سٺو موت ۽ ناٿتا (Euthanasia and nocebo)
ان کي سٺو موت انڪري چئجي ٿو جو جڏهن زندگي خراب ٿي وڃي ته موت سٺو لڳي ٿو. يوٿينسيا درد ۽ پيڙا مان نجات جو وسيلو سمجهيو وڃي ٿو. ان ۾ شخص موت کي راضي نامي سان قبول ڪري ٿو. يوٿينسيا اهڙو موت آهي جنهن ۾ ڪنهن کي موت جي انجام تائين پهچائڻ لاءِ اهڙو طريقو اختيار ڪيو وڃي ٿو جو مرڻ ۾ کيس سور يا تڪليف محسوس نه ٿي.(1)
اهو آپگهات (Suicide) کان انڪري مختلف آهي جو آپگهات شخص جو ذاتي فعل آهي، جنهن ۾ هو پاڻ کي ڪربناڪ طريقي موت حوالي ڪري ٿو. جڏهن ته يوٿينسيا ۾ موت جو بندوبست ٻيا ڪن ٿا ۽ اهو ڪربناڪ نه آهي. يوٿينسيا لاءِ ڪيترن ئي ملڪن ۾ مختلف قانون آهن پر آپگهات جي اجازت ڪو به قانون نه ٿو ڏئي.(2)
انگلينڊ ۾ طب جي اخلاقياتي قانون موجب يوٿينسيا راضي نامي سان ڄاڻي واڻي اهڙي زندگيءَ کي موت جي انجام تائين پهچائڻ جو قانون آهي، جيڪا زندگي گهارڻ مشڪل ٿي وئي هجي.(3) بيلجيم ۽ هالينڊ ۾ اهڙي قانون جي وضاحت ائين ٿيل آهي ته “يوٿينسيا مريضن جي راضي نامي سان هڪ ڊاڪٽر وسيلي زندگيءَ جو خاتمو آهي.”(4)
يوٿنيسيا جا ٽي قسم آهن.(5)
1. رضاڪاري (Voluntary)
2. لارضاڪاري (Non-Voluntary)
3. غير رضاڪاري (Involuntary)
رضاڪاري يوٿنيسيا ڪن ملڪن ۾ جائز آهي، پر لارضاڪاري ۽ غير رضاڪاري جيڪا شخص جي راضي نامي، ارادي ۽ منشا جي خلاف آهي، ان کي قتل تصور ڪيو وڃي ٿو.(6)
بائيوايٿڪس (Bioethics) جيڪو طب ۽ اخلاقيات جو گڏيل موضوع آهي، ان هيٺ 2006ع ۾ يوٿنيسيا سڀ کان وڏو تحيقياتي موضوع رهيو.(7)
تاريخي لحاظ کان يوٿنيسيا قديم يونان ۽ روم ۾ جائز هئي. ان لاءِ هيملاڪ زهر استعمال ڪيو ويندو هيو.(8) هيملاڪ ٻوٽن جي ڪونيم (Conium) ڪٽنب جو قسم آهي، جيڪو تمام زهريلو آهي. اهو ٻوٽو يورپ، اتر آفريڪا ۽ اولهه ايشيا ۾ ٿيندو آهي.(9) يوٿنيسيا وسيلي موت جي حمايت سقراط، افلاطون ۽ سينيڪا پڻ ڪئي آهي. جڏهن ته حڪيم هپوڪريٽس ان جي مخالفت ڪئي آهي.(10)
تاريخ جو اهو وڏو الميو آهي ته جنهن سقراط هيملاڪ وسيلي يوٿنيسيا جي حمايت ڪئي، ان هيملاڪ جو هو پاڻ شڪار ٿيو، کيس ان الزام هيٺ ته هو پنهنجن خيالن سان يونان جي نوجوانن کي گمراهه ڪري رهيو آهي، غير رضاڪاري (Invountary) يوٿنيسيا جو منهن ڏسڻو پيو، هن کي هڪ پيالي ۾ هيملاڪ ڀري ڏنو ويو ۽ سقراط زهر جو پيالو پي دنيا مان روانو ٿيو.(11)
