تاريخ، فلسفو ۽ سياست

نوسيبو

ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار رسول ميمڻ پاران سائنسي فلسفي تي لکيل ھڪ بھترين ڪتاب آھي. ممتاز بخاري ھڪ ھنڌ لکي ٿو:
”جيئن تہ رسول ميمڻ پيشور ڊاڪٽر رهيو آهي، ان ڪري زندگيءَ سان ٿيندڙ ڊاڪٽري واري فلسفي کي اپٽارڻ وارو فن وٽس ئي آهي، سندس ناول هجن يا ڪھاڻيون، اهي اڄ جي سنڌ سان لڳل ماضي ۽ حال جو نوحو بہ آهن تہ انهن ۾ حيات سان هجڻ ۽ رهڻ جي ڀرپور منطقي سوچ بہ سلهاڙيل آهي، رسول ميمڻ جون سموريون ڪهاڻيون خالي امڪان ۽ مڪان جي ڳالهه نہ ٿيون ڪن پر انهن ۾ توهان ”هجڻ“ واري فلسفي کي بہ پرجهي سگهو ٿا.“
  • 4.5/5.0
  • 2267
  • 508
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رسول ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نوسيبو

روڊ ماسٽر

اوڻويهه سو ستهٺ، سکر شهر ۾ ٻه عيدون ٿيون، رمضان کانپوءِ هڪڙن هڪ ڏينهن عيد ڪئي ته ٻين ٻئي ڏينهن.
ان جو سبب سانوڻ جو جهڙ نه هيو. اهو سچ آهي ته پندرهن ڏينهن مسلسل مينهن وسيو هيو ۽ آسمان صاف ئي نه پئي ٿيو. ائين پئي لڳو ڄڻ قدرت آسمان کي جهڙيالو رنگ ڪيو هجي، ان رنگ هيٺان سڀ عڪس دٻجي ويا هجن. نه سج هجي، نه چنڊ هجي، نه ستارا هجن ۽ نه آسمان هجي جنهن ڏي ڪنڌ کڻي التجا ڪجي ته “سخي مينهن گهڻو ٿيو هاڻي معاف ڪر.”
هونئن جملو معاف ڪر فقيرن کي چيو ويندو آهي پر سخاوت گهڻي ٿي وڃي ته پوءِ فقير سخيءَ کان معافي وٺندا آهن.
ان سال سکر ۾ ڪيل ٻن عيدن پويان چنڊ مسئلو نه هيو. ٻن عيدن جو سبب “روڊ ماسٽر” هيو. روڊ ماسٽر فقير هيو جيڪو ڪپڙا نه پائيندو هيو، پر جسم کي رستي تان لڌل اڳڙين سان ڍڪيندو هيو. ان جي جسم تي چيلهه کان هيٺ مختلف رنگن جون اڳڙيون لڙڪيل هونديون هيون، جڏهن ڌمال تي گول ڦري نچندو هيو ته اڳڙيون هوا ۾ اڏامنديون هيون پر سندس اوگهڙ ظاهر نه ٿيندي هئي.
چوندا هيا “مٿان ماڻهو آهي ۽ هيٺ فرشتو”
اهو ئي سبب هيو جو کيس گهر ٻار نه هيو، ڇو جو تاريخ ۾ ڪڏهن ڪو فرشتو حور جو عاشق نه ٿيو آهي.
هاڻي جتي مدرسو آهي اتي ڪڏهن ڍورن جي اسپتال هئي. جيلاني هوٽل کان گهٽيءَ اندر رستو ويندو هيو ۽ اسپتال ٻاهران گهٽيءَ جي پاسي گاري جهڙين ميرين چادرن سان ڍڪيل هڪ جهوپڙي هئي. اها جهوپڙي ان فقير جو مسڪن هئي. جهوپڙيءَ اڳيان ناد رکيل هوندو هيو ۽ ان جا ٻه ڏونڪا مٿان ٽنگيل تار ۾ ائين لڙڪندا هيا جيئن اکين مان وهيل ڳوڙها هيٺ ڪرڻ لئي بي تاب هجن. ماڻهو کيس روڊ ماسٽر انڪري چوندا هيا جو هو جڏهن روڊ تي هلندو هيو ته هڪ وک اڳتي کڻندو هيو ۽ ٻه وکون پوئتي. ائين اهو اڳتي هلڻ بجاءِ پوئتي ٿيندو ويندو هيو، جنهن ڪري هو منزل کي پٺي ڏئي هلندو هيو ۽ منزل تي پهچي ويندو هو.
ماڻهن جو ان فقير ۾ ويساهه هيو، اعتماد هيو، ڀروسو هيو، ڇو جو اهو فقير چنڊ جو عاشق هيو. ماڻهو مايوس ٿي چنڊ سان عشق ڪندا آهن. مايوسيءَ جو سبب بيوفائي هوندي آهي. انسان بيوفا آهي. چنڊ بيوفا نه آهي. چنڊ صدين کان پنهنجي وقت تي پهچي ويندو آهي. انسان وقت ڏئي، وقت مٽائي ويندو آهي. چنڊ سان فقير جو عشق ڏسي، ماڻهو کيس “بابا چنڊ” به چوندا هيا. اهو فقير چنڊ ڏسي نچندو هيو ۽ شيدي بادشاهه جي درگاهه جو مجاور “علائو” قسم کڻي چوندو هيو ته “چنڊ نڪري ئي انڪري ٿو جو فقير جو ناچ ڏسي، فقير نه نچي ته چنڊ نه نڪري.”
