو چهرو جنهن جي ڏسڻ سان سندس زخمن جي تڪليف دور ٿي رهي هئي. هن جو چهرو جنهن ۾ شفا هئي، جيڪو دردن جو دارون هيون. جنهن ۾ ڇوٽڪارو هيو. جنهن ۾ جدوجهد ۽ انقلاب هيو. هو هن کي ڏسندو رهيو ۽ جلد شفاياب ٿي ويو.
جڏهن هن جون پٽيون کليون ته هن ڏٺو سندس گوڏن کان وٺي پيرن تائين هن جي چمڙي بي ترتيب ۽ ناهموار هئي، پوءِ سندس سڄي زندگي اهي نشان هن جي ڄنگهن تي نقش ٿي ويا. هو جڏهن به پنهنجين ڄنگهن کي هٿ سان ڇهندو هيو ته انهن رهجي ويل زخمن جي نشانن ۾ هن جي محبوبا جو چهرو ڪنهن شفا جيان موجود هوندو هيو ۽ اڄ به جڏهن ڊاڪٽر ربنواز پنهنجين ڄنگهن کي هٿ لاهي محسوس ڪري رهيو هيو ته اهي رهجي ويل بي ترتيب چمڙيءَ جا نشان هن کي اهڙي قبرستان جيان نظر آيا جتي هر نشان هيٺان هن جي ماضيءَ جو ڪو نه ڪو واقعو دفن هيو.
ڊاڪٽر ربنواز پنهنجي محبوبا جو فوٽو واپس پرس ۾ وڌو ۽ هو اڳتي سري جڏهن آرسيءَ اڳيان آيو ته هن پاڻ کي ڏاڍو خوش ۽ توانو محسوس ڪيو. هن ڏٺو واقعي گذريل صديءَ جي چوٿين عرصي هن جي چهري تي ڪو واضع اثر نه ڇڏيو هيو. سندس خوبصورت چهري جي چمڙي ائين ڇڪيل هئي جيئن سندس ٻنهي ڪلهن تي ويٺل اعمالن جا فرشتا ان کي هٿن سان ڇڪي بيٺا هجن. چمڪندڙ ويڪري پيشاني جنهن تي ڪڏهن به افسوس جو گهنج نه پيو. ڀريل هاٺي ۽ سڌو جسم جنهن تي ڪڏهن ڪنهن ڪراڙي جي ڪٻ جو پاڇو نه پيو. هو هڪ اهڙي امر جوان جيان هيو جنهن کي ڄڻ تيزيءَ سان گذرندڙ وقت ۽ تيزيءَ سان وڌندڙ موت وساري ويٺا هيا.
ڊاڪٽر ربنواز آرسيءَ ۾ پاڻ کي پسندو رهيو ۽ پوءِ هو تصور ۾ ماضيءَ ڏانهن موٽي ويو. هن ڏٺو سندس محبوبا گرلز ڪاليج اڳيان پمفليٽ ورهائي رهي آهي. ميڊيڪل ڪاليج جي پهرين شاگرد يونين جون چونڊون پنهنجي عروج تي آهن. هڪ وڏو پرجوش ۽ سرگرم ماحول آهي. هر طرف ڳاڙها ساوا بينر هوا ۾ لهرائي رهيا آهن. حڪومت جو زور آهي ته سندس پارٽيءَ سان لاڳاپيل شاگرد يونين جو پينل ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ گهرجي. ڪاليج ٻاهران سرڪٽ هائوس ۾ وزير صحت ڪٽبر جي ڪئمپ لڳل آهي. پوري سنڌ جا سياستدان شاگردن جي اليڪشن ۾ سڌي يا اڻ سڌي طريقي لاڳاپيل آهن.
قوم پرست تنظيم پاران بيهاريل پينل ۾ ڊاڪٽر ربنواز کي ميگزين سيڪريٽريءَ جي سيٽ لاءِ بيهاريو ويو آهي. ڊاڪٽر ربنواز ڪاليج آڊيٽوريم ۾ هڪ زوردار تقرير ڪري رهيو آهي. مٿان گيلريءَ ۾ هن جي محبوبا بيٺل ڇوڪرين سان گڏ پمفليٽ هوا ۾ اڇلائي رهي آهي. پمفليٽ آڊيٽوريم جي هوا ۾ اڇن ڪبوترن جيان اڏامي هيٺ ويٺل شاگردن جي ڪلهن تي لهي رهيا آهن. هر طرف سنڌ جا نعرا آهن ۽ اتي بيٺل حڪومت لاءِ مخبري ڪندڙ ماڻهن جا چهرا پريشان آهن.
