تاريخ، فلسفو ۽ سياست

نوسيبو

ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار رسول ميمڻ پاران سائنسي فلسفي تي لکيل ھڪ بھترين ڪتاب آھي. ممتاز بخاري ھڪ ھنڌ لکي ٿو:
”جيئن تہ رسول ميمڻ پيشور ڊاڪٽر رهيو آهي، ان ڪري زندگيءَ سان ٿيندڙ ڊاڪٽري واري فلسفي کي اپٽارڻ وارو فن وٽس ئي آهي، سندس ناول هجن يا ڪھاڻيون، اهي اڄ جي سنڌ سان لڳل ماضي ۽ حال جو نوحو بہ آهن تہ انهن ۾ حيات سان هجڻ ۽ رهڻ جي ڀرپور منطقي سوچ بہ سلهاڙيل آهي، رسول ميمڻ جون سموريون ڪهاڻيون خالي امڪان ۽ مڪان جي ڳالهه نہ ٿيون ڪن پر انهن ۾ توهان ”هجڻ“ واري فلسفي کي بہ پرجهي سگهو ٿا.“
  • 4.5/5.0
  • 2267
  • 508
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رسول ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نوسيبو

سٺا تخم ۽ ناٿتا (Eugenics and Nocebo)

يوجينڪس لاطيني لفظ آهي، جنهن ۾ يو (Eu) معنا سٺو ۽ جينڪ (Genic) معنا تخم، نسل يا اولاد آهي.(1)
ان جو مقصد انساني نسل جو سڌارو آهي ۽ اهو سڌارو، عقيدي ۽ تجربن سان حاصل ڪري سگهجي ٿو. اهڙو لفظ 1883ع ۾ فرانسسس گيلٽن استعمال ڪيو ۽ ان وقت کان وٺي اهو موضوع بحث هيٺ رهندو آيو آهي.(2)
ڪڏهن ائين به ٿئي ٿو جو فطرت (Nature) ساهواري سان انصاف نه ٿي ڪري، انسان جو مفاهمتي (Adaptive) سرشتو پاڻ مرادو آهي. ان جي تبديليءَ جو دارومدار ماحول جي ڦير گهير تي منحصر آهي، ساهوارو فطرت مطابق پنهنجو پاڻ تبديل ٿئي ٿو. جيڪڏهن ماحول پاڻ سان مفاهمت جي کليل آزادي ڏئي ها ته موت جو وجود نه هجي ها. ارتقا جي حوالي موت تي بحث هڪ پاسي رکي جيڪڏهن بيماريءَ تي سوچيو ته بيماريءَ جي وصف اها آهي. “بيماري جسم ۽ جسماني سرشتن جو نقص آهي. اها ارتقا جي ناموافق صورت آهي. بيماري مفاهمت جي ناڪامي ۽ فطري چونڊ جي نافرماني آهي.”
(A disease consists of a disorder of structure or function usually serving as an evolutionary disadvantage. A disease is failure of an adoptive capability of organism and disobidience to law of natural selection.)(3)

سٺا تخم (Eugene) انسان جو فطرت ڏانهن ناٿتائي (Nocebous) رويو آهي. جن جو فطرت پورائو نه ٿي ڪري انسان اها کوٽ پاڻ ڀرڻ چاهي ٿو. ٿي سگهي ٿو ساهواري اندر فطرت پاران رهجي ويل اهي نقص ناموافق نه هجن پر ساهواري جي فطري حق ۾ هجن ۽ انسان ناٿتا (Nocebo) جو شڪار ٿي، اهي نقص دور ڪرڻ جي ڪوشش ۾ هڪ وڏي هانڃي جو شڪار ٿي وڃي.
اهو موضوع افلاطون جي فلسفي ۾ پڻ موجود آهي، جنهن عيسا کان چار سئو سال اڳ چيو ته “چونڊ ڄم (Selective breeding) سان سٺا نسل پيدا ڪري سگهجن ٿا.”