تن ڏينهن سکر شهر سناٽي ۾ ٻڌل هوندو هيو، سانوڻ جي مند ۾ ڀرسان وهندڙ سنڌوءَ جي گاج شينهن جا ڇرڪ ڪڍندي هئي. ماڻهو سوير سمهندا ۽ سوير اٿندا هيا. صبح ائين هوندو هيو جيئن خماريل نيرا نيڻ ۽ سانجهي جيئن محبوب جي مٺ ۾ ساهه، اداس سانورو رنگ، روئيندڙ ماٺ، سڏڪندڙ سانت.
گهنٽا گهر جا گهنڊ مئا ڪونه هيا. ان جي ڪانٽن تي ڏينهن پنهنجي چال درست ڪندو هيو. اهي وقت جا پڪا هيا. ڏينهن هجي يا رات، هر ڪلاڪ کانپوءِ ائين وڄندا هيا جيئن سمهڻ سکيا ئي نه هجن. هڪ کان ٻارنهن ۽ وري ٻارنهن کان هڪ. پنهنجي چال سان پيا دنيا کي اڳتي پوئتي ڪندا هيا.
سج لٿي مهم ڍورن جي اسپتال اڳيان جهوپڙيءَ ۾ ڌمال وڄندي هئي ۽ فقير رقص ڪندو هيو. چنڊ اڀرندو هيو ۽ آسمان مان هيٺ ڏسندو، سرڪندو، ڍرڪندو منزل طرف راهي ٿيندو هيو.
اها ڌمال مجاور علائو وڄائيندو هيو، ڏونڪن کي هٿن ۾ جهلي ڌمال تي ائين وسائيندو هيو جو ڌمال جي مئل دل جيئري ٿي پوندي هئي ۽ ائين تيز ڌڙڪندي هئي جيئن مومن جي من ۾ گناهه جاڳي پيو هجي. سکر شهر جا ماڻهو ڌمال جو آواز گهرن ۾ ٻڌندا هيا ۽ اندازو لڳائيندا هيا ته ڪهڙي تاريخ جو چنڊ نڪتو آهي، چوڏهينءَ رات ڌمال ۽ رقص جو عروج هوندو هيو. ڌمال ائين گونجندي هئي جو چوڏهينءَ جي چانڊوڪيءَ ۾ لهرون پيدا ٿينديون هيون. فقير گول ڦري رقص ڪندو هيو ۽ ان جي ٻڌل اڳڙين مان رنگ برنگي روشنيون اڏامي پري وڃي ڪرنديون هيون. چوڏهين کانپوءِ ڌمال جو آواز هلڪو ٿيندو اوڻٽهينءَ تي ائين پهچندو هيو جيئن رات جو ساهه نڪرڻ وارو هجي ۽ پوءِ چنڊ جي پهرينءَ سان آواز اڀرندو چوڏهينءَ ڏي ائين وڌندو هيو جيئن ڪو بيماريءَ جي بستري تان اٿي کڙو ٿيو هجي.
شهر جي ماڻهن چنڊ ڏسڻ ڇڏي ڏنو هيو. عيد هجي، برات هجي، محرم هجي، چهلم هجي، اهي گهر ويٺي ڌمال جي آواز مان اندازو لڳائي ويندا هيا ته اڄ چنڊ جي ڪهڙي تاريخ آهي.
چنڊ ڪميٽيون ڪونه هيون، ريڊيا ڪوڙ ڳالهائيندا هيا. مهانگا هيا. پئسي وارن جي گهرن ۾ هيا. سچ افواهن ۾ هوندو هيو.
ماڻهن جو عقيدو هيو ته ان جي ڌمال سچي آهي. ڌمال جي آواز ۾ لفظ آهن ۽ اها گفتگو ڪري ٿي. ٻڌائي ٿي ته چنڊ جا ڪهڙا حال آهن؟ رات جي رفتار ڇا آهي؟
اهو اوڻويهه سوَ ستهٺ جو سانوڻ هيو. جڏهن رمضان جا روزا پڄاڻيءَ تي پهچڻ وارا هيا. اوچتو آسمان صاف ٿي ويو. ماڻهن انڪري شڪر نه ڪيو ته کين چنڊ آسانيءَ سان نظر ايندو. پر اهو سوچي ٿڌو ساهه کنيو ته عيد ڏينهن کين گهرن کان ٻاهر نڪرڻ جو موقعو ملندو ۽ اهي ملي جلي سگهندا. عيد جي چنڊ جو فڪر انڪري نه هيو جو کين پڪ هئي ته فقير جي ڌمال جو آواز اهڙو اطلاع ڏيندو جيڪو اهي سالن کان ٻڌندا آيا آهن.
ان سال روزا گذري ويا پر ڌمال نه وڳي، ماڻهن ڪوٺن تي چڙهي، ميدانن ۾ بيهي مٿي کليل آسمان ۾ نهاريو، کين چنڊ نظر نه آيو، سڀ حيرت ۾ پئجي ويا، سوچڻ لڳا ته روزا پورا ٿي چڪا آهن آخر چنڊ آسمان ۾ ڇو نه نڪتو آهي؟ ان سال اڌ شهر عيد ڪئي ۽ اڌ شهر انڪري عيد نه ڪئي جو چنڊ نظر نه آيو.
جيلاني هوٽل واري گهٽيءَ اندر ڍورن جي اسپتال ٻاهران جهوپڙيءَ ۾ فقير مري چڪو هيو، مجاور علائو ان مٿان روئي رهيو هيو.
ماڻهو پڇڻ آيا “رات چنڊ نه نڪتو؟ ڌمال نه وڳي؟”
علائوءَ آليون اکيون کڻي ڏکويل آواز ۾ چيو:
“چنڊ ڪيئن نڪرندو، رات فقير گذاري ويو.”