اليڪشن کانپوءِ نتيجن جو اعلان ڪيو ويو آهي. حڪومت جي پارٽيءَ سان لاڳاپيل شاگردن جو پينل چونڊ ۾ هارائجي ويو آهي. قوم پرست جماعت وڏي اڪثريت سان اليڪشن ۾ ڪاميابي ماڻي آهي سواءِ سيڪريٽري جنرل جهڙي اهم سيٽ جي، جنهن تي جميعت جو هڪ حافظ ڪامياب ٿي ويو آهي. اليڪشن جي نتيجن کانپوءِ ڊاڪٽر ربنواز پنهنجي محبوبا سان گڏ ڪاليج جي مين گيٽ وٽ بيٺو آهي. هن کي شاگرد ڪاميابيءَ تي مبارڪون ڏئي رهيا آهن ۽ هو مرڪي انهن کي سيني سان لڳائي رهيو آهي. رات جو دير سان هڪ وڏي ٽريڪٽر ٽراليءَ ۾ نئين چونڊيل يونين جي نمائندن کي بيهاري دهلن سان هڪ جلوس جي صورت ۾ سڄي لاڙڪاڻي شهر ۾ گشت ڪرايو ويو آهي. ٻئي ڏينهن صبح جو اخبارن جي شهه سرخين ۾ وزيراعظم جي شهر ۾ هن جي پارٽيءَ سان لاڳاپيل شاگردن جي پينل جي هار کي خاص اهميت ڏني وئي آهي. جمعيت جي چونڊيل حافظ جي ڪاميابيءَ تي حڪومت مخالف پارٽين پنهنجي خوشيءَ جو اظهار ڪيو آهي. ڊاڪٽر ربنواز کي ياد هيو ته ڪيئن نه ان حافظ کي هوائي جهاز جي ٽڪيٽ موڪلي ڪراچي گهرائي ائرپورٽ تي جماعت جي وڏن ليڊرن سندس ڀاڪر پائي استقبال ڪيو هيو.
ڊاڪٽر ربنواز سوچيندو ويو ۽ ماضي ڪنهن اڳتي وڌي ويل بادل جيان واپس موٽي هن مٿان يادن جي برسات پئي ڪئي. ماضيءَ جي وسندڙ هر بوند ۾ هن جي محبوبا جو چهرو هيو ۽ ايڏا چهرا هيا جو هن جو وجود انهن وسندڙ چهرن جي وچ ۾ پنهنجي هستي وڃائي انهن جهڙو ٿي چڪو هيو. هن جو تصور هڪ اهڙو جوان چهرو هيو جيڪو هن جي اکين کان ڪڏهن الڳ نه ٿيو. هو ان چهري تي جيئن سوچيندو ويو اهو چهرو ڄڻ جيئرو ٿيندو ويو، ان ڄميل چهري پنهنجون اکيون ڇنڀيون ۽ مرڪي پيو. ان جي سهڻن ڳلن تي جوانيءَ جي سرخي جاڳي ۽ زلف لڏڻ لڳا.
هن تصور ۾ ڏٺو ميڊيڪل ڪاليج جي وسيع آڊيٽوريم اندر سوين شاگردن جي وچ ۾ هوءَ انتهائي خوش آهي ۽ مرڪي هن ڏانهن نهاري رهي آهي. نئين چونڊيل يونين جي قسم کڻائڻ واري رسم دوران هڪ وڏي جوش ۽ شور وارو ماحول آهي. هال ۾ هيٺ ۽ مٿي گيلرين ۾ سٿيل شاگرد ۽ شاگردياڻيون وڏي آواز ۾ نعري بازي ڪري رهيا آهن. هر طرف سنڌ ۽ سنڌ جا نعرا آهن. ائين پيو محسوس ٿئي جئين سنڌ ڪجهه گهڙين ۾ آزاد ٿي ويندي. مهمان خصوصي طور ويٺل صحت کاتي جو ٺوڙهو سيڪريٽري پريشانيءَ جي حالت ۾ ڪڏهن هيٺ ته ڪڏهن مٿي نهاري رهيو آهي. اسٽيج تي ايناٽاميءَ جو پروفيسر چوڌري يونين جي هر عهديدار کي واري سان قسم کڻائي رهيو آهي ۽ هر عهديدار جي قسم کڻڻ کانپوءِ شاگرد هڪ نئين جوش ۽ جذبي سان تاڙيون وڄائي نعري بازي ڪري رهيا آهن. ڊاڪٽر ربنواز پنهنجي واري اچڻ تي هڪ نئين ڍنگ سان قسم کنيو آهي. هن پنهنجي نيري ڪوٽ جي کيسي مان شعر جي صورت ۾ لکيل هڪ قسم نامي کي ڪڍي پڙهڻ شروع ڪيو آهي.
مون کي قسم آهي ڪارونجهر جي ڪور جو،
۽ آزاديءَ لاءِ اٿندڙ هن شور جو.
ڊاڪٽر ربنواز پڙهڻ شروع ڪيو آهي، هن جي آواز جي گونج تي شاگرد سڄي هال ۾ اڀا ٿي بيهي رهيا آهن. نعرن جو هڪ طوفان آهي جيڪو هال ۾ واچوڙي جيان گول ڦري رهيو آهي.
