تاريخ، فلسفو ۽ سياست

نوسيبو

ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار رسول ميمڻ پاران سائنسي فلسفي تي لکيل ھڪ بھترين ڪتاب آھي. ممتاز بخاري ھڪ ھنڌ لکي ٿو:
”جيئن تہ رسول ميمڻ پيشور ڊاڪٽر رهيو آهي، ان ڪري زندگيءَ سان ٿيندڙ ڊاڪٽري واري فلسفي کي اپٽارڻ وارو فن وٽس ئي آهي، سندس ناول هجن يا ڪھاڻيون، اهي اڄ جي سنڌ سان لڳل ماضي ۽ حال جو نوحو بہ آهن تہ انهن ۾ حيات سان هجڻ ۽ رهڻ جي ڀرپور منطقي سوچ بہ سلهاڙيل آهي، رسول ميمڻ جون سموريون ڪهاڻيون خالي امڪان ۽ مڪان جي ڳالهه نہ ٿيون ڪن پر انهن ۾ توهان ”هجڻ“ واري فلسفي کي بہ پرجهي سگهو ٿا.“
  • 4.5/5.0
  • 2268
  • 508
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رسول ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نوسيبو

ڪارو جادو ۽ ناٿتا (Black magic and Nocebo)

رواجي طور ڪارو جادو برائين جي ماورائي (Supernatural) سگهه آهي (1)
جيڪڏهن سڄي ۽ کٻي هٿ واري راهه جي سوچ کي ذهن ۾ رکبو ته جادو ٻن قسمن ۾ ورهايل آهي. کٻي هٿ وارو ڪارو جادو ۽ سڄي هٿ وارو اڇو جادو.(2)
کٻي ۽ سڄي هٿ واري راهه (Left hand path and right hand path) اولهه جي لغت ۾ جادوءَ کي بيان ڪرڻ جو ٻقسمي (Dichotomy) محاورو آهي، جنهن تحت جادو ڳجهو (Occult) ٿي سگهي ٿو يا بظاهر تقريباتي (Ceremonial)(3)
ڳجهو جادو ڪارو جادو آهي ۽ بظاهر تقريباتي اڇو جادو.
هندستان جي تنتر (Tantra) يا منتر کي سڄي هٿ وارو اڇو جادو سمجهيو وڃي ٿو جيڪو گهڻو ڪري ماڻهن جي چڱائين لاءِ استعمال ٿئي ٿو ۽ روايتن کي ٽوڙيندڙ تدريد(Taboo) کي کٻي هٿ واري ڪاري جادوءَ ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو.(4)
تحديد (Taboo) اخلاقي طور معاشري ۾ منع ٿيل اهڙو عمل آهي، جنهن سان مروج روايتن جي ڀڃڪڙي ٿئي ٿي.(5)
سڄي ۽ کٻي هٿ واري راهه جو محاورو سڀ کان پهريون ميڊم بلاوسڪي (Balvatsky) استعمال ڪيو. اوڻويهين عيسوي صديءَ ۾ ان ٿيوسافيڪل سوسائٽيءَ جو بنياد وڌو. ان هندستان ۽ تبت جو دورو ڪيو، جتي سندس ڪيترن ئي ساڌن سان ملاقاتون ٿيون. اتي ان ساڌن کان اهڙا محاورا ٻڌا. کٻي هٿ واري راهه کي هنديءَ ۾ وماچر (Vamachra) چيو وڃي ٿو. اهي وماچر هندو مذهب جي ريتن رسمن خلاف تحديد (Taboo) واري زندگي گذاريندا هيا. عورتن سان غلط طريقي همبستري ڪندا هيا، شراب پيئدا هيا ۽ حرام گوشت کائيندا هيا. بلاوسڪي انهن جي اهڙي تحديد کي برائين سان ڀيٽ ڏني ۽ چيو ته “کٻي هٿ واري راهه بدڪاريءَ جو رستو آهي.”(6)
ساڳي محاوري کي سامهون رکي ڊيو ايوانس همجنسپرستن کي کٻي راهه وارا سڏيو ۽ رومن ڪيٿولڪ ۽ پروٽسٽنٽس کي کٻي ڄنگهه جي قدم وارا سڏيو.(7)
بائيبل ۾ پڻ ان محاوري جو ذڪر ملي ٿو.