قرون وسطيٰ جي پهرين دور ۾ يوٿنيسيا جو لفظ فرانسس بيڪن (1626-1516ع) استعمال ڪيو، بيڪن اهو لفظ ٻن صورتن ۾ استعمال ڪيو. باطني يوٿينسيا ۽ ظاهري يوٿنيسيا. باطني يوٿنيسيا هن دوزخ لاءِ استعمال ڪيو جيئن موت کان اڳ روح تيار رهي ته ان کي نڪرڻو آهي، ظاهري يوٿنيسيا کي هن جسم جي سور کانسواءِ ارادي موت ڪوٺيو.(12)
حڪيم ڪارل مارڪس (1836-1796ع) جنهن موت جو معيار وڌائڻ تي زور ڏنو آهي (اهو ساڳيو ڪارل مارڪس نه آهي جنهن ڪميونزم جو نظريو ڏنو) سو حڪمت جو ماهر هيو ۽ ان چيو ته يوٿنيسيا وسيلي مرندڙ جي موت جي معيار کي وڌايو وڃي جيئن اهي وڌيڪ سڪون ۽ فرحت سان مري سگهن.(13)
ٿامس ايڪيوناس (1274-1225ع) جيڪو هڪ پادري ۽ فلاسافر هيو، پڻ وقت جي وڏي پراسرار شخصيت هيو. ان يوٿنيسيا متعلق چيو ته اهڙي ڪرت جي ڪڏهن به اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي جيڪا فطرت جي خلاف هجي.(14)
1800ع ڌاري مارفين دوا جو استعمال ڪيو ويو جيئن اها ناسور ڪري مرندڙ ماڻهوءَ جا عذاب گهٽائي سگهي. 1866ع ۾ اهڙن مريضن لاءِ ڪلوروفارم استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي.(15)
ايني بسنت (1933-1874ع) جيڪا مشهور ٿيو ساڦسٽ ۽ انساني حقن لاءِ وڙهندڙ سوشلسٽ عورت هئي، ان چواڻي “انسان کي حق حاصل آهي ته جيڪڏهن پاڻ کي ٻوجهه سمجهي يا ٻين لفظن ۾ جيئڻ ان لاءِ عذاب بنجي وڃي، جيئن لا علاج مرضن ۾ مبتلا ماڻهو جن جي بچڻ جي ڪا اميد نه هجي ۽ بيماريءَ جي عذاب کان چيچلائيندا هجن ته کين حق حاصل آهي، اهي جيڪڏهن ارادي موت چاهين ٿا ته عذاب کان پاڪ موت ڏنو وڃي.(16)
اهڙيون ڳالهيون لکندي مون کي “تباهه ٿيل ريل” وارو واقعو ياد پيو اچي.
اڄ کان پنج سال کن پهريان جڏهن ڪراچيءَ جي روڊن تي قتل عام، عام هيو، خبر نه پوندي هئي ته ڪير مئو ۽ ڪنهن ماريو؟ قانون جا گودام ٻوري بند لاشن سان ڀرجي ويا. ان وقت ڊرگ روڊ ريلوي اسٽيشن تي مال گاڏيءَ جو ايڪسيڊنٽ ٿيو، انجڻ اهڙي ته تباهه ٿي جو ان جا پرزا ڊرائيور جي جسم ۾ گهري ويا. ڊرائيور ڀڳل انجڻ جي لوهه ۾ ڦاٿل هيو، سندس رت هيٺ ڳڙي ريل جي بند تي وهندو ٿي ويو، اهو اهڙي ته عذاب ۾ مبتلا هيو جو، چئي رهيو هيو. “خدا جي واسطي مون کي گولي هڻو.” ائين چئي وري چپ ٿي ويو ۽ ٿوري دير کان پوءِ وري ساڳيو جملو ٿي ورجايو. “خدا جي واسطي مون کي گولي هڻو.”