چونڊ ڄم مان مراد مذڪر ۽ مونث ساهوارن وچ ۾ هٿرادو تجرباتي ميلاپ وسيلي اهڙو پيوند (Hybrid) حاصل ڪجي جيڪو پنهنجن اصلوڪن کان سٺو ۽ ڪارآمد هجي. ارتقا ۾ اهڙو عمل فطري چونڊ (Natural Selection) وسيلي پڻ جاري رهي ٿو. ڊارون جي 1859ع ۾ لکيل ڪتاب نوع جو نسب (The origin of species) ۾ فطري چونڊ موجب اهو عمل نسل درنسل جاري رهي ٿو. اهو عمل هٿرادو نه، پر قدرتي آهي جنهن ۾ نسل ماحول سان مطابقت ۾ ٺهڪندڙ شين سان جوڙ ڪري بهتر صورت ۾ نروار ٿئي ٿو.(4) فطري چونڊ جو ٻيو مثال جنس جي چونڊ (Sexual Selection) پڻ آهي. جنس جي چونڊ جو مدار مذڪر يا مونث جي جنسي ڪشش تي آهي. فطري طور هڪ مادي وڻندڙ نر مان متاثر ٿئي ٿي.(5)
جيئن مينهن جي موسم ۾ ڏيڏر ڪٺا ٿي “ٽان ٽان” ڪن ٿا، مادي گهڻو ڪري ان کان متاثر ٿئي ٿي، جنهن جو آواز وڌيڪ گونجندڙ ۽ گهرو آهي، انڪري اهڙو ڏيڏر جنهن جو آواز سڀني کان ڳرو آهي، اهو هڪ ئي وقت ڪيترين ئي مادين کي دام ۾ ڦاسائي وجهي ٿو. جڏهن ته گهٽ آواز وارن ڏيڏرن جو نسل وقت سان فنا ٿي وڃي ٿو.(6) نر ۽ مادين کي هڪ ٻئي جي ويجهو اچڻ جو جستجوءَ ۾ فطرت ارتقائي طور انهن کي سنواري ۽ سينگاري ٿي جيئن هڪٻئي کي متاثر ڪري سگهن. هڪ مور جا کنڀ ماديءَ کان وڏا آهن. فطرت اهڙيءَ طرح نر پکين کي پرڪشش بنائڻ لاءِ وڌيڪ سگهارو ۽ گهاٽن کنڀن سان رعبدار بنايو آهي. جڏهن مور کنڀ کنڊيري ماديءَ سامهون بيهي ٿو ته مادي اهڙي مور مان وڌيڪ متاثر ٿئي ٿي جنهن جي کنڀن تي گهرا، گهاٽا ۽ گهڻا نشان آهن. جڏهن ته اها اهڙن نرن کان متاثر نه ٿي ٿئي جن جي پرن جا نشان اوڌا ۽ ڇڊا آهن. ائين سهڻي نر پکيءَ جي هڪ هٽي (Monopoly) قائم ٿئي ٿي ۽ ان جو نسل اڳتي هلي ٿو. ساڳيو معيار هڪ نر وٽ ماديءَ جي ڪشش جو آهي.(7)
رونالڊ فشر جي 1930ع ۾ پيش ڪيل هڪ مفروضي Sexy son hypothesis موجب عورت ان وقت سهڻي نظر اچي ٿي، جڏهن ان ۾ ايسٽروجن (Estrogen) هارمون جي ستهه وڌي وڃي ٿي ۽ مرد ان وقت پرڪشش ٿي وڃي ٿو، جڏهن سندس ٽيسٽو اسٽيران (Testosterone) هارمون جي سطح وڌيل آهي. جڏهن ته ڪي حياتيات جا ماهر اهڙي خيال سان متفق نه آهن.(8)
پکين ۽ گلن جا مختلف رنگ جنسي چونڊ جو نتيجو آهن، فطرت پاڻ سٺي تخم (Eugene) لاءِ موقعا فراهم ڪري ٿي.
فطري چونڊ (Natural Selection) ساهواري لاءِ کليل آزادي آهي ته اهو ماحول سان مطابقت ۾ پاڻ کي موافق ڪري، ارتقا جي آزاد ماحول کي ريتن رسمن ۽ رواجن ۾ قيد ڪري جيڪڏهن فطري چونڊ جو موقعو فراهم نه ٿو ڪيو وڃي ته تخمن جو بگاڙ نسل در نسل جاري رهي ٿو. جيئن جاندار فطري تبديليءَ وسيلي مماثلت (Camouflage) حاصل ڪري ماحول جي روپ ۾ رنگجي وڃي ٿو. ائين ان کي جنس جي چونڊ (Sexual Selection) جي به آزادي هجڻ گهرجي. انسان قبيلي ۽ ڪٽنب جو حصو بنجي اهڙي موقعي کان محروم رهي ٿو، ائين بيڪار نسلن جو بيٺل پاڻي ڪٺو ٿي وڃي ٿو. اهڙي معاشري ۾ ڪا به ذهني ترقي نه ٿي ٿئي. مجموعن جا مڙهيل فيصلا انسان جي انفراديت کي ختم ڪري ارتقا جو دڳ روڪين ٿا. معاشري جا اهڙا ناٿتائي رويا فطرت سان بغاوت آهن. جيئن جانورن، ٻوٽن ۽ پکين کي جنس جي چونڊ جي آزادي حاصل آهي، انسان کي به اهڙي آزادي هجڻ گهرجي. جيڪڏهن قبائلي ۽ ذاتياتي پابنديون ختم نه ٿيون ته نسل ناٿتائي انداز اختيار ڪري وڌيڪ بگڙيل صورت ۾ نروار ٿيندا.(9)
1937ع ۾ فريڊرڪ اوسبارن، پنهنجي مقالي “سٺي تخم جي پرورش” ۾ اهو نظريو ڏنو ته هٿرادو تخم وسيلي سٺين جنسن سان سٺا نسل پيدا ڪيا وڃن، اهڙن ئي خيالن ڪري ويهين صديءَ جي شروعاتي دور ۾ نسل پرستيءَ جو رواج پيو. اها انگلينڊ کان شروع ٿي پوءِ آمريڪا ۽ ڪينيڍا تائين ڦهلجي وئي. ان نظريي کي سياسي طور قبول ڪيو ويو ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ رائج رهيو. اهڙا فرد جن جو آءِ، ڪيو (IQ) گهٽ هيو، ڏوهن ۾ ملوث هيا، اپاهج ۽ پيدائشي نقص هيا ۽ اقليتن ۾ هيا، انهن کي خصي (Sterile) ڪيو ويو. شادين تي بندش هنئي وئي ۽ ماريو ويو. انهن جي ڀيٽ ۾ جيڪي هوشيار، سگهارا، چست ۽ سياسي ڍانچي ۾ فِٽ هيا انهن جي نسلي حوصلا افرائي ڪئي وئي. ٻئي جنگ عظيم ۾ نازي جرمني ان جو مثال آهي. اهڙن المين کانپوءِ انساني حقن جي تنظيم جي احتجاج سبب گهڻن ملڪن ۾ انهن پروگرامن کي ختم ڪيو ويو پر آمريڪا ۾ اڄ به زوري نس بندي نافذ آهي.(10)
1985ع کان سڌريل ملڪن ۾ ڪجهه عورتون شادي شدا جوڙن لاءِ اهم ڪم ڪن ٿيون ته ماءُ جي جاءِ تي، ماءُ ۽ پيءَ جا جزا کڻي ان متبادل عورت کي حاملا (Pregnant)ڪيو وڃي ٿو ۽ ٻار جي پيدائش کانپوءِ اها اجورو وٺي، ٻار حوالي ڪري هلي وڃي ٿي. ان کي سروگيسي (Surrogacy) چيو وڃي ٿو.(11)
ڳڀرجڻ کان اڳ توليد جي شناخت (Preimplantation genetic diagnosis) اهڙي ٽيڪنالاجي آهي، جنهن وسيلي ڳڀرجڻ (Fertilization) کان اڳ آنياري (Ovum) جو تخميائي (Genetic) تجزيو ڪري اهو معلوم ڪيو وڃي ٿو ته ان اندر ڪو نقص ته نه آهي؟ نقص جي صورت ۾ ان کي ضايع ڪيو وڃي ٿو جيئن بيڪار نسل پيدا نه ٿي سگهي. جڏهن ته نقص کان پاڪ آنياري کي ڳڀرجڻ جي اجازت ڏني وڃي ٿي.
