تاريخ، فلسفو ۽ سياست

نوسيبو

ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار رسول ميمڻ پاران سائنسي فلسفي تي لکيل ھڪ بھترين ڪتاب آھي. ممتاز بخاري ھڪ ھنڌ لکي ٿو:
”جيئن تہ رسول ميمڻ پيشور ڊاڪٽر رهيو آهي، ان ڪري زندگيءَ سان ٿيندڙ ڊاڪٽري واري فلسفي کي اپٽارڻ وارو فن وٽس ئي آهي، سندس ناول هجن يا ڪھاڻيون، اهي اڄ جي سنڌ سان لڳل ماضي ۽ حال جو نوحو بہ آهن تہ انهن ۾ حيات سان هجڻ ۽ رهڻ جي ڀرپور منطقي سوچ بہ سلهاڙيل آهي، رسول ميمڻ جون سموريون ڪهاڻيون خالي امڪان ۽ مڪان جي ڳالهه نہ ٿيون ڪن پر انهن ۾ توهان ”هجڻ“ واري فلسفي کي بہ پرجهي سگهو ٿا.“
  • 4.5/5.0
  • 2267
  • 508
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رسول ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نوسيبو

گهرو ٽڪو ۽ ناٿتا (Darktriad and Nocebo)

گهرو ٽِڪو (Darktriad) نفسيات جو موضوع آهي، جنهن ۾ مرض ٽن مورثي حالتن ۾ ظاهر ٿئي ٿو.(1)
1. نارسيسيزم –Narcissism
2. ميڪاولينيزم-Machiavellianism
3. سائڪوپيٿي-Psychopathy
ميڪاولينيزم حڪومت هلائڻ ۽ رايا کي قابو ڪرڻ جو اهڙو طريقو آهي جنهن ۾ ضروري آهي ته حڪمران هوشيار، چالاڪ، چالباز ۽ عيار هجي. وقت اچي ته ٻهروپيو ٿي دوکي ڏيڻ کان نه ڪيٻائي.
اهو اٽليءَ ۾ جاڳرتا (Renaissance) جي ڏينهن ۾ نڪولو ميڪاوليءَ ڏانهن منسوب ٿيل آهي. نڪولو ميڪاولي 1469ع ۾ ڄايو، جنهن شهزادو (Prince) نالي ڪتاب لکيو.(2)
سائڪوپيٿي جنهن کي سوشيوپيٿي پڻ چيو وڃي ٿو. جيڪڏهن آدم بيزاري به چئجي ته ڪو فرق نه پوندو. اها نفسياتي بيماري آهي جنهن ۾ سماج برخلاف (Antisocial Behaviour) همدرديءَ جي جذبي کان خالي (Impaired Empathy) ڪنهن به پڇتاءَ جو نه هجڻ.(3) (Impaired Remose)، بغير ڪنهن خوف جي ڪي به حدبنديون نه قبولڻ جيئن سماجي رواج، ريتون رسمون ۽ نفعي نقصان جي سوچ شامل آهن. ڊارڪ ٽراياڊ مورثي نفسياتي بيماري آهي. تحقيق ثابت ڪيو آهي ته ان جي خاصيت (Trait) ڪروموسومز جي ڊي، اين، اي ذريعي منتقل ٿئي ٿي. هڪ پراڻو نظريو جنهن کي فطرت بمقابل پروان (Nature and Nurture) چيو وڃي ٿو. ان جو تجزيو ڪبو ته فطرت جو واسطو علم الحيات (Biology) سان آهي ۽ پروان جو ماحول (Enviroments) سان آهي.(4)
فطرت جو دارومدار ماحول تي آهي. ماحول فطرت کي تبديل ڪري ٿو ۽ فطرت ماحول سان مطابقت ۾ تبديل ٿئي ٿي. اهو ارتقائي اثر آهي. ارتقائي عمل هيٺ ئي فطرت ماحول سان پاڻ تبديل ڪري جيئري رهڻ جي ڪوشش ڪري ٿي.
ڊارڪ ٽرائياڊ بابت جاڙن ٻارن (Twins) تي تحقيق ڪئي وئي آهي. ماءُ کي ڄمندڙ جاڙا ٻار ماءُ جي گرڀ ۾ ٻن الڳ قسم جي طريقن سان پروان چڙهن ٿا. اهي جاڙا يا ته مونوزائگوٽ (Monozygotic) آهن جن کي مماتل (Indentical) چيو ويندو آهي يا اهي ڊائزائگوٽ (Dizygotic) آهن.(5)
انهن ۾ فرق اهو آهي ته مونوزائگوٽڪ جاڙا گرڀ ۾ تڏهن پروان چڙهندا آهن جڏهن ماءُ جي ٻچيدانيءَ مان خارج ٿيل هڪ آنيارو (Ovum) پيءُ جي ٻن اسپرمز سان ڳڀرجندو (Fertilized) آهي ۽ ڊائزائگوٽڪ جاڙن ۾ هڪ ئي وقت ماءُ جا ٻه الڳ آنيارا، پيءُ جي ٻن الڳ اسپرمز سان ڳڀرجندا آهن.
پيدا ٿيندڙ ٻنهي طريقن وارن جاڙن ٻارن تي ماحول (Enviroment) جو اثر سئو سيڪڙو ٿيندو آهي پر فطرت (Nature) جو اثر مونوزائگوٽڪ تي سئو سيڪڙو ۽ ڊائزائگوٽڪ تي پنجاهه سيڪڙو ٿيندو آهي.
اهڙي لحاظ کان ماحول ۽ فطرت جو تجزيو ڪيو ويو. اهو انهن جي جين مان حاصل ڪيل نتيجو هيو جنهن مان ثابت ٿيو ته “فطرت بمقابل پروان” جو نظريو ارتقائي طور انسان جي جينياتي سرشتي تي ڪيئن اثر انداز آهي ۽ ڊارڪ ٽرائياڊ پڻ ائين ماحول ۽ فطرت جو اهڙو ردعمل آهي جيڪو انساني روين منجهه ظاهر ٿئي ٿو.(6)
ناٿتائي اثر انسان جي جين ۾ موجود ٿين ٿا. اهو ماحول تي مدار آهي ته فطرت تي ڪهڙا اثر ڇڏي ٿو. هر ساهواري چوڌاري ساڳيو ماحول نه آهي ۽ هر ساهوارو موجود ماحول کي پنهنجي ادراڪ سان محسوس ڪري ٿو. جن مدرسن مان عالم ۽ ڪيميادان پيدا ٿين ٿا، انهن ئي مدرسن مان قرآن جا حافظ آپگهاتي بمبار. انسان جي طبيعت، عادت ۽ ڪردار جو مدار ان جي ماحول ۽ فطرت تي آهي. ماحول ناٿتائي (Nocebous) اثر سان فطرت کي جين جي حد تائين متاثر ڪري ٿو ۽ فطرت ناٿتائي ردعمل وسيلي ماحول سان مطابقت ۾ تبديل ٿي ان جهڙي ٿي پوي ٿي.
نڪولو ميڪاولي (1527-1469ع) اٽليءَ جو سياستدان، سفير، تاريخدان ۽ فلاسافر هيو. هن کي سياسي سائنس (Political Science) جو ابو چيو وڃي ٿو. هو شاعر به هيو. هن مٿان جن شخصيتن جا اثر هيا انهن ۾ ٿامس اڪيوناس، زينوفون، سسيرو، سقراط ۽ افلاطون شامل هيا. هن جن شخصيتن کي متاثر ڪيو، انهن ۾ بيڪن، روسو، ڊيوڊ هيوم، جان آدم، نٽشي، اسپنوزا، ڊڊيرو ۽ ٻيا شامل آهن. ان جي لکيل ڪتاب “پرنس” کي شيطاني ڪتاب ڪوٺيو ويو. جنهن ۾ دنيا جي ظالم حڪمرانن کي ترڪيب ڏنل آهي ته اهي پنهنجي حڪومت ڪيئن برقرار رکن.(7)
نڪولو ميڪاولي يورپ ۾ نفرت جي ڏينهن جي پيداوار آهي. ميڪاوليءَ جنگ بغاوت ۽ ڪسمپرسيءَ جو پنهنجي مزاج مطابق مشاهدو ڪيو. ماحول جي نفرت انگيزي سندس فلسفي جو ناٿتائي (Nocebous) نتيجو آهي. يورپ جي حڪمرانن کان وٺي ويندي ترڪيءَ جي سلطانن تائين سندس ڪتاب پرنس جو مطالعو وڏي ڌيان سان ڪيو ويو. ميسولينيءَ کان هٽلر تائين ۽ جنرل فرانڪو کان اسٽالن تائين هر حڪمران ان ڪتاب کي پنهنجي نظر سان ڏنو.(8)
اهو سچ به آهي ته امن پسند ۽ نرم دل انسان سٺو حاڪم ثابت نه ٿو ٿئي يا ته اهو شڪست کائي دشمن هٿان ماريو ويندو يا مخالفن هٿان ڀڙڪايل عوام جي بغاوت سبب پنهنجن ئي فوجين هٿان سوليءَ تي لٽڪايو ويندو.
شريف النفس حڪمرانن جا قصا صرف ڏند ڪٿائن ۾ آهن. حڪمران شريف ٿئي ته حڪمرانيءَ جي تخت سان ڦاسيءَ جي تختي تي راڄ ڪندو پر ميڪاولي حڪمراني ڪرڻ جا گُر ڏسيندي رحم جون سڀ حدون لتاڙي ويو آهي. حڪمرانيءَ بابت ميڪاوليءَ جو تجربو ناٿتائي آهي. ان وقت جي ماحول ۽ سندس جين جو اهڙو ميلاپ آهي جيڪو مطلق العنانيت جون حدون لتاڙي خوفناڪ صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿو.