ماڻهو ڪوشش ڪري رهيا هيا ته کيس ٻاهر ڪڍون، پر اهڙو وچڙيل هيو جو ڇڏائجڻ جو نالو ئي نه پئي ورتائين. اهو ڊرائيور گوليءَ جي فرمائش ڪندي اتي ئي گذاري ويو، کيس ڪنهن گولي نه هنئي، جڏهن ته شهر ۾ ماڻهو گوليءَ جي نانءَ کان پئي ڇرڪيا، ان بدامنيءَ جي ڏينهن ۾ يوٿنيسيا جي خواهش ڪئي پر سندس خواهش ڪنهن به پوري نه ڪئي.
آمريڪا اهڙو ملڪ آهي جتي انساني حقن جي ڪجهه تنظيمن اهڙي فعل جي اجازت ڏني ته فرد کي اها آزاديءَ حاصل آهي ته هو پنهنجي حياتيءَ جو فيصلو پاڻ ڪري، آمريڪا ۾ ان کو سونهري دور (Gilded age) چيو وڃي ٿو.(17) سوني ۽ سونهريءَ ۾ فرق آهي. سون، سون آهي ۽ سونهري سون جهڙو، جيئن ڪي ماڻهو سون هوندا آهن پر سندن دل سونهري هوندي آهي. ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته دل سون هوندي آهي ۽ ٻاهران لوهه هوندا آهن پر ماڻهو اهي سٺا جيڪي اندران ٻاهران هڪ هجن پوءِ ڀل پٿر جا ڇو نه هجن.
سوچيم آمريڪا جي حوالي سان ٿورو کلجي ڇو جو موت جو ذڪر ڪندي ڏاڍو مايوس ٿي ويو آهيان، سچ پڇو جيڪڏهن انسان زندگيءَ مان مايوس نه ٿي ته ڪڏهن به موت جي ويجهو نه وڃي. يوٿنيسيا انسان جي ناٿتائي (Nocebous) خواهش آهي، سور، پيڙا ۽ تڪليف روح جي رڙ آهن ته بندا جسم جو خيال ڪر. “اي شعور” روح چوندو آهي. “جسم اهڙي پناهگاهه نه رهيو آهي جتي رهڻ جي آسائش هجي.”
انسان جنهن جاءِ ۾ رهندو آهي، ان جي مرمت، رنگ ۽ روگن ڪرائيندو آهي جيئن آساني، آرام ۽ سڪون سان رهي سگهي، جسم کي به اهڙي مرمت ۽ نظرداريءَ جي ضرورت پوي ٿي جيئن روح کي تڪليف نه اچي، نه ته روح جسم کي تڪليف ڏيندو ۽ لاشعوري طور راضي ڪندو رهندو ته جان ڇڏ، اڏامي وڃان، تون کڏ ۾ پؤ.
“منهنجي عقيدي ۾ روح نه آهي.” ان جملي تي غور ڪيو. ڪيڏو غلط جملو آهي. روح عقيدي جو بنياد آهي، جيڪڏهن روح نه آهي ته عقيدو ڇا جو؟ پر پوءِ به منهنجو عقيدو آهي. انڪري مان منجهيل ۽ حيرت ۾ مبتلا ماڻهو آهيان.