مائٽو ڪونڊريل علاج وسيلي ماءُ جي آنياري جي جيو گهرڙي اندر موجود مائٽو ڪونڊران (Mitochondron) ۾ ڊي، اين، اي کي ان صورت ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو جڏهن ان ۾ خامي هجي. ان حالت ۾ ڪنهن ٻئي صحتمند عورت جي مائٽو ڪونڊران مان ڊي، اين، اي ڪڍي ان ۾ وڌو ويندو آهي، جيئن عورت جو متاثر توليد نئين ڪوڊ سان صحتمند ٿي سٺي ٻار کي جنم ڏئي سگهي.(12)
ياد رکڻ گهرجي ته جيئن گهرڙي (Cell) جي مرڪز ۾ ڊي، اي، اي آهي، ائين جيوگهرڙي جي عضويات (Organelles) جنهن مان مائٽوڪونڊران هڪ آهي، ان ۾ وري الڳ ڊي، اين، اي آهي. اهو مائٽوڪونڊران، جيوگهرڙي اندر هڪ الڳ جيو گهرڙي جي حيثيت رکي ٿو. ان عضويات جي اهميت انڪري آهي جو ارتقائي طور ساهواري جي جيو گهرڙي اندر هڪ جراثيم پنهنجو گهر ڪيو هيو. اهو جراثيم مائٽوڪونڊران آهي ۽ ان جراثيم ڪري ئي جيو گهرڙي ارتقائي منزلون طي ڪيون هيون.
سروگيسي، آنياري جي شناخت ۽ مائٽوڪونڊريل علاج وسيلي بيمارين کان پاڪ سٺا نسل ته پيدا ڪري سگهبا. پر اهڙي عمل سان دنيا ۾ صرف امير ماڻهو رهجي ويندا. غريب جن وٽ اهڙن وسيلن لاءِ پئسو نه آهي، اهي دنيا جي ڊڪ ۾ پوئتي رهجي ويندا، امير ۽ غريب جو فرق وڌي ويندو.
ڪائنات جي تاريخ ۾ انسان جيئن باشعور ٿيندو ويو، تيئن مفروضياتي فلسفي، ڪيميا ۽ طب جو موجد ٿي، تجرباتي سائنس جي نتيجن سان ان حد تي پهتو آهي جو جنهن فطرت کي هو نسل در نسل سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو آيو آهي، هاڻي ان فطرت جي ڪتاب ۾ کيس هر صفحي تي پروف جون غلطيون نظر اچن ٿيون. هن پروف جون غلطيون درست ڪندي ان ڪتاب جي جملن جون معنائون ڦيرائي وڌيون آهن، ٿي سگهي ٿو بظاهر فطرت جو رهجي ويل اهڙو نقص ارتقائي درستگي هجي ۽ انسان پاران ڪنهن غلطفهميءَ ۾ ان جو سڌارو غير ارتقائي غلط نتيجي جي صورت ۾ ظاهر ٿئي.
فريڊرڪ اوسبان جو نظريو جيڪو فطرت کان اهو حق کسي ٿو ته اپاهجن ۽ معذورن کي به ساڳيا حق حاصل هجن جيڪي هڪ تندرست کي آهن. فنا (Extinction) جو حق فطرت کي حاصل آهي. فطرت پاڻ ناموافق ساهوارن کي ارتقائي طور فنا سان همڪنار ڪري ٿي. انسان ناٿتائي ٿي فطرت جي ڪلهن تي سوار ٿيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
سٺن تخمن (Eugenies) جو تاريخي جائزو وٺبو ته افلاطون جو اهڙو خيال جنهن ۾ هن چيو “ميلاپ کان اڳ سٺي نسل جي پيدائش لاءِ ٺهڪندڙ جوڙن جي چونڊ ڪئي وڃي، اڄ به هڪڙو فطري طور قابل قبول خيال آهي. تخم (Gene) سان ڪا به هٿچراند ڪرڻ کانسواءِ سٺو نسل پيدا ڪري سگهجي ٿو.