تاڙين جي آوازن تي ڪنن جا پردا ڦاٽي رهيا آهن، جوش ۾ نعرا هڻندي هڪ شاگرد گئلري مان هيٺ ويٺلن مٿان ڪري پيو آهي، هن کي ڪي خاص ڌڪ نه لڳا آهن ۽ ان جوش مان اٿي هڪ دفعو وري نعرا هڻڻ شروع ڪيا آهن. مٿان گئلريءَ مان ڪنهن شرارتي شاگرد ڪيلي جي کل هيٺ ويٺل ٺوڙهي سيڪريٽريءَ جي مٿي تي اڇلائي آهي. ڪاوڙ ۾ سيڪريٽري ٺوڙهه ڇنڊيندو تيزيءَ سان هال مان ٻاهر نڪري ويو آهي. ڪاليج جو پرنسيپال ۽ پروفيسر پريشانيءَ جي حالت ۾ هن پويان هال مان ٻاهر نڪتا آهن. ڊاڪٽر ربنواز جي قسم کڻڻ وقت هڪ افراتفريءَ جو عالم آهي. هن جي شاعريءَ ۾ کنيل قسم نامي جي هر سٽ تي شاگرد اڳيان پيل بينچن کي هٿن سان ڌڪ هڻي سيٽيون وڄائي رهيا آهن ۽ پوءِ قسم کڻائڻ واري رسم جي پڄاڻيءَ تي اهو طوفان جهڪو ٿيو آهي.
ٻئي ڏينهن ڪاليج ڀرسان ٺهيل سرڪٽ هائوس ۾ وزيراعظم هڪ ميٽنگ دوران پنهنجي ٻنهي هٿن جون آڱريون کولي هڪ ڀونڊو ڊي آئي جي ۽ ٻيو ڀونڊو ڊي سيءَ کي گهرڙي منهن ۾ ڏنو آهي.
ڪاليج ۾ گرفتاريون شروع ٿي ويون آهن. رات جو ٽئين وڳي پوليس هاسٽلن جو گهيراءُ ڪري تلاشي شروع ڪئي آهي، ستن شاگردن کي گرفتارڪيو ويو آهي. جن ۾ ڊاڪٽر ربنواز به شامل آهي. ڊاڪٽر ربنواز کي پندرهن ڏينهن لاڪپ ڪري مٿس معافي نامي لاءِ زور ڀريو ويو آهي. هن معافي نامي تي صحيح ڪرڻ کان صاف انڪري ڪيو آهي. انتظاميه آخر مجبور ٿي ٻين شاگردن سان گڏ هن کي لاڙڪاڻي نيڪالي ڏئي زوريءَ مائگريشن سرٽيفڪيٽ هٿ ۾ ڏئي ڄامشوري جي ميڊيڪل ڪاليج ڏانهن اماڻيو آهي. مائگريشن سرٽيفڪيٽ هٿ ۾ وٺندي ڊاڪٽر ربنواز محسوس ڪيو آهي جيئن هو ٻه اڌ ٿي ويو هجي.
لاڙڪاڻي ريلوي اسٽيشن جي ريسٽورينٽ ۾ هن اڳيان سندس محبوبا اکيون هيٺ ڪري ڪنهن گهري سوچ ۾ ٻڏل آهي. هن نيڻ مٿي ڪري ڏٺو آهي، سندس اکيون پاڻيءَ ۾ بدلجي ويون آهن. ربنواز کي محسوس ٿيو آهي جيئن سندس من موهن جي دڙي پويان ڳاڙهي سج جيان غروب ٿي ويو هجي.
“مان واپس ايندس.” ربنواز هلڪي لهجي ۾ چيو آهي. “وقت سدائين ساڳيو نه هوندو آهي، منهنجو وقت اچڻو آهي.”
سندس محبوبا جي جهڪيل چهري تي دريءَ مان پوندڙ روشنيءَ ڪري ڳلن تي ڳوڙهن جي آلاڻ چمڪي رهي آهي.
“ربنواز اڪليو نه وڃ... مان توسان ساڻ هلندس.” سندس محبوبا التجا ڀريل آواز ۾ چيو آهي.
ربنواز سيني اندر سور جي هلڪي سٽ محسوس ڪئي آهي. “نه” هن چيو آهي. “تون ته منهنجي دل اندر هڪ ٻئي ننڍڙي دل جيان ڌڙڪندي رهندينءَ... تون ته مونکي جيئرو رکندينءَ.” سندس محبوبا جي نڙيءَ ۾ آواز ڦاسي پيو آهي.
“ربنواز ٻڌاءِ.” هن گهٽيل آواز ۾ چيو آهي. “تنهنجي منهنجي ميلاپ جي گهڙي وري ڪڏهن ايندي. سانوڻ ڪڏهن ورندو. مور ڪڏهن نچندا؟”
“وڇوڙو ته نانءُ ئي وري ملڻ جو آهي. اهڙو بهار ضرور ايندو جڏهن خون جا گل ٽڙندا ۽ ڳوڙهن جا پکي لنوندا. وڻجارا ورندا ۽ ميلاپ جا گيت ڳائيندا.”