آمريڪا جي حوالي سان يوٿنيسيا بابت قانون سازيءَ جي شروعات 1906ع ۾ ٿي جڏهن هينري هنٽ اهڙو مسودو اوهائيو رياست جي جنرل اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيو. هنٽ اهڙو مسودو ايناهال، جيڪا هڪ دولتمند گهراڻي جي عورت هئي ان جي ماءُ جيري جي ڪينسر سبب لاڏاڻو ڪري وئي. موت کان اڳ پنهنجي ماءُ جي برداشت نه ٿيندڙ غذابناڪ زندگي ڏسي کيس خيال آيو ته شخص کي اهو اختيار حاصل هجڻ گهرجي ته پنهنجن عذابن کان آجو ٿيڻ لاءِ رضامندي يوٿنيسيا وسيلي زندگيءَ جو خاتمو ڪري سگهي. ايناهال ان سلسلي ۾ هڪ مهم هلائي جنهن جو گهڻن دانشورن ۽ قانوندانن ساٿ ڏنو. ان مهم کي يوٿنيسيا جي حق ۾ ويهين صديءَ جي شروعاتي ڏينهن جي وڏي مهم چيو وڃي ٿو.(18)
اوهائيو کان پوءِ اهڙو ئي مسودو لووا (Lowa) رياست جي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيو ويو. لووا رياست آمريڪا جي اولهه ۾ مسسپي درياهه جي ڪناري تي آهي. ان مسودي ۾ چيو ويو ته اهڙو شخص جنهن جي عمر ڏهن سالن کان مٿي آهي، اهو لاعلاج مرض ۾ مبتلا آهي، ان جي بچڻ جي اميد نه آهي، مرض ڪارڻ سور ۽ پيڙا کان بي حال آهي، اهو هوش ۽ حواس سان راضي ٿئي ٿو ته پوءِ کيس موت وسيلي ان دردناڪ زندگيءَ کان نجات ڏياري وڃي. ان کانسواءِ اهڙا ابهم ٻار جيڪي پيدائشي نقص سبب زندگي گهارڻ جهڙا نه آهن ته اهڙن ٻارن کي انهن جي والدين جي خواهش مطابق لارضاڪاري (Non-Volunatry) يوٿنيسيا جي اجازت ڏني وڃي. جيڪڏهن ڪو ڊاڪٽر ان قانون تي عمل نه ڪري ته کيس ڇهن کان ٻارهن مهينن تائين قيد جي سزا ڏني وڃي ۽ ٻه سئو کان هڪ هزار ڊالرن تائين ڏنڊ وڌو وڃي پر اهو مسودو اسيمبليءَ ۾ وڏي بحث کانپوءِ پاس نه ٿي سگهيو.(18)
انگلينڊ ۾ يوٿنيسيا رضاڪار سوسائٽي 1935ع ۾ قائم ٿي، جنهن جو باني چارلس ملرڊ هيو، جنوري 1936ع ۾ انگلينڊ جي بادشاهه جارج (پنجون) کي مارفين دوا جو موتمار مقدار ڏئي موت حوالي ڪيو ويو. بادشاهه جارج دل ۽ ڦڦڙن جي ڪم ڇڏي وڃڻ سبب دردناڪ زندگي گهاري رهيو هيو. يوٿنيسيا جو فيصلو سندس ڊاڪٽر لارڊ ڊائوسن بادشاهه جي رضامنديءَ سان ڪيو. ان جي مرڻ کانپوءِ پنجاهه سالن تائين هن جي اهڙي موت کي راز ۾ رکيو ويو. اها ڳالهه تڏهن ظاهر ٿي جڏهن اسيمبليءَ ۾ يوٿنيسيا جي حمايت ۾ بل پيش ٿيو. (19)
چوويهه جولاءِ 1939ع ۾ نازي جرمنيءَ ۾ اپاهج ٻارن کي غير رضامندي (Invountary) يوٿنيسيا حوالي ڪيو ويو. هٽلر مخالفن ان کي انساني قتل عام قرار ڏنو.