سعودي عرب جهڙي ملڪ ۾ جتي تعليم جي کوٽ آهي، اتي ٿيليسيميا بيماريءَ کي انڪري ضابطي هيٺ آندو ويو آهي جو اتي شاديءَ کان اڳ مرد ۽ عورت جي جين چڪاس ڪئي وڃي ٿي ۽ جيڪڏهن انهن جي جين ۾ ان بيماريءَ جو نقص نه آهي ته پوءِ کين شاديءَ جي اجازت ڏني وڃي ٿي.
مان سعودي عرب جي وادالدواسير جي بيابان اندر هڪ خوبصورت شهر السليل جي اسپتال ۾ پئٿالوجسٽ رهيو آهيان، سعودي عرب ۾ اهو قانون آهي ته شاديءَ کان اڳ جوڙا رت وسيلي پنهنجي جين ٽيسٽ ڪرائين. ٻارن جون پيدائشي بيماريون والدين جي ڊي، اين، اي ۾ موجود هونديون آهن. جيڪڏهن اها بيماري زال ۽ مڙس ٻنهي جي جين ۾ هوندي ته اولاد ۾ پڪ سان ظاهر ٿيندي. اهڙي چونڊ سان معاشري مان اها بيماري پنهنجو پاڻ ختم ٿي ويندي. ايران کان وٺي ويندي سعودي عرب تائين ڪيترن اسلامي ملڪن ۾ شاديءَ کان اڳ چڪاس (Premarriage test) ذريعي ٿيليسيميا مرض جو خاتمو ڪيو ويو آهي پر اسان جيڪي پاڻ کي ايٽمي طاقت سمجهون ٿا اتي ٿيليسيميا جي مرض کي ختم ڪرڻ جو اهڙو ڪو به پروگرام نه آهي.
ٿيليسيميا اهڙو مرض آهي جنهن ۾ ڄمندڙ ٻار جي رت ۾ موجود ڳاڙهن جيو گهرڙن (Red blood cells) ۾ پيدائشي نقص ٿئي ٿو. ان نقص ڪري رت جي ڳاڙهن جزن اندر هيمو گلوبن جو مقدار گهٽ ۽ ڪوالٽيءَ جي لحاظ کان صحتمند هيمو گلوبن جهڙو نه ٿئي ٿو، جنهن ڪري ڦڦڙن کان جسم جي ٻين حصن ڏانهن انهن جي آڪيسجن پهچائڻ جي سگهه اها نه ٿي رهي جيڪا جسم کي صحتمند رکڻ لاءِ گهربل هوندي آهي.
سٺن نسلن جي افزائش جو پهريون قانون 516ع ۾ منظور ٿيو، جيڪو عيسائي مذهب جو قانون هيو، اهڙو قانون جنهن کي اگڊي ڪائونسل (Council of Agde) نافذ ڪيو، ان موجب سوٽن جي وچ ۾ شاديءَ تي بندش وڌي وئي. اگڊي جيڪو بحر اوقيانوس (Mediterranian) سمنڊ ڪناري وسگوٿڪ سلطنت (Visisgothic kingdom) جو علائقو هيو ۽ هاڻي فرانس ۾ شامل آهي. اتي ڪڏهن رومن حڪومت هئي ۽ اهڙو قانون چرچ جي پنجٽيهه مها پادرين (Bishops) رائج ڪيو.(13)
وليم گڊيل (1894ع-1829ع) اهڙي قانون جي وڪالت ڪئي جنهن ۾ سٺي نسل جي پيدائش لاءِ گهٽ عقل وارن مردن کي خصي (Castration) ڪيو وڃي ۽ ساڳي ريت عورتن جي ٻچيدانين کي ڪڍي سنڍ (Spaying) ڪيو وڃي، جيئن گهٽ ذهن وارا ٻار پيدا نه ٿي سگهن.(14)
ويهين صديءَ جي شروع ۾ اهڙو قانون آمريڪا ۽ يورپ جي ڪيترن ملڪن ۾ نافذرهيو، پر پوءِ حقن جي تنظيم ان قانون خلاف آواز اٿاريو، چيو ته “سٺي نسل پيدا ڪرڻ جا طريقا انسانن کي ناس (Genocide) ڪرڻ برابر آهن. اهڙن طريقن ۾ آنياري (Ovum) ۽ ڄڻيڻ (Embryo) جا تخمياتي تجزيا ۽ اهڙن تجزين کانپوءِ گرڀ جي اجازت، ڄم روڪ، شاديءَ جا اجازت ناما، زوريءَ خصي ۽ سنڍ ڪرڻ، زبردستي ٻار ڪيرائڻ ۽ پيدا ڪرائڻ، اهي سڀ انساني حقن جي لتاڙ آهن.