“۽ انهن کي هڪ ٻئي کان الڳ ڪر،
جيئن ڌنار ٻڪرين ۽ رڍن کي الڳ ڪندو آهي.
اهو ٻڪرين کي سڄي پاسي،
۽ رڍن کي کاٻي پاسي ڪندو آهي.”
(ميٿيو (Mathew 25:32-33)

ڪاري جادوءَ جا ڪجهه مثال.
جيڪڏهن شخص جي نالي جي صحيح خبر آهي ته ان جي نالي جي اکرن تي ڪارو جادو ڪري نقصان پهچائي سگهجي ٿو.(8)
چيني عقيدي ٽائوزم موجب زندگي بقادار نه آهي، اها موت سان پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهچي ٿي، ان کي امر بنائڻ لاءِ ڪنهن تي ڪارو جادو ڪري، ماري ان جي حياتي پنهنجي کاتي ۾ شامل ڪري سگهجي ٿي.(9)
مُڙد حاضري (Necromancy) ڪاري جادوءَ جو اهڙو عمل آهي، جنهن سان مري ويلن کي حاضر ڪري سگهجي ٿو. ان عمل سان جتي مري ويلن جي انهن جي وارثن سان ملاقات ڪرائي سگهجي ٿي، اتي انهن کان مستقبل جي واقعن بابت ڄاڻ پڻ حاصل ڪري سگهجي ٿي.(10) ڪاري جادوءَ سان ڪنهن کي وبال (Curse) ذريعي آزاري سگهجي ٿو.
ڪاري جادوءَ کي شيطانگيري (Satanism) پڻ چيو ويو آهي. اهڙي عمل وسيلي عفريتن (Demons) کي قبضي ۾ ڪري، ڪنهن خلاف استعمال ڪري سگهجي ٿو. اهڙو عمل ڪندڙ کي سامري يا ساحري (Witchcraft) چيو وڃي ٿو.(11)
سن 1969ع ۾ شيطاني بائيبل (The Stanic bible) ۾ جان ڊيءَ جا مرتب ڪيل ڪارا جادو ڏنل آهن. ان ۾ اهڙا عمل بيان ٿيل آهن جن سان روحن ۽ فرشتن سان رابطي ۾ اچي سگهجي ٿو. اهڙن عملن کان متاثر ٿي اپنٽن ليويءَ “چرچ آف شيطان” نالي هڪ تنظيم ٺاهي. ان اهو چيو ته “شيطانزم روشن راهه وارو مذهب آهي. اهو جسماني مذهب آهي، مانوس ۽ دنياوي آهي. جنهن جو رهبر شيطان آهي ۽ اهو کٻي هٿ وارو مجسمو آهي.(12)
جيرالڊ گارڊ، (1964-1884ع) ان کي وڪا (Wicca) چيو وڃي ٿو. جنهن “نئي پيگان جدوجهد” نالي تنظيم جو بنياد وڌو. پيگان (Pagan) ان کي چئبو آهي، جنهن جو دين ابراهيمي يا وحدت ۾ ايمان نه هجي. دين ابراهيمي يا وحدت جي بنياد تي دنيا ۾ ٽي مذهب عمل پيرا آهن، جن ۾ اسلام، عيسائيت ۽ يهوديت شامل آهن.
گارڊنر پيگان هيو ۽ ان جو دين ابراهيميءَ ۾ ايمان نه هيو. ان پنهنجي مذهبي طريقي جو پرچار ڪيو، جنهن کي پيگان ساحري (Pagan witchcraft) چيو وڃي ٿو. گارڊنر جو گهڻو وقت انگلينڊ کان ٻاهر مليشيا ۽ سريلنڪا ۾ گذريو. هو قبرص ۾ پڻ ترسيو جتي ان ديوين جي آمد (Godess arrives) نالي ناول لکيو. هو هڪ رمزي (Occult) گروهه ۾ شامل ٿيو ۽ اعلان ڪيو ته هن ساحرين جي ان قبيلي کي ڳولهي ڪڍيو آهي جنهن کي نيو فاريسٽ ڪو ون (New forest coven) چيو وڃي ٿو ۽ جنهن قبيلي جو تذڪرو ان کان اڳ مارگريٽ مَري (Margarete Murray) (1963-1863ع) جيڪا اينگلو انڊين هئي. اها هڪ سئو سال جيئري رهي. ان مصر جي ممين تي ڪم ڪيو. پهرين جنگ عظيم جي ڏينهن ۾ هن ڏائڻين يا ساحرين جي قبيلي جو مفروضاتي ذڪر ڪيو. ان ٻڌايو ته “وڪا (Wicca) عيسا کان اڳ جو آهي. ان مذهب جو خدا سڱن وارو ڏاڙهيدار رب (Horned God) آهي ۽ اهو ئي خدا هيو جنهن کي هيرالڊ گاڊنر جي تنظيم نئي پگان جدوجهد جو خدا مڃيو وڃي ٿو.