References:

1. Paulhus D , L: Williams , KM (2002).
“The Dark triad of personality”
Journal of research in personality-36:556-63.
2. Jones , Daniel N. Paulhus , Delroy (2009)
“Machiavellianism”.
Hand book of individual differences in social behavior. New York / London. The Guilford press. p.257-73.
3. D, L, L; Patrick C, J Lilienfeld , S.O (2011).
“Psychopathic personality ; bridging the gap between scientific evidence and public Policy”. Psychological science public intrest. 12(3):95-162.
4. Furnham A , Richard S C , et al (2013).
“ The dark triad of personality : A 10 year review”.
Social and personality psychology compass – 7(3):199-216.
5. Vernon , P, A ; Martin , R, A ; schemer , J, A (2008).
“A behavioral genetic investigation of humor styles and their correlations with the Big , 5 personality dimensions”.
Personality and individual differences – 44(5):1116-25.
6. Plomin , R ; Fulker , D.W ; Corley , R; DeFries , J, C (1997).
“Nature , nurture and cognitive development form 1 – 16 years. A parent offspring adoption study”.
Psychological science – 8 (6): 442-47.
7. Giovanni Giorgini.
“Five hundred years of Italian scholarship on Machiavellis prince”.
Review of politics (2013):75#4.p.625-40.
8. Baron , Hans (1961).
“Machiavelli: The republican citizen of an author of the prince”.
The English historical review , 76:218.

*