سندس ڳالهين تي محبوبا جي دل اطمينان محسوس ڪيو آهي ۽ هوءَ اکين جا ڳوڙها اگهي منهن مٿي ڪري سڌي ٿي ويٺي آهي.
“وڇوڙو ڇا ماريندو پياري.” ڊاڪٽر ربنواز درد گاڏڙ اعتماد سان چيو آهي. “تون مون ۾ جيئري آهين ۽ مان تو ۾ جيئرو رهندس.”
سندس محبوبا جي مک تي مرڪ وري آئي آهي. هو هن جي هٿن کي پنهنجن هٿن ۾ وٺي پيار ڀريل نظرن سان ڏسي ٿو ۽ پوءِ ڏسندو رهي ٿو. هڪ اداس مرڪندڙ جوان چهرو جنهن جي خماريل اکين ۾ گلابي ڏورا آهن، جنهن جا پياسا چپ مرڪندي سنها خوبصورت ٿي چڪا آهن. جنهن جي چهري تي ڳوڙهن جي آلاڻ اڃان به اميد جي ڪرڻن جيان جرڪي رهي آهي.
ڊاڪٽر ربنواز محسوس ڪيو سندس آئيني اڳيان بيٺل وجود جنهن جي چپن تي مرڪ هئي ۽ اکين ۾ ڳوڙهن جي آلاڻ ماضيءَ جي ان مينهن جي بوندن جيان چمڪي رهي هئي جيڪا پنجويهه سالن جي عرصي دوران ڪڏهن نه سُڪي.
هو اڳتي وڌي ڪتابن جي شيلف وٽ آيو ته سندس ان عرصي دوران لکيل ڪهاڻين جا مجموعا هن سان هم ڪلام ٿيا. هن هٿ اڳتي وڌائي پنهنجين ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ٻاهر ڪڍي ان کي ڏٺو. ڪتاب جو ٽائيٽل کولي پهرين پني تي نظر وڌي، سن 1976ع هن پڙهيو ۽ سندس ڇرڪ نڪري ويو.
وڇوڙي جي ڏينهن ۾ ڄامشوري کان واپسيءَ وقت سکر ۾ ٿيل ملاقات دوران هن جي محبوبا جي هٿن ۾ سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو هيو.
فاصلن جي دوريءَ هنن کي هڪ ٻئي کان گهڻو پري ڪري ڇڏيو هيو. سندن ملاقاتن جا سلسلا دل جي مرض ۾ مبتلا مرندڙ ان شخص جي ڪارڊيوگوام جهڙا ٿي ويا جنهن ۾ هڪ سنئين لڪير کانپوءِ دل جي لڳندڙ ڪنهن جهٽڪي سان زندگيءَ جي ور وڪڙ ڏنگائيءَ جو احساس ٿيندو آهي.
ڄامشورو سخت پٿرن جو ڍير جتي درد جون تيز هوائون ڳوڙها خشڪ ڪيو ڇڏين. الطبري هاسٽل ۾ هن جو جسم رهندو هيو ۽ روح لاڙڪاڻي جي گهٽيل ماحول ۾ ساهه کڻندو هيو. لاڙڪاڻي ريلوي اسٽيشن تي الوداع ڪندڙ هڪ چهرو جيڪو ريل جي رفتار سان پوئتي ٿيندو ڌنڌلڪو ٿي اکين کان اوجهل ٿي ويو سو هن جي من ۾ هميشه موجود رهيو. وڇوڙي جي ڏينهن جي اُس تيز ۽ رات وڌيڪ ڪاري هوندي آهي. ڊاڪٽر ربنواز چانڊوڪين راتين ۾ جڏهن گهميو ته چنڊ ڪنهن ياد جيان سان گڏ هليو.
اڪيلي ڪمري ۾ ڏٺل ان جي ڪنهن خواب کانپوءِ هن جو ڏينهن سٺو گذريو. اڪيلائيءَ جا اداس ڏينهن ڪيڏا نه منجهيل ۽ سست رفتار هوندا آهن اهو احساس ربنواز کي ڄامشوري جي ميڊيڪل ڪاليج ۾ ٿيو ۽ جڏهن ڊگهيون راتيون تمام ڊگهيون ٿي ويون ته وڇوڙي جون وٿيون اوندهه جي انبارن سان ڀرجي ويون.
هن وٽ خط پهريون تيزيءَ سان ايندا رهيا ۽ پوءِ سندس خطن جي موٽ ۾ ايندڙ خطن جو سلسلو آهستي ٿي مرندڙ ماڻهوءَ جي دل جيان آخري ڌڪ هڻي ختم ٿي ويو.