جيرالڊگار ڊنر 1945ع ۾ ساحرن (Witcheraft) خلاف ان قانون جي سخت مخالفت ڪئي جيڪو جاڳرتا (Renaissance) جي ڏينهن ۾ 1736ع لاڳو ڪيو ويو هيو. جاڳرتا جي ڏينهن ۾ ڪاري جادوءَ ۽ ساحرن خلاف سخت قانون نافذ ڪري کين ماريو ۽ ساڙيو ويو هيو. اهڙي قانون هيٺ ڪيتريون ئي بي گناهه عورتون ڏائڻين ۽ ڪاري علم جي الزام هيٺ ساڙي ماريون ويون.
گارڊ نر کي “فادر آف وڪا” جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.(13)
ايلسٽر ڪرولي (1947-1875ع) انگريز جادوگر ۽ رمزي هيو، هو شاعر، ناول نگار، پينٽر ۽ ڪوهپيما پڻ هيو. ان ٿيليما (Thelema) نالي مذهب جو بنياد وڌو. ان مذهب جو بيان “ٿيلما جو پاڪ ڪتاب” ۾ موجود آهي. ان مذهب “وڪا” لاءِ بنياد فراهم ڪيو. اهو مذهب جديد پيگانزم، هيول (Chaos)، جادو ۽ شيطانزم جو پرچار ڪري ٿو.(14)
اهي يورپ جا ساحري عقيدا ۽ مذهب هيا جن جو ايمان روحاني طور ابراهيمي وحدت جي طريقن کان الڳ ۽ اندر جي لافاني قوتن جو دعويدار هيو. انهن جادوئي طريقن (Witchcrafts) سان انساني ڇوٽڪاري جي راهه ڳولهن جي ڪوشش ڪئي هئي. اهڙا عقيدا انهن جاڳرتا جي ڏينهن ۾ ڏائڻين ۽ ساحرين ڏانهن منسوب هيا.
رومن ڪيٿولڪ ڪليسيا بي دينيءَ خلاف مهم (Inquisition) هلائي جنهن جو آغاز يارهين عيسوي صدي ۾ فرانس اندر ٿيو. اهو ڪيٿارزم (Catharism) جي خلاف هيو. ڪيٿارزم عيسائيت خلاف جادوءَ جي ڄاڻ رکندڙ هڪ گروهه جي بغاوت هئي.(15)
جن ساحري ڏائڻين کي ان قانون تحت سزا ڏني وئي انهن تي الزام هيا ته پنهنجي قبضي ۾ ڪيل عفريتن (Demons) ۽ جنن ذريعي پنهنجن پاڙيسرين کي نقصان پهچايو آهي. انهن ڳجهين طاقتن وسيلي پوکون تباهه ڪيون آهن، اهي پنهنجي جسم مان روحاني صورت ۾ ٻاهر نڪري سفر ڪن ٿيون. شيطان جي عبادت ڪن ٿيون. انهن کي نيگرو مينسر چيو ويو. جنهن جو مطلب آهي، ڪارو (Nigro) اڳڪٿائي (Mancer) يا ڪاري علم وسيلي مستقبل جي ڄاڻ رکندڙ.(16)
ڪنهن حد تائين ڪاري علم جو ابراهيمي وحداني مذهبن سان تعلق پڻ رهيو آهي.