نازي جرمنيءَ ۾ شادي ڪرڻ کانسواءِ آرين جو نسل وڌائڻ لاءِ جوڙن کان زبردستي ٻار ڄڻايا ويندا هيا، جيئن آرين جو نسل وڌي سگهي. جڏهن ته ٻيا جن ۾ يهودي ۽ روماني (Romani) شامل هيا، انهن کي گهٽ درجي جو سمجهي خصي ڪيو ويندو هيو جيئن سندن نسل اڳتي هلي نه سگهي. رومانين جو تعلق اهڙن خانا بدوشن سان آهي جيڪي يورپ جي مختلف حصن ۾ آباد آهن.(15) رومانين جو بنيادي تعلق هندوستان سان آهي جن ۾ راجستان ۽ سنڌ جا خانا بدوش شامل آهن.(16)
هلندڙ دور ۾ انسانن جي چونڊ وسيلي سٺي تخم جي پيدائش بدران سٺي تخم ذريعي سٺن انسانن جي پيدائش ممڪن ٿي پئي آهي. جيئن تخم جي ترتيب (Genome editing). تخم جي ترتيب جديد دور ۾ تخم جي انجنئرنگ آهي، جنهن وسيلي جيو گهرڙي اندر موجود ڊي، اين، اي کي مرضيءَ مطابق ترتيب ((Editing ڏئي سگهجي ٿي. ان طريقي موجب جين ۾ هٿرادو طريقي ٻئي جين ملائي سگهجي ٿي. غير ضروري جين کي ڪٽي سگهجي ٿو، يا ان کي بدلائي سگهجي ٿو، بلڪل ائين جيئن ڪنهن رسالي يا اخبار جو ايڊيٽر مضمون مان چڪون ڪڍي ترتيب ڏيندو آهي، ائين انسان فطرت پاران گهڙيل ڊي، اين اي کي هڪ ايڊيٽر جيان جاچي جيڪڏهن ان ۾ چڪون هجن ته ڪڍي ٻاهر اڇلائي سگهي ٿو، جيڪڏهن لفظن جيان ڪا جين کٽيل هجي ته ان کي پُر ڪري سڌاري سگهجي ٿو ۽ سٽون هيٺ مٿي هجن ته انهن کي ڦيرائي گهيرائي سگهي ٿو.
ڊي، اين اي کليل ڪتاب جيان سائنسدانن سامهون اچي چڪو آهي. انهن کي اهو اختيار حاصل ٿي ويو آهي ته فطرت جي غلطين جي اصلاح پنهنجن هٿن سان ڪري سگهن. ڊي، اين، اي جي اهڙي اصلاح سان انهن بيمارين جو خاتمو ممڪن آهي جيڪي پيدائشي صورت ۾ وڏڙن کان وراثت ۾ ملن ٿيون. تخم جي ترتيب، ڊي، اين، اي جي هٿرادو اصلاح آهي. ائين جيڪو سڌارو آيو آهي اهو نسلن جي حق ۾ آهي باقي وقت سان ان جا ڪهڙا نتيجا نڪرندا اها هن وقت ڪنهن کي خبر نه آهي.(17)
ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته تخم جي ترتيب يا درستگي (Editing) سائنس جي ڪينچيءَ جو فطرت جي سيني اندر دل ۾ پهريون ڇيد آهي. انسان فطرت کي آپريشن ٿيٽر ۾ ٽيبل تي بيهوش ڪري سمهاريو آهي ۽ ان جي چير ڦاڙ ڪري سندس ڳجهه ۾ هٿ وڌا آهن، فطرت ڪتيندڙ جي چرخي جي کوٿ آهي، ان جي بي ترتيبيءَ کي سلجهائڻ پاڻ کي الجهائڻ آهي. انسان پاڻ مان مطمئن نه آهي، اهو اطمينان ماڻڻ جي ڪوشش ۾ ناٿتائي ٿي پيو آهي، انسان جيڏو پاڻ کي کولي ٿو، تيڏو ئي کلندو وڃي ٿو. ظهور جي حد نه آهي، ماڻهو مظهر آهي، ان جي اظهار جا رستا ايڏا ته الجهيل آهن جو نظر ناڪافي آهي ته اها پيچيدگين جو مشاهدو ڪري ڪنهن حل تي متفق ٿئي. انسان آٿتا جي ڳولها ۾ ناٿتائي ٿي پيو آهي.
انسان فطرت کي پنهنجي قبضي هيٺ آڻڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهي، هو چاهي ٿو ته فطرت کي پنهنجي مرضيءَ مطابق استعمال ڪري ۽ ائين ارتقا جا رخ ضرورت موجب موڙي سگهي. اهو فطرت جو آٿتائي رخ ٿڏي ان جي ناٿتائي رخ ۾ جيئڻ چاهي ٿو. جيئن سڌي ارتقا (Direct evolution) جو محاورو. سائنس جون تيز ڌار شعاعون فطرت ۽ قدرت جي آر پار ٿي ان جو اندر جاچي، هاڻي اهو ذمو پاڻ کڻڻ چاهين ٿيون ته ارتقا جنهن جو فطري اثر ظاهر ٿيڻ ۾ لکين سال لڳي وڃن ٿا، ان ارتقا کي سڌو سنئون متاثر ڪري منٽن ۾ موڙي سگهجي، اهڙي عمل کي تجرباتي ارتقا (Experimental evolution) جو نالو ڏنو ويو آهي. سائنسدانن اهڙي عمل کي ناقابل يقين ڪاميابي (Holy Grail) قرار ڏنو آهي. جيڪا انسان ذات جي وسيع سڌاري (Transhumanism) ڏي وٺي ويندي.(18)
لفظ هولي گريل (Holy Grail) اصل ۾ حضرت عيسا جي ان استعمال ڪيل پيالي ڏانهن اشارو آهي جيڪو ان مصلوب ٿيڻ کان هڪ رات اڳ پيئڻ استعمال ڪيو ۽ روايت آهي ته صليب تي ٽنگيل عيسا جو ٽمندڙ رت ان پيالي ۾ ڪريو.(19)
نٽشي چيو “خدا مري چڪو آهي، هاڻي انسان راڄ ڪندو.” سائنس نٽشي جي لفظن کي سچ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهي، انسان هڪ گهڙيءَ ۾ گهڻو ڪجهه ڏسڻ جو خواهشمند آهي. انتظار عاشق جو دشمن ۽ وقت جو دوست آهي.