آخري سال جا امتحان قيامت جي سج جيان ڏيڍ گز جي نيزي تي لٿل هيا ۽ هو پڙهائيءَ ۾ مشغول هيو. هن جڏهن به ڪتاب کوليو ته اتي سندس محبوبا جي چهري کانسواءِ ڪجهه به ڏسڻ ۾ نه آيو. سڀ رابطا ٽٽي چڪا هيا ۽ هن هڪ ڏينهن ڪتابن کي بند ڪري لاڙڪاڻي جو رخ ڪيو. لاڙڪاڻو جتي هن جي بندش پيل وجود پهچي پاڻ تي پيل سڀ ڄار ڇنائي ڦٽا ڪيا.
هو جڏهن اتي پهتو ته ڏينهن جا ٻارنهن ٿي رهيا هيا. هڪ ڊگهي رستي جي ڌوڙ سندس وکريل وارن ۾ ماضيءَ جي ڪنهن ڪيل گناهه جيان موجود هئي. ان ڌوتل منهن تي وڌيل ڏاڙهيءَ جا وار جن هن کي ٿوهر بنائي ڇڏيو هيو. ميرن گهنجيل ڪپڙن ۽ هٿ ۾ جهليل بريف ڪيس سان جڏهن هو ڪاليج ۾ پهتو ته سندس محبوبا ڪجهه ساهڙين سان لائبريريءَ مان نڪري روڊ تي اچي رهي هئي. ان کي ڏسڻ سان هن محسوس ڪيو جيئن سندس اکين ۾ اڀامندڙ پاڻيءَ ڪري بيٺل وڻن جا پن ناسي ٿي ويا هجن. هوءَ سري هن وٽ آئي ۽ پوءِ هو ٻئي پاسو وٺي ان آڊيٽوريم جي آخري بينچن تي اچي ويٺا جتي هن ڪڏهن يونين جي عهديدار جو قسم کنيو هيو. هن ڏٺو سندس محبوبا جون اکيون ڪنهن پڇتاءُ کان مسلسل هيٺ جهڪيل هيون.
“ڇا ڳالهه آهي؟... تنهنجي خطن جي جوابن کان به وياسين.”
ربنواز چيو جنهن ۾ شڪايت جو عنصر شامل هيو.
هوءَ ڪجهه دير چپ ويٺي رهي ۽ پوءِ جڏهن ان منهن مٿي ڪيو ته ان جي اکين اندر ڳوڙهن ۾ هن پنهنجو چهرو ترندي محسوس ڪيو.
“ربنواز مونکي معاف ڪر.” ان روئڻهارڪي آواز ۾ چيو “مان توسان وفا ڪري نه سگهيس.” پوءِ هوءَ سڏڪي پئي. ان رئي جي پاند سان ڳوڙها اگهيا ۽ وري ڳالهايو ته سندس آواز ڪنهن سڏڪي جيان هن جي نڙيءَ مان نڪتو. “شايد قدرت کي اسان جو ميلاپ منظور نه آهي.” ان ايترو چيو.
ربنواز خالي آڊيٽوريم جي ڀتين ۽ مٿي گئلريءَ ڏانهن نهاريو. هن محسوس ڪيو سوين هٿن جي تاڙين جا آواز سندس ڪنن ۾ گونجي رهيا هجن. آوازن جو طوفان هڪ واچوڙي جيان خالي آڊيٽوريم جي بينچن مٿان گول ڦرندو دروازن کان ٻاهر نڪري ويو هجي.
“اهي واعدا... اهي اقرار؟... آخر ڇا ڳالهه آهي؟ ايڏي تبديليءَ جو جواز... ڪو ڪارج؟.” هن چيو ۽ پوءِ هو سوالين نظرن سان ان ڏانهن ڏسڻ لڳو.
“مون معاشري کان گهڻي بغاوت ڪئي... ربنواز شايد توکي خبر نه هجي مان هڪ دفعو آپگهات جي ڪوشش به ڪئي. پر منهنجن مائٽن کي تون ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول نه آهين.”
ربنواز جي منهن تي ڪاوڙ جون هلڪيون ريکائون اڀري آيون.
“ڇو... آخر ڇو مان انهن لاءِ قابل قبول نه آهيان؟ مون سرڪار ۽ معاشري جو آخر ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي جنهن جي مون کي ايڏي ڪڙي سزا ڏني وئي؟”
سندس محبوبا نسورو روئي ڏنو.
“ربنواز هيءُ معاشرو توکي دهريو بدمعاش ۽ غنڊو سمجهي ٿو.” هن سڏڪن ۾ چيو. “پر ربنواز منهنجي من ۾ تنهنجي تصوير اڄ به ڪنهن مندر ۾ رکيل مورت جيان آهي، جيڪا هميشه عبادت لائق رهندي.”
۽ پوءِ هو ٻئي ڪجهه دير خاموش ٿي ويا.