اسلام ۾ حضرت محمد صه جن تي ٿيل ڪاري علم جو ذڪر ملي ٿو، سورت الفتح، الفلڪ، الناس ۽ ٻين سورتن ۾ ڪاري علم کان بچڻ لاءِ دعائون شامل آهن. ڪاري علم کان بچاءَ لاءِ اهڙا تعويذ پاتا وڃن ٿا، جن ۾ الله جا نوانوي پاڪ نانءَ درج ٿيل آهن.
عيسائين ۾ ڪاري جادوءَ کان بچڻ لاءِ ڪاري اجتماع (Black mass) جو رواج آهي، ڪارو اجتماع ڪيٿولڪ اجتماع جي ابتڙ بي حرمتيءَ (Sacrilege) وارو طريقيڪار آهي.(17)
بي حرمتي ٻن قسمن جي هوندي آهي، جيڪڏهن زباني طور ڪئي وڃي ته ان کي بلاسفيمي (Blasphemy) چيو وڃي ٿو ۽ جيڪڏهن هٿن سان ڪئي وڃي ته ڊيسيڪريشن (Desecration) چيو ويندو آهي، هٿن سان مراد، پاڪ ڪتاب کي ساڙڻ، مسجدن، درگاهن، مزارن يا اهڙين ٻين پاڪ شين جي توهين آهي.(18)
بليڪ ماس اهڙو عيسائي فرقو آهي، جيڪو جادو ۽ سحر ۾ يقين رکي ٿو. سترهين عيسوي صديءَ ۾ ايٽون گلبورگ دعوا ڪئي ته ان ڪيترائي ڪارا اجتماع دنيا جي مشهور ڏائڻين، اڳڪٿي ڪندڙن ۽ جادوگرن جي رهنمائيءَ ۾ منعقد ڪيا آهن.(19)
ڀوپا (Bokor) اهڙا سامري آهن جيڪي يورپي عقيدي موجب ترسيليءَ (loa) جو ڪم ڪن ٿا. اهي جادو ئي عمل ۾ پنهنجي ٻنهي هٿن جو استعمال ڪن ٿا. سڄي هٿ سان اڇو جادو ۽ کٻي هٿ سان ڪارو جادو ڪن ٿا. ترسيلي (Loa) ان کي چيو وڃي ٿو جيڪي خدا ۽ بندن وچ ۾ ترسيل يا رابطي جو ڪم ڪن. اهي ڪاري جادوءَ سان جيئرن لاشن (Zoombies) جي تخليق ڪن ٿا. اهي جيئرن لاشن جي تخليق لاءِ پاڻياٺ (Potion) استعمال ڪن ٿا. اها پاڻياٺ دوا، زهر يا امرت ٿي سگهي ٿي. مثال طور پيار جي پاڻياٺ، جنهن کي پيئڻ سان ڪو پيار جي ڄار ۾ ڦاسي پوي. ننڊاکڙي پاڻياٺ جيڪا پيئڻ کانپوءِ انسان عام ننڊ واري حالت کان وٺي سڪرات (Coma) واري حالت ۾ هليو وڃي ۽ اهڙي پاڻياٺ جيڪا مرض کي شفا ڏئي، مايوسيون دور ڪري ۽ ڦٽ ڇٽائي.(20)
اهڙي پاڻياٺ جو ذڪر مسلمانن جي ڪتاب “الڪيميءَ” ۾ پڻ ملي ٿو ۽ شيڪسپيئر جي ڊرامي “ميڪبيٿ جو الميو” ۾ ان جو ذڪر آهي.
جديد فنطاسي (Fantasy) ۾ اهڙي پاڻياٺ جا اثر پيش ٿيل آهن، جن ۾ ڪايا پلٽ (Transformation) ۽ اوجهلائپ (Invisibility) شامل آهن.
اوجهلائپ جتي جادوئي ڪمال آهي، اتي حقيقت ۾ پڻ اوجهلائپ وارو تاثر پيدا ڪري سگهجي ٿو. شفاف شيون قدرتي طور اوجهلائپ جو تاثر ڏين ٿيون، جيئن هوا، پاڻي يا شيشو، پر اهي مڪمل اوجهل نه آهن.