نٽشي جي فلاسافيءَ کي سائنس جو روپ ڏيندي، وسيع انسان (Transhuman) ڏي وڌندڙ کوجنا جي وکن کي ڳڻيندي جولين ساولسيڪيو چوي ٿو. “انسان ذات اڄ ڏينهن تائين ارتقا جي محتاج هئي. اسان هاڻي ارتقا بابت نئين دور ۾ داخل ٿي رهيا آهيون، جتي انسان پنهنجي قسمت جا مالڪ پاڻ هوندا. طاقت جي توازن رخ ڦيرائي وڌو آهي. پهريون اهو فطرت وٽ هيو ۽ هاڻي انسان ان طاقت جو مالڪ آهي.”
يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا، لاس ايجنلز جي حياتياتي طبعدان گريگري اسٽاڪ موجب “انسانذات پنهنجي ٻالڪپڻ مان نڪري هاڻي نوجوانيءَ طرف وڌي رهي آهي ۽ ان جي سگهه اسان جي پهچ کان پري اڳتي نڪري چڪي آهي.”
اينڊريو اسڪلينڊ، وسيع انسان (Transhuman) تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته ارتقا هڪ قدرتي ۽ فطري لقاءُ آهي، جيڪو صدين تي ڦهليل (Ateleogical) آهي. اهڙي لقاءَ کي پنهنجي مرضيءَ موجب ڦيري منزل تي پهچائڻ يا نتيجا ڪڍڻ (Teleological) فطرت سان بغاوت آهي.
وسيع انسان (Transhuman). انسان (Human) ۽ انسان پڄاڻان (Posthuman) جي وچ واري حيثيت آهي. وسيع انسان جنهن جي شڪل ۽ صورت ته بلڪل انسان جهڙي هوندي پر ان جي قابليت انسان کان بهتر هوندي، اهو تمام ذهين هوندو، باخبر هوندو ۽ وٽس سگهه ۽ پائيداري هوندي، وسيع انسان جين جي ڦير يا علاج سان حاصل ڪري سگهبا.(20)
پيءَ ۽ ماءُ کي اهو حق حاصل آهي ته اهي گرڀ ۾ موجود آنياري (Ovum) جي جاچ ڪرائي ان کي پيدائشي نقص کان آجو ڪرائي سگهن ۽ چاهين ته تخمي علاج (Genotherapy) وسيلي اهڙي آنياريءَ مان پيدا ٿيندڙ ٻار کي وڌيڪ سهڻو، هوشيار ۽ ڏاهي بنائڻ جو جين پيوند (Graft) ڪرائين.
وسيع انسان کي منظر عام تي آڻڻ لاءِ تياريون مڪمل آهن ۽ ان تي ڪنهن حد تائين عمل به ٿي رهيو آهي. اهڙي سائنسي جرئت کي تنقيد جو نشانو به بنايو ويو آهي ته “فطرت جي اصولن خلاف ڪم جا نتيجا چڱا نه نڪرندا.”
آمريڪن ميڊيڪل ايسوسيئيشن جي چوڻ موجب “جين سان هٿ چراند ان صورت ۾ ڪئي وڃي جڏهن ان جي اشد ضرورت محسوس ڪئي وڃي، جين ٽيڪنالوجيءَ کي صرف پئسي وارن تائين محدود نه رکيو وڃي، پر اهڙو رستو ڳولهيو وڃي جيئن عام ماڻهو به ان پهچ ۾ شامل ٿي سگهي. جين جو علاج هڪ حد تائين محدود هجڻ گهرجي.”
جين وسيلي علاج سڀ کان پهريون 1980ع ۾ ڪيو ويو جيڪو مارٽن ڪلائن سرانجام ڏنو، پر حقيقي ڪاميابي 1989ع ۾ حاصل ٿي، جنهن کي نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ مڃتا ڏني. اهو علاج گرڀ وتي عورتن تي آزمايو ويو. ان پروگرام ۾ اهڙن مريضن کي شامل ڪيو ويو جن ۾ انهن جي اينزائيم سرشتي ۾ پيدائشي نقص ڪيا ۽ ان اينزائيم جي کوٽ سبب جسماني بيماريون هيون.(21)
جين جي علاج ۾ گهربل نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ يا وسيع انسان جي حاصلات لاءِ، جيو گهرڙي اندر مرڪز ۾ ڪروموسومز جي ڊي، اين، اي سان هٿ چراند ڪئي وڃي ٿي. ان جو طريقيڪار اهو آهي ته وائرس ۽ جراثيمن جي ڪروموسومز مان گهربل ڊي، اين، اي ڪڍي خاص مرڪزي اينزائيم (Nuclease) جي مدد سان انساني ڊي، اين، اي ۾ پوند ڪيو وڃي ٿو.