ربنواز جون اکيون آڊيٽوريم جي اسٽيج ڏانهن کڄي ويون هن محسوس ڪيو هو ڪنهن شعر جي صورت ۾ ڪجهه پڙهي رهيو آهي ۽ هر شخص هن مٿان پٿرن جي بارش ڪري رهيو آهي.
ربنواز جو جسم زخمي ٿي ويو. سندس وجود مان وهندڙ پگهر هن کي رت جيان ريڙهيون پائيندي محسوس ٿيو. هڪ پڇتاءُ ۽ بدگمانيءَ جو احساس سندس من ۾ وري آيو.
“مان توسان شادي ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.” سندس محبوبا چيو. “ربنواز هل هن معاشري هن گُهٽ ۽ ٻوسٽ مان ڀڄي هلون.”
ربنواز جو من ڏرا ڏئي ڀڄي پيو هيو. هن پاڻ کي گناهگارن جي قبيلي جو سردار محسوس ڪيو. سندس اکين آڏو هر شيءِ ڳوڙهن پويان ڌنڌلڪي ٿي وئي.
“مان دهريو ۽ لادين شايد تنهنجي قابل نه آهيان، تنهنجا مائٽ توکي ٺيڪ چئي رهيا آهن. مونکي معاشرو ڀلي بدمعاش ۽ غنڊو ڪوٺي پر مان اهڙو ڪو به قدم نه کڻندس جنهن سان تنهنجي بدنامي ۽ تنهنجن مائٽن کي ڪو ڏک پهچي. مون توکي پيار ڪيو ۽ توکي پيار ڪندو رهندس.” ربنواز چيو. ۽ پوءِ هو بريف ڪيس کڻي تيزيءَ سان آڊيٽوريم جي در مان ٻاهر نڪري ويو. سندس پويان هوءَ اڪيلي ڪجهه دير اتي ويهي سُڏڪندي رهي.
ڊاڪٽر ربنواز کي اها رات ياد هئي جڏهن ٻئي ڏينهن شام جو هو واپس ڄامشوري پهتو هيو ۽ چانڊوڪي رات ۾ چنڊ کي پٺ ڏئي هڪ پٿر تي اداس ويٺو هيو ته سندس پاڇي ۾ هڪ وڇون پڇ مٿي ڪري پريشانيءَ مان چڪر ڪاٽي رهيو هيو. ربنواز پٺ ورائي چنڊ کي ڏٺو يارهينءَ جو چنڊ ڪناري وٽان هن جي دل جيان ڀڳل هيو ۽ پوءِ هن محسوس ڪيو هيو چنڊ هن جي محبوبا جي چهري جيان هٿ لوڏي الوداع ڪندو تيز هلندڙ ريل جي اڏامندڙ مٽيءَ ۾ ڌنڌلڪو ٿيندو الوپ ٿي ويو، پر هن جي اکين ۾ اهو هميشه لاءِ قيد ٿي ويو. هڪ مرڪندڙ خوبصورت جوان چهرو جنهن تي واپسي جي اميد جون ريکائون چمڪنديون هجن. اهو چهرو ربنواز جي دل تي نقش ٿي ويو ۽ ان چهري جي سهاري هن پنهنجي زندگي گذاري ڇڏي. هو ٻئي پوءِ ڪڏهن نه مليا. هن کي اهو چهرو ڏسڻ وري ڪڏهن نصيب نه ٿيو.
آخري سال جي امتحان ۾ ربنواز ٻن مضمونن ۾ فيل ٿي پيو. هن سپليمينٽري امتحان ۾ اهي مضمون پاس ڪري اتي ئي هڪ سال لاءِ هائوس جاب ڪيو.
سرڪاري نوڪريءَ دوران هن ڊيپيوٽيشن وٺي بيسڪ ميڊيڪل سائنسز جي پئٿالاجي ڊپارٽمينٽ ۾ داخلا ورتي.
بيسڪ ميڊيڪل سائنسز ۾ مائڪرو اسڪوپي ڪندي هو سکر کان آيل ڪنهن دوست سان ڳالهائي رهيو هيو. ڳالهين دوران هن کي خبر پئي ته سندس محبوبا جي شادي ڪجهه عرصو پهريون هڪ سيني جي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽر سان ٿي وئي آهي ۽ هوءَ اڄڪلهه لبيا ۾ آهي. ڳالهه ٻڌي سندس هوش اڏامي ويا. هٿ ۾ جهليل پين ڏڪڻ لڳس ۽ نظر ايندڙ سلائيڊ جو ٽشو ڪينسر جي بيماريءَ ۾ تبديل ٿي ويس. ان ڏينهن هن سڀ رپورٽون غلط ٺاهيون. جڏهن رپورٽون ڊپارٽمينٽ جي پروفيسر کان تصديق لاءِ سندس آفيس ۾ ويون ته ان کيس چڱي خاصي ڇڻڀ ڏنس. ڪجهه دير کان پوءِ هو ان ٻڌل واقعي کي وساري مائڪرو اسڪوپ ۾ سلائيڊون ٻيهر غور سان ڏسڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هيو پر ڏک ۽ پيڙا جي اولڙن کانسواءِ کيس ڪجهه به نظر نه اچي رهيو هيو. هن جا ڪرندڙ ڳوڙها ڪينسر جي ڳوڙهن ۾ تبديل ٿي رهيا هيا. هن جو ذهن مائوف ٿي چڪو هيو پوءِ هو ڪم اڌ ۾ ڇڏي ڊپارٽمينٽ کان ٻاهر نڪري ويو هيو.