ڪيمو فلاز (Camouflage) ان جو سڀ کان سٺو مثال آهي، ڪيموفلاز، رنگ، بيهڪ يا چمڪ وسيلي ماحول سان مطابقت (Adoptation) ڪري، اوجهل ڪرڻ آهي. ساهوارن ۾ اهڙو عمل ارتقائي آهي، جڏهن ته فوجي دشمن جي نظرن کان اوجهل رهڻ لاءِ ماحول سان مطابقت وارو لباس پائين ٿا ۽ جسم جي ظاهر حصن کي لڪائڻ لاءِ رنگن جو استعمال ڪن ٿا. ان کي هٿرادو مطابقت چئجي ٿو.
قدرتي مطابقت ارتقائي آهي، جيئن چيتي جي چمڙيءَ جا نشان جيڪي شڪار ڪرڻ وقت کيس شڪار ٿيندڙ جي نظرن کان اوجهل رکن ٿا. ڪاٺيءَ نما نانگ جيڪي سڪل وڻ تي ويهي صفا ڪاٺيءَ جهڙا نظر اچن ٿا. اهڙا ڪيترائي مثال آهن، سانڊا جيڪي ماحول موجب رنگ بدلائين ٿا. اٺپيڊا (Octopus) پڻ وقت ڏسي رنگ مٽائين ٿا (21)
نظربندي (Illusion optics) سائنسي طور برقي مقناطيسي نظريو آهي، جنهن سان هڪ معروض (Object) کي ٻئي معروض ۾ تبديل ڪري سگهجي. خلائن ۾ ڪنهن به معروض کي اهڙي وهم (Illusion) ۾ بدلائي ڇڏڻ جو اهو خلائن جو قدرتي حصو نظر اچي. اسٽيلٿ ٽيڪنالوجيءَ ذريعي جهازن، سامونڊي ٻيڙن، ميزائلن ۽ آبدوزن کي ريڊارن کان ڳجهو رکي سگهجي ٿو، جنگين ۾ اڏامندڙ اهڙن معروضن کي 2009ع ۾ مڪمل عملي جامو پارايو ويو، جنهن تحت ڦيرڌاتو (Metamaterial) جو استعمال ڪيو ويو، ڪيموفلاز ان پهاڪي جي نفي ڪري ٿو ته نظر سچ جي گواهه آهي، (Seeing is believing)(22)
سائنس ۾ ڪاري يا اڇي جادوءَ لاءِ ڪا جاءِ نه آهي، سائنس جادوءَ کي ڪوڙ ثابت ڪري ٿي، ائين چئي سگهجي ٿو ته سائنسي طور ڪارو يا اڇو جادو ماورائي هجڻ ڪري فطرت کان خارج آهن. جڏهن ته سائنس فطري آهي. سائنس پاڻ فطري جادو آهي، جنهن جو روحانيت سان ڪو تعلق نه آهي، سائنس پنهنجن تجربن جي بنياد تي جادوئي ڪرتب ڏيکاري ٿي.
جادو ڪارو هجي يا اڇو. جادوءَ جا ٻئي رخ الڳ نه آهن ڇو جو ماورائي طور انهن ٻنهي رمزي (Occult) قوتن لاءِ عامل دعويدار آهن. جادو انسان جي بي وس خواهشن جي تخليق آهي. هڪ غير فطري سگهه جي ڪوشش آهي، جيئن ته دنيا سميت پوري ڪائنات اڃان هيولي (Choas) مان نڪري نه سگهي آهي، انڪري انسان به اڃان ارتقا ذريعي تڪميل جي جدوجهد ۾ آهي. وقت جي سفر کي جاچي چئي سگهجي ٿو ته تڪميل ڪٿي به ٿيڻي نه آهي. اميدون، خواهشون ۽ حسرتون انسان جي نامڪمل وجود جون شهادتون آهن. ڏٺو وڃي ته انسان جي بي وسيءَ جي پورائي لاءِ مذهب ۽ جادوءَ ۾ ڪو به فرق نه آهي.
انسان مايوسين جو ازالو ڪري ٿو. دل هڪ هنڌ مطمئن نه ٿي ٿئي ته ڪا ٻئي جاءِ ڳولهي ٿو، ٻئي جاءِ مطمئن نه ٿي ڪري ته ٽيئن جاءِ ڳولهي ٿو، بي وس انسان سگهه جي ڳولها ۾ اپاهجن جا در کڙڪائي ٿو. ڪڏهن انسان مايوسيءَ جي پاڇي ۾ پناهه وٺي ٿو ۽ ڪڏهن مايوسي انسان جي پاڇي ۾ لڪي ٿي. جادو بي وس انسان جي خواهشن جي تڪميل جو نفسياتي ذريعو آهي، نفعي ۽ نقصان کي ڳجهي ۽ ماورائي طريقي پنهنجي وس ۾ ڪرڻ جي ڪوشش آهي. ڇو جو انسان جينياتي يا مورثي کُٽيل آهي. ان جو وجود ڪجهه حاصل ڪرڻ جي جستجوءَ ۾ ڊهي ۽ ٺهي ٿو.
فطرت ڏانهن انسان جو ردعمل ناٿتائي آهي، ڪي مذهب ۾ جادو ڳولهين ٿا ۽ ڪي جادوءَ ۾ مذهب ڳولهين ٿا. شهر جون ڀتيون عاملن جي اشتهارن سان ڀريل آهن. اهي مذهب جادوءَ ۾ ملائي مسئلن جي حل جي دعويداري ڪن ٿا. عاملن کي ڪلمو پڙهڻ به ڪو نه ٿو اچي.
ڀوپا (Bokor) جيڪي ترسيلي (Loa) جو ڪم ڪن ٿا، اهي انسان جو خدا، روحن يا مافوق الفطرت قوتن سان رابطو ڪرائين ٿا. جادو ئي پاڻياٺ (Potion) استعمال ڪن ٿا. اهي مايوس ۽ بي وس انسان جي ناٿتائي روين جو غلط استعمال ڪن ٿا.
مخالف پنهنجي دشمن جي نالي ۽ فوٽوءَ تي ڪارو علم ڪرائين ٿا. اهڙو ڪارو علم ۽ ان ڪاري علم جو لاشعوري عقيدو مخالف جي بدلي يا انتقام جي ڳجهي تسڪين جو سبب بنجي ٿو. دنيا ۾ هر شخص ڀوڳي ٿو. مخالفن جو دشمن جي قدرتي ۽ عام رواجي ڀوڳنائن کي عامل جي جادوءَ جو اثر چئي خوش ٿيڻ اهڙي عقيدي جي اثرانگيزيءَ جي ڇاپ جو روپ ڌاري ٿو. دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ شڪر اهو ڪري ٿو جيڪو لاشعوري ناشڪريو آهي. شخص ناشڪرين جي احساس کي مٽائڻ لاءِ هر هر شڪر ڪري ٿو. جڏهن ته شڪر گذاريءَ جو احساس رکندڙ اهڙو درويش آهي جيڪو دنياداريءَ کان خارج ۽ گهرج جو محتاج نه آهي. ان کي شڪر جي ضرورت نه ٿي پوي ڇو جو ڪنهن به تمنا جو طلبگار نه هوندي اهو لاشعوري شڪر گذار آهي. اهو ائين آهي جيئن سچو پرهيزگار خدا کي ياد نه ڪندو آهي. خدا کي ياد اهي ڪندا آهن جن کان خدا وسري ويو هجي. شڪر به ائين آهي ڇو جو شڪر سرمستيءَ ۾ پنهنجي اهميت وڃائي ويهي ٿو. جيئن خدا بي پرواهه آهي ائين فقير جي لاپرواهي کيس اهڙو درجو ڏئي ٿي جتي شڪر ۽ صبر وجود جو حصو بنجي خارجي صورت ۾ فنا ٿين ٿا. اهڙو ڪمال هر ڪنهن جي حصي ۾ نه ٿو اچي. دنيا جي اڪثريت ناشڪر ۽ کٽيل آهي.
ڀوڳنائن جو وڏو سبب ناشڪري ۽ اهو ڄاڻڻ نه آهي ته زندگيءَ ۾ ڇا درگذر ڪجي جو اها سهل ٿي پوي. ڪجهه نه حاصل ڪري سگهڻ جو احساس ناٿتائي ردعمل ۾ ناجائز حاصلات جي صورت ۾ نروار ٿئي ٿو. عامل جو دم ڪيل پاڻي امرت سمجهي پيئجي ٿو ته شفا ڏئي ٿو. جادوئي پاڻي (Potion) توهم ۾ عقيدو رکندڙ ناٿتائي ردعمل هيٺ زهر پيل عليل جيان پنهنجي منفي سوچن جي تيزاب ۾ ڳري وڃي ٿو. بيماري ۽ تندرستي انسان جي سوچ ۾ آهي. ڪائنات انڪري توهم جو ڄار آهي جو اسين ان کي سمجهي نه سگهيا آهيون. ڊنل ۽ سوسون ۾ ورتل آهيون. انديشن جي ور چڙهيل آهيون. ڪائنات جي لقائن (Phenomenons) انسان کي ازل کان مجذوب ڪيو آهي.
عقيدن ۾ وبا، موت ۽ سوڪهڙو الاهي عذاب آهن، ٻَلي (Sacrification) ۽ ٻين طريقن سان آفتن کي ٽاري سگهجي ٿو. ٻئي کي ڪاري علم سان ماري ان جي حياتيءَ جا ڏينهن پنهنجي کاتي ۾ شامل ڪري سگهجن ٿا.
ٽائوزم کان وٺي ويندي هندستاني عقيدن ۽ يورپ جي جهالت کان جديد دور تائين اڃان به اهڙا مثال موجود آهن جو ٻارن جي ٻَلي چاڙهي اهڙين آفتن کي ٽاري، انهن جي حياتيءَ جي ڏينهن کي پنهنجي کاتي ۾ وجهڻ کانسواءِ مافوق الفطرت هستين کي راضي ڪرڻ لاءِ اهڙين جاهلاڻين رسمن تي عمل ڪيو وڃي ٿو. انسان کي ڪنهن به عقيدي جي انتها اهڙو ته چريو ڪري ٿو جو هو پاڻ کي هر حال ۾ ڏاهو سمجهي ٿو.
مُڙد حاضري (Necromancy) انسان جي ناحاصل خواهشن جي تڪميل ڪري ٿي. مئلن کي جيئرو ڪرڻ مذهب ۾ مسيحائي سلسلو آهي. جنهن تي بحث ڪرڻ بلاسفيمي آهي پر لفظ بلاسفيمي پڻ حالتن پٽاندڙ پنهنجي معنا بدلائي ٿو. ڏٺو وڃي ته سڀ کان وڏي بلاسفيمي انسان جي تذليل آهي. مذهبي انتهاپسنديءَ جو سڀ کان وڏو شڪار هڪ روشن خيال انسان ٿئي ٿو. ملان هڪ ٻئي تي ڪفر جون فتوائون ڏين ٿا. زبان سان عظيم هستين جي توهين (Blasphemy) ڪن ٿا ۽ هٿن سان مسجدون، امام بارگاهه، مزارون ۽ پاڪ هنڌ تباهه (Deseretion) ڪرائين ٿا.
هن دور ۾ ڪرايي جي جنگ (Proxywar) وڙهندڙ عفرتون (Demons) آهن. اهي وڏن سامري جادوگرن (Super Powers) جا ڪاري علم ذريعي قابو ڪيل جن آهن جيڪي انهن جو حڪم مڃيندي دنيا ۾ افراتفري مچائين ٿا.
جيڪڏهن ڪاري علم جو موجوده صورتحال تي اثر ۽ ان جي نتيجن تي غور فڪر ڪبو ته دنيا سامرين جي حڪم هيٺ آهي. جنهن ۾ هر سامريءَ جون قبضي ڪيل عفرتون ٻئي سامريءَ جي عفرتن سان دوبدو آهن. ان بي امنيءَ کي ڪاري علم جي زبان ۾ شيطانگيري (Satanism) چئي سگهجي ٿو.
مذهب دنيا جو سڀ کان وڌيڪ اثرانگيز عقيدو آهي پر ان عقيدي جون اڻپوريون اميدون ناٿتائي اثر منجهه ظاهر ٿين ٿيون. سائنس ۽ مذهب جو تصادم اوڻويهين عيسوي صديءَ کان جاري آهي. سيارن جو علم ۽ ارتقا جو نظريو مذهبن جي سراسر نفي ڪري ٿو. اهڙن متضاد خيالن سبب انسان مذهبن کان باغي ٿيو آهي. مذهب کان باغي هوندي به ارتقائي طور مذهب عادت يا خاصيت (Trait) جي صورت ۾ انسان جي جين (Gene) اندر رهندو آيو آهي.
ڪروڙها سال اڳ انساني شعور جي پهرين ڪرڻن ڪنهن رمزي (Occult) قوت کي ڪائنات جي هر لقاءَ ۾ ڳولهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اهڙي کوجنا ان جي جين جو حصو بنجي وئي. وقت سان انسان شعوري رمزي راز سلجهائيندي ماورائي قوتن جي اثر کان نڪري نه سگهيو.(23) مذهب جو ناٿتائي اثر مذهب جهڙيون ٻيون واٽون ڳولهي ٿو. جيرالڊ گارڊنر جو “وڪا” ۽ ايسٽرڪروليءَ جو “ٿيليما” ۽ ان جهڙا سوين مثال ان ڳالهه جي گواهي ڏين ٿا ته آفاقي مذهبن جا ناٿتائي اثر توهمات (Superstition) کان وٺي ويندي اهڙي شعوري يا لاشعوري بغاوت تي ختم ٿين ٿا، جنهن بغاوت جا نتيجا اڃان به منجهيل ۽ نامڪمل آهن.



References:

1. J , Gordon Melton (2001).
“Black Magic”.
Encyclopedia of occultism & parapsychology. Vol I: A-L (Fifth edition. Gale research Inc).
2. Jesper Aagaard Petersen (2009).
“Contemporary religious Satanism: A critical anthology”.
Ashgate publishing ltd.p-220.
3. Evans-pritchard.
“Sorcery and native opinion”
Africa : Journal International African institute vol.4. NoI (Jan 1931).p.22-55.
4. “White magic , black magic in the European Renaissance”
by Paola Zambelli – 2007.
5. Encyclopedia Britannica on line.
“Taboo”
2012.
6. Weeler , Josph Mazzini (1895-04-21)
“Madam Blavatsky”.
The free thinker. London. G,W. Foote. 15(16):242-43.
7. Evans , Dave(2007).
“The history of British magic after Crowley”.
Hidden publishing.
8. Arthur Edward waite 1911
“The book of black magic and ceremonial magic”
Reprint 2006).
9. Funk & Wagnalls.
“Imortality”.
New world encyclopedia (2014).
10. “Necromancy”
Merriam . websters collegiate dictionary (11th ed). Sprinfield MA. April 2008.
11. Gilmore , peter.
“Science and Satanism”
point of inquiry interview. Retrieved 9 Dec, 2013.
12. Lewis , James R (Sept.2002).
“Diabolical Authority: Anton Lavey. The satanic bible and Satanism tradition”.
Marburg Journal of religion . 7 (1):1-16.
13. Crowley , vivianne (1989).
“Wicca : The old religion in the new age”-
London: Aquarian press .p-14-15.
14. Moore , John S.
“Aleister Crowley as Guru”
in chaos international issue No:17.
15. Blotzer J (1910)
“ Inquistion”.
The catholic encyclopedia. Robert Applecton company retrieved .2012-08-26.
16. Funk and wagnalls . New world encyclopedia (2014):
“Black Mass”.
Ip-1.Funk & wagnalls-11Feb 2015.
17. Magda Teler ,
“Sinners on trial : Jews and sacrilege after the reformation”.
Harvard university press 2011.
18. “Legends , Monsters of serial murderers”?
The real story behing and ancient crime. by Dirk C. Gibson (ABC-CLIO-2012).
19. Edmons , Enniss B; Gonzalez , Michella A. (2010).
“Caribbean religious history. An introduction”.
p.125.
20. John Grant and John Clute , The encyclopedia of fantasy.
“Potion”.
p.779.
21. Lindgren , John , SJovall peter et al (2014)
“Skin pigmentation provides evidence of convergent melanism in extinct marine reptiles”.
Nature . 506(7489):484-88.
22. Lai , Y ; Ng J et al (2009)
“Illusion optics: The optical transformation of an object into another object”.
Physical review letters.102(25):25-39.
23. Walker , Benjamin (1980).
“Encyclopedia of the occult , the esoteric and supernatural”.
New York : Stein & Day.

*