نازي جرمنيءَ ۾ اپاهج ٻارن کي يوٿنيسيا حوالي ڪرڻ جي شروعات تڏهن ٿي جڏهن هڪ ٻار جنهن جو نالو گرهارٽ هربرٽ ڪريشمر هيو، ان جي والدين لکت ۾ هٽلر کي عرض ڪيو ته سندس پٽ کي يوٿنيسيا وسيلي موت جي انجام تي پهچايو وڃي. اهو ٻار پيدائشي طور نابين هيو ۽ ان جا هٿ نه هيا. هٽلر ان عرض کي قبول ڪندي ٻار کي پنهنجي خاص ڊاڪٽر ڪارل برنڊٽ وسيلي يوٿنيسيا ڪرايو. ان کانپوءِ اهو سلسلو شروع ٿي ويو ۽ غير رضامندي يوٿنيسيا وسيلي اٺ هزار ٻارن کي موت حوالي ڪيو ويو. جڏهن ته بالغن کي ملائي ڪل تعداد ٽي لک هيو.(20)
رضاڪاري (Voluntary) يوٿنيسيا جنهن ۾ شخص جو ارادو شامل آهي، ان کي بيلجيم، لڪسمبرگ ۽ هالينڊ ۾ قانوني حيثيت حاصل آهن، آمريڪا ۽ سئزرلينڊ ۾ يوٿنيسيا بجاءِ ان کي مددگار آپگهات (Assisted suicide) جو نالو ڏئي قانوني شڪل ڏنل آهي. اتي اهڙي موت جي اجازت آهي جنهن ۾ ڪو مريض ڊاڪٽر جي مدد سان مرڻ چاهي ٿو.(21)
لارضاڪاري (Non-Voluntary) يوٿنيسيا تڏهن عمل ۾ اچي ٿي جڏهن مريض جي رضامندي فراهم ٿيل نه هجي، جيئن ٻارن جي يوٿنيسيا، جنهن ۾ ٻار ان قابل نه هوندا آهن ته اهي پنهنجي موت جو فيصلو ڪري سگهن يا مريض جيڪي سڪرات (Coma) ۾ هجن. يورپ ۾ اهڙو موت بحث هيٺ آهي.(22)
غير رضا ڪاري (Invountary) يوٿنيسيا ان کي چئبو آهي جڏهن شخص هوش ۽ حواس ۾ پنهنجي زندگيءَ جو فيصلو ڪرڻ جي قابل هجي ۽ کيس خواهش کانسواءِ موت ڏنو وڃي.(23)
چون ٿا ته موت جو وقت مقرر آهي، اهو لکيل آهي ته حياتيءَ جو انجام ڪهڙي گهڙيءَ تي ٿيندو. انسان ڪنهن حد تائين حياتيءَ جو مالڪ آهي پر اهو موت جو مالڪ نه آهي.
دراصل اسين موت کي فيصلاتي بنايون ٿا، موت قبولڻ جي لاشعوري صلاحيت اڀاريون ٿا. حياتي کٽي ماڻهو مري ويو، اهو سوچي دل مطمئن ٿئي ٿي ته کيس ڀاڳ ۾ جيڪا حياتي هئي اها نڀائي ويو. ان ۾ حادثي، بيماري يا مقدر جو ڏوهه نه آهي، انسان پاڻ کي موت جي تصور کان آجو رکڻ لاءِ رستا ٺاهيا آهن.
يوٿنيسيا کي قسمت جي ڪهڙي خاني ۾ رکي سگهجي ٿو؟ اها هڪ ناٿتائي (Nocebous) سوچ آهي، بقول لطيف جي ته “جيئڻ ڪارڻ جيڏيون، مون وڏا وس ڪيا.”
اها سٽ ارتقا جي وصف کي پاڻ ۾ ائين سنڀالي ٿي جيئن زندگيءَ جي موت سان ويڙهه، جيئڻ جي جدوجهد، انسان جو هر انگ زندگيءَ لاءِ تڙپي ٿو. ڪڏهن سير ڏنل جانور کي ڏسو، مرڻ وقت زندگيءَ جي تمنا ۾ سندس رڳ رڳ تڙپي ٿي. انسان آٿتا (Placebo) ۽ راحت جو طلبگار آهي، زندگي جيڪا آٿتا تي برقرار آهي، اها وقت سان ناٿتا ۾ بدلجي سگهجي ٿي. موت جيڪو ناٿتا جو انجام آهي، اهو آٿتائي موت کي يوٿنيسيا جو روپ ڏئي ٿو. اهو هڪ راضي نامي سان کيس ڏکن ۽ پيڙائن کان نجات ڏئي ٿو.
ڪهڙي به آهي، ڪيئن به آهي، زندگي عزيز آهي! ڪر مرڻ چاهيندو؟ جيسين حالتون ان کي نه مارين، انسان ڪڏهن حياتيءَ جو مالڪ انڪري آهي جو پئسن سان خريد ڪري سگهجي ٿي. هڪ غريب موت اڳيان ايڏو ئي ڪمزور آهي جيڏو امير پئسي جي طاقت سان موت جو مقابلو ڪري ٿو. صحت معاشري جو سماجي طبقاتي مسئلو آهي. ٽي بيءَ جي بيماري غريب کي ورثي ۾ مليل آهي، سٺي خوراڪ ڪيترين ئي بيمارين جو علاج آهي. ڪينسر ٿي ته غريب ٿڏي تي مرندو. امير آپريشن ڪرائي، ڪيموٿراپي، ريڊيو ٿراپي ۽ اميونوٿراپي ڪرائي زندگيءَ جا ڏينهن وڌائي وٺندو.