ان کان وڇڙي پنجويهن سالن جو عرصو ريل جي هلڻ سان اٿندڙ ڌوڙ جي طوفان ۾ جسمن جي وڇوٽيءَ کي ته وڌائي ويو پر روحن کي نه. ربنواز محسوس ڪيو هن جي جسم ۾ هن جي محبوبا جو روح آهي. هو ته ڪڏهن جو مري چڪو هيو پر هاڻي هو ڪڏهن به مرڻو ناهي.
اڄ هو شهر جي اسپتال ۾ هڪ ناليوارو پئٿالاجسٽ هيو. وقت کيس دولت ۽ شهرت عطا ڪئي. ان عرصي دوران سندس ڪهاڻين جا چار مجموعا ۽ شاعريءَ جو هڪ ڪتاب شايع ٿيا جن ۾ هن من ۾ رهندڙ محبوبا جي چهري کي ڪاغذن تي منتقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. وقت هن کي ڪڏهن به پوڙهو نه ڪيو. ان کان وڇڙي سندس ڄمار ڄڻ پنجويهن سالن تي رڪجي وئي. هو هڪ فنا ٿيل، مئل ماڻهو هيو جنهن جي اندر هڪ جوان خوبصورت عورت جي روح جي حڪمراني هئي.
هڪ دفعي ايڊز پروگرام پاران ڪرايل ورڪشاپ تي جڏهن هو سکر کان ڪراچيءَ ڏانهن روانو ٿي رهيو هيو ته ريلوي اسٽيشن تي سندس ويجهو دوست ڊاڪٽر آصف الوداع ڪرڻ لاءِ ساڻ هيو. جڏهن هو ريل جي دٻي ۾ سوار ٿي رهيو هيو ته اڇن وارن واري هن جي دوست مذاق طور چيو ته “ربنواز آخر تون پنهنجي جوانيءَ جو راز مونکي نه ٻڌايو.”
ڊاڪٽر ربنواز هميشه جيان ٽهڪ ڏئي کلي پيو.
“واعدو آهي واپسيءَ تي توکي ضرور ٻڌائيندس.” هن چيو ۽ گاڏي هلي پئي.
ٻئي ڏينهن تي ڊاڪٽر ربنواز صبح سان ٺهي سنڀري سروسز اسپتال پهتو ته ورڪشاپ شروع ٿيڻ ۾ اڃان ڪجهه دير هئي. اٺ ڏهه شخص هڪ ڊگهي ٽيبل جي چوڌاري ڪرسين تي ويٺا هيا. هو سڀني سان هٿ ملائيندو پنهنجي هڪ واقفڪار ڊاڪٽر رفيق جي ڀرسان ڪرسيءَ تي وڃي ويٺو. ٿوري دير ۾ ڪجهه ٻيا مهمان جن ۾ عورتون به شامل هيون اتي اچي ويٺا. ورڪشاپ شروع ٿي ۽ ڊاڪٽر شاهه ڪجهه ڪتاب ۽ پمفليٽ مهمانن ۾ ورهايا. هڪ غير ملڪي ايڊز جو ماهر سامهون بيهي دنيا ۾ ان جي موجودگيءَ جا انگ اکر ٻڌائي رهيو هيو. ڪجهه وڌيل عمر جون عورتون ڊاڪٽر ربنواز جي سامهون ٽيبل پريان اوڏانهن ڏسي ڪنڌ لوڏي رهيون هيون.
اوچتو سندس ڀر ۾ ويٺل دوست ڊاڪٽر رفيق کيس هلڪو ڪلهو هڻندي آهستي ڳالهائيندي چيو “ربنواز سامهون ويٺل عورت کي سڃاڻين ٿو؟”
هن جي ڳالهه تي ربنواز غير ملڪي ماهر مان اکيون هٽائي سامهون نهاريو. اتي ويٺل عورتن ۾ هن کي ڪو به سڃاتل چهرو نظر نه آيو.
“نه” هن چيو. “مون کي ته ڪا به واقفڪار عورت نظر نه اچي رهي آهي.”
“هوءَ جيڪا کاڏيءَ تي هٿ رکي ويٺي آهي.” ڊاڪٽر رفيق چيو.