اهو سڀ انهن مرڪزي اينزائيمز (Nucleases) جو ڪمال آهي، جيڪي پنهنجي خاص مخفين (Codes) وسيلي انساني ڊي، اين، اي کي ٽوڙي مخصوص ۽ گهربل جاءِ والارين ٿيون، ائين ڊي، اين، اي جي تبديلي بيمار جيو گهرڙن کي صحتمند بنائي ٿي، انهن کي مرڪزي اينزائيمز جذياتي ڪينچيون (Molecular Scissors) پڻ چيو وڃي ٿو، ڇو جو اهي ڪينچيءَ جيان ڪم ڪري ڊي، اين، اي کي خاص هنڌن تان ڪٽي يا ته ڦٽو ڪن ٿيون يا جڳهه ٺاهين ٿيون ته جيئن مرڪزي اينزائيمز اها خالي جاءِ والاري سگهن. هن وقت بازار ۾ ڇهه سئو قسم جا اهڙا اينزائيمز مهيا آهن، جن کي خريد ڪري ڊي، اين، اي جي مرمت ڪرائي سگهجي ٿي.
هڪ اهڙو ئي اينزائيم جيڪو جينياتي انجنئرنگ وسيلي ترتيب ڏنل آهي، اهو سائنسدانن تازو متعارف ڪرايو آهي. ان کي CRISPR-cas چون ٿا. اهو اينزائيم جراثيمن جي مدافعتي (Immune) سرشتي مان کڻي ڊي ڪوڊ ڪري انجنيئرڊ ڪيو ويو آهي. جراثيمن جي مدافعتي سرشتي ۾ اهو اينزائيم کين وائرس جي حملي کان بچائي ٿو.(22) ياد رکڻ گهرجي ته هڪ ساهوارو جتي ٻئي ساهواري کي جيئڻ ۾ مدد ڏئي ٿو، اتي هڪ ساهوارو ٻئي ساهواري جي بيماريءَ جو سبب پڻ آهي، انسان، جانور، وڻ ٻوٽا، جراثيم ۽ وائرس هڪ ٻئي تي سٺا ۽ خراب اثر ڇڏين ٿا.
هڪ جراثيم تي وائرس حملو ڪري کيس بيمار ڪري ڇڏين ٿا. جراثيم ۽ وائرس ۾ فرق آهي. جراثيم مڪمل جيو گهرڙو آهي، جڏهن ته وائرس اڌ جيو گهرڙو. جيئن ڪي جراثيم انسان دوست (Symbiont) آهن، ائين ڪجهه وائرس جراثيمن اندر رهي جيئڻ جي سگهه پڻ فراهم ڪن ٿا. CRISPR-cas به جراثيمن جي اهڙي سرشتي مان حاصل ٿيل اينزائيم آهي جنهن کي استعمال ڪرڻ جا نتيجا ٻين جي مقابلي ۾ سٺا آهن.
ايم، ايف 2030، جيڪو هڪ پروفيسر جو نالو آهي، اهو مستقبل جي مطالعي (Futurology) جي مضمون جو دنيا ۾ پهريون پروفيسر هيو. ايم ايف (2000-1930ع) ايراني نزاد آمريڪي هيو، سندس پورو نالو فريدون اسفند يار هيو.
ان 1960ع ۾ وسيع انسان (Transhuman) جو نظريو پيش ڪيو. سائنسي ترقيءَ کي ذهن ۾ رکي مستقبل جي باري ۾ اها راءِ ڏني ته نئين ارتقا (New evolution) وسيلي اهڙي انسان جو ظهور ٿيندو جنهن جي جسماني ۽ ذهني قوت وڌيڪ هوندي. ان کي هٿرادو عضوا (Prostheses) لڳل هوندا. سرجريءَ وسيلي ان جو روپ ۽ جسم سڌاريل هوندو. رابطي ۾ هر هنڌ موجود هوندو. انسان جو روپ عالمي هوندو.
شڪلين ۾ تفاوت نه ڪري سگهبو، ماءُ ۽ پيءَ جا جزا کڻي ٻارن کي گرڀ کان ٻاهر جنميو ويندو. انسانن جي هڪجهڙائي مذهبي عقيدا ختم ڪري ڇڏيندي. رواج، رسمون، تهذيبون، زبانون، قومون، ذاتيون ۽ خانداني تعلقات ختم ٿي ويندا.(23)
انسان پڄاڻان (Post human) هڪ مفروضو آهي، جنهن تحت مستقبل جي انسان بابت اهي خدشا ظاهر ڪيا ويا آهن ته اهو انسانذات يا انسان بابت مقرر وصف جي معيار کان مٿانهون هوندو. اهو سائبرنيٽڪ (Cybernetic) ٿي ويندو.(24)
“سائبر” يوناني ٻوليءَ جو لفظ آهي، جيڪو سائيبرانو مان نڪتل آهي، جنهن جي معنا آهي ڪَلَ کي قابو ڪري هلائڻ (Navigation) يا دڳ لائڻ (Steer) يا حڪومت ڪرڻ ۽ تسلط ڄمائڻ (Govern). موجودا سائبرنيٽڪ ۾ ڪيترائي شعبا آهن.
علم الانسان، ارتقائي حياتيات، نيورو سائنس، مڪينيڪل، انجنئرنگ، برقي قاعدا ۽ ٻيا ڪيترائي علم ان جو حصو آهن.
1948ع ۾ نائبرو وينر، سائبرنيٽڪس کي ائين بيان ڪيو هيو ته اها اهڙي حڪمت آهي جنهن سان ساهوارن ۽ مشينن کي ڪنٽرول ڪيو وڃي.(25)
انسان پڄاڻان روبوٽ کان مختلف آهي. روبوٽ هڪ هٿرادو ڪَلَ يا مشين آهي. انسان پڄاڻان جو تصور مستقبل جو مشيني انداز ۾ بدليل انسان هوندو، جنهن ۾ هٿرادو حافظو، ياداشتون ۽ شعور جي ڊيٽا ڀريل هوندي. اهو سائبورگ (Cyborg) هوندو، جنهن ۾ ارباتي ٽيڪنولوجي (Nanotechnology) هوندي. (26)
ارباتي (Nano) معنا ڪنهن شيءِ جو ان کان هڪ ارب دفعا ننڍو حصو، اها ٽيڪنولوجي جنهن ۾ تمام ننڍن ذرن (Atomic) پررزن سان انسان اندر مرمت ڪري کيس ٺاهيو ويندو جو اهو انسان پڄاڻان (Post human) ۾ تبديل ٿي ويندو.
لفظ سائبورگ، مين فريڊ ۽ ناٿن 1960ع ۾ استعمال ڪيو. انهن موجب اهو روبوٽ نه هوندو پر اهي خصلتون هڪ جيئري انسان اندر موجود هونديون. هن وقت تائين اهڙو تصور صرف فلمي دنيا تائين محدود آهي پر اهو ممڪن آهي ته مستقبل ۾ انسان تيزيءَ سان تبديل ٿيندڙ ماحولياتي حالتن جو فطري ارتقا سان غير مفاهمت (Unadoptive) ٿي. انهن سائبورگ تبديلين سان مفاهمت ڪري وجهي ۽ جيئري رهڻ جي جدوجهد لاءِ پاڻ کي تيار ڪري سگهي جيئن حالتون هن لاءِ سازگار ٿي سگهن.
جيڪڏهن ائين ٿيندو ته اها انسان جي ناٿتائي (Nocebous) خواهش جي انتها هوندي.




References:

1. Greek world study tool.
“Eugenic”.
Medford , Massachusetts : Tufts university.2009. Retrieved 19 Oct: 2017.
2. Galton , Francis (1883).
“Inquiries into human facility and its development”.
London J.M Dent & Co.
3. Emson HE (April 1987)
“Health , disease and illness: matters for definition”.
CMAJ.136(8):811-13.
4. Haldane , J.B.S (December 1957).
“The cost of natural selection”.
Journal of Genetics.55(3):511-24.
5. Darwin , Charles ; A.R. Wallace (1858).
“On the tendency of species to form varieties and species by natural means of selection”.
Journal of the proceedings of the Linnean society of London. Zoology .3:46-50.
6. Lande , R (1981)
“Models of speciation by sexual selection on polygenic traits”.
PNAS.78(6):3721-25.
7. Hosken , David J ; House , Clarissa M, (January 2011).
“Sexual selection”.
Current biology. 21:62-65.
8. Kruskal , William H. (1980)
“The significance of fisher: A review of R.A Fisher. The life of scientist, by Joan Fisher Box” Journal of American statistical Association. 75:1019-30.
9. Planka , Eric R (November.1970)
“on r-and k-selection”.
The American naturalist. 104(940):592-97.
10. Barry Mehler,
“Eliminating the inferior; American and Nazi sterilization programs”:
science for the people (1987) p.14-18.
11. Golomboks, Murray C et al (May 2004).
“Famillies created through surrogacy arrangements : parent – child relationships in the first year of life”.
Developmental psychology. 40(3):400-11.
12. Handyside A.H et al (April 1990),
“Pregnancies from biopsied , human preimplantation embryos sexed by Y-specific DNA amplification”.
Nature. 344(6268)-768-70.
13. Todayl found out. Com , Mellissa.
“The science of marrying your cousins”.
Gizmodo. Retrieved 2017-08-13.
14. Goodell , william (1881-1882).
“Clinical notes on the extirpation of the ovaries for insanity”.
The American journal of insanity. Utica , New York : state Lunatic asylum. xxxvii. Retrieved 2 May 2015.
15. Michaelis , Meir (1972).
“A survey of the literature on Hitler’s plan of world dominition”.
Historical journal 15(2):331-60.
16. Sindhya N. Bhanoo (11 Dec:2012).
“Genomic study , traces Roma to Northern India”.
New York times.
17. Tan , WS. et al .(2012).
“Precision editing of large animal genome”.
Adv Gent. 80:37-97.
18. Bostrom , Nick (2005).
“A history of transhumanist thought”.
Journal of evolution and technology. Retrieved February 21-2006.
19. Merium – Webster.
“Definition holy grail”.
Retrieved December 18-2017.
20. Bostrom , Nick (2002-2005).
“The transhumanist FAQ”
world transhumanist Association. Archived from the original (PDF).
21. Rosenberg SA et al. (August 1990)
“ Gene transfer into human – immunotherapy of patients with advanced melanoma , using tumor infiltrating lymphocytes modified by retroviral gene transduction”.
The New England journal of Medicine. 323(9):570-78.
22. Zhang F – wen Y, Guo X (2014).
“CRISPR/cas 9 for genome editing : progress , implication and challenges”.
Human molecular genetics , 23(RI): R 40-46.
23. Chamberlain , Fred (2000).
“A tribute to FM. 2030”
(PDF). Alcor life extension foundation. Retrieved 2009-08-25.
24. Bredenoord , Annelian L et al (2010).
“Towards a post human diginity area”.
The American Journal of Bioethics.10(7):55-57.
25. Stuart umpleby (2008)
“Definitions of cybernetics”.
The larry Richards reader. 1997-2007-(PDF).p.9-11.
26. Nathan S. Kline , Manred E.Clynes (September 1960)
“Cyborg and space”.
Astronautics.

*