انسان ناٿتا (Nocebo) کي آٿتا (Placebo) بنائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ڊسٿينيسيا (Dysthanasia) جنهن جي معنا “بڇڙو موت” آهي، اهو جديد طب جو وڏو ڏوهه ليکيو وڃي ٿو.
ڊسٿينيسيا، مرندڙ ماڻهوءَ جي خواهش آهي ته کيس زندگيءَ کي جيترو ٿي سگهي جديد سائنسي سهولتن سان برقرار رکيو وڃي ڀل اها ڪيتري به دردناڪ ڇو نه هجي. اها يوٿينسيا جو ضد آهي.
جديد سائنسي ٽيڪنالوجي جنهن ۾ دل جي ردم کي برقرار رکڻ لاءِ ڌڙڪڻ جا خود ڪار همواري اوزار (Defibrillator) دل جي خانن ۾ آپريشن وسيلي داخل ڪيل ڊوائيسز، هٿرادو ساهه کڻڻ جا وينٽيلٽر، دل ۽ ڦڦڙن کي ڳنڍيندڙ جهليون، جيڪي سٺي طريقي ساهه نه کڻندڙ مريضن کي لڳايو وڃن ٿيون جيئن دل ۽ ڦڦڙن جي رابطي جو سهارو بنجي ساهه کڻڻ جي سرشتي کي جاري رکي سگهن.
ڊسٿينيسيا اهڙي صورتحال کي چئجي ٿو جڏهن شخص جي بچڻ جي اميد نه هجي ۽ اهو ممڪن هجي ته هٿرادو طريقي کيس جيئاري سگهجي ٿو.
اهو تخفيفي (Palliative) طريقو نه آهي.
تخفيفي طريقو يوٿينيسيا ۽ ڊسٿينيسيا کان انڪري مختلف آهي جو کيس نه مرڻ ۾ مدد ڏني وڃي ٿي ، نه مرڻ کان بچڻ ۾ مدد ڏني وڃي ٿي. پر هڪ مرندڙ کي فطري موت تائين آساني فراهم ڪئي وڃي ٿي جيئن اهو پاڻ پنهنجي حياتيءَ جي پڄاڻيءَ تي پهچي موت حوالي ٿي وڃي. ان لاءِ مريض ۽ مريضن جي خاندان جي نفسياتي مدد ڪئي وڃي ٿي. مريض کي سور ۽ پيڙا کان مقرر خوراڪ ۾ دوائون ڏنيون وڃن ٿيون، اهڙي طريقي ۾ مريض جو علاج پڻ جاري رهي ٿو. اهڙي علاج لاءِ اسپتال ۾ خاص انتظام هوندا آهن، ماهر ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي جو بندوبست هوندو آهي.
ڌرتيءَ تي انسان جو جيئرو هجڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته موت اڃان فتحمند نه ٿيو آهي. زندگي راحت ۽ فرحت کان پاڪ نه آهي. راحت ۽ فرحت اهڙيون برائيون آهن جيڪي لڳن ته عادت جيئن انسان انهن مان پاڻ ڇڏائي نه ٿو سگهي، جيئن منشيات جو عادي پئسن سان نشو خريد ڪندو آهي ائين عام انسان جا پئسا راحت ۽ فرحت تي خرچ ٿيندا آهن.
سسيفس سزا انڪري قبول ڪئي ته کيس پڪ هئي ته سزا جو انجام جزا تي ٿيندو، هر ڪنهن کي مقدر جا پٿر چيلهه سان ٻڌل آهن ۽ اهو جبل جهاڳي ٿو. زندگي ظلم آهي ۽ اسين رحم جا طلبگار، رحم جي اميد نه رکندي به اسين زندگيءَ کي قبول ڪيون ٿا.