هن هڪ دفعو وري غور سان اوڏانهن ڏٺو. سندس حيرت جي انتها نه رهي. وقت جي رفتار زوڪٽ ڪندي سندس اکين اڳيان لنگهي وئي. هن سامهون هڪ اڌڙوٽ عمر واري عورت هئي جنهن جي وارن ۾ اڇيون ڇڳون نظر اچي رهيون هيون. ان جو چهرو ماکيءَ جي ماناري جيان هيٺ لڙڪيل هيو. وقت جي ڌوڙ ان چهري جي چمڪ کي ڍڪي ڌنڌلڪو ڪري ڇڏيو هيو. ڏرا ڏئي ويل اکيون قبر جهڙن ڪارن نشانن ۾ دفن ٿي چڪيون هيون. ان جا ڳل اکين مان وهندڙ ڳوڙهن جيان هيٺ لڙڪي بيهي رهيا هيا. سندس چپن جون هيٺ ڪريل ڪنڊون ڄڻ ويل وقت تي روئي رهيون هيون. هن ڏٺو اها سندس وڇڙي ويل محبوبا هئي. جنهن کي وقت پنهنجي مٺ ۾ ڀڪوڙي بگاڙي ڇڏيو هيو. هن ڏٺو اهو ساڳيو چهرو جنهن کي هو سدائين پنهنجي اکين ۾ سانڍيندو آيو هيو، اڄ اهو چهرو بدلجي ڪنهن ٻئي چهري ۾ تبديل ٿي چڪو هيو.
ڊاڪٽر ربنواز محسوس ڪيو سندس اکين ۾ ڦاٿل ٻوڏ اتي موجود چهري کي ڌوئي صاف ڪري ڇڏيو هجي. سندس اکين ٻرندڙ جبل جي ڌماڪي جيان ڦاٽي ان چهري کي چڪناچور ڪري ڇڏيو هجي. هن جي اکين مان ڪنهن ڀڳل چهري جا ذرا اڏامي ٻاهر وڃي ڪريا هجن.
ڪجهه ڏينهن ۾ ورڪشاپ جي پڄاڻيءَ کانپوءِ جڏهن هو سکر پهتو ته ڏاڍو ٿڪايل هيو. سول اسپتال جي ليبارٽريءَ ۾ جڏهن هو مائڪرو اسڪوپيءَ ۾ مشغول هيو ته ڊاڪٽر آصف هن وٽ آيو. ڊاڪٽر آصف کي ڏسي هن پنهنجو چهرو هيٺ ڪري مائڪرو اسڪوپ پويان لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي. ڊاڪٽر آصف محسوس ڪيو جيئن هو لنوائي رهيو آهي. هن غور سان سندس چهري کي چتايو. هن ڏٺو ڊاڪٽر ربنواز جو چهرو ميڻ جيان رجي هيٺ لهي آيو هيو. هن جا وار اڇين چڳن ۾ تبديل ٿي چڪا هيا. اکيون ڏرا ڏئي ويون هيون ۽ وات جي ڪنارن وٽان چپن جون ڪنڊون ائين هيٺ لهي آيون هيون جيئن انهن ۾ چنگهه سمايل هجي.
ڊاڪٽر آصف جي حيرت جي انتها نه رهي. صدمي کان ذري گهٽ ان جي رڙ نڪري وئي. هن پنهنجي وات تي هٿ ڏنو ۽ سندس اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا.
“اهو ڪيئن ممڪن آهي؟” هن پريشانيءَ مان چيو. “ٽن ڏينهن ۾ ايڏي تبديلي. منهنجي مشاهدي ۾ پهريون اهڙو ڪو به واقعو نه آهي.”
هن جي ڳالهه ٻڌي ڊاڪٽر ربنواز پنهنجو گهنجيل منهن ٻئي طرف موڙي ڇڏيو.
“آخر هيءُ ڪهڙو راز آهي؟” ڊاڪٽر آصف چيو. “ٻڌاءُ ربنواز آخر هيءُ ڪيئن ممڪن آهي؟”
ڊاڪٽر ربنواز پنهنجو منهن ڊاڪٽر آصف ڏانهن ڪيو ۽ پوءِ هن جهيڻي آواز ۾ چيو.
“ڊاڪٽر آصف منهنجو چهرو منهنجو نه آهي، منهنجو چهرو منهنجي محبوبا جو چهرو آهي.”



(هيءَ ڪهاڻي پنهنجي دوست مرحوم اشفاق ميمڻ ڏانهن منسوب ڪريان ٿو. جيڪو لاڙڪاڻي ميڊيڪل ڪاليج کان ڄامشوري زوريءَ نيڪالي ڏنل شاگردن ۾ شامل هيو. 1975ع ۾ شاگرديءَ واري زماني دوران لياقت ميڊيڪل ڪاليج اسپتال ۾ هڪ ننڍڙي آپريشن دوران ڊاڪٽرن جي ڪيل غلطيءَ سبب اسان کان موڪلائي ويو.)