ناٿتا (Nocebo) رڃ آهي ۽ آٿتا (Placebo) مرگهه جي ڊوڙ، ڪائنات جو پاڻي ڪنهن پيتو آهي؟ انسان ڳوڙهن جا ڍڪ ڀري اڃ اجهائي ٿو. ڏک سيني ۾ وڻ جيان ڦٽي، پاروٿو ڦل ڏئي ٿو، صبر جا ڦل تازا نه هوندا آهن.
اي رب ناٿتا (Nocebo) کان پناهه ڏي، ڍڪُ ڍڪِ. اوگهڙ تو اڳيان چڱي. لوڪ کان لڄ بچاءِ، اي رب آٿتا (Placebo) جا در کول. مون لئي دلاسا ڪافي، تون سوغاتون سنڀال!
References:
1. (standford encyclopedia of philosophy).
“Voluntary euthanasia”
Plato. Standford edu. Retrieved 2017.07.06.
2. Hawton K, van Heeringen K. (April 2009).
“ suicide”.
Lancet . 373(9672):1372-81.
3. Harris , NM (October 2001).
“The euthanasia debate”.
Jour Army Med corps. 147(3):367-70.
4. BBC. Last reviewed June 2011.
“Euthanasia and assisted suicide”
Accessed 25 July 2011. Archived from the original archived 19 July 2011.
5. La Follete , Huge (2002).
“Ethics in practice an anthology”.
Oxford : Black well. pp. 25-26.
6. Wreen , Michael (1988).
“The definition of euthanasia:”.
Philosophy and phenomenology Research. (4):637-53.
7. Borry P , Schotsmans P, Dierick x k (April 2006).
“Epirical research in bioethical journals. A quantitative analysis”.
J Med Ethics. 32 (4):240-45.
8. Mystakidou et al (2005).
“The evolution of euthanasia and its perceptions in Greek culture and civilization”.
Perspective in biology and medicine. 48(I):97-98.
9. Geographic names information system.
“Hemlock Indiana”.
United states Geological survey. Retrieved 2009-10-17.
10. Stolberg Micheal (2007).
“Active euthanasia in pre-modern society”
social history of medicine. 20(2):206-7.
11. Gesundheit et al , (2006).
“Euthanasia: An overview and the Jewish perspective”
– cancer investigation.24(6):622.
12. Bacon , Francis.
“The essays and counsels”.
All three volumes in single file B&R samizdat Express. 2014.
13. August Hirsch (1884).
“Marx, Karl , Friedrich Heinrich”.
20, Leipzig. Duncker & Humblot , pp. 540-541.
14. Historical time line.
“History of euthanasia and physician. Assisted suicide”.
Pro cong org-23 July 2013.
15. Emanul , Ezekiel (1994).
“The history of euthanasia debates in the united states and Britain”.
Annals of internal medicine. 121(10):796-99.
16. Jyoti Chandra ,
“Annie Besant: from theosophy to nationalism”.
KK publications , 2001,p.17.
17. Christopher M. Nichols. Nancy C, unger
“A Companion to the Gilded age and progressive era”
John wiley & sons-2017,p.7.
18. Appel , Jacob (2004).
“A duty to kill ? A duty to die ? Rethinking the euthanasia controversy of 1906”.
Bulletin of the history of medicine.78(3):618-796.
19. Gurney , Edward (1972).
“Is there a right to die?. A study of the law of euthanasia”.
Cumberland. Samford Law review.3:237.
20. Irene Zoech.
“Name the baby Boy, who was Nazi’s first euthanasia victim”.
Telegraph.co.uk. retrieved 4 July 2017.
21. Taylor Bill (7 July 2017)
“Physician assisted suicide”.
Archived from the original (PDF).
22. Concluding observation of the human rights committee.
Netherland. 27 August 2001.
23. R.cohen- Almagor (2009).
“Belgian euthanasia Law; a critical analysis”.
J Med Ethics. 35(7):436